سنڌ جا املهه هيرا : مير نادر علي ابڙو

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 جنوري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ٻٽيهون (32) ڪتابسنڌ جا املهه هيرا اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌ جي اهم شخصيتن تي لکيل ڪالمن يا تاثرات تي شامل آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ محترم مير نادر علي ابڙو صاحب جن آهن. پاڻ سنڌ جي علمي ۽ ادبي گهراڻي سان تعلق رکن ٿا.

    اسين ٿورائتا آهيون مير نادر علي ابڙو جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني. اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين ، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    __​
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماشاء الله تمام بهترين معلوماتي ڪتاب آهي سدا سلامت هجو۔ اهڙن ڪمن ۾ هميشه اڳڀرا هجو۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر م بهترين اضافو، مبارڪون سائين...
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    هن ڪتاب پڙهڻ جي خواهش هئي
    ڊائون لوڊ ڪيو اٿم،پڙهي راء ڏبي ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    روايتي ڪتاب،مختصر نظر وڌي۔ليکڪ جا ذاتي واسطا
    پوليس آفيسر طور،ڪجهه ماڻهن کي ڇڏي ڪري باقي
    سڀ روايتي ماڻهن تي روايتي ڪتاب لکيو ويو آهي،
    ٿي سگهي ٿو انهن مضمونن جي معرفت انهن ماڻهن جي
    خاندان سان وابسطه ماڻهو جيڪي سڀ سياسي آهن
    ليکڪ کي ڪجهه مراعتون نصيب ٿين؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    منهنجا ڪمينٽ اگر سنڌ سلامت جي پاليسي
    جي خلاف هجن ته مرڪزي ٽيم هٽائي سگهي
    ٿي۔۔۔۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين منهنجا توهان جا ڪمينٽ صحيح آهن سنڌ سلامت تي هر دوست کي پنهنجي را جي اظهار ڪرڻ جي اجازت آهي فقط اهڙن موضوعن کي هٽايو ويندو آهي جن ۾ زبان درست استعمال ٿيل نه هوندي آهي يا اهڙو موضوع جيڪو گهڻن دوستن جي دل آزاري جو سبب بنجي ورنه هر ڪو پنهنجي اندر جو آواز لکي سگهي ٿو۔ سدا سلامت هجو ۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو هي سسلو شروع ڪيو آهي ان جو تاج اسان جي دوست سليمان وساڻ صاحب جي مٿي تي آهي، هن ڪم جي ڪهڙي تعريف ڪجي، حقيقت ته هي آهي ته هن ڪاوش ۽ ڪيل ڪم لاء مون وٽ ته ڪي اهڙا موچارا الفاظ به ڪونهن۔ سندس هي ڪم اسان جي دوستن کي شايد زندگي ڀر ياد ياد رهي ( جن هن مان ٿورو گهڻو فائدو حاصل ڪيو هوندو )
    سنڌ سلامت جا ساٿيو هت ذڪر ڪيون ٿا سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي هن ڪتاب سنڌ جا املهه هيرا جو، جيڪو هڪ ان اديب جو لکيل آهي جيڪو روايتي اديب نه آهي ، نه ئي ڪنهن تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ اديب آهي پر هي اديب سنڌ جي اينٽي ڪرپشن جهڙي اهم کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي۔ ۽ انتهائي ايماندار شخص آهي، علم ادب سندس شوق آهي ۔سندس شخصيتن تي مضمون ۽ مقالا ته مان نيٽ تي پڙهندو رهندو هئس، مگر سندس مڪمل ڪتاب ڪو نه پڙهيو هو، ۽ هنن نيٽ جي مضمون ۽ هن ڪتاب کان پهرين مون ته سندس نالو به نه ٻڌو هو، ميرنادر علي ابڙو صاحب هڪ نيڪ دل ۽ غريبن جي مدد ڪندڙ شخص آهي، هت مان هڪ غريب نياڻي جي هڪ ڪهاڻي پيش ڪيان ٿو ،جيڪا سندس سچائي ايمانداري ۽ هڏ ڏوکي هجڻ جي گواهي ڏئي رهي آهي۔ الله ڪري اهڙا اديب ٻيا به پيدا عين، هت ته اهي اديب آهن جن ادارن جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجا اڪائونٽ ڀري ڇڏيا آهن۔

    هڪ ڪٿا هڪ حقيقت۔۔۔۔۔۔۔۔ زاهده تاج ابڙو
    اقرا جو خط منهنجو نالو اقرا آهي، مان هن وقت ٿرڊ ائير M.B.BS جي شاگردياڻي آهيان منهنجو والد هڪ غريب ملازم آهي ۽ مان ڄاڻان ٿي غربت ڇا هوندي آهي.مان ڪئين M.B.B.S تائين پهتس اهو هڪ معجزاتي داستان آهي،
    چوندا آهن ته جڏهن خدا ڪنهن جي مدد ڪندو آهي اهڙو ئي هڪڙو فرشته صفت انسان اسان جي زندگيءَ ۾ آيو. ان ڏينهن بابا مونکي چيو ته امڙ ٻن ماڻهن جي ماني تيار ڪري ڏي بنگلي تي صاحب نئون بدلي ٿي پهتو آهي ڇو بابا بنگلي تي بورچي ڪونهي ڇا؟
    مون بابا کان پڇيو هو، امان بورچي جي پيءَ جي وفات جي خبر آئي سو هُو موڪل تي آهي، پوءِ هوٽل تان صاحب جن ماني نه کاڌي؟ اسان غريبن جي رڌل ماني کائيندا؟
    ها! امان صاحب پاڻ چيو ته مان هوٽل جي ماني نه کائيندو آهيان گھرجي ماني کارايو.
    هي سن 2003ع جي ڳالهه آهي، جنهن بنگلي تي بابا هو اُتي مير نادر علي ابڙو بطور سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن ٿي آيو هو.آفيسر ايندا رهندا هئا اِها ڪا نئين ڳالهه نه هئي پر نئون آيل سرڪل آفيسر ٻين کان مختلف هو، مير نادر علي ابڙي جي بابا ڏاڍا تعريف ڪرڻ لڳو وقت گذرڻ سان گڏو گڏ بابا پنهنجي آيل آفيسر سان وڌيڪ ويجھو ٿيندو ويو.
    بابا ٻڌائيندو هو ته سائين ابڙو صاحب منهنجو آفيسر آهي پر منهنجي ڏاڍي عزت ڪندو آهي، هُو منهنجو رڳو نالو نه وٺندو آهي، پر عزت مان مونکي چاچا قربان علي چوندو آهي. بابا ٻڌايو ته سائين جن ڏاڍي ايماندار آفيسر آهن.کين پنهنجي ذاتي ڪار به نه آهي.
    سڀني آفيسر اچڻ شرط پنهنجي بنگلي تي A.c لڳرائيندا آهن. پر ابڙو صاحب هن ويل جي گرميءَ ۾ به بنا Ac جي بنگلي تي رهيل آهن.اسين غريب هئا سين بابا موکي چيو هو ته اٺين درجي پاس ڪرڻ کان پوءِ مون کي تعليم بند ڪرڻي پوندي ڇو ته بابا منهنجي تعليم جو خرچ برداشت ڪري نه ٿو سگھي، ان ڏينهن منهنجو اٺي ن درجي جو آخري پيپر هو مان سمجھان پئي ته هي منهنجو اسڪول جو آخري ڏينهن آهي ( ۽ منهنجو خواب ڊاڪٽر ٿيڻ هو ) ٻئي ڏينهن تي منهنجي خوشيءَ حيرت جي انتها نه رهي جڏهن بابا مونکي نائين درجي جو نئون ڪورس ۽ هڪڙو اجرڪ مون کي آڻي ڏنو.بابا وڌيڪ منهنجي پڇڻ تي ٻڌايو ته ڪالهه ابڙي صاحب کي ٻڌايو هيم ته نياڻي کي اٺ درجا پڙهائي اٿم تنهن تي ابڙي صاحب ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ چيائين ته نياڻي جي تعليم بند به ڪجاءِ ائين سمجھه ته تنهنجي نياڻي منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڀيڻ جي پڙهائي جو سڄو خرچ منهنجي ذمي آهي ڀيڻ رڳو محنت ڪري کيس ڊاڪٽر مان بڻائيندس.بابا جي واتان ابڙي صاحب جون اِهي ڳالهيون ٻڌي منهنجو اکيون آليون ٿي ويوادا نادر علي ابڙو مونکي هڪ شفيق وڏي ڀاءُ جي روپ ۾ مليو ان وقت منهنجي اندر مان ادا نادر لاءِ الائي ته ڪيتريون ئي دعائون نڪتيون هيون.ادا نادر انسان نه فرشتو آهي جنهن مون کي سڳين ڀينرن جيترو مان ڏنو، سندس طريقيڪار به نرالو هو.
    جڏهن به مان نائين ۽ ڏهين درجي ۾ سٺا نمبر کڻي پاس ٿيس ته بابا مون کي چيو ته تون پنهنجي ڀاءُ نادر ابڙي ڏي پاڻ مٺائي کڻي هل مان ۽ بابا مٺائي کڻي ادا نادر ڏي بنگلي تي پهتاسين ڀاءُ وڏي عزت سان آڌر ڀاءُ ڪيو مون پهريون ڀيرو ڪنهن پوليس آفيسر کي ايڏو کلڻو، نرم لهجي وارو ۽ با اخلاق ڏٺو هو.
    ادا نادر منهنجي امتحان ۾ ڪاميابي تي ڏاڍو خوش ٿيو. مون کي تحفي طور هڪڙو اجرڪ ۽ قرآن شريف جو تحفو ڏنائون ۽ چيائون ته! اقرا تون منهنجي ڀيڻ آهين، تون خوشيءَ سان پڙهه تنهنجي ڊاڪٽريءَ جو پو رو خرچ مان ڀريندس جسين تنهنجو هي ڀاءُ آهي تو کي ڪابه تڪليف نه ٿيندي.جڏهن ادا نادر منهنجي مٿي تي هٿُ رکي اهي لفظ چيا ان وقت مونکي محسوس ٿيون ته هڪ ڀاءُ جو پيار ڇا هوندو آهي.ادا نادر کاڌي پيتي ۽ ڪپڙي لٽي ۾ انتهائي سادگي پنسد آهن. مون هن کي هميشه سادگي ۾ ڏٺو وڏائي ۽ تڪبر ته سندن طبعيت جو حصو ئي نه هوُ ڪنهن طرح به پوليس آفيسر ڪونه لڳندا هئا، ٻه سال رهڻ بعد ادا نادر جي بدلي ڪراچي کان عمر ڪوٽ ٿيڻ جو آرڊر آيو، مان ۽ بابا بدلي جو ٻڌي سڪتي ۾ اچي وياسين جنهن ڏينهن ادا نادر ڪراچي مان وڃي رهيو هئو اسان سندن دعوت ڪئي سين پاڻ اسان جي غريباڻي گھر ۾ پير ڀري آيا. ماني کائي جڏهن وڃڻ لڳا ته بابا، ادا نادر جا هٿ چمندي کين دعا ڏيندي چيو، سائين اوهان جا احسان اسان کي ياد رهندا اسين غريب توهان ڪجھه ٻيو نه ٿا ڏئي سگھون سواءِ دعائن جي شال خدا توهان جي عزت ۽ حياتيءَ ۾ واڌارو آڻي.
    مون کين چيو ادا مون توهان جي مهربانيءَ سان ميٽرڪ پاس ڪئي آهي، خدا تواهان کي سدائين سکيو رکندو توهان به منهنجي مٿي تي هٿ رکي چيائون بس مونکي رڳو پنهنجي ڀيڻ جون دعائون گھرجن ۽ تون ميٽرڪ پاس ڪري گھر ۾ نه ويهندي.
    پر هڪ سٺي ڪامياب ڊاڪٽر ٿي تو کي هر مهيني خرچ ملندو رهندو.ادا نادر پنهجو وعدو سچ ڪري ڏيکاريو هو باقائدگي سان مونکي خرچ ڏيندا رهيا.اڄ ما ن M.B.B.S جي ٿرڊ ائير۾ پهتي آهيان، منهنجي رڳ رڳ مان ادا نادر لاءِ رڳو دعائون ٿيون نڪرن. اسان جي سماج جا جيڪڏهن سڀ پوليس آفيسر ادا جھڙا غريبن جا هڏ ڏوکي ٿي وڃن ته جيڪو ڪيترن غريبن جا ڏک درد دور ٿي وڃن. ادا هر سال منهنجي پاس ٿيڻ تي هڪڙو اجرڪ ۽ هڪڙو ڪتاب جو تحفو ضرور موڪليندا آهن.
    پوئين سال پنهنجو مختلف شخصيتن تي لکيل ڪتاب سنڌ جا املهه هيرا موڪليا پاڻ نه رڳو سٺا انسان ۽ فرض شناس پوليس آفيسر آهن پر سٺا لکيڪ پڻ آهن، مون سندن ڪيترائي ليک اخبار ۽ رسالن ۾ پڙهيا آهن.اڄ ادا نادر علي ابڙي جي 15 Mayتي سالگرهه آهي مان سندس هڪ غريب ڀيڻ آهيان کيس ڪو وڏو تحفو ته ڪو نه ٿي ڏئي سگھان پر انيڪ دعائن جو هڪ گلدستو ٺاهي کيس موڪلي رهي آهيان.شل خدا منهنجي ڀائڙي جي وڏي ڄمار ڪري کيس دنيا جون سڀ خوشيون ملن، جنهن ترقي عزت ۽ شهرت جي هو تمنا ڪري اهي سڀ خواهشون خدا بنا چئي سندس پوريون ڪري. آمين ثم آمين.
    اقرا جو لکيل هي خط مون کي منهنجي گھر جي ايڊريس تي مليو جهن ۾ اقرا درخواست ڪئي ته مان ان خط کي اخبار ۾ ڇپائي سندس خواهشه پوري ڪيان .مان اڄ اخبار ۾ هي خط ڇپائي اقرا جي ننڍڙي خواهش پوري ڪرڻ ٿي چاهيان مير نادر علي ابڙو جنهن جو سڳو ڀاءُ آهي.
    مان ساڻن هميشه ان ڳالهه تي بحث ڪندي هيس ته توهان جي پوليس جو کاتو ڪرپشن جو کاتو آهي، جنهن تي نادر هميشه مسڪرائي چوندو هو ته ائين نه آهي پوليس کاتي کان تون بيزار نه ٿيندي ڪر.
    اڄ اقرا جي خط منهنجون اکيون کولي ڇڏيون، فرض شناس ايماندار پوليس آفيسر جي ڀيڻ آهيان.ان کان وڌيڪ مونکي فخر آ پنهنجي والد محترم ڪامريڊ تاج محمد ابڙي تي جنهن اسان جي هميشه سادگي ۽ ايمانداري سان پرورش ڪئي. اڄ نادر جي سالگره جي ڏينهن تي دُعا اٿم ته شال خدا سندس زندگيءَ جو ڏينهن بهار مثل ڪري. نوٽ : اقرا جي اصرار تي سندس نالو،شهر جو نالو ۽ والد جو نالو مخفي
    رکيو اٿم، اقرا فرضي نالو آهي.۔۔۔۔۔کنيل خط ڊيلي سوڀ اخبار
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    لک ٿورا قيمتي ڪتاب لاء
     
  10. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    مير نادر علي جون يادگار تصويرون

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو