دل بي قابو هٿ ۾ قلم آسوچ تنهنجي ، تنهنجو ئي غم آ مان توکي پنهنجي جان سمجهانتون دور آهين اهو ڪهڙو ستم آ مون پنهنجي چپن تي تالا هڻي ڇڏياڇو ته هر حالت ۾ رکڻو تنهنجو ڀرم آ چُپ چُپ ۾ مون آ هڪ سهڻو گهر ٺاهيوڇو ته توکي پنهنجو ڪرڻ منهنجو عزم آ شاعر ... محمد جان زريناڻي
چُپ چُپ ۾ مون آ هڪ سهڻو گهر ٺاهيو ڇو ته توکي پنهنجو ڪرڻ منهنجو عزم آ واهه واهه ۔۔۔ سهڻا خيال، اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار
مان جو بره جي بلا مان بچي نڪتو هانموت جي منهن مان سچي نڪتو هانعشق جي اڳ خبر نه هوئي مونکيهاڻ محبت جي رنگ سان رچي نڪتو هانڪون آهيان ڪچو گهڙو ڪير ٿو چئيبره جي بٺي مان بيشڪ پچي نڪتو هانڪک & ڪنڊا راه وفا مان صفا ٿي وڃوعشق جي باه مان مست ٿي مچي نڪتو هانعشق وارن جي ڏٺم الڳ دنيا وڃيشريفن جي محلي مان نچي نڪتو هانکلي ملي ڏيو مبارک محمد جان ٿو اچينيٺ محبوبن جي ملڪ ۾ اچي نڪتو هان شاعر ... محمد جان زريناڻي
ڇا جانان توکي خبر آتوسان پيار منهنجو مگر آ سونهن تنهنجي روز سڏيگرم گرم جزبو گڏيآ من منهنجي تڏيڇڏيان توکي قرب ۾ اڏيتنهنجو چهرو چٽو قمر آڇا جانان توکي خبر آ
ڇا جانان توکي خبر آتوسان پيار منهنجو مگر آ محمد جان کي مرڪڻ وڻيتنهنجا ڪهڙا ڪهڙا قرب ڳڻيتوسا اٿس محبت مڻياُن لاءِ ٿو سور ساري کڻيڇا جانان توکي خبر آ
هيٺ پاڻي مٿي وڻڪار ، وِچ ۾ ٿڌي ڇانءِپاسي ۾ پيار ڏسي ٺري تماچي جو هانءِمن پوي ڀاڪر ڀان ءِ ته ڪينجهر تان قربان ٿيان وِچ ۾ ٿڌي ڇانءَ مٿي وڻڪار هيٺ پاڻيتماچي خان تر جو نوري منڌ مهاڻيٿيو جو ستار ساڻي ته ڪينجهر ۾ قرب ٿيو شاعر ... محمد جان زريناڻي
عيدون اُهي ڪن جن جا گڏ هجن ياراسان کان ٿيا اصلنئون سڄڻ سڀ ڌارپوءِ ويس وڳا ڪنهن لئه ڪيون تعام تيار جي پهچان پرين پار ته آنءُ پڻ عيدون ڪيان محمد جان زريناڻي
مِل معشوقان مسلت ڪيتي ڄُل اپڻي اپڻي ڍول مارونءُجيڙهي آزاريل عاشق هِن سي ساري سرِعام کول مارونءُجيڪي چارئي پهر چڪر ڪٽيندي سي راڻي رول مارونءُآکيوني ايوين پئي محمد جان جيهي دنيا وچون ڳول مارونءُ
هي سٽون يقينن اوهان جون آهن پر خيال ڪنهن مها شاعر جا آهن،۔۔۔ مِل معشوقان مسلت ڪيتي ڄُل اپڻي اپڻي ڍول مارونءُ
جيڙهي آزاريل عاشق هِن سي ساري سرِعام کول مارونءُ ڀرا اهي جيڪي مٿين لفظ لکيل هن انهان وچ لفظ جيڙهي آسين۔۔۔ يا۔۔۔جهڙي آسين۔۔۔ٿورڙي وضاحت ته ڪرو۔۔
هيٺ پاڻي مٿي وڻڪار ، وِچ ۾ ٿڌي ڇانءِ پاسي ۾ پيار ڏسي ٺري تماچي جو هانءِ من پوي ڀاڪر ڀان ءِ ته ڪينجهر تان قربان ٿيان تمام سهڻي شاعري ۔۔۔۔ خوب وڻي
ياد آهين جانان وساري نه سگهيمتنهنجي تڪ تيزنگاهن ۾ نهاري نه سگهيم هر چال ۾ سئو ڪمال منهنجو جيئڻ مٺڙي محالتنهنجي تصوير ڪيو فقير پرين پاڻ اُتاري نه سگهيم سندي ڇير سمجهي ڪير پاتل پاپي پيرمٺو آواز نئون ناز ڪا گهڙي گهاري نه سگهيم نڪ ۾ ڪوڪو شهر ۾ هوڪو بچو هوندو ڪوڪوجنهن تي ديد سو مريد سئو ٽلن سان ٽاري نه سگهيم تون جند تون جان منهنجو من منهنجو تن تنهنجو مهمانهيڪر سڏ ڪر گڏ هڪ گهڙي ڌار گزاري نه سگهيم
سائين معاف ڪجو هرو ڀرو شاعري کي ايترو به ٽوڙي ۽ مروڙي پيش نه ڪيو۔ اسان ڪي شاعري جا ڄاڻو ته ڪون آهيون پر ايترو ضرور ڄاڻون ٿا ته اوهان، سنڌ جي هڙني شاعرن جي شاعري جا ، هٿ ، پير، ٻانهون گڏ ڪري پنهنجي شاعري جوڙي رهيا آهيو،، مڃون ٿا ته اوهان جي اها ڪوشش سٺي ڳالهه آهي پر مهرباني ڪري ٿورو وزن پيدا ڪيو پنهنجي تخليق ۾ ته مزو اچي وڃي۔
مهرباني ادا ، اوهان جون سهڻيون صلاحون اسان کي ضرور هڪ ڏينهن ڪامياب ڪنديون ، توهان جي مشوري تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين
ڪير چوي ٿو عشق وارن کي نِنڊ بي ايندي آعاشقن جي جهان ۾ ڏينهن نڪو رات ٿيندي آ دل ۾ هڪڙو درد ٻيو مِٺو مِٺو سرور هوندو آاِها بيماري ماس کايئندي آ رت پيئندي آ پيار جي پياس اُن سان گڏ حُسن جو احساسعِشق جي لِباس ۾ لاش لپٽجي ويندي آ هڪ واس بدن جي ٻي تاس هئي لبن جيخشبو خشبو ٿي واءُ ۾ وِکرجي ويندي آ شاعر .. محمد جان زريناڻي