ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجي جو ڪتاب ”تپندڙ ڌرتي ۽ مٽجندڙ مندون“

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏13 نومبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجي جو ڪتاب ”تپندڙ ڌرتي ۽ مٽجندڙ مندون“
    رضوان گل

    ڌرتي انسانن جو گڏيل گھر آهي جنهن ۾ ڄمڻ کان مرڻ تائين انسان پنهنجي پنهنجي طور طريقن مطابق زندگي گھاري ٿو. يقينن ڌرتي مڙني انسانن لاءِ نهايت ئي اهميت رکندڙ آهي پر اسان مان ڪجهه ئي ماڻهن کي اها ڄاڻ هوندي ته اها ڌرتي جنهن کي اسان ماءُ سان به ڀيٽيندا آهيون سا خود ڪهڙن مسئلن جو شڪار آهي. اها ڌرتي جنهن هڪ ماءُ جيان ئي اسان کي پاليو آهي، اسان ساهه به ان ئي ڌرتيءَ تي کڻون ٿا، ته اناج به انهيءَ ڌرتيءَ جو پيدا ڪيل کائون ٿا. اسان جي جياپي جو بنياد پاڻيءَ تي آهي، اهو پاڻي ڪٿان پيو اچي؟ يقينن اهو پاڻي به ڌرتيءَ مان ئي حاصل ڪجي ٿو. مطلب ته هر اها شيءِ جيڪا اسان پنهنجي آس پاس ڏسون ٿا سا دراصل ڌرتيءَ جي عنايت ئي آهي، پر هڪ لمحي لاءِ سوچجي ته جنهن ڌرتيءَ اسان کي هي سڀ ڪجهه ڏنو آهي اسان ان جي موٽ ۾ کيس ڇا پيا ڏيون! ڌرتي ته اسان کان ڪجهه به نه ٿي گھري سواءِ ان جي، ته اسان جتي به رهون صفائي سٿرائيءَ سان رهون، پنهنجي ماحول ۾ غلاضتون ڦهلائڻ کان پاسو ڪريون، ڇاڪاڻ ته اهي ماحولي گدلاڻ واريون شيون ئي دراصل ڌرتيءَ کي تڪليف ڏيندڙ هجن ٿيون.
    ڌرتيءَ تي مختلف قسمن جي شين جي زيادتيءَ سبب خراب اثر رونما ٿين ٿا، پر اسان انهن ڳالهين کان بنهه اڻ واقف آهيون. اهڙي قسم جي ڪيترين ئي ڳالهين بابت اسان کي جيڪڏهن آگاهي وٺڻي آهي، ته پوءِ تازو ئي سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپيل ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجي جو ڪتاب ”تپندڙ ڌرتي ۽ مٽجندڙ مندون“ پڙهڻ گھرجي، جنهن ۾ انتهائي سادي ۽ سلوڻي انداز ۾ سائنسي ڳالهين جي سُٽ کي سلجھايو ويو آهي ۽ اسان کي نهايت ئي سهڻي انداز ۾ ڄاڻ جي کاڻ ڏني وئي آهي. ڪتاب جو ليکڪ سائين علي مرتضى ڌاريجو وڏي وقت کان وٺي، خاص طور تي سنڌيءَ ۾ سائنسي مواد جي حوالي سان پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي. 14-15 سال اڳ جڏهن اسان سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندا هئاسين ته پاڻ سنڌ سائنس سوسائٽي پاران ”سائنس ميگزين“ به جاري ڪندو هو، جنهن ۾ نهايت ئي ڪارائتا مضمون شامل ڪيا ويندا هئا. ان کان پوءِ به مختلف حوالن سان رسالن ۽ اخبارن ۾ ڌاريجي صاحب جا پُرمغز تحقيقي مقالا پڙهڻ جو موقعو مليو آهي. منهنجو شعبو به جاگرافي آهي انهيءَ حوالي سان ماحوليات منهنجو پڻ سبجيڪٽ رهيو آهي. پياري رياضت پاران جڏهن هي ڪتاب ”تپندڙ ڌرتي ۽ مٽجندڙ مندون“ مليو ته موضوع پڙهندي ئي ڏاڍي سرهائي ٿي.
    تپندڙ ڌرتي ۽ مٽجندڙ مندون“ علي مرتضى ڌاريجي صاحب جو اهو ڪتاب آهي جيڪو پاڻ لکيو ته اسڪول ۽ ڪاليج جي شاگردن لاءِ اٿائين، پر ڪتاب جي افاديت ايڏي آهي جو اهو وڏن کي به ضرور پڙهڻ گھرجي. هن ئي ڪتاب تي 2009ع ۾ نيشنل بڪ ڪائونسل اسلام آباد پاران کيس مڃتا انعام پڻ ڏنو ويو. ڊاڪٽر صاحب ٻين ٻولين جا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڪافي حد تائين سائنسي علمن متعلق پڙهندڙن جي پياس اجھائي آهي، نه صرف ترجما پر پاڻ اصلوڪا ڪتاب پڻ لکيا اٿائين جن کي پڙهندڙن پاران مانائتي موٽ ملي آهي.
    ماحوليات جي حوالي سان هي ڪتاب تقريبن مڙني پاسن جو احاطو ڪندڙ آهي. ماحوليات متعلق جيڪي بنيادي سوال اسان جي ذهن ۾ اڀرندا رهن ٿا، انهن جو جواب هن ڪتاب ۾ موجود آهي. ڪتاب جي شروعات ۾ ”ڌرتي اسان جو گھر“ جي سري هيٺ مختصر مضمون شامل آهي پر ان مختصر مضمون ۾ جھڙيءَ ريت ڌرتيءَ جو تعارف پيش ڪيو ويو آهي ۽ سائنسي اصطلاحن جو آسان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي، ان کي ساراهڻ کان سواءِ رهي ئي نه ٿو سگھجي. هن مضمون ۾ انگ اکر به ڏنل آهن ته ڪجهه اڳ ڪٿيون پڻ ٿيل آهن. ڪتاب جو ٻيو اهم مضمون آهي ”موسمي تبديلن جا اثر“. هن مضمون ۾ انهن اثرن کي پنجن حصن ۾ ورهائي بيان ڪيو ويو آهي. ٽيون مضمون ”ڌرتيءَ جو گئسي قلعو“ جي عنوان تحت شامل ٿيل آهي جنهن ۾ وايومنڊل کي ڀرپور انداز ۾ وضاحت سان بيان ڪيو ويو آهي. چوٿون مضمون ”ٻوساٽيندڙ هوا“ جي نالي سان موجود آهي جنهن ۾ هوا جي غلاظتن جا مختلف قسم بيان ٿيل آهن. اهڙيءَ ريت ٻيا شامل مضمون پڻ ماحولي گدلاڻ بابت انتهائي ڪارائتي ڄاڻ تي مشتمل آهن، جن ۾ فضائي ماحول ۾ تبديلين سبب سج کان ايندڙ خطرناڪ اثرن بابت به معلومات موجود آهي، ته فضا ۾ وڌندڙ گدلاڻ، تيزابي مينهن، اوزون تَهه، تيزابي برسات گھٽائڻ جا طريقا، گرين هائوس، عالمي تپش ۽ بدلجندڙ مندون وغيره جھڙا مضمون پڻ شامل آهن.
    مجموعي طور هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي ماحوليات سان تعلق رکندڙ دلچسپ موضوعن تي بحث ٿيل آهي، جن کي پڙهي ماحوليات جي علم بابت نهايت ئي قيمتي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن قسم جي سائنسي موضوعن تي لکيل ڪتاب وڌ کان وڌ ڇپجڻ گھرجن، ته جيئن اسان جي نواجونن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ به سائنسي علمن بابت ڄاڻ ملي سگھي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو