غزل لڙڪ مون کان ڪرياکلندي کلندي پرين پنهنجا ٿي ويا جدا کلندي کلندي پرين ڌار اهڙو ٿيس ڪڏهن سوچيو نه هيو ڪيئن ويا ٿي پڪا کلندي کلندي پرين کلندي هو موڪلائي ڇڏي ويا هليا هٿ هٿن مان ٽُٽا کلندي کلندي پرين آهي توکي دُعا تنهنجي شاهين جي خوش رهين تون سدا کلندي کلندي پرين
کلندي هو موڪلائي ڇڏي ويا هليا هٿ هٿن مان ٽُٽا کلندي کلندي پرين اوهانجي هن غزل مونکي هڪ دوست ياد ڏياري ڇڏيو ۔۔۔ جيڪو هڪ ڏينهن صبح جو مون وٽ آيو کلندي کلندي موڪلياسون ۽ شام جو سندس گولين لڳل لاش هٿ آيو هو ۔۔۔ عجيب آهي سنڌ ڌرتي جنهن تي کلندي کلندي به لڙڪ لڙي پوندا آهن ۔۔۔
آهي توکي دُعا تنهنجي شاهين جيخوش رهين تون سدا کلندي کلندي پرينشاهين سائين تمام سهڻا خيال، اوهان جي شاعري ، خاص ڪري هي غزل وڻيو۔ اسان جي به دعا آهي ته اوهان سدائين کلندا رهو۔