الواداع

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سنڌي نور طرفان آندل موضوعَ ‏26 اپريل 2012۔

  1. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    سنڌ سلامت جا ساٿيو جيئن ته مونکي سنڌ سلامت جو استعمال نه ٿو اچي،
    ۽ ڪُجهه ذاتي مصروفيات جي ڪري مان سنڌ سلامت وارن دوستن کان الوداع ڪيان ٿِي خوش رهو ۽ رهڻ ڏيو۔


    جيئي سنڌ​
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: الواداع

    ڌي سنڌي نُور سنڌ سلامت ساري دنيا جي سنڌين جو وڏي ۾ وڏو پرخلوص اڱڻ آهي ، ڳالهه جيڪا توهان لکي آهي ته مونکي هي استعمال ڪرڻ نٿو اچي ان ڪري الوداع ٿي ڪريان سمجهه کان ٻاهر آهي ، فيس بُڪ تي توهان واحد سنڌي نياڻي آهيو جيڪا پنهنجي سنڌياڻي ڀينرن لاءِ گهڻو ڪجهه پاڻ پتوڙيون پيون، سنڌ جي هر قومي مسئلي تي ڌرتيءَ جي سُورمي ٿي جاکوڙيون پيون سا اها ڳالهه ڪري ته مونکي سنڌ سلامت استعمال ڪرڻ نٿو اچي ڳالهه سمجهه کان مٿي آهي ، ساري زندگي سکڻ ۽ سيکارڻ جو ٻيو نالو آهي ، اهڙي ڪهڙي مشڪل ڳالهه توهان کي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ ۾ نظر آئي جيڪا توهان جي استعمال کان زور هُئي ، سنڌ سلامت جا کوڙ سارا ميمبر ڀائر جن ۾ ادا عبدالرشيد سمون، ادا نثارابڙو، ادا سليمان وساڻ، ادا اسد مست حُسيني، ادا وحيد ڦلپوٽو، ادا رحيم بخش ڏاهري هر وقت سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي موجود هُوندا آهن توهان انهن کان سنڌ سلامت جي اڱڻ کي ڪيئن استعمال ڪجي جا طريقا معلوم ڪري سگهيا پي، خير ڌيءَ جتي به هُجو سدائين سنڌ ڌرتيءَ جي خدمت ڪندا رهو، الله سائين توهان کي سلامت رکي آمين دعاڳو نثاراحمدناز
     
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: الواداع

    ادي سنڌي نور اسلام عليڪم۔ادي توهان پنهنجي پرخلوص ،سٻاجهي ۽ محبت واري انداز سان اسان سڀني جي دل ۾ هڪ تمام وڏي احترام واري جڳھ پيدا ڪئي آهي۔ادي اسان کي اڄ به ياد آهي ته اوهان کي هن فورم کي اوطاق ڪوٺئڻ پسند نه هو ۽ اوهان پنهنجي تعارف واري ڪمينٽس ۾ ان الفاظ تي اعتراض ڪيو هو،ان ڏينهن کان پوء اسان هن اڳڻ کي ڪڏهن اوطاق نه چيو تاڪي اوهان کي ڪا تڪليف نه پهچي۔ادي ماشالله اوهان هڪ حساس دل جون مالڪ آهيو جنهن جو اندازو اوهانجي شاعري مان محسوس ٿيندو آهي،توهان سنڌ سلامت کي استعمال ڪرڻ جي طريقي کان به ڏاڍيون سٺي نموني واقف آهيو مگر الائي ڇو اوهان هنن محبت ڀريل ڪکائون اڳڻ کان منهن موڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔ادي ٿي سگهي ٿو ته ڪجه ڪمينٽس محترم ميمبرس جي اوهان کي سٺا نه لڳا هجن پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته اوهان انڪري هن محبتي اڳڻ کي ڇڏي ڏيو۔اوهان جي موجودگي هن فورم تي اسان جي ٻين ڀيڻن ۽ نياڻين کي همٿ ڏياريندو آهي ته هو به ميمبر ٿي ڪري پنهنجي خدمتن سان هن فورم کي وڌيڪ سينگارين جيڪو هر سنڌي جي ملڪيت آهي۔اسان جي اوهان کي گذارش هوندي ته پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪيو ۽ هن اڳڻ کي پنهنجي تحريرن ۽ شاعري جي خوشبو سان مهڪائيندا رهو۔الله پاڪ هميشه اوهانجو حامي ۽ ناصر رهي آمين۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: الواداع

    ڀيڻ نور سنڌي سلام

    اوهان ته خوبصورت شيئرنگ ڪري رهيا هيا ۽ ماشاء الله اوهان پنهنجو اظهار نثري نظمن ذريعي ڪري سڀني کي سوچ ۾ وجهڻ سيکاريو هو۔ اوهان جي هي پوسٽ به رنگين هجڻ سان گڏ سينٽر تي فارميٽيڊ آهي۔ ان جو مطلب ته اوهان کي سنڌ سلامت تي پوسٽ ڪرڻ جو بهتر طريقو اچي ٿو۔ سنڌ سلامت جي سکيا واري سيڪشن ۾ سڀ ڪجهه موجود آهي ۽ ٻيو ته اسان اوهان جي هر طرح سان مدد ڪرڻ لاء به موجود هياسين۔

    اميد ته اوهان مصروف وقت مان چند گهڙيون ڪڍي سنڌ جي سڀ کان وڏي فورم تي پنهنجون سرگرميون جاري رکندي سنڌ سلامت جي ٽيم جو حصو هونديون۔ اوهان ڀلي پنهنجا ڪم ڪاريون ڪيو ۽ جي وڌيڪ مصروف آهيو ته ڪا ڳالهه ناهي۔ پر اوهان سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀريندا رهو۔

    ٿورا نه ٿورا مونتي ماروئڙن جا
    ڀلايون ۽ ڀيرا ڳڻي ڳڻيندس ڪيترا
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: الواداع

    ادي نور جتي به هجو خوش رهو، اوهان جي هجڻ سان ڪافي ڀينرن جو اچڻ به ٿيندو هو، پر الاجي ڇو اوهان اهڙو فيصلو ورتو آهي!
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: الواداع

    اهو ٻڌي افسوس ٿيو ته توهان سنڌ سلامت کي الوداع جو فيصلو ڪري ورتو آهي۔۔۔
    حالانڪه مون کي پوري پڪ آهي ته اسان جي ڀيڻ کي سنڌ سلامت کي استعمال ڪرڻ ڪو ڏکيو نه آهي۔۔۔ ان باوجود اها توهان جي پنهنجائپ چئبي جو الوداع جو اعلان ڪري لکيوَ ۔۔۔ جنهن مان هڪ اميد نظر ٿي اچي ته توهان هن اعلان سان پنهنجي لڪيل ڳالهه ڪنهن تائين پهچائڻ گهرو ٿا۔۔۔

    منهنجي ڀيڻ سڀني ڳالهين کي ذهن مان ڪڍندي توهان جي شڪايت کي جيڪڏهن سامهون رکجي ته ٻڌائيندي خوشي ٿيندي ته عنقريب سنڌ سلامت کي وڌيڪ سولو بڻائبو۔۔۔
    جيئن ته توهان فيس بوڪ کي سمجهو ٿيون ۽ ان کي بهتر انداز سان استعمال به ڪري رهيون آهيو ان ڪري جلد ئي اسان سنڌ سلامت کي به فيس بوڪ جهڙو استعمال ۾ آسان ۽ سمجهڻ ۾ سولي هجڻ سان گڏو گڏ هڪ نئون انداز ڏيڻ وارا آهيون۔۔۔ اميد ته توهان جي شڪايت ختم ٿي ويندي ۽ توهان پنهنجي ڀائرن جي هن ساٿ ۾ واپس ورندو۔۔۔
     
  7. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    جواب: الواداع


    ها، مگر ڇا ڪجي، تنهنجي ڪاڪل جي قيدي ٿيڻ کان اڳي
    قيد خانن ۾ ڪائي ڪشش هئي پرين.، جيڪا وئي ڇڪي
    .
    ها مگر، ڇا ڪجي دار جي درد جي پنهنجي لذت هئي
    تون پڇين ٿو پرين، مان هليو ڇو ويس .. ؟؟؟؟؟؟​
     
  8. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: الواداع

    منهنجي مٺڙي نياڻي منهنجي راڻي ڌيءَ منهنجي ننڍڙي ڀيڻ الله سائين سدائين سُکيو رکي ، ستار اوهانجو سڄي دنيا جي نياڻين جو ستر ڪري (رکي) آمين ۔ گهر ساهوراڻو يا پيڪاڻو هجي ۽ نياڻي لاءِ ته ٻئي پَڪا گهر هوندا آهن ۔ ڇا ڇا ڇا ڇا انهن کي الوداع چئبو ( ڪبو) آهي ؟؟؟؟؟ منهنجي سوچن ۾ ته ڪڏهن به نه ڪڏهن به نه ڪڏهن به نه
     
  9. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: الواداع

    پڙهي افسوس ٿيو ته سنڌ سان درد رکندڙ سنڌ جي نياڻي سنڌ حاصل ڪرڻ جي سفر کان الڳ پئي ٿئي ۽ جواز به انتهائي نامعقول.... خير ڳالهه رڳو سکڻ ۽ سيکارڻ جي آهي ته حل نڪري سگهي ٿي پيو .... جذبات ۾ اچي ڪري فيصلا ڪرڻ وارا ماڻهون اڪثر پهنجو ئي نقصان ڪندا آهين ۽ ڪڏنهن اسان پهنجا قيمتي رشتا به جذبات ۾ اچي ڪري ٽوڙي وجهندا آهيون جن جو اسان کي عمر ڀر لاء افسوس ٿيندو آهي سنڌ سلامت سان به اوهان جو رشتو ٽوڙڻڻ جو نقصان جي اوهان سمجهو ته مهنجي نظر ۾ تمام گهڻو نقصان آهي ڇو ته سنڌ سلامت جو رشتو هر ميمبر سان فيملي رشتو آهي هتي سڀ هڪ گهر جيان آهيون ۔ ۽ اهڙي فيملي ۽ گهر خوشنصيبن کي ملندو آهي ۔ ويسي جذبات ۾ اچي ڪري فيصلا ڪرڻ وارا ماڻهون بلڪل پسند نه ڪيا ويندا آهين ان ڪري اوهان پهنجي فيصلي ته نظر ثاني ڪريو خاص ڪري هيترن دوستن جي جذبات کي واقف ٿيڻ کان بعد جيڪي اوهان جي وڃڻ مان بلڪل خوش نه آهين ۔۔۔۔ وڌيڪ مرضي جا مالڪ آهيو ۔۔جتي هجو خوش هجو
     
  10. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    جواب: الواداع


    مان هن کي زندگي
    جو مقصد بڻائي
    هلندي رهيس
    پر هو پنهنجي انائن
    ۾ مونکي ئي،
    پنهنجي انائن جي
    لتاڙ ۾ چيڀاٽي
    پاڻ کي مٿائون
    سمجھڻ لڳو.
    نور

     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: الواداع

    ادا نور سٺي ڳالھ آهي دير آيد درست آيد۔۔۔
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: الواداع

    مون هن الوداع تي ڪمينٽس انڪري نه ڪيا هيا ته مونکي خبر هئي ته هيءَ آخري الوداع ناهي، اڃان ٻيون به ڪيتريون ئي الوداعون ٿينديون، پر پوءِ به آخري الوداع ناهي ٿيڻي ،،،،

    باقي هاني نور جيڪا شاعريءَ ۾ اشارا ڏيڻ شروع ڪيا آهن، اهي سمجهڻا پوندا ته آخر ماجرا ڇا آهي ،،،،؟؟ پاڻ ته ٻڌائيندي ڪون هو اهڙي شاعري جنهن ۾ ڪي خاص نياپا آهن، اهي ڪنهن جي لاءِ آهن ؟؟؟ ڇاڪاڻ سنڌ سلامت ڪو اهڙو اڱڻ ته ناهي جنهنکي ايتري پياري شاعريءَ سان ستائجي، خاص ڪري هي نظم ته اصل اهڙو آهي جي ڪي انٽرنيشنل کوجي گهرائڻا پوندا ته ان نظم جي پويان وارو راز ڳولهي لهن

    مان هن کي زندگي
    جو مقصد بڻائي
    هلندي رهيس
    پر هو پنهنجي انائن
    ۾ مونکي ئي،
    پنهنجي انائن جي
    لتاڙ ۾ چيڀاٽي
    پاڻ کي مٿائون
    سمجھڻ لڳو.
    نور

    خئير ادڙي نور کي هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار

    جي ايندي چوني آءُ، ويندي چوني ويهه،
    ڇڏي سارو ڏيهه، اڱڻ اچج انهن جي

    سدائين سرها رهو
     
  13. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    جواب: الواداع

    هههههههههههههههه
    مون سان ڏاڍي ٿي آهي،مون ته اڳئي چيو آهي ته مونکي سنڌ سلامت جو استعمال نه ٿو اچي،هي شاعري مان ساڳئي الوداع ۾ رکي هئي الڳ ڪئين آئي حيرت آهي۔​
     
  14. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: الواداع

    شڪر آهي ادي نور آخر اوهان کِليا ته سهي!!
    اوهان جي کِل پڙهي مونکي پنهنجي ننڍڙي ڀيڻ ۽ پنهنجي ننڍڙي ڪاڪڙي جي کِل ياد اچي ويئي۔۔
    ٻي ڳالھ هي ته اوهان جي هي شاعري ساڳي الوداع واري ليک ۾ آهي نه ڪي عليحده۔
    هاڻي ڀيڻ جو به فرض بڻجي ٿو ته ايڏو مڃائڻ وارن ۽ مانُ ڏيندڙ ڀائرن کي اوهان وري ٻيهر ڪڏهن به الوداع نه چوندا، ۽ پنهنجن خوبصورت اظهارن سان اسان کي سرشار ڪندا رهندا، اوهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو