منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي : شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽا

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 نومبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي


    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو 24 هون ڪتاب منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌ جي هڪ تمام وڏي عالم ، تعليمي ماهر ۽ اديب شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽا جي يادگيرين تي لکيل آتم ڪهاڻي آهي۔ سنڌ جي هن مهان شخصيت جي محنت، ذهانت ۽ ڪاوشن کي پڙهي پاڻ ۾ حوصلو پيدا ٿو ٿئي۔ مان سڀني دوستن خاص ڪري شاگردن کي هي آتم ڪٿا پڙهڻ جي اپيل ڪيان ٿو۔

    اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.

    ڪجهه سندس علمي قابليت بابت :

     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. اي جي شيخ

    اي جي شيخ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    121
    ورتل پسنديدگيون:
    412
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    سائين وساڻ صاحب آ اوهان جو ٿورائتو آهيانجو ڪتاب سنڌسلامت تي اپ لوڊ ڪيو ٿا هڪ دفعو وري اوهان جو شڪر گذار آهيان ۽ اميد ٿو ڪريان ته سدائين ساٿ سلامت رهندو اوهان جو دعاگو عبدالجبار شيخ
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نياز ابڙو

    نياز ابڙو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مارچ 2010
    تحريرون:
    53
    ورتل پسنديدگيون:
    122
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين وساڻ صاحب.......ان کي ٿورو واضع ڪري اسان جهڙن ڪم عقلن کي سمجهائڻ ۾ مدد ڪندا ته ابتدائي تعيلم 32091 هزارن سالن ۾ ۽ثانوي تعليم وري 4 191 سون ۾ ( ابتدائي تعيلم: سنڌي اسڪول ٽلٽي 19023ع کان 19110ع تائين ابتدائي انگريزي تعليم اي وي اسڪول ٽلٽي) .......وري
    ثانوي تعليم: مدرسو لاڙڪاڻو 1914ع.....
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين نياز صاحب مهربانيون جو اوهان رهنمائي ڪئي

    اصل ۾ ڪجهه ٽائيپنگ جي غلطين سبب سال لکڻ وقت غلطي ٿي آهي۔ تصحيح ڪري ڇڏي اٿم۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين عبدالجبار شيخ صاحب سلام قبول پوي

    اوهان جا ٿورا آهن جو ڪتابن جي ڪمپوز ٿيل ڪاپي موڪليو ٿا۔ اوهان جي ادبي خدمتن تي اوهان کي سلام پيش ڪيان ٿو۔ اميد ته اوهان جو اهو سهڪار ۽ رهنمائي سدائين لاء رهندي۔

    شال سدا سُکيا هجو ۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    سون جهڙو ماڻهو،مخدوم بلاول جو پاڙيسري
    سندس سوانح پڙهندي کوڙ ساريون ماضيء
    جون ڳالهيون نصيب ٿينديون۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    دوستو مان توهان کي اهيو به ٻڌائيندو هلان ته مان جڏهن پنجين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس ته اتي زندگي ۾ پهريون ڀيرو مون آتم ڪهاڻي پڙهي هئي، ۽ اها آتم ڪهاڻي هئي لوڻ جي آتم ڪهاڻي،( ۽ ان ٻاراڻي عمر ۾ اسان شاگرد هڪٻئي کي اهيو پڻ چئي رهيا هئاسين ته يار لوڻ به ڪو ڳالهائيندو آهي ڇا ؟) ۽ مون کي اهيا تڏهن خبر پئي هئي ته آتم ڪهاڻي جو مطلب ڇا آهي آتم ڪهاڻي آهي ڇا ؟. تنهن کانپوء مون سنڌ جي هڪ وڏي عالم اديب ۽ با ڪردار شخص علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه رح جي زندگي تي هڪ مضمون پڙهيو جنهن ۾ سندس غريبي واري زندگي جو احوال ڏنل هو ۽ اهو مضمون هو اسان جي اٺين ڪلاس ۾۽ مون کي سندس تي لکيل مضمون ( سوانح عمري) متاثر ڪيو ۽ سندس آتم ڪهاڻي مان مون کي محنت ڪرڻ جو ۽ دلداري جو۽ حوصلي جو سبق مليو، جنهن جو ذڪر ٻن سالن کان پوء مون پنهنجي روحاني ۽ ادبي استاد حافظ خليل صاحب رح سان ڪيو هو ۽ ان مون کي ٻڌايو ته علامه دائود پوٽه صاحب جي پنهنجي لکيل آتم ڪهاڻي ماهوار نئين زندگي رسالي ۾ 1958 ۾ ڇپندي هئي ۽ مان به اها پڙهندو هئس، ۽ ان جي آتم ڪهاڻي منهنجي زندگي تي هڪ وڏو اثر ڇڏيو آهي، (ياد رهي ته حافظ صاحب علامه صاحب جي تمام گهڻي تعريف ڪندو هو ۽ علامه صاحب لاء چوندو هو ته هي پنهنجي وقت جو هڪ درويش ۽ سالڪ ماڻهون هو، اهڙا ماڻهون ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن.) ۽ اها مون وٽ محفوظ آهي، ۽ پوء اها آتم ڪهاڻي مون کي حافظ صاحب ڏني جيڪا نئين زندگي جي شمارن ۾ موجود هئي ۽ قستوار ڇپيل هئي، جيڪا مون پڙهي ڪري حافظ صاحب کي واپس ڪئي هئي، انهن ڏينهن ۾ مان ماهوار السنڌ رسالي جو ميمبر هئس ۽ اهو رسالو پڙهندو هئس، جنهن کي ڊاڪٽر عبالحئي ابڙو صاحب اسلام آباد مان ڪڍندو هو، ۽ ان رسالي ۾ علامه دائودپوٽه جي گهرواري خانم خديجه دائودپوٽه جو هڪ انٽرويو ڇپيو هو، جنهن جي انٽرويو پڙهڻ کانپوء مون سندس گهر جي ائڊريس ڊاڪٽر ابڙي صاحب کان گهري ۽ تنهن کانپوء مون علامه صاحب جي گهرواري خديجه خانم دائودپوٽه کي اسلام آباد خط لکي ڪري علامه صاحب جي آتم ڪهاڻي جو ڪتاب گهريو هو، ۽ ان ويچاري اهو آتم ڪهاڻي جو ڪتاب فوٽو ڪاپي ڪري مون ڏانهن پوسٽ ڪيو هو مگر پاڪستان جي پوسٽ آفيس ۾ خبر ناهي اهو ڪتاب ڪيڏانهن ويو جيڪو اڄ ڏينهن تائين ناهي مليو، ۽ وچ ۾ ڪنهن ڦٻائي ڇڏيو، جنهن جو ڏک مون کي ايترا سال گذرڻ کانپوء به آهي، جڏهن ته اسان جي پاڙي جو پوسٽ مين انتهائي شريف ۽ ايماندار ماڻهون هو، سندس نالو هو ٻيڙو خان کوکر،هو جنهن سان منهنجي ته ذاتي دوستي هوندي هئي، جنهن منهنجا ۽ منهنجي پاڙي وارن جا هزارين خط مون کي ڏنا هوندا ۽ منهجا پهچايا هوندا ڇاڪاڻ ته منهنجي پاڙي جا خط ۽ ڪجهه ماڻهن جا مني آڊر به منهنجي معرفت ايندا هئا( منهنجي دڪان جي ائڊريس تي ) ۽ ٻيڙي خان هڪ ايماندار پوسٽ مين هوندو هو۔جنهن تي ته مان ڪڏهن به شڪ ڪري نه ٿو سگهان۔ خير۔ ادا سليمان وساڻ صاحب ڪافي عرصي کان پوء توهان جي ڪوشش سان ڊاڪٽر صاحب جي هي آتم ڪهاڻي پڙهڻ جو موقعو مليو آهي، جيڪا مون وري ٻيهر پڙهي آهي، ياد رهي ته علامه ڊاڪٽر دائودپوٽه صاحب جي هي آتم ڪهاڻي مڪمل آتم ڪهاڻي نه آهي، ان جو ڪارڻ اهيو آهي ته جڏهن ڊاڪٽر صاحب هي ڪهاڻي لکڻ شروغ ڪئي هئي ۽ مس ڪجهه لکڻ شروع ڪيو هو ته زندگي جي سڳي ساٿ چڏي ڏنو هئس۔ ڊاڪٽر صاحب جو هڪ فرزند ايئر مارشل (رٽائرڊ) عظيم دائودپوٽه سنڌ جو گورنر به رهي چڪو آهي۔ (ايئر مارشل عظيم دائود پوٽه 14 سيپٽمبر 1933ع ۾ بمبئي ۾ پيدا ٿيا، سندن خاندان جو تعلق دادو جي هڪ ڳوٺ ٽلٽي سان آهي، جيڪو دادو شهر کان تقريبن 10 ڪلو ميٽر پري آهي، سندس والد سنڌ جو عظيم انسان اديب، ۽ عالم جناب علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽه جن هئا، جيڪي ڪنهن تٿرف جا محتاج ڪونهن، عظيم صاحب تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوء 1951ع ۾ رايل ايئر فورس جوائن ڪيائون، دائودپوٽه صاحب پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لا۔ينس جا چيئرمين ۽ ڊاريڪٽر پڻ رهيا، جنوري1986ع کان اپريل 1990ع تائين، تنهن کانپوء پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جا پڻ چيئر مين رهيا، ۽ رٽائر ٿيڻ کانپوء جنرل مشرف دور ۾ سنڌ جا گوورنر ۽ وڏا وزير رهيا. کيس سرڪاري مڃتا طور هيٺيان ايوارڊ پڻ مليا، ستارا جرئت، ستارا امتياز، هلال امتياز، )ادا سليما وساڻ صاحب توهان جون مهربانيون آهن جو توهان سنڌي ٻولي جي بهترين خدمت ڪري رهيا آهيو۔ادا مان ته دوست ذيشان رشيد سمون صاحب جن کي به اهيا صلاح ڏيندس ته سنڌ سلامت جي هن سيڪشن کي اڃان به سهڻي انداز ۾ بڻايو وڃي جيئن اسان جي سنڌي ٻولي جا ڪتاب دنيا جي ڪنڊ ڪڙچ ۾ ويٺل سنڌي لاء بهترين ڏيکاء (لڪ) ڏين۔
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو