نرڙ تي پوندڙ اڻ وڻندڙ گهُنجن کان بچي سگهجي ٿو۔

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ سهڻي پارس طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2013۔

  1. سهڻي پارس

    سهڻي پارس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    758
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    حيدرآباد
    [​IMG]

    نرڙ تي پيل گهُنجَ ۽ سنهڙين لڪيرُن جو ڄار انسان جي خوبصورتيءَ کي تمام گهڻو متاثر ڪندو آهي.جِنهن جي وجهه سان انسان پنهنجي عُمر کان وڌيڪ پوڙهو نظر ايندو آهي.نرڙ تي گهُنج عمر جي ڪِنهن حصي ۾ به اچي سگهن ٿا.پر گهڻو ڪري کي اِنهن کي وڌندڙ عُمر جي نشاني سمجهيو ويندو آهي.جئين جئين انسان جي عُمر وڌندي آهي جسم ۾ رڳن کي جوڙِي رکندڙ مادي”ڪوليجن“ جي واڌ ويجهه گهٽجڻ لڳندي آهي.جِنهن جي وجهه سان چمڙي پنهنجي نفاست،۽لچڪ وڃائڻ شروع ڪندي آهي.پر اِن کان الاوابه نرڙ تي گهُنجن جا ڪئي سبب آهن.اُنهن مان سڀن کان وڏي ۽ اهم وجهه آهي چهري جي تاثرات کي بار بار ورجائڻ.جئين ڀِرن کي گهڙي گهڙي موڙا ڏيڻ،گهوري ڏسڻ سان به نرڙ تي اڻ وڻندڙ لڪيرون ظاهر ٿي پونديون آهن.جِنهن جي وجهه سان مُسڪُرائيندڙ چهرو به ڪاوڙيل ۽ بيزار نظر ايندو آهي.
    پاڻيءِ جي کوٽ،ماحول جي آلودگي به نرڙ تي گهُنجن جو سبب ٿيندي آهي.نرڙ جي گهُنجن کي ختم ڪرڻ لاءِ توهان کي ڪڏهن ڪڏهن تمام گهڻو خرچو به ڪرڻو پوندو آهي۽ حل ڪوبه نه نڪرندو آهي.
    زيتون جو تيل: زيتون جو تيل چمڙيءَکي خوراڪ ۽ نفاست ڏيڻ جي حوالي سان تمام گهڻو مشهور آهي.اِن جو باقائدا استعمال نرڙ جا گهُنج ختم ڪري ٿو.اِن کان الاوا توهان ڀاڄيُن جو تيل به گهُنجن واري متاثر جڳهه تي استعمال ڪري سگهو ٿا.تيل کي 15منٽ گهُنجن واري هنڌ لڳل رهڻ ڏيو۽ پوءِ ڌوئي ڇڏيو.
    کير جي ملائي:کير جي مٿان ڄميل ملائي ۾ ٿورو ليمي جو رس شامِل ڪري هلڪو هلڪو مساج ڪيو 30 منٽ تائين اِهو پيسٽ لڳل رهڻ ڏيو پوءِنيم گرم پاڻي سان ڌوئي وٺو.
    گَجَر:روزانو هِڪ گلاس گَجَرَ جو جوس پيو نرڙ تي جهُريون نه پونديون ۽ جي هونديون ته به ختم ٿي وينديون.
    ٽماٽو:گهُنج ختم ڪري ٿو ۽ چمڙيءَکي نفيس رکي ٿو.ڇوته ٽماٽي ۾ ”ڪوليجن“ تمام گهڻي مقدار ۾ موجود آهي.اِن ڪري اِن کي روزانو پنهنجي کاڌي ۾ ضرور شامِل رکو.اِن کان الاوا اِن جو رَس پنهنجي چهري ۽ نِرڙ تي باقائدا هڻڻ سان چهري تي گهُنج نه پوندا.
    ليمون:تازي ليمي جو رس گهُنجن واري هنڌ هڻڻ سان پڻ فائدو ٿيندو.
    کوپري جو تيل:کوپري جو تيل گهُنجن لاءِ بهترين اثر رکندڙ ڪارائتوگهريلو نسخو آهي.ٿورڙي مقدار ۾ کوپري جو تيل کڻو ۽ڪَپَهَه جي مدد سان گهنُجن واري هنڌ10 .15 منٽ لڳائي رکو جيسيتائين چهرو اِن کي جذب نه ڪري پوءِ مُنهن ڌوئي وٺو.
    کيري جورس:هِڪ کيري کي بلينڊر ۾ بلينڊ ڪيو پوءِ ڇاڻي ڪَپَهَه جي مدد سان گهُنجن واري هنڌ لڳايو۽ خشڪ ٿيڻ کان پوءِ ٿڌي پاڻيءَ سان مُنهن ڌوئي ڇڏيو.
    بيضي جي اڇاڻ:نرڙ تي پوندڙ گهُنجن ۽ اڻ وڻندڙ لڪيرن جي لاءِ ”وِٽئمنس“سا ڀرپوربيضي جي اڇاڻ جواستعمال مڃيل نسخوآهي.بيضي جي اڇاڻ کي چڱي نموني ملايو۽ پوءِ نرڙ تي هڻي ڇڏيوخشڪ ٿيڻ کان پوءِ نيم گرم پاڻي سان مُنهن ڌوئي ڇڏيو.اِن ماسڪ جي وچ ۾ چهري کي گهڻي حرڪت ۾ نه آڻيو ٻي صورت ۾ گهُنج وڌيڪ پوندا.
    چهري جي تاثرات تي قابو:چهري جا تاثرات خراب ڪرڻ سان چهري تي گهُنج ۽ لڪيرون اچڻ شروع ٿينديون آهن.۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اِهي وڌيڪ گهريون ٿينديون آهن جيڪي پري کان ظاهر ٿينديون آهن.اِن ڪري بهتر اِهو آهي ته پنهنجي ڪاوڙ کي قابوءَ ۾ رکو.
    پاڻي تمام ضروري آهي جسم ۽ چهري لاءِ .وڌ کان وڌ پيئڻ گهُرجي..روزانو تقريبن 8 کان 10 گلاس ضرور پيو.اِن کان الاوا سائيون ڀاڄيون۽مڇي،کي پنهنجي روز مرهه جي زندگيءَ ۾ شامل رکو.توهان هميشه تازا ۽ مهڪندڙ نظر ايندا.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    تمام بهترين طريقي سان نرڙ تي گهنجن جو سبب ۽ انجي علاج جو طريقو ٻڌايو ويو آهي ۔
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    تمام ڀلو۔۔۔ سنڌياڻي سيڪشن ۾ صحت ۽ پنهنجي حفاظت بابت ليکڪن جي ڪافي کوٽ هئي۔۔ ڀرپور وضاحتن سان موڪليل ليک ڀلو لڳو۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو