ڪو دوست سائين جي ايم سيد جا قول ٻڌائي

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ منصور علي مڱريو طرفان آندل موضوعَ ‏28 آگسٽ 2012۔

  1. منصور علي مڱريو

    منصور علي مڱريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 مئي 2012
    تحريرون:
    189
    ورتل پسنديدگيون:
    333
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٻارهين ڪلاس جو شاگرد
    ماڳ:
    ڄامشورو ڪالوني
    سلام سڀني پيارن دوستن کي
    دوستو اگر ڪنهن دوست کي سائين جي ايم سيد جو ڪو قول ياد هجي
    يا ڪا ويب سائيٽ هجي ته مهرباني ڪري مون سان ونڊ ڪن اميد ته منهنجي التجا
    کي قبول ڪيو ويندو مهربانيون سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔۔۔۔!
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين جي ايم سيد جا قول​


    • قومون، عقيدن ۽ نظرين تي جنم ناهن وٺنديون، پر وطن، زبان، تهذيب، جاگرافي حدن ۽ اقتصادي بنيادن تي ٺهنديون آهن.
    • بلاشڪ اهڙن ماڻهن کي اصل معاف نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي غلط ڪم ڪري پوءِ به پڇتائين ڪونه ٿا.
    • ڪمزور، بزدل، بيوقوف ۽ غدار ۾ تميز هئڻ ضروري آهي.
    • جيڪا ڳالهه زوري مڙهي ويندي آهي اها پائيدار نه هوندي آهي.
    • جيسين اسان جي ڪارڪنن جو اخلاق درست نه ٿيندو تيسين هو ڪجهه به ڪري نه سگهندا.
    • مون وٽ ته ڇا پر ڪنهن وٽ به ڪا ”نئين شيءِ“ ڪو نه آهي، اهي سڀ پراڻيون شڪليون آهن جن کي نئين نموني ۽ نئين انداز سان ورجايون ٿا.
    • هر اها ڳالهه ڪريو جيڪا ڪري سگهو اوهان ”غلام“ آهيو. اوهان جو حڪومت تي ڪو به ”دٻاءَ“ يا ”اثر“ نه پوندو.
    • اقتصاديات کي درست ڪرڻ سان ئي انصاف درست ٿيندو.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    اي سنڌ جا سنڌيو سنڌ جي پارت اٿو۔۔۔۔۔۔ هي به سائين جي ايم سيد جو فرمان آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    سائين سليمان سٺا قول شيئر ڪيا آھن، سندن جي مھرباني
     
  5. منصور علي مڱريو

    منصور علي مڱريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 مئي 2012
    تحريرون:
    189
    ورتل پسنديدگيون:
    333
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٻارهين ڪلاس جو شاگرد
    ماڳ:
    ڄامشورو ڪالوني
    بها سليمان توهان جا تمام گهڻا ٿورا اگر وڌيڪ سائين جا قول هجن ته ونڊ ضرور ڪرائجو مهرباني ادا۔۔!
     
  6. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    • مان دنيا جو اهڙو قيدي آهيان جيڪو پنهنجو ڏوهه قبولڻ لا عدالت ۾ پاڻ ئي وڃان ٿو پر جج منهنجو ڪيس ٻڌڻ بنا ئي ڀڄي وڃن ٿا۔
    • جيئن ڏينهن ۽ راتيون بدلجن پيون ۽ موسمون بـ بدلبيون رهن ٿيون، اهڙيءَ طرح ماڻهو بـ ڪڏهن سجاڳ ۽ ڪڏهن ننڊ ۾ رهن ٿا. ماڻهن وانگر قومن جي حالت بـ بدلجندڙ آھ، ڪڏهن اهي بيدار ٿي، تهذيب ۽ تمدن طرف وک وڌائين ٿيون تـ ڪنهن وقت هو گهريءَ ننڊ ۾ سمهي روبـ تنزل ٿي ڪيل ڪمائي ڪٽ ڪريو ڇڏين ـ
    • سان جا ڪي ماڻھو آزاديءَ کان نفرت ۽ غلاميءَ سان محبت ڪن ٿا پـر گھٽ ۾ گھٽ تاريخ جي ھن موڙ تي آئون سنڌ جي روح جي آواز جي حقيقي تـرجماني ڪندي، انھن غلامي پسندن کان پنھنجي بـيزاريءَ جو اعلان ڪيان ٿو. جيڪڏھن آئون ائين نه ڪيان ته سنڌ جي روح جي ازلي آواز جو منڪر ليکبس ـ
    • ٿورا سچا گهڻن ڪوڙن تي فتح حاصل ڪري سگهن ٿا۔
    • آ جنهن ڳالهه کي حق سمجهان ٿوان کي لڪائڻ گناهه سمجهي سچ چئي ڏيڻ ۾ هٻڪان نٿو۔
    • مجازي عشق پاڻ سڃاڻڻ جي راهه ڏيکاري ٿو۔
    • جيستائين دنيا قائم آھي، ان ۾ روز نوان نياپا ۽ ھدايتون اينديون رھنديون، وقتي ضرورتن، حالتن جي تقاضائن ۽ انساني ارتقا جي فائدي خاطر نيون ايجادون ٿينديون رھنديون ۽ حڪمت جا نوان نڪتا انسانذات جي رھبري ۽ امداد لاءِ ايندا رھندا ـ
    • جيل ۾ وڃن لٺيون جهلڻ سولو ڪم آهي، پر جوابداري جو ڪم سنڀالڻ اولو ڪم آهي۔

    فيس بڪ جي لنڪ تان توهان لا سيد جا ڪجهه قول پيش ڪيم۔

    هتي ڪلڪ ڪيو۔
    http://www.facebook.com/Sain.G.M.Syed
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    منهنجي محبت يا نفرت جو مَحوَر صرف ۽ صرف سنڌ آهي(سائين جي ايم سيد)
    محمد اسلم عباسي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    (سائين جي ايم سيد جو آخري خطاب)
    17 جنوري 1995ع سن) عزيز ڀائرو ۽ ڀينرو! آءُ توهان سڀني جو شڪر گذار آهيان جو توهان منهنجي 92 هين سالگراھ تي اچي شريڪـ ٿيا آهيو.مون کي اهو احساس آهي تـ اڄ سنڌ مختلف اندروني ۽ بيروني سازشن جي آماجگاھ بڻيل آهي ۽ هر ڪا ڌر سنڌ جي وسيلن کي ڦٻائڻ ۽ ان جي حالت وڌيڪـ سقيم بنائڻ لاءِ سرگردان آهي. عزيزو! جڏنهن بـ ڪا قوم، پنهنجي ملڪـ ۽ پنهنجن وسيلن کان لاتعلقي ۽ بي پرواهي اختيار ڪندي آهي تـ ان قوم جي سرزمين، ثقافت، ٻولي، اقتصادي وسيلا ۽ اقتدار اعلٰي سازشن جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ اهو ئي ڪجھ اڄڪلھ سنڌ سان ٿي رهيو آهي.آءُ عمر عزيز جو تمام وڏو حصو، سنڌي قوم جي وسيلن ۽ سنڌ جي اقتدار اعلٰي تي ڌارين جي قبضي خلاف وڙهندو ۽ ڦورو ٽولن جي مڪروھ ارادن ۽ سازشن کي ناڪام بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪندو آيو آهيان.اها جدوجهد اڃا بـ جاري آهي ۽ جاري رهندي،پر ان لاءِ لازمي آهي تـ سنڌي قوم هن لاتعلقي ۽ بيپرواهيءَ واري روش کي ختم ڪري ۽ پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي وسيلن تي پنهنجيءَ مالڪيءَ جي دعوٰي لاءِ مستقل مزاجيءَ سان اڳتي وڌي جدوجهد ڪري، ڇو تـ آزادي ۽ انصاف،ڪڏنهن بـ پنڻ وسيلي ۽ بي پرواهيءَ سان پلئـ نـ پوندا آهن.جيڪڏنهن توهان منهنجي ڳالھ ٻڌي ۽ ان تي ايمان آڻي،عمل ڪيو تـ آئون پنهنجي شعور جي روشنيءَ ۾ يقين سان چوان ٿو تـ سنڌ ۽ سنڌي قوم هن مشڪل وقت مان ضرور پار پئجي ويندي.اوهان مان گهڻن پڙهيو هوندو تـ رسول ڪريم صلي الله عليھ وسلم مڪي جي پهاڙ تي چڙهي،عربن کي اهو چيو هو تـ ”پهاڙ جي هن طرف وڏو لشڪر اوهان کي ڳڙڪائڻ لاءِ تيار بيٺو آهي،جيڪڏنهن توهان منهنجي ان ڳالھ کي سچ سمجهو ٿا تـ پوءِ منهنجي چوڻ تي هلو،نجات اوهان جو مقدر آهي.آئون بـ اڄ سن جي هن جابلو ۽ اتاهين ڌرتيءَ تان اوهان کي پڪاريان ٿو تـ ”جيڪڏنهن توهان ايندڙ خطرن ۽ طوفانن جي ان ادارڪـ ۽ احساس کي پنهنجيءَ دل ۾ ائين محسوس ڪيو،جيئن مون محسوس ڪيو ۽ ڏٺو آهي تـ پوءِ توهان ڪامياب ۽ ڪامران هوندئو.ٻيءَ صورت ۾ غافل،ڪاهل ۽ لالچي قومن ۽ فردن جو انجام،تاريخ جي صفحن ۾ عبرتناڪـ ٿيندو آهي.منهنجي دعا آهي تـ شال،سنڌي قوم اهڙي انجام سان دوچار نـ ٿئي. عزيزو! هي ڊگهو بحث آهي تـ قومون ڪيئن ٺهنديون ۽ ڊهنديون آهن ۽ نسل ڪيئن هڪٻي ۾ هضم ٿيندا ويندا آهن.ان جي باوجوده آئون هن موقعي تي،سنڌ ۾ مستقل آباد اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي ايترو چوندس تـ هيءَ ڌرتي مختلف مذهبن،نظرين ۽ تهذهيبن جو خوبصورت گلدستو رهي آهي.قدرت توهان کي پنهنجيءَ ماتر ڀوميءَ کان ڌڪجڻ کان پوءِ هڪـ اهڙي سرزمين جي گود نصيب ڪئي آهي،جيڪا پيار،محبت،رواداريءَ ۽ ڀائيچاري جو مثالي مرڪز رهي آهي،ان ڪري توهان کي تاريخ جي ان سونهري موقعي جو فائدو وٺي،هتي جي اصلوڪن رهاڪن سان کير کنڊ ٿي،هتي جو حصو ٿي وڃڻ گهرجي. آئون هن موقعي تي جيئي سنڌ جي ڪارڪنن کي چوڻ چاهيان ٿو تـ وڏي ماڻهپي،ليڊريءَ،خسيس مفاد پرستيءَ ۽ گروھ بازيءَ کان بالاتر ٿي،سنڌ ۽ سنڌي قوم جي آجپي ۽ ڀلائيءَ لاءِ پاڻ کي ”ذرو“ بنائي ڇڏيو.اسان جي قومي تحريڪـ جون روايتون صوفيانـ رهيون آهن،اسان وٽ تاج ۽ تخت،لشڪر ۽ سپاھ دولت ۽ دٻدٻي،نمائش ۽ ڏيکاءَ جي حيثيت ذري برابر بـ نـ رهي آهي.آئون هن وقت عمر جي اهڙيءَ منزل تي آهيان، جو ان کي چراغ سحري چئي سگهجي ٿو،پوءِ بـ مون نـ همت هاري آهي،نـ منهنجي اردي ۾ ڪا ڪمي آئي آهي ۽ نـ ئي مون اميد جو دامن هٿ مان ڇڏيو آهي،منهنجي جدوجهد تـ جنمن تائين جاري رهندي ۽ مونکي اسان جي هڪـ قومي ڪارڪن جو هيءُ شعر ڏاڍو اتساھ ڏياريندو آهي تـ؛ وٺي هر هر
    جنم وربو،مٺا مهراڻ ۾ ملبو، ختم اونداھ ٿي ويندي،چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو! آئون هڪـ ڀيرو وري توهان جو ٿورو مڃان ٿو ۽ سنڌ جي آزادي ۽ خوشحاليءَ جي دعا ڪريان ٿو .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    جي ايم سيد سنڌ جو خادم نه پر عاشق هو
    سهيل ميمڻ
    لڳ ڀڳ چار سال پيپلز پارٽي جي حڪومت کي ٿي چڪا آهن، يا ٿيڻ تي [​IMG]آهن ۽ اهي چار ئي سال، سيد قائم علي شاهه سنڌ جو وزير اعليٰ رهيو آهي. انهن چئن سالن ۾ سنڌ جو انتظام ڪهڙي نموني هلايو ويو آهي، ڪيتري ڪرپشن ٿي آهي، سيلاب متاثرن سان ڇا وهيو واپريو، ڪراچيءَ ۾ ماڻهن جو ڪوس ڪيئن جاري رهيو آهي، ٻهراڙين ۽ ننڍن شهرن ۾ ڪيئن سنڌ جا ماڻهو ڏوهارين جي عتاب هيٺ رهيا آهن، ڪيئن ڪراچيءَ جا تعليمي ادارا سنڌي نوجوانن لاءِ نو گو ايريا بڻايا ويا آهن، اهي سڀ ڳالهيون ڪنهن کان به ڳجهيون ناهن ۽ هاڻي وري جڏهن سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جيڪي ڳالهيون چٽيون ڪيون آهن، انهن مان به ظاهر ٿئي ٿو ته، سنڌ حڪومت، جنهن جي واڳ سيد قائم علي شاهه وٽ گذريل چئن سالن کان آهي، ڪيئن پڪڙيل دهشتگرد آزاد ڪندي رهي آهي. سنڌ جو چونڊيل وزير اعليٰ ڪنهن به سرڪاري عهدي تي فائز نه ٿيل ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي پويان جيئن هٿ ٻڌي بيٺو رهيو ۽ بابر اعواڻ، گورنر عشرت العباد سان گڏجي جيئن سنڌ جي تقدير جو فيصلو ڪندو رهيو، اهي منظر به سڀني اڳيان چٽا آهن. رحمان ملڪ جي سامهون ته شاهه صاحب جي انڪساري، حيرت ۾ وجهندي رهي آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته، سنڌ جيڪو ڀوڳي پئي، ان جو سڌو سنئون ذميوار، سنڌ جو انتظامي سربراهه ئي ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ جو سنڌ جي ماڻهن جا ووٽ، سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن ڏانهن ويندا آهن ۽ انهن ميمبرن سيد قائم علي شاهه کي ان اسيمبليءَ جو ڪسٽوڊين چونڊيو آهي. رحمان ملڪ ۽ بابر اعواڻ سامهون سندس ان حد تائين انڪساري ۽ عاجزي حيرت جوڳي آهي. اها نه صرف سنڌ جي ماڻهن جي ووٽ جي توهين آهي، بلڪه سنڌ اسيمبليءَ ۽ صوبائي خودمختياريءَ تي پڻ ڪاپاري وار آهي.
    هن مهل جڏهن، پيپلز پارٽيءَ جي ئي مک اڳواڻن مان هڪ ڊاڪٽر مرزا، صبح شام، پيپلز پارٽي حڪومت جي ڪارڪردگي، قاتلن کي آزاد ڪرڻ، صوبائي وزيرن جي ڪارڪردگي، وفاقي وزيرن جي سنڌ جي معاملن ۾ هٿ چراند، رحمان ملڪ ۽ ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي وائسراءِ واري ٽور، صوبائي وزيرن جا خواب ڏسڻ جا احوال ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه قرآن پاڪ تي هٿ رکي پڌرو ڪري رهيو آهي ته ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته سيد قائم علي شاهه، سنڌ پيپلز پارٽي جو صدر هجڻ جي حيثيت ۾ ان جي لڳايل الزامن جو نه صرف جواب ڏئي ها، پر ڪو اهڙو ڏيک ڏئي ها ته به چئجي ها ته شاهه صاحب کي سنڌ، سنڌ اسيمبلي ۽ پنهنجو خيال اچي ويو آهي، پر بجاءِ اهڙو ڪو عمل ڪرڻ جي، سيد قائم علي شاهه، سائين جي ايم سيد خلاف، بي وقت بيان ڏنو آهي. شاهه صاحب فرمايو آهي ته، ”جي ايم سيد سنڌ جي ڪا خدمت نه ڪئي.“ حيرت اها آهي ته، شاهه صاحب جتي اهو بيان ڏنو آهي، اتي کانئس ڪنهن به اهڙي موضوع تي نه ڪو سوال ڪيو ۽ نه ئي اهو موضوع ان محفل جي ايجنڊا هو. سيد قائم علي شاهه، بجاءِ ڊاڪٽر مرزا کي ڪو جواب ڏيڻ جي، جيڪو روزانو، پيپلز پارٽيءَ، سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جا نوان پول پڌرا ڪري رهيو آهي، سائين جي ايم سيد خلاف ”گوهر افشاني“ ڪئي آهي. سيد قائم علي شاهه جو ڏوهه ناهي، چئن سالن جي پيپلز پارٽي حڪومت جي ڪارڪردگيءَ تي عوام جي بي اطميناني، سنڌ جي ماڻهن کي دربدر ڪرڻ تي ماڻهن جو ”تنگ آيد، به جنگ آيد“ وارو رد عمل، 13 آگسٽ واري سنڌي ماڻهن جي ڪاوڙ، ظاهر آهي ته ڪنهن کي به پريشان ڪرڻ لاءِ اهي گهٽ معاملا ته نه آهن!
    شاهه صاحب، سائين جي ايم سيد جي خدمت تي سوال اٿاريا آهن. سائين جي ايم سيد سنڌ جي جيڪا خدمت ڪئي، ان جي شاهدي تاريخ مان ملي ٿي. حالت اها آهي جو مون کي خيرپور جي هڪ چڱي ماڻهوءَ ٻڌايو ته، تازين برساتن ۾ پاڻي جيلاني محلي ۾ بيٺو رهيو پر معطل وري ٺري ميرواهه جي ٽي ايم او کي ڪيو ويو. معاملو بلڪل ائين ئي آهي. ڊاڪٽر مرزا جي الزامن جو ڪو جواب ناهي، شرجيل ميمڻ کان وٺي انهن عورت اڳواڻن تائين، سڀ چپ آهن ۽ وري به سنڌ جي وزير اعليٰ کي مليو ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ ته اهو سائين جي ايم سيد! مان سمجهان ٿو ته سيد قائم علي شاهه سچ چيو آهي، سائين جي ايم سيد سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ناهي ڪئي، سائين جي ايم سيد ته سنڌ سان عشق ڪيو آهي. خدمت تمام ننڍڙي شئي آهي. هن جي عشق جي انتها ته اها هئي ته هن جو اختلاف ان مسئلي تي ٿيو هو جو سنڌ لاءِ سيٽن جي ورهاست ۾، سنڌ مسلم ليگ کان پڇڻ به گوارا نه ڪيو ويو، جيئن اڄ بابر اعواڻ ۽ رحمان ملڪ ڪن ٿا ۽ سائين جي ايم سيد، انڪساري بجاءِ ان کي صوبي جي اندروني معاملن ۾ مداخلت سمجهي وقت جي سڀ کان وڌيڪ طاقتور ليڊر سان ٽڪر کائڻ کان نه ڪيٻايو.
    مان ڪابه ضرورت نه ٿو سمجهان ته هتي، سائين جي ايم سيد جي سنڌ لاءِ ڪيل ڪمن جي لسٽ پيش ڪريان. سيد ان معاملي کان چڙهي چڪو آهي، پر سنڌ جي وزير اعليٰ کي ايترو عرض ضرور ڪبو ته، ذوالفقار مرزا جي ڪيل انڪشافن جو جواب ڏنو وڃي، سنڌ جي ووٽ جي پائمالي، وفاق جي متنازعه ماڻهن آڏو انڪساريءَ جو سنڌ جا ماڻهو جواب ٿا گهرن. سڄي سنڌ جا ٻڏل ماڻهو پڇن ٿا ته، سندن وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت ته مدد نه پئي ڪري، پر پرڏيهي ادارن کي به روڪيو ويو آهي، ان جو جواب ڏنو وڃي. خيبر پختونخوا ۾ ٿورو به معاملو ٿيندو اهي ته، سڄي دنيا کي مدد لاءِ منٿون هونديون آهن، پنجاب حڪومت صوبي جي مفاد ۾، ٻاهرين ملڪن سان توانائي پيدا ڪرڻ جا معاهدا پئي ڪري پر سنڌ سڄي ٻڏي وئي آهي ته سنڌ جي حڪمرانن ۾ ايتري توفيق ناهي ته اهي هڪ لفظ ڪڇي سگهن ته، سنڌ کي پرڏيهي ادارن جي مدد جي ضرورت آهي، اجازت ڏني وڃي. هلو پرڏيهي ادارن مان ڪو خوف اٿوَ ته ڇڏيو پر گڏيل قومن جا ادارا ته آهن ئي ان ڪم لاءِ ۽ اهي گذريل سال واري ٻوڏ بعد، هن ڀيري جي متوقع ٻوڏ سبب نه صرف امدادي ڪمن لاءِ تيار آهن پر امدادي سامان به ويئر هائوسز ۾ اتي سنڌ ۾ ئي گدامن ۾ رکيل آهي. هيءَ ڪهڙي حڪومت آهي جيڪا پنهنجن ماڻهن کي ٻڏڻ، بک مرڻ، بيمارين ۾ مرڻ، فاقا ڪٽڻ لاءِ مجبور ڪري پئي پر دنيا انهن جي مدد ڪرڻ چاهي ٿي ته انهن کي به روڪيو ويٺا آهن. موجوده حڪمرانن سنڌ جي اهڙي خدمت ڪئي آهي ته پوءِ واقعي سائين جي ايم سيد پنهنجي محبوب قوم جي اهڙي خدمت نه ڪئي.
    memonsuhail@hotmail.com
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    (1)
    اعجاز منگي جي ايم سيد، جيئن ڏٺو هو مون!
    مائوزي تنگ جون اڪثر لکڻيون منهنجي نظر مان گذريون آهن، مون هن جي اهاشاعري به پڙهي آهي، جيڪا هن انقلاب جي وسيع تر مفادن ۾ ڪئي هئي. پر هن جي ان جمليجو جوڙ مون کي اڄ ڏينهن تائين ڏسڻ ۾ نه آيو آهي، جيڪو جملو هن هڪ آمريڪي صحافي کيانٽرويو ڏيندي چيو هو. مون کي يقين آهي ته ان شام مائو پڪ سان پيتل هوندو، جنهن نماشام جو هن کان آمريڪي صحافي پڇيو هو ته دنيا لاءِ ڳوڙهي ڳجھارت بڻيل مائوزي تنگ ڪيرآهي؟ ۽ ان صحافي پنهنجن ياد گيرين ۾ لکيو آهي ته انهي سوال تي سوچيندي مائوءَ جي مکتي پراسرار مرڪ اڀري آئي ۽ هن بند اکين سان، ڪنهن منظر کي ڏسندي چيو ته مائو چين جي
    تنها ڳوٺ جي ويران پيچري تي هلندڙ هڪ اهڙو فقير آهي، جنهن جي مٿان تيز طوفاني مينهن
    وسي رهيو آهي ۽ هن جي ڇٽي ڦاٽل آهي ۽ هاڻي مون کي جڏهن به مائو جي سارايندي آهي ته منهنجي تصور ۾ وسيع پس منظر وارو سبز کيتن جي وچ ۾، ڊگھن وڻن سانڍڪيل اهو پيچرو نظر ايندو آهي، جنهن جي مٿان ڪنهن مسافر جو ڪوئي پاڇو ڪونهي. پوءِمنهنجي دل چاهيندي
    آهي ته تصور جي اهڙي تصوير جي هيٺيان غالب جو اهو شعر لکي ڇڏيانته: هر اڪ مڪان ڪو هي، مڪين سي شرف اسد ۽ مجنون جو مرگيا تو جنگل اداسهي! هر ماڻهو جو پنهنجو پنهنجو فڪر ۽ پنهنجي نظر آهي. منهنجي اندر جي اکين ۾ به جيايم سيد جي اهڙي تصوير اڀرندي آهي. کيرٿر پهاڙن مان گذرندڙاها راهه جيڪا بنهه اڪيليآهي، جنهن جي چوڌاري سنڌوديش نالي خواب جو ڳوٺ ننڊ جي ڳهر ۾ آهي، ۽ مٿان تيز بارشوسي رهي آهي. جهنگ جي وسيع ٻانهن ۾ سمائجي ويل ڳوٺ، جنهن جي تصوير، غالب جي اهاتحرير بڻيل آهي ته: هر اڪ مڪان ڪو هي، مڪين سي شرف اسد
    ۽ مجنون جومرگيا تو جنگل اداس هي!
    ۽اهو انسان مجنون ئي ته هو جنهن سنڌ کي ليلٰيسمجھيو. هن کي پنهنجا سمورا ساٿي سنگتي ديوانو سڏيندا هئا. پر هن جي پيار ڀري ڪردارجو احترام ڪرڻ انهن لاءِ لازمي هو، هن وٽ محبت کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. ان ڪريآخري ڏينهن ۾ هو اياز جي ان نظم تي سڏڪا ڀري رنو هو ته: هو مون کان ڇا لاءِڊڄن ٿا مون وٽ پيار سواءِ ٻيو ڇاهي؟
    (2)
    ڪالهه هو پاڻ ٻين شخصيتن جي حواليسان اها شڪايت ڪندو هو ۽ اڄ خود هن لاءِ اها شڪايت ڪرڻي ٿي پوي ته هن جبل جهڙيانسان جي مٿان تر جيتري تحقيق به نه ٿي آهي. جيتوڻيڪ هن جي وفات کانپوءِ جلال محمودشاهه هن جي شخصيت کي ميڙي سهيڙي اجاڳر ڪرڻ جو ذمو کنيو هو پر هن کي اٿندي ئي پاورپاليٽڪس جي ٽافين جي اهڙي عادت پئي جو هن کان اهو بنيادي ۽ بيحد ضروري ڪم وسري وي !
    اسان جا دانشور ڪرسي _ ڪريز ۾ مبتلا آهن. انهن کي ڪو پتو ڪونهي ته جي ايم سيد جيذات جي ڪهڙن پهلوئن ۾ پتوڙ ڪري سگھجي ٿي، باقي هڪ پروگرام جو پوسٽر نه لکي سگھندڙڪارڪنن تي ڪهڙو معيار!
    هاڻي پاڻ حڪومت کان نه اهو مطالبو ڪرڻ کان رهياسين ته سرڪارجي ايم سيد جي شخصيت جي اوک ڊوک ۽ اوچائي لاءِ ڪو ادارو قائم ڪري. اهڙي ريت کيرٿرجهڙي شخصيت اڻڄاڻائي جي جھڙ جي اوٽ ۾ آيل آهي. جڏهن سنڌ ۾ واعدن وارو سج اڀريو تهڪيترن ئي چِٽي ٿيل منظرن مان جي ايم سيد جي اداس جهنگ جو به هوندو. اهو جيايم سيد جنهن منصور ۽ ميڪاولي جي وچ ۾ ميلاپ ڪرائڻ جي بي نيازي ڪوشش ڪئي. نه تهتصور ۽ سياست جي وچ ۾ ڪهڙي هڪ جھڙائي؟ پر هن جو فقيراڻو خيال نهايت جدلياتي بنيادرکندڙ هو. جي ايم سيد پنهنجي نياري نظريي جا بنياد بيحد مضبوط ۽ حقيقي رکيا پر هنسان الميو اهو ٿيو ته هن کي اهڙي ٽيم نه ملي سگھي، جهڙو هو پاڻ هو. ائينناهي ته جي ايم سيد اڪيلو رهجي ويو ۽ هن کي ماڻهو نه ملي سگھيا، شيخ اياز کان وٺيجمن دربدر تائين سنڌ جا سمورا شاعر، حفيظ قريشي کان وٺي مير عالم مري تائين سمورامقرر، آريسر کان وٺي آصف بالادي تائين سنڌ جا سمورا دانشور ۽ وڏن ڦڏائِيُن کان وٺيننڊن ڦڏائين تائين سنڌ جا سمورا ڏنگا ڪردار هن سان ساڻرهيا.
    اڄ به سنڌ جي هر ستينگھر ۾ جي ايم سيد جي تصوير موجود آهي. هو سن تائين محدود هجڻ باوجود پوري سنڌ سانتعلق ۾ آيو. سنڌ جي قومپرستي جي سڃاڻ بڻيل، اهو
    انسان گمنامي ۾ نه گذاري ويو، پر هنکي پاڻ جهڙو هڪ به ماڻهو ملي نه سگھيو ۽ نه هو پنهنجي فڪري ۽ سياسي پورهئي سان ڪوهڪ به جي ايم سيد جوڙي سگھيو.
    اهو هاڃو صرف جي ايم سيد سان لاڳاپيل ناهي پر عالمياتهاس جي اڪثر قدآور شخصيتن پنهنجي پويان پنهنجو تسلسل جاري رکڻ جي سلسلي ۾ ڪجهه نهڪيو آهي. اڄ چين ۾ ڪو مائو ڪونهي، ائين جيئن روس ۾ ڪو لينن ڪونهي، بوليويا ۾ ڪو چيگويرا ۽ انڊيا ۾ ڪو گانڌي ڪونهي، اهڙي ريت سنڌ ۾ ڪو جي ايم سيد ناهي. ڪو اهڙو انسانجنهن جي سنڌ سان محبت هر شڪ، هر لالچ ۽ هر خوف کان بلند هجي. ان ڪري سنڌ جو مشن بهٻين عالمي انقلابن وانگر اڪيلو ٿي، بي اثر بڻجي، ميسارجي رهيو آهي. اصل ۾فقط پاڪستان ڊاهڻ ۽ سنڌو ديش ٺاهڻ جو نعرو هڻڻ سان ڪوئي قومپرست جي ايم سيد نه ٿوبڻجي. جي ايم سيد ٿيڻ لاءِ وجود جي گرجا
    (3)
    گھر ۾ جبر ۽ خوف جي سموري رات دوران جلڻضروري آهي. جي ايم سيد جو جيون، جل جل شعل، جل جل، جيان هيو. جي ايم سيد جيسنڌوديشي تصور کي سمجھڻ لاءِ ضروري آهي ته اڳ ۾ خود جي ايم سيد کي سمجھيو وڃي ته هوڇا هو؟ هن وٽ عالمي ادب، فڪر ۽ اتهاس لاءِ وڏو احترام هو. هو بائيبل کان وٺيبرٽرانڊ رسل جي ڪتابن تائين اولهه جي سموري قلمي پورهئي کي قدرجي نگاهه سان ڏسندوهو پر هن جو روح فقيري رمزن سان ريجھيل هو هن کي سنڌ جي غريب ۽ مسڪين صوفي فقيرن اهڙي ڏيا ڏسڻ ۾ آئي، جنهن سان هن کي لڳو ته هڪ حسناڪ جھان جوڙي سگھجي ٿو. پر انجهان جي جوڙجڪ جي ايم سيد نالي اڪيلو انسان ڪيئن ڪري ٿي سگھيو. ان ڪري هن پاڻ جهڙنماڻهن جي تلاش شروع ڪئي پران تلاش دوران کيس هميشه مايوسي ملي. سنڌ جي خاموش ڪنڊ سن ۾ويهي، هن سنڌ لاءِ جيڪا گھري اونهي ميڊيٽشين ڪئي، ان ۾ هن کي محسوس ٿيو ته سنڌ جي فقيرنجي گودڙي ۾ امن ۽ محبت جا جي املهه موتي موجود آهن، جيڪي جهان جي جوهرين جي آڏواعتماد سان رکي سگھجن ٿا. پر افسوس ته هن جي ڪتابن جا اردو ترجما به هن جي وفاتکانپوءِ ٿيا. جيڪڏهن هن جي فڪر جو فهم اولهه واسين تائين پهچي وڃي ها ته جي ايم سيدايترو نظر انداز نه ٿئي ها!
    هن پنهنجي اظهار لاءِ سنڌ جي مٽي جي مهڪ کي ڪتب آندو،سنڌ هن جي آواز ذريعي پنهنجا سور اورڻ لڳي. سنڌ ۾ پاڻ جهڙا سنڌوديشي مسافر ڪٺا ڪرڻئي هن جي جيون جو مشن هو. اهو ئي سبب هو ته جڏهن هن کان سنڌوديش جي قيام جو سن پڇيوويندو هو ته هو اڪثر شاه جي اها سٽ جھونگاريندو هو ته: جي قيام مڙن، ته بهاوڏا ڀائنج سپرين! جي ايم سيد ڪيترائي ڀيرا ان حقيقت جو اظهار ڪيو ته اسانجو مقصد صرف ۽ صرف سياسي معنيٰ ۾ سنڌو ديش جي حاصلات ناهي پر ان راهه تي هلنديپنهنجي ذات کي اجاگر ڪرڻ ئي اسان جو مقصد هجڻ گھرجي. هونءَ ته ڪاميابي ۽ناڪامي جو فلسفو نهايت پيچده آهي. ڇو ته ڪڏهن عارضي ڪاميابي مستقبل ناڪامي جو ڪارڻبنجي پوندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن عارضي ناڪامي ابدي سوڀ جو سبب ٿي اڀرندي آهي پر جي ايمسيد جي جيون کي سامهون رکي نهايت محبت سان تجزيو ڪبو ته اهو معلوم ٿي سگھندو ته هنجون سموريون قلمي ۽ زباني ڪهچريون هن جي قافلي کي تصوف جي رنگ ۾ نه رنگجي سگھيون.
    (4)
    جي ايم سيد بنيادي طور تي سنڌ جي صوفي سلسلي جو سڄاڻ ۽ صوبر تسلسل هو. هن سنڌوديشجي نالي سان ان تسلسل کي برقرار رکندي، کيس بين الاقوامي افق تي اڀارڻ ٿي چاهيو. هنکي معلوم هو ته انساني ذات جي اصل عظمت تصوف ۾ آهي. تصوف انسان کي خسيس پڻي جي سطحتان مٿي کڻي کيس اشرف ۽ اعليٰ بڻائي ٿو. ان ڪري هن مسلسل سنڌ جي صوفي فقيرن جي سڃاڻتي زور ڏنو.
    پيغامِ لطيف هن جي سياست جو بنيادي منشور هو. پر هن جو سمورو علميپورهيو ٻين جي لاءِ نه پر خود هن جي پنهنجي ساٿ لاءِ هو. جي ايم سيد جي سڀ کان وڏيخواهش اها هئي ته هن جي ساٿ ۾ اهڙا ماڻهو هجن جن کي ڏسي ۽ ٻڌي لطيف جا بيت ياد اچڻلڳن. هن کي انهي حقيقت جي پروڙ هئي ته جيسيتائين قومپرست ڪارڪن سنڌوديش جي سفيرنجيان سياست جي اسٽيج تي نه ايندا تيسيتائين سوڀ جي صورت نروار نه ٿيندي. انهي مقصدجي حاصلات لاءِ هميشه هن کي دک ڏيندي رهي1
    جي ايم سيد جي جيون ۽ سياست جو پيچروکيرٿر پهاڙن جي خوبصورت پس منظر ۾ هڪ صوفي وادي طرف ويندڙ هو، هو انهي پيچري جواڪيلو مسافر هو. جڏهن هن جي ساهن جو سفر پورو ٿيو ته انهي پس منظر مان هن جي وجودجو اهو منظر مٽجي ويو، جنهن کي مائو انهن لفظن ۾ پيش ڪيو هو.
    منهنجي نظر ۾ جي ايمسيد سنڌ جو اهو درويش صفت صوفي انسان هو، جيڪو سياست جي سڀ کان ڏکئي پيچري تي سچائيجي تلاش ۾ نڪتل هو. هن جي مٿان ملامتن جو تيز مينهن وسندو رهيو ۽ هن جي ڇٽي به ڦاٽلهئي جنهن سبب هو ننهن کان چوٽي تائين ڀڳل هو، پر هن جي پهراڻ جي آلاڻ کي نپوڙيفرشتا وضو ٿي ڪري سگھيا. ان جي ايم سيد جي پڄاڻان هن جي تصورن جو ڀنڀور اجڙيلآهي. اڄ سنڌ جو سياسي جھنگ هن مجنونءَ پڄاڻان ڪيترو اداس آهي؟ ان سوال جوجواب عبدالواحد آريسر کان سواءِ ٻيو ڪير ٿو ڏئي سگھي!!؟. تعميرِ سنڌ، خميس 25 اپريل 2002ع
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    منهنجو سنڌ جي آزاديءَ ۾ ائين ايمان آهي جيئن سڀاڻي جي اڀرندڙ سج ۾“ جي ايم سيد
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو