مشتاق سعيد جي شاعريء جو نڪور ڪتاب ”ڪينرو ڪيسين وڄايان“

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 نومبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي


    مشتاق سعيد جي شاعريء جو نڪور ڪتاب ”ڪينرو ڪيسين وڄايان
    محمد سليمان وساڻ
    سنڌ جي لاڙ پٽ واري علائقي سجاول سان تعلق رکندڙ نوجوان شاعر مشتاق سعيد جي شاعريء جو نڪور ڪتاب ڪينرو ڪيسين وڄايان منهنجي هٿن ۾ آهي. مان سوچي رهيو آهيان ته مشتاق ايڏو تيزي سان لکي رهيو آهي، جو هڪ ئي سال ۾ سندس شاعريء جا ٽي مجموعا ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا آهن، جڏهن ته سندس شاعريء جو چوٿون ڪتاب به ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي. هن کان اڳ سندس شاعريء جا ڪتاب ڌيمي وهڪ درياء جي ۽ ڀرپور سمندر گرجي ٿو هن ئي سال 2012 ۾ ڇپيا آهن. سندس شاعري صرف ڳڻپ جي حد تائين ناهي پر سندس خيالن جي بلندي ۽ لفظن جي اڏار به لازوال آهي، سندس لفظ ڪنهن مصور جي رنگن کان گهٽ ناهي. سندس ڪتاب جو ٽائيٽل ڪينرو ڪيسين وڄايان ۽ سندس ان نظم بابت ڪنهن لکيو آهي ته اها اسان مٿان طنز آهي، چٿر آهي پر مان چوندس ته مشتاق اسان کان سوال ڪري پڇي رهيو آهي ته ڇا اڃان مان جاري رکان؟ يا ها پڇي پيو ته مان ڪنهن لاء لکان؟ ۽ مان کيس اهو چوندس ته مشتاق توکي لطيف ۽ شيخ اياز واري تسلسل کي قائم رکڻو آهي ۽ اهو ڪينرو وڄائڻو آهي. هو پاڻ ئي ته ان لاء اياز کي چوي ٿو :
    جو گيت تو هو ڇڏيو اڌورو،
    انهيءَ کي پورو،
    ڪري سگهان يا مَري وڃان مان،
    اهو نه ڄاڻان مگر ٿو ڄاڻان،
    جو ڪينرو تون ڇڏي ويو آن،
    سو ڄڻ ته مون آ ڪُلهي ۾ پاتو
    مشتاق پنهنجي نظمن ۾ سنڌ جي سونهن کي ڳائيندي حسن درس جي ياد تازي ڪري ٿو. سندس نظمن ۽ شاعريء ۾ ڳايل پسمنظر بلڪل حقيقي لڳن ٿا ۽ اهو محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ جي سونهن ئي سندس لکڻ جو وڏو سبب آهن، جنهن جو مثال اوهان سندس نظم جي هن ٽڪري مان محسوس ڪري سگهو ٿا:
    جئين رڻ تي هرڻيون ڊوڙن ٿيون،
    ائين شعر ڊُڪن ٿا مون من ۾،
    انڌياري ۾ ئي وڃڻو آ،
    پر آگ لڳا ئي ڪا بن ۾،
    جي ٻُورَ نمن ۾ ٻهڪي پيا،
    تنهن مُند وري پو ڳائبو،
    آ سنڌ اسانجي جند پرين،
    ها سنڌ وري پو ڳائبو،
    اي جند وري پو ڳائبو
    مشتاق جي شاعريء پڙهڻ کانپوء لڳو ته هوسنڌ جو نقاد به آهي، ته سنڌ جو مصور به آهي ته سنڌ جو راڳي به آهي ته سنڌ جوسڄڻ به آهي. هو هر ڪردار ، هر نظم، هر صنف ۾ مڪمل شاعر آهي، پر سندس نظم شاهڪار آهن. سندس شاعري اميد جو پيغام بڻجي اسان تائين پهتي آهي :
    ڏانءُ توکي مون ڏنو،
    تو بنا مان ناهيان،
    مون بنا تون ڪونه آن،
    رات ۾ جا سانت آ،
    سانت جو تون روح آن،
    مان به تنهنجو ئي مگر،
    ڄڻ ته پاڇو هان پرين،
    تات مون ۾ تو ڀَري،
    ڏات مون ۾ تو ڀَري،
    لفظ ۾ ڀي آ اثر،
    تون شمع آهين مگر،
    آئون تنهنجي روشني،
    مشتاق سعيد سنڌ جي نوجوان شاعرن واري کيپ ۾ پهرين قطار جو شاعر آهي، جنهن جي شاعري بغاوت جو اعلان آهي، هو سنڌ جو باغي شاعر آهي. سندس مطالعو وسيع لڳي ٿو، اتي سندس مشاهدو به ڪمال جو آهي. سندس شاعريء ۾ اوسيئڙو به آهي ته التجا به آهي، سندس شاعريء ۾ بيقراري به آهي ته چاهت جي معراج به آهي. هو اسان نوجوانن جو نمائنده شاعر آهي جيڪو پنهنجي تخليقن ذريعي ذهن جهنجهوڙيندو رهي ٿو ۽ ضميرن کي جاڳائيندو رهي ٿو.
    جڏهن به تاڙن تنوار ڪئي يا،
    وِڄن به وڄندي ولهار ڪئي آ،
    جڏهن به لهرون ڪپن لڳيون يا،
    چُراند چنگ سان ڌنار ڪئي آ،
    جڏهن به ساون وڻن مٿاران ،
    حَسين چنڊ جا پون ٿا چلڪا،
    چوي ٿي دلڙي ڪو راڳ ڇيڙيون،
    رڳو پيا ڳايون اوهان جي ڪِوتا
    ساحل پرنٽرس حيدرآباد پاران ڇپايل سندس شاعريء جو هي ڪتاب ڪينرو ڪيسين وڄايان 128صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سندس نظم، وايون ۽ بيت شامل آهن، هن ڪتاب جي قيمت 160روپيا آهي.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    روزانه سڪار جي ادبي صفحي ڏات جي 29 نومبر 2012 جي ايڊيشن ۾ ساجد سنڌي جي مهربانيء سان ڇپيو
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو