جديد تعليمي نظام جي ضرورت ۽ اهميت

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ شعيب محمد طرفان آندل موضوعَ ‏5 ڊسمبر 2012۔

  1. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    1308 اٽيچمينٽ ڏسو
    اسان جنهن دور ۾ هلي رهيا آهيون اهو دور سائنس ۽ ٽيڪنالوجيء جو دور آهي .۽ دنيا تيزيء سان تبديليء جي طرف وڌي رهي آهي هر شعبي کي ڪمپيوٽر سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجيء تبديل ڪري ڇڏيو آهي . اها تبديلي دنيا ۾ 1944 ۾ پهرين مڪمل ڪمپيوٽر مارڪ ون جي ايجاد کان بعد شروع ٿي سڀ کان پهريان اهو ڪمپيوٽر ڳڻپ ۽ بزنس جي لاء ٺاهيو ويو پر بعد ۾ هر شعبي ۾ ڪمپيوٽر استعمال ٿيڻ لڳومثال جي طور تي ميديڪل سائنس ،بينڪ،رجسٽريشن اٿارٽيز، ايجوڪيشن ،انٽرٽينمينٽ وغيره . پر ان ۾ تيزي 1993 ۾ انٽرنيٽ جي ڪمرشل ٿيڻ کان بعد شروع ٿي ۽ دنيا حيرت انگيز طور تي انٽرنيٽ جي طرف وڌڻ لڳي ۽ هر شعبو انٽرنيٽ تي پهنجي سروسز ڏيڻ لڳو پوسٽ جي جڳھ تي اي ميل اچي وئي عام بزنس جي جڳھ تي آن لائن بزنس اچي ويو ۽ اهڙي طرح پراڻي بينڪنگ جي جڳھ تي آن لائن بينڪنگ متعارف ٿي سڀئي سهولتون انٽرنيٽ تي اچي ويون هر اداري پهنجي ويب سائيٽ ٺاهي هر قسم جي معلومات انٽرنيٽ تي اچي وئي ان کان علاوه سوشل نيٽ ورڪس ٺهيا ۽ ان شعبي ۾ اڃا بہ ڏينهون ڏينهن ترقي ٿيندي پئي وڃي .ان ترقيء جي طوفان ۾ هاڻي اچو تہ سنڌ جي موجوده تعليمي نظام تي نظر وجھون بدقسمتيء سان اسان وٽ اڃان ڏهاڪن کان پراڻو تعليمي نظام هلي رهيو آهي ۽ ان ۾ ڪائي بہ جدت ۽ نواڻ نہ آئي آهي اسان جا تعليمي ادارا پرائمريء جي سطح کان وٺي مٿي تائين بنيادي جديد سهولتن کان ئي محروم آهن هن وقت سڄي دنيا جي ڪلاسن ۾ ملٽي ميڊيا پروجيڪٽر جو استعمال عام آهي ۽ هر تعليمي اداري ۾ ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي سهولت هيٺين ڪلاسن کان ئي موجود آهي نئين ريسرچ ان ڳالھ کي ثابت ڪيو آهي تہ آڊيو وڊيو جي ذريعي ڏنل ليڪچر سان شاگردن کي آسانيء سان سمجھائي سگھجي ٿو پر افسوس جو ان طرف وڌڻ جي اسان شروعات بہ اڃان ڪو نہ ڪئي آهي تعليم جو مقصد صرف انسان کي صحيح انسان بڻائڻ نہ پر ان کي ملڪي ۽ عالمي سطح تي هڪ اهڙو انسان بڻائڻ آهي جو هو جنهن بہ شعبي ۾ وڃي اتي پهنجون خدمتون بهتر انداز ۾ ادا ڪري سگھي .ان لاء اسان کي پهنجو تعليمي نظام بہ جديد ڪرڻو پوندو هاڻي اچو تہ هڪ نظر اسان ان ڳالھ تي وجھون تہ جيڪڏهن اسان پهنجو تعليمي نظام جديد بڻائينداسين تہ شاگردن کي ڪهڙو فائدو ٿيندو هڪ فائدو تہ ان ۾ اهو آهي تہ آڊيو وڊيو ۽ انٽرنيٽ سان ڳالھ سمجھ ۾ جلدي اچي ٿي وڃي ۽ ويب سائيٽ شيئر ڪرڻ سان شاگردن کي ريسرچ ڪري ٽاپڪ بابت معلومات حاصل ڪرڻي ٿي پئي ان سان انهن ۾ ريسرچ جو شوق بہ وڌندو ۽ انٽرنيٽ تي هر قسم جا ڪتاب ۽ ويب سائيٽس موجود آهن هر قسم جون ڊڪشنريون موجودآهن جڏهن شاگرد انهن جو مطالعو ڪندا تہ انهن جي اسٽيڊي ليول بہ وڌندي ۽ معلومات ۾ بہ اضافو ٿيندو پر سڀني ڳالهين جي باوجود مان جيڪو فائدو محسوس ڪريان ٿو اهو هي آهي تہ موجوده دور ۾ اسان جي نوجوان نسل جيڪا سڄو ڏينهن انٽرنيٽ تي سوشل نيٽ ورڪس ۽ فِضول جي انٽرٽينمينٽ تي ويٺي آهي اها نسل پڙهائيء جي طرف وڌندي جڏهن شاگردن کي اسائمينٽس ڪمپيوٽر تي حل ڪرڻ لاء ڏنيون وينديون تہ انهن کي انٽرنيٽ تي ويهي اسائمينٽس حل ڪرڻ ۽ ريسرچ جو موقعو ملندو ۽ اهڙي طرح انهن جي موجوده فضول عادت مان جان بہ آجي ٿيندي ڇو تہ انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر جو اصل مقصد بہ اهو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ان کي ان ئي مقصد لاء استعمال ڪيو ٿو وڃي .
    هاڻي اچو تہ ان ڳاله تي نظر وجھون تہ ان سان شاگردن کي مستقبل ۾ ڪهڙو فائدو ٿيندو هن وقت دور ڪافي تبديل ٿي چڪو آهي ۽ نوڪريء جي اشتهار کان وٺي اپلاء ۽ ٽيسٽ تائين سڄو پروسس اليڪٽرانڪ فارم ۾ ٿي رهيو آهي ۽ اڪثر ڪري نوڪريء جي لاء ٿيندڙ امتحان جي تياري بہ اڄ ڪالھ انٽرنيٽ تي ٿي رهي آهي تہ جديد تعليم ڏيڻ سان هڪ تہ شاگردن کي مستقبل ۾ تمام گھڻو فائدو ٿيندو ۽ ان سان اسان جي ملڪ کي بہ تمام گھڻو فائدو ٿيندو هن وقت سڄي پاڪستان جا ادارا ڪمپيوٽرائيز ٿي رهيا آهن جهڙي طرح اسان جي ملڪ جو هڪ تمام اهم ادارو ڊي آر او نادرا ۾ تبديل ٿي ويو ۽ ملڪ جي تمام ادارن يونيورسٽين بورڊس پهنجي پراڻي ريڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيز ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ هن وقت اسان وٽ پراڻي فائل سسٽم جي جاء تي جديد ڪمپيوٽرائيز ڊيٽابيس سسٽم آهي تہ جديد تعليم وقت جي هڪ اهم ضرورت آهي جيڪڏهن اسان جديد تعليم يافتہ شاگرد پيدا ڪنداسين تہ ان سان نہ صرف اسان جي ملڪ جي سمورن ادارن کي فائدو ٿيندو بلڪہ سڄي دنيا کي فائدو ٿيندو هن وقت دنيا هڪ گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي سڄي دنيا ۾ سمورا بزنس ۽ سروسز آن لائن آهن مثال جي طور تي هاڻي اسان گهر ويٺي نوڪري بہ ڪري سگھون ٿا هن وقت اسان لنڊن ۽ پيرس جي فلائٽ ۽ ريلوي جي ٽائمنگ پاڪستان ۾ ويهي ٻڌائي سگھون ٿا ۽ هر شعبي جي سروس اسان پاڪستان ۾ ويهي سڄي دنيا کي ڏئي سگھون ٿا تہ ان جي لاء اسان کي جديد تعليم جي تمام شديد ضرورت آهي ڇو تہ هن وقت سڄي دنيا جو مڪمل نظام ڪمپيوٽرائيز ٿي ويو آهي جيڪڏهن تبديل نہ ٿيو آهي تہ اهو آهي اسان جو پراڻو تعليمي نظام اسان جو هي پراڻو تعليمي نظام هن جديد دور جو مقابلو ڪو نہ ٿو ڪري سگھي تہ اسان سڀني کي ان باري ۾ ضرور سوچڻ کپي تہ جديد تعليمي نظام وقت جي تمام وڏي ضرورت آهي
     
  2. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    تعليم بابت بهترين ويچار مليا پڙهڻ لا۽
     
    شعيب محمد هيء پسند ڪيو آهي.
  3. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    مهرباني ادا
     
  4. فلڪ لرننگ ٽيوب

    فلڪ لرننگ ٽيوب
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏30 مئي 2018
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    پاڪستان ۾ جديد تعليمي نظام رائج ڪرڻ تمام ضرور آهي، ڇو ته هن شي جي اسان وٽ کوٽ آهي.
    انٽرنيٽ تي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ تمام گھڻو مواد موجود آهي پر افسوس سنڌي ۾ تمام گھٽ آهي، اسان کي گھرجي ته شاگردن کي جديد دنيا جو شعور ڏيارڻ سان گڏ سنڌي تعليمي مواد به هن جديد دنيا ۾ شامل ڪريون.
    جيڪڏهن ڪو سنڌي تعليمي مواد موجود هجي ته ضرور سنڌي شاگردن تائين پهچائڻ گھرجي.
    سر توهان جو تمام ڪارائتو ڪالم آهي.
     
    يوسف جميل لغاري هيء پسند ڪيو آهي.
  5. فلڪ لرننگ ٽيوب

    فلڪ لرننگ ٽيوب
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏30 مئي 2018
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    پاڪستان ۾ جديد تعليمي نظام رائج ڪرڻ تمام ضرور آهي، ڇو ته هن شي جي اسان وٽ کوٽ آهي.
    انٽرنيٽ تي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ تمام گھڻو مواد موجود آهي پر افسوس سنڌي ۾ تمام گھٽ آهي، اسان کي گھرجي ته شاگردن کي جديد دنيا جو شعور ڏيارڻ سان گڏ سنڌي تعليمي مواد به هن جديد دنيا ۾ شامل ڪريون.
    جيڪڏهن ڪو سنڌي تعليمي مواد موجود هجي ته ضرور سنڌي شاگردن تائين پهچائڻ گھرجي.
    سر توهان جو تمام ڪارائتو ڪالم آهي.
     
  6. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه

    لک لائق سائين ، آءُ اوهان جو ٿورائتو آهيان
     
  7. فلڪ لرننگ ٽيوب

    فلڪ لرننگ ٽيوب
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏30 مئي 2018
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53

هن صفحي کي مشهور ڪريو