وري آ جنوري جانا

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نوجوان شاعر شاهجهان سميل جي شاعري پيش ڪجي ٿي۔ اميد ته دوستن کي پسند ايندي :

    هميشه سرد موسم ۾
    جلي ٿي باهه جذبن جي
    پوي ٿي دل ٻري جانا
    وري آ جنوري جانا


    [​IMG]
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: وري آ جنوري جانا

    تمام بهترين ادا
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    شاعري ته تمام سٺي آهي ۽ پسند ڪرڻ کان ڳالهه چڙهي وئي آهي ۔۔۔ ڀاڪرن جي احساس سي ۾ مچ ٻاري ڇڏيا آهن ۔۔۔ شاعر به اصل اسانجي اندر مان گهمي ٿا اچن شايد ۔۔۔!!!
    سليمان به اسانجي جذبن کي جاڳائڻ ۾ ڪا قصر نه ڇڏي آهي ۔۔۔ پر خئير اميدن تي جهان قائم آهي ۔۔۔ هڪ ڏينهن پاڻ به سي ملهائينداسون ۔۔۔
    سدائين سرها رهو سي ۾ ۔۔۔۔
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: وري آ جنوري جانا

    ادا سليمان وساڻ اسلام عليڪم۔هڪ ته شاهجان سُميل جي شاعري تمام سٺي مٿان وري توهانجي ڊيزائن سان سنگاريل۔ماشالله ،ماشالله۔ماشالله۔
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: وري آ جنوري جانا

    واهه سائين واهه
    تمام بهترين ونڊ آهي ۔۔۔۔
     
  6. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: وري آ جنوري جانا

    بهترين اد ا خوبصورت خيال
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دوستن جون مهربانيون

    شاهجهان سُميل جو هي نظم گهڻو اڳ موڪليو هيم، پر اڄ شاهجهان سُميل اسان جي سنڌ سلامت جي سٿ ۾ شامل ٿيو آهي۔ سندس ئي نظم اڄ ٻيهر پڙهيم ۽ گرمي جي مند ۾ به جنوريء جي سرديء جو احساس ٿيم۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نئين سال جي شروعات جنوري سان ۽ جنوري جي شروعات سخت سيء سان ٿي آهي۔ اهڙي موسم ۾ اسان جي دوست ۽ پياري شاعر شاهجهان سُميل جي شاعري سچ ته نوان احساس ڏياريا۔

    ڊسمبر ۾ رهيا جيڪي
    اڌورا خواب شاعر جا
    گهرن ٿا دلبري جانان
    وري آ جنوري جانان
     
  9. منصور ميراڻي

    منصور ميراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    153
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڄامشورو
    واھ سائين واھ۔۔۔
    هميشه سرد موسم ۾
    جلي ٿي باهه جذبن جي
    پوي ٿي دل ٻري جانا
    وري آ جنوري جانا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    رات شاهجهان سُميل سان ملاقات ٿي۔ ڏاڍي خوشي ٿي۔ کيس ڀاڪر ڀري وري آ دل چري جانان لکڻ تي واڌايون ڏيئي پنهنجي پسند جو حق ادا ڪيو۔


    پر نثارابڙو صاحب جي ڳالهه تي ڏاڍي کِل آئي ته شاعر صفا اندر ڏِسيو اچن الاءِ ڇا! بلڪل سائين شاعر ڏاڍا حساس هوندا آهن۔ کين پنهنجن دردن جي انتها ان منزل تي پُهچائي ٿي جتان هو هر ڪنهن جو درد لمحن ۾ پسي ٿا وٺن ۽ پوءِ بهترين لفظن سان سينگاري پيش به ڪريو وڃن۔۽ اسان پارن جي دل مان آهه ۽ منهن مان واهه نڪريو وڃي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شاهجهان سميل، مرتضى شيخ ۽ ياسر منگي سان اها پهرين ملاقات هئي پر اهو لڳو ته ڄڻ صدين کان واقفيت آهي، هڪٻئي سان اهڙي مذاق ۽ پنهنجائپ ۔۔۔ دوست ۽ خاص ڪري اسان جا هي اڀرندڙ شاعر سدا خوش هجن۔
     
  12. شاهجهان سُميل

    شاهجهان سُميل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2011
    تحريرون:
    96
    ورتل پسنديدگيون:
    306
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    بدين، سنڌ
    دوستن جا قرب آهن جن مون ناچيز کي ايترو مان ڏنو۔ دوست حفيظ لغاري، سليماڻ وساڻ ۽ ٻين دوستن سان پهرين ملاقات ۾ صدين جي رفاقتن جو عڪس نظر آيو۔ شال محبتون قائم رهن ۽ دوستيون آباد۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ننگر پرويز عباسي

    ننگر پرويز عباسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 مئي 2012
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    99
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ٺٽو
    واهه واهه ادا تمام بهترين نظم آهي
     
  14. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    بهترين۔۔۔۔ تمام گهڻو بهترين
     
  15. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    هميشه سرد موسم ۾، جلي ٿي باه جذبن جي۔۔!!
    واه سائين۔۔۔بهترين۔۔۔۔
    هن يخ موسم ۾ توهان جي شاعري جي گرمي دِل کي موهي وڌو آهي۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    181
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    جنوري ٽو جنوري
    فيض چنڊ ڪليري

    وري آ جنوري جانان!
    رني آ دل چري جانان!
    مگر هي جنوري ڏاڍي اڪيلي آ
    ڊگهيون راتيون ڊسمبر جون.
    ويون مهڻي جيان گذري.
    دريون سڀ دستڪن جي لئه
    گهڙي پل لئه ستيون ناهن.
    اسان جي خواب جون ڳالهيون
    اڪيلائي سليون ناهن !
    اگر بتين جيان هي دل.
    مزار زندگاني تي .
    سڙي بس خاڪ ٿي ويندي
    اوهان جا نيڻ روئيندا.
    حياتي پاڪ ٿي ويندي.
    ۽ دل جي سردخاني ۾ .
    جڏهن ڀي ياد جي سگري.
    اچانڪ ئي دکي پوندي.
    هوائن جي هٿيلين تي.
    پراڻي پيار جون چميون.
    اوهان جا ڳل ڇهي وينديون.
    بدن جون بارشون ساريون.
    جواني جي سمندر کي.
    نهاري نير ٿي وينديون.
    ته پنهنجي بيقراري جي.
    ڀريل بادل کي جانان!
    وسائيندين . وسائيندين.
    مگر ڪاٿي وسائيندين!؟
    سموري جنوري توکي.
    اڻيندي خواب جيان پر تون.
    اسان جي جسم جو سوئيٽر .
    ته بڻجي ڪين ڪي سگهندين.
    سموري جنوري توکي.
    انهي ئي رات جو قصو سڻائيندي.
    اها جا رات پيرن ۾ .
    نرم بستر جيان پئي هئي.
    اسان جا خواب زخمي هئا.
    چپن جون پنکڙيون ساريون.
    اسان چونڊي ٿڪا هئاسين.
    ٽٽيون چوڙيون هيون تنهنجيون.
    بٽڻ منهنجا ڇڄي پيا هئا.
    ڪهاڙي خوف جي هئي ڄڻ .
    اسان جي ذهن تي حاوي.
    اسان جي دل به هئي آوي.
    سمورا دک سڙي ويا پر.
    وڇوڙو والڪونا جيان.
    اسان جي درميان ڦاٽو.
    سمورا خواب رک ٿي ويا.
    اها ڀي جنوري هئي ۽
    اجها هي جنوري آهي.
    مگر تون مان نه ساڳيا هون.
    اسان هڪ صبح جي لاء.
    پرين! ڪيڏا نه جاڳيا هون!
     
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    واهه ... موقعي جي مناسبت سان سهڻن جذبن سان ٽمٽار شاعري پيش ڪئي اٿو .... سائين عبد الله اوهان جا لک قرب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    منصور ميراڻي لکي ٿو :

    ڊسمبر جنوري ٿي ويو، اوهان جي ياد ۾ جانان،
    ٻريو آ ڏات جو ڏيئو، اوهان جي ياد ۾ جانان،
    اچو سنوري اسان ڏي ۽ پڇو ڪي حال هن دل جا،
    نماڻو حال آ ٿي ويو، اوهان جي ياد ۾ جانان.

    منصور پريتم



    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو