بهادر شهيد نياڻي غزاله بتول صديقي جي عظمت

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ منظور ڪلهوڙو طرفان آندل موضوعَ ‏26 مئي 2012۔

  1. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڪالهه رات اسين شهيد نياڻي غزاله بتول جي ٽيجهي تي شامل ٿيا سين سندس جي ور مظهر زرداري سان تعزيت ڪئي سين، هن پڻ ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته غزاله شهيد جهڙي بهادري سان قاتل دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪايو ان جرئت ۽ بهادري اسان جا ڳاٽ اوچا ڪري ڇڏيا آهن، سنڌي قوم جو ڪنڌ اوچو ڪري وئي، اها اسان غيرتمند مردن لاءِ مثال قائم ڪري وئي ته سنڌ جون نياڻيون ڪنهن پل به پٺتي نه هٽنديون...هن وڌيڪ اهو به ٻڌايو ته غزالا شهيد هڪ بهادر سنڌياڻي هئي هن کي سنڌ ۽ سنڌ جي مارن لاءِ ايتري ته حب هئي جڏهن به ڪراچي ۾ سنڌ جي حقن لاءِ ڪو ميڙاڪو ٿيندو هيوته پنهنجن ٻارن ٻچن جي به فڪر نه ڪندي هئي ۽ سنڌين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي اتي پهچندي هئي، هن شهيد نياڻي جون همدرديون هاڻوڪي لياري آپريشن وارن بلوچن لاءِ به هيون، اها هر روز ايڌي سينٽر پهچي لياري واقعي ۾ مري ويلن بلوچن سان عذر خواهي ڪرڻ ويندي هئي، شهيد غزاله سان گڏ ڪم ڪندڙ منهنجا ٻه عزيز پڻ ان ڳالهه جي وضاهت ڪري رهيا هيا ته اتي به آفيس ۾ هن جو بحث ۾ هر وقت سنڌ جا مسئلا رهندا هيا، هوءِ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڪجهه ڪرڻ لاءِ هر ويل تيار رهندي هئي، انهن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ آيل ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ جيڪي هتي سنڌي ڪيمپن ۾ ترسيل هئا انهن لاءِ پنهنجي هڙان وڙان کاڌ خوراڪ لاءِ هر وقت جاکوڙيندي رهندي هئي ۽ مختلف سامان انهن ڪيمپن تي پهچائي ايندي هئي، غزالا جي بهادري جي هڪ ٻي به داستان انهن ٻڌائي ته موجوده حڪومت جي اچڻ کان اڳ ۾ هيء ڪانٽريڪٽ تي رکيل هئي ته انهن جي ڊيپارٽمينٽ جي يونين آفيس ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي هڪ تصوير لڳل هئي ڪجهه متحده جي ورڪرن اها تصوير اتان هٽائي پنهنجي قائد جي تصوير لڳائي تنهن تي اتي موجود ڪنهن به سنڌي مرد اها جرئت نه ڪئي ته محترمه بينظير جي تصوير ڇو هٽائي وئي آهي، ڇو ته اهي انهن غنڊن کان ڊڄي رهيا هئا،، تنهن تي مسز غزاله کي جڏهن خبر پئي ته ان جرئت جو مظاهرو ڪندي انهن جي يونين جي جوائنٽ سيڪريٽري کي منهن تي ٿڦ وهائي ڪڍي ٰ۽ ان کي چيلينج ڪندي چيو ته هن مهل جو هن مهل پنهنجي قائد جي تصوير هٽائي محترمه جي تصويرساڳي جڳهه تي لڳايو نه ته سٺو نه ٿيندو، تنهن تي انهن پوءِ به پنهنجي ڏاڍائي جو مظاهرو ڪندي مسز غزاله سان جهڳڙڻ لڳا، تنهن تي مسز غزاله پاڻ ٽيبل تي چڙهي انهن جي قائد جي تصوير زمين تي اڇلي ۽ محترمه جي تصوير لڳائي، تنهن کانپوءِ وڏو هُل هنگامو به ٿي پيو ۽ مسز غزاله کي فائر ڪري نوڪري مان ڪڍيو به ويو، پر ان هن نياڻي جي بهادري جي ڪري اڄ به محترمه جي تصوير اتي ئي لڳل آهي ۽ ڪنهن کي به وري جرئت نٿي سگهي ته محترمه جي تصوير هٽائي سگهي، پوء جڏهن پي پي جي حڪومت آئي ته نئي چونڊيل يونين مسزغزالا کي بحال ڪرايو ۽ ريگيولر پڻ ڪرايو ۽ وري ڪڏهن به متحده وارن کي همت نٿي هن بهادر نياڻي سان مهاڏو اٽڪائڻ جي۔

    ان ڏينهن به جڏهن محبت سنڌ ريلي تي وڃي رهي هئي ته سندس جو ننڍڙو پٽ جيڪو سخت بيمار پڻ هيو، ان کي پنهنجي هڪ ڪليگ سنڌي فيملي جي گهر ۾ ڇڏي وڃڻ لڳي ته انهن گهر ڀاتين گهڻو ئي سمجهايس ته تنهنجو ننڍڙو بيمار آهي، ۽ اڄ ڪلهه جا حالات به ٺيڪ نه آهن توهان اڄ ريلي ۾ نه وڃو، تنهن تي غزالا شهيد چيو ته بس شام تائين اچي وينديس توهان منهنجي ٻارڙي جي سار لهجو، اهو ڪڏهن به نه ٿيو آهي جو سنڌ جي حقن جي ڳالهه لاءِ منهنجا سنڌ جا مارو ڳوٺن کان هن تتل اُس ۾ هتي پهچن ۽ اسين انهن سان شريڪ نه ٿيون ان ڪري مون کي گهر ۾ ويهڻ نه ٿو سونهي، پوءِ پنهنجي ڪار ۾ ويهي ريلي طرف رواني ٿي، اتي جيڪا وارتا ٿي اها سڀني اکين ڏٺي شاهدن بيان ڪري ڇڏي ته ڪهڙي ريت هن بهادر نياڻي دهشتگردن جي وحشت جو منهان منهي بهادر ٿي مقابلو ڪيو، ۽ هن پوليس وارن کان هٿيار کسي انهن غنڊن تي سڌا فائر پڻ ڪيا، انهن جي جوابي فائرنگ ۾ مسز غزاله کي شهيد ڪري وڌو، ۽ ظالمن هن معصوم نياڻي جي مٿي تي هڪ وزني پٿر يا بلاڪ به اڇليو هو، اتي جهڙو گوگاءِ متل هيو، سڀڪو پنهنجي سر ۽ ساهه بچائڻ جي جاکوڙ ۾ هيو، اتي هن سنڌياڻي پنهنجو ساهه ڏئي ويساهه ڏئي وئي، تاريخ جو هڪ عظيم ،سچو ۽ ارڏو ڪردار بڻجي سنڌ جي ايندڙ نسل جي بقاءِ جو ٻج ڇٽي وئي..۽ سنڌين کي ايڪتا جي ٻنڌڻ ۾ بڌي وئي، اسين سندس جي عظمت، شجاعت، ۽ بهادري تي کيس سُرخ سلام پيش ڪيون ٿا....اي غزالا شهيد توکي ڪڏهن به نه وساربو، جنهن به توکي وساريو اهو سنڌ جي غدارن ۾ ليکبو..۔۔۔۔سدائين گڏ
    توهان جي ننڍي ڀاءِ منّظور عباسي ظرفان تعزيتي ليک
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شهيد ڀيڻ کي سلام ۔۔۔۔۔۔۔ مون اهو نوٽ ڪيو آهي ڀيڻ غزاله جي شهادت کانپوء سنڌي ماڻهن ۾ وڌيڪ بهادري ۽ نفرت پيدا ٿي آهي۔هنن جي سنڌ ۽ سنڌيت سان محبت ۾ اضافو ٿيو آهي۔ خاص ڪري پناهگيرن ۽ پ پ پ حڪومت لاء ماڻهن ۾ سخت نفرت آهي۔

    صرف ڪنهن اهڙي اڳواڻ جي ضرورت آهي جيڪو منصوبه بندي تحت ماڻهن کي پاڻ سان گڏ وٺي هلي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ها ادا منهنجو به اهو ئي رايو آهي، ۽ اتي شهيد نياڻي جي تڏي تي ويٺل هر سنڌي جي واتان اهو ٻڌڻ ۾ پئي آيو ته هاڻ سنڌي موبيلائيز ٿي چڪا آهن، بس رڳو هن وقت ڪو سمجهو اڳواڻ پنهنجي دانائي سان ان ايڪي کي طاقت ۾ تبديل ڪري ته ڪو به سنڌ کي ميري اک کڻي نه ڏسندو ۽ هن بهادر شهيد نياڻي جي رت جو پلاند اهڙي ئي ايڪتا سان وٺي سگهبو، جنهن پنهنجو رت ڏئي سنڌين کي گڏ ڪيو آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين منهنجو هڪ رايو آهي ته ايندڙ سال سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر سنڌ جي هن شهيد نياڻي توڙي ريلي ۾ سنڌي نوجوانن جي شهادت ۽ بهادري جي نانوء ڪيو وڃي ته جئين سنڌ جا اهي عظيم ڪردار سنڌين جي سينن ۾ هميشه جيئرا رهن۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ضرور ان تي غور ڪبو۔ وقت اچڻ تي اوهان به اها راء رکجو۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڀيڻ کي سرخ سلام، سندس قربانيءَ سنڌي قوم ۾ ويساهه پئدا ڪيو آهي ته جدوجهد ۽ جان جي قربانيءَ سان سنڌ کي بچائي سگهجي ٿو ۔۔۔۔ اسين سڀ سنڌي سندس قربانيءَ جو قدر ڪندي، سنڌ لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهڻ جو وچن ڪريونٿا۔

    ايندڙ سال 2013 جو ڪئلينڊر جيڪڏهن سنڌ جي موجوده دور جي شهيدن جو هجي ته اها صلاح به ڪارائتي ۽ وقتائتي آهي ۔۔۔ ان تي سموري انتظاميه ۽ ڪارڪن غور ضرور ڪنداسون۔

    لک قرب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. صنم

    صنم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 مارچ 2011
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    124
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اسان به مرحوم غزاله بتول جن جي شهادت تي ڏکاري آهيون پر ان سان گڏ ان ڳاله جو به اطمينان ٿيو آهي ته اسان سنڌ جون نياڻيون پنهنجي ڌرتي جي خلاف ٿيندڙ هر سازش ۾ پنهنجي ڀائرن جون ٻانهن ٻيلي آهيون۔انشاالله غزاله بتول جي شهادت رائيگان نه ويندي ۽ اسان سميت ايتريون ڪيتريون غزالائون اڳتي وڌي پنهنجي مٺي ڏرتي ماء جون حفاظتون ڪنديون۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو