غزلمان اُجهامي ڪِران، تون تي ٻارجان.مهنجون ڪوتائون، جيسين مان ٻيهر وَران. آخري آخري گيت جيڪو بچي،تنهن کي جُهونگارجان تون، پيو ڳائجان ٿورو اوسيئڙو، ڍوليا، ڍوليا،روپ ٻيو ڪو وٺي مان اجهو ٿي اچان. هاءِ، لهجا سڀئي تنهنجا لهجا لڳن،تو چيو ڏور ٿي ڪين، تون سارجان. سوچ، جذبا وچن ٿو اڏاري وڃي،اوچتو اوچتو وقت واچوڙي جان. پاڻ سان رات ساري تو ڳالهائيو،ماٺِ تنهنجيءَ منجهان آءُ سمجهي وڃان جي نه مان سڏ ڏيان، جي نه موٽي سگهانمان فنا ٿي ويس، تون نه اينءَ سمجهجان. ناز توتي ڪندي سنڌ صديون پئي،هڪ دفعو جند تون تنهن مٿان وارجان. منهنجي گيتن اندر آهي اَمرت ڀريل،ڪين ڪڏهن پِرين سو ته تون هارجان. سوچ نڪري وئي ذهن جي قيد مان،ڪنهن چيئي سوچ جي حدّ اورانگهجان. تنهنجي آڏو اچن، راهه روڪي وجهن،ڏونگرن سان ڪٺي ڏيل ڀي ڏارجان.روبينه ابڙو
يار عرس! هاڻي ان شاعري جو لفافو پاڻ تان هٽا، ۽ ڪجھ سيريز ڳالهين ۾ به حصو وٺو، رڳو پيو مرليون وڄائين، ڪجھ ايئرپورٽ وارن جو به خيال ڪر بائلا!! فلائيٽ نه مِس ٿي وڃي!!!