ڪتاب جي اي بڪ ۾ دستيابي

'اچو ته انگريزي سکون' فورم ۾ جميل احمد طرفان آندل موضوعَ ‏23 آڪٽوبر 2012۔

  1. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    منهنجو لکيل ڪتاب There are only Eleven Words in English اي بڪ جي شڪل ۾ www.lulu.com تي دستياب آهي.جنهن ۾ اهو ٻڌايل آهي ته انگريزي ٻولي ۾ لفظن جاڪل 11 قسم آهن.هر ڪنهن قسم لاءِ هڪ الڳ رنگ مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ هر قسم جي لاءِ 30 مثالي جملا ڏنل آهن ۽ انهن 30 جملن ۾ موجود ان قسم جو هر لفظ ان مقرر ڪيل رنگ ۾ لکيل آهي.۽ هر قسم جي مشق لاءِ وري 30 جملا ڏنل آهن.
    ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ وري پهرئين حصي ۾ آيل 330 مثالي جملن جو هر لفظ ان قسم جي مقرر ڪيل رنگ ۾ لکيل آهي.
    هي هڪ مختصر ڪتاب آهي پر بلڪل نئين انداز سان لکيل آهي.هي صرف 37 صفحن تي مشتمل آهي پر ان ۾ 11 قسم جي لفظن جو وڏو تعداد آهي.
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    مشاهدي طور ڏنل پري ويو مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪتاب ۾ سمجهاڻي بهتر ڏنل هوندي۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    ڇا اهو ڪتاب دوستن جي مطالعي لاء سنڌ سلامت لائبرري لاء ملي سگهي ٿو؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    جميل صاحب مهرباني

    مون ڪتاب اتان ڊائونلوڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر 20 ڊالر پي گهريا ويا، اوهان جي محنت آهي، اوهان کي ان ڪم جو اجورو ملڻ گهرجي، پر سنڌ سلامت جي ساٿين لاء اها رقم ڀرڻ ڏکي آهي۔

    اميد ته ڪجهه وقت کانپوء اوهان ان ڪتاب جي ڪاپي اسان کي عنايت ڪندا جيئن سڀني سنڌين سان شيئر ڪري سگهون۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. اياز احمد سومرو

    اياز احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    نظاماڻي صاحب ناراض نه ٿجو، ڪتاب جي ايڊورٽائيز نه ڪيو پر اسان سنڌ سلامت فورم لا ڪتاب فري ۾ مهيا ڪيو ته قرب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    مون ڪتاب کي اپلوڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،پر هيٺ لکيل غلطي وارو ميسيج ملي رهيو آهي.
    The uploaded file does not have an allowed extension.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    ان جو ڪو حل ٻڌائيندا ته جيئن دوستن جي خواهش مطابق ڪتاب کي اپلوڊ ڪري سگھجي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    توهان جي اي ميل تي فائيل اٽيچ ڪري موڪلي ڇڏيو اٿم.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    عبدالحفيظ لغاري صاحب فائل اپ لوڊ نه ٿي سگھيو ڇا؟ مختلف ٻولي هجڻ ڪري يا ڪنهن سبب ٻئي جي ڪري ان جو هن سائيٽ تي اپ لوڊ ٿيڻ ممڪن ناهي ڇا؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    20 ڊالر 37 پيجن لاءِ ، لڳ ڀڳ ٻه هزار روپيه ، اها انگريزي اسانکان مهانگي آ ، اسان لاءِ فقير واري انگريزي ڪافي آ
     
    چاھت علي، شيرين ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  12. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    ادا عبدالحفيظ جن شايد مصروفيت جي ڪري اوهان جي ميل رسيو نه ڪري سگهيا آهن انشآء الله توهان جو ڪتاب جلد فورم تي ظاهر ٿيندو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    ادا سائين رحيم بخش جن صحيح چيو۔ ڪمن ڪارن جي گهڻائي ڪري ايڏي وٺ وٺان آهي جو اهو ڪم ذهن تائن ئي لهي ويو۔ اڄ ئي ڪبو انشا الله
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    محترم جميل احمد جو ڪتاب سنڌ سلامت تي اپلوڊ ٿي چڪو آهي اميد ته کين ڏسي خوشي ٿي هوندي۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    سائين جميل احمد صاحب! ڪجهه ڪمن ڪارين ۽ هڪ سبب ڪري ڪتاب اپلوڊنگ ۾ دير لاءِ معذرت۔​
    سبب اهو ته جڏنهن کان سنڌ سلامت کي انتظاميه (بلڪه خاص طور ذيشان رشيد) وي بليٽن تان زين فورو تي منتقل ڪيو آهي ته ڪجهه ڪم اوکا ٿي پيا آهن۔ جن ۾ ڪتاب اپلوڊنگ کان پوءِ انهي جو سڌو سنئون (آن لائين) ڏيک ۽ ڊائونلوڊنگ وارو ڪم به هڪ آهي۔ اهو ڪم سليمان وساڻ کي وري صحيح نموني ڪرڻ ايندو آهي۔ اڄ وڃي اهو ڪم سائين تي رکيم ۽ هن مرد مجاهد هميشه جيان مسڪرائيندي ڪم ڪري ڏنو!​
    اوهان جو ڪتاب هڪ نئين موضوع طور هن لنڪ تي موجود آهي​
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو