مختلف قومن جا عورت بابت تصورات

'سنڌياڻي' فورم ۾ سيد اياز علي شاه طرفان آندل موضوعَ ‏12 جولائي 2013۔

  1. سيد اياز علي شاه

    سيد اياز علي شاه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جولائي 2013
    تحريرون:
    49
    ورتل پسنديدگيون:
    192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ ملازم
    ماڳ:
    نوشهرو فيروز
    جيڪا قوم جيتري پست ۽ جاهل هوندي آهي، ان قوم ۾ عورت جي حيثيت انتهائي گھٽيا هوندي آهي. ۽ جيڪا قوم جيتري بلند خيال ۽ تعليم يافته هوندي آهي، ان قوم ۾ عورت جي حيثيت ۽ رتبا اوترا بلند هوندا آهن. اهي ٻئي حقيقتون لازم- ملزوم آهن. هي هڪ اهڙو اصول آهي جنهن جو اسين روزانو مشاهدو ڪندا رهون ٿا. تاريخ پڻ ان اصول جي تائيد ڪري ٿي. جديد تحقيقات ثابت ڪيو آهي ته آڳاٽي دؤر ۾، جڏهن ماڻهن پاڻ ۾ رَلي ملي رهڻ شروع ڪيو ته انهن وٽ عورت جي حيثيت، ڪنهن به لحاظ کان هڪ غلام کان گھٽ نه هئي. يونان ۽ روم جو دستور هيو ته شاديءَ کان پهريان ڇوڪري، پنهنجي پيءُ جي حڪمرانيءَ هيٺ رهندي هئي. شاديءَ کان پوءِ، مڙس ان جو مالڪ بڻبو هيو. جيڪڏهن مڙس مري ويندو هيو ته وڏو پٽ پنهنجي ماءُ تي حڪمران بڻجي ويندو هيو. ان زماني ۾ ڪٽنب جو جيڪو سربراهه هوندو هيو، ان کي پنهنجين عورتن تي مالڪاڻا حق حاصل هوندا هيا. اهو انهن کي وڪڻي سگھندو هيو، ڪنهن ٻئي کي گفٽ ڪري سگھندو هيو. جيڪڏهن چاهي ته ان کي مورڳو ماري ختم به ڪري سگھندو هيو. هڪ سربراهه جي مرڻ کان پوءِ عورتون، ان سربراهه جي وارث مرد کي ورثي ۾ ملنديون هيون ۽ اهو به انهن تي ساڳيءَ طرح مالڪاڻا حق رکندو هيو. عربن ۾ پڻ اهو رواج هيو ته پيءُ نياڻيءَ کي قتل ڪري سگھڻ جو مجاز هيو. مردن کي اها به اجازت هئي ته هو جيتريون عورتون، کين وڻن، اوتريون بغير ڪنهن قانون جي پابنديءَ جي پاڻ وٽ رکي سگھندا هيا، انهن کي پنهنجي مرضيءَ سان استعمال ڪري سگھندا هيا. افريقه ۽ امريڪه جي پراڻن وحشي قبيلن ۾ ته اڃا سوڌو عورت سان اهو سلوڪ هلندو اچي. ايشيا جي به ڪن قومن جو اڃا اهو ئي خيال آهي ته: ”موت کان پوءِ عورت جو روح به فنا ٿيو وڃي“. انهن جو اهو به عقيدو آهي ته: ”جيڪڏهن ڪنهن عورت جو مڙس مري وڃي، ڀلي اها پوءِ ڦوهه جوانيءَ ۾ ئي ڇو نه هجي، ان کي زنده رهڻ جو ڪوئي حق ڪونهي“! اهڙين قومن وٽ اڃا سوڌو اهو رواج به هلندو اچي ته هو پنهنجن مهمانن کي، مهمانيءَ ۾ ٻين شين سان گڏ پنهنجون عورتون به پيش ڪندا آهن.
    اهي ڳالهيون انهن معاشرن ۾ هونديون آهن جن جو بنياد، ڪنهن نظام جي بجاءِ خاندانن ۽ قبيلن جي تعلقات تي بيٺل هوندو آهي. اهڙن معاشرن ۾ نظام ۽ قانون جي جاءِ تي طاقت کي تسليم ڪيو ويندو آهي. طاقت ئي قانون هوندي آهي. موجوده دؤر ۾ به انهن ملڪن جي اهڙي حالت آهي جتي ماڻهن جي مٿان ڏاڍ جي حڪومت آهي، جتي قانون جي بجاءِ طاقت جو سِڪو رائج آهي. ان جي برعڪس، اهي ملڪ، جيڪي تهذيب ۽ ترقيءَ ڏانهن وڌي رهيا آهن. اتي اسين ڏسؤن ٿا ته اتان جون عورتون پستين مان نڪري بلندين ڏانهن وڌي رهيون آهن. اتي مردن ۽ عورتن ۾ جيڪي وٿيون هيون. اهي گھٽبيون پيون وڃن.

    نوٽ: (هي حصو ڪتاب جي ليکڪ جي ملڪيت آهي)
     
    شازيه، منصور سرور، سليمان وساڻ ۽ 6 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسان پنهنجي خراب ۽ بيهوده قبائلي رسمن اڳيان مجبور ڇو آهيون ؟
    ڪالھ اٺ ( 8) مارچ جو ڏينهن هيو ، ان ڏينهن کي عورتن جي حوالي سان عالمي ڏينهن طور ملهايو ويو ۽ ڪٿي نه ڪٿي اڄ به ان حوالي سان تقريبون ٿي رهيون آهن . هڪ سنڌي عورت ڪيتري قدر مجبور ۽ سماجي رسمن ۾ قيد آهي . اچو ته ان حوالي سان پنهنجي ڪٿان ٻڌايان .
    اڄ هڪڙي اهڙي نوجوان ( 20 سالن جي ) ڇوڪري  جي قسمت جو فيصلو ٿي رهيو آهي .جنهن جي اٽڪل 16 يا 17 سالن جي عمر ۾شادي ڪرائي ويئي ، ان شخص سان جيڪو اڳيئي پنهنجي مائٽن مان مڱيل هو . ڇوڪري جي پي ما شادي  جا هيٺيان شرط ڇوڪري (گهوٽ ) سان زباني ڪلامي طئ ڪيا هئا . اها شادي ڏي وٺ جي بنياد ن تي طئ ٿي ۽ بدلي ۾ گهوٽ پنهنجي ڀيڻ جو رشتو ڪنوار جي ڀا کي ڏيندو ، جن جي شادي اڃا ڪا نه ٿي آهي . اها بعد م ٿيندي .
    ( 1 ) پهرين منڱيل ڇوڪري سان شادي نه ڪندين .
    ( 2 ) جيڪڏهين ڪنهن مجبوري جي ڪري پهرين مڱ سان ٻي شادي ڪندين ته پهرين زال کي پنج لک رپيا روڪ ادا ڪندي ۽ پنج جريب زمين جا لکي ڏيندين . شرط ۽ نڪاح نامو سڀ جا سڀ زباني ڪلامي ڪيا وا ۽ ڪا به لکيت ڪا نه ڪئي ويئي . شادي  کان پو ڇوڪري کي ٻه ٻار ڄاوا آهن ، هڪڙي ٻار (ڇوڪري ) جي عمر اٽڪل 3 سال ۽ ڇوڪري (مذڪر) جي عمر هڪ سال هوندي . س اٽڪل 6 مهينا کن اڳ گهوٽ پنهنجي مائٽن مان منڱيل ڇوڪري سان شادي ڪئي ۽ پهريون شرط ٽوڙيو . ته گهر ۾ فساد شروع ٿيو ته ٻئي شرطن تي عمل ڪيو وڃي . قصو ڪوتاه ، گهوٽ سڳوري ٻئي شرط تي عمل ڪرڻ کان بچڻ جي لا پنهن جي اڳيئين ( پهرين ) گهر واري کي ڪارنهن جو الزام هڻي ٻنهي ٻارن سميت گهران ڪڍي ڇڏيو . سسب اهو ٻڌايو ته مون کي ڪنهن ٻڌايو ته تنهن جي گهر واري فلاڻي ( ڇوڪري جيو ويجهو عزيز ) ماڻهو سان فون تي ڳالهايو .
    ٻيئي ننڍا ٻار ما کان ڦري پي حوالي ڪيا ويا آهن . عورت کي پنج لک رپين ۽ پنجن جريبن زمين جي بدلي ڪارنهن جو الزام مليو آهي . ڪاري ڪيل بيگناه ڇوڪري تي ڏنڊ رکڻ جي لا اڄ قبائلي جرگو ٿيندو . ان کان پو بدلي ۾ ڏنل ڇوڪري جي شادي ،ڪاري ڪيل عورت جي ڀا سان ڪرائي ويندي . نئين شادي ٿيل ڇوڪري کي ٻن ٻارن ڄمڻ کان پو ساڳيئي طريقي سان ڪارو ڪري بدلو ورتو ويندو . ان کي به گهران ڪڍيو ويندو ۽ ان کان به ٻارڙا ڦريا ويندا .س پر مون جهڙا ڪيترائي پڙهيل لکيل ۽ قانون جا رکوالا وات پٽيون ۽ اکيون ڦاڙيون ڏسندا رهنداسين . ڇاڪاڻ ته موجوده رياستي قانون قبائلي قانونن اڳيان مجبور آهن ۽ غلط رسمن جي ڪري قبائلي ويڙهاند کي روڪي نه ٿا سگهن س
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. جاويد ڀٽي سکر

    جاويد ڀٽي سکر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 جولائي 2015
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    88
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اياز علي شاهه جي عورت بابت هي لکڻي هاڻ مون پڙهي آهي ان جي آخر ۾ لکيل آهي ته هي لائينون ڪنهن ڪتاب جون آهن اهو ڪتاب ڪنهن جو آهي ان جو آٿر ڪهڙو آهي ان جو موضوع ڪهڙو آهي ان جو مقصد ڪهڙو آهي ڇو جو هن صفحي ۾ ڪيل ڳالهيون ته سالن کان اسان جي ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن ۾ پڙهيون وينديون آهن. ان ۾ عورت جي حوالي سان ڪا نئين ڳالهه ناهي جنهن تي ڪو بحث ڪري سگهجي ان ڪري اهڙي تحرير ڏيکاريو جيڪا اميزنگ هجي باقي پراڻين ڳالهين تي بحث اجايو آهي. هاڻ اصل حقيقت هي آهي ته پٿر واري زماني کانپوءِ مرد غلام ۽ عورت ان جي حڪمران هوندي هئي، اسلام کان اڳ واري دور ۾ عورتون مردن کي جانورن جيان ڪلن ۾ ٻڌي ڇڏينديون هيون، انهن کي مقرر وقت تي کوليو ويندو هو صبح جو سوير زمين ۾ کيڙي وقت مردن کي ڏاندن جي جاءِ تي هر ۾ ٻڌو ويندو هو ۽ جڏهن سيڪس جو مرحلو ايندو هو ته رات جي اونداهي ۾ مردن کي ڪمري ۾ بند ڪيو ويندو هو. ان ۾ ڪٿي به سماج جي ڪا جهلڪ نظر نه ايندي هئي ۽ جڏهن وري دنيا ۾ ٻيون طاقتور قونون نروار ٿيون ته انهن سان جنگ به عورتون ڪنديون هيون زماني جي گذرڻ سان گڏ ڪيترن ملڪن تي ڪجهه مرد حڪمرانن قبضا ڪيا، پر پوءِ به اهي عورتون انهن جي ڪنٽرول ۾ نه آيون پوءِ مردن پنهنجي ذهانت مان فائدو حاصل ڪندي عورتن جي خانداني ۽ سماجي ورهاست واري مسئلي جو ڄار وڇايو ته ان ۾ عورت اڪيلي ٿي پوءِ انهن مردن کي برابري جو حق ڏنو جنهن کانپوءِ ڪيترائي زمانا گذرايا ته وري مردن پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪئي ان کانپوءِ اسلام جي اچڻ کانپوءِ عورتن ۽ مردن جي باري ۾ اسلامي قانون لاڳو ڪيو ويو ان ۾ درجا بندي ڪئي وئي عورتن کي برابري جي بنياد تي حق ڏئي ان ۾ مرد جي اجاره داري قائم ڪئي وئي جيڪا اڄ تائين قائم آهي:
    جيڪڏهن ان بحث کي اوڳتي وڌائڻ چاهيو ٿا ته ان ميٽر جو جواب ڏيو باقي تاريخ پوءِ ٻڌائيندس: جاويد ڀٽي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نديم بهراڻي

    نديم بهراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسين پيا وارا ڪري پيار ڄاڻون
    ماڳ:
    جيڪب آباد
    سائين اياز علي شاه جي خدمت ۾ عرض آهي ته جيڪب آباد ضلعي ۾ هڪ هفتي ۾ 10 ڪيس ڪارو ڪاري جا رپورٽ ٿيا آهن ۽ 5 انساني حياتيون ضائع ٿيون آهن...انهي ڪارو ڪاري جي موصوع تي به ضرور لکو.
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    سائين عورت جي حقن جي ڳالھ اھي مرد سوشل مڊيا تي گھڻي ڪندا آھن جيڪي پاڻ عورت جا سمورا حق کائيو ويٺا آھن.
     
  6. شازيه

    شازيه
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 آگسٽ 2022
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ✌️
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو