"انا الحق خدا جو خط

'مختلف موضوع' فورم ۾ چاچو چڀڙ خان طرفان آندل موضوعَ ‏27 جولائي 2013۔

  1. چاچو چڀڙ خان

    چاچو چڀڙ خان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 مئي 2013
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    195
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Sindhri
    "انا الحق خدا جو خط منصور اڄ آئون تو کي فيس بوڪ ذريعي خط لکڻ جي جسارت ڪري رهيو آهيان مگر مون کي منهنجي ڇهين حس خبردار ڪري رهي آهي ته ماڻهو مون کي هن شڪايت جي ڏوهه ۾ وڌيڪ ايذاءُ رسائيندا. مڃان ٿو ته منهنجو ڪو به وجود نه هوانسانن ئي مون کي تخليق ڪيوجنهن جو آئون ڪڏهن به ٿورو لاهي نٿو سگھان پر انسانن مون کي جيڪي ايذاءُ ڏنا اهي ڪنهن کان به ڳجها ناهن. اهي انسان جيڪي پنهنجي پيدا ڪيل اولاد کي انتهائي ناز ۽ لاڏ ڪوڏ سان نپائيندا آهن ۽ مٿس گهور پيا ويندا آهن پر مون سان الئه ڪهڙو پلاند رهيل هو ايڏا ايذاءَ ڏنائون جو تو سان ڪهڙي ڳالهه ڪريان؟ اهو ڪهڙو ظلم آهي جنهن جو آئون شڪار نه ٿيو هجان؟ الزام، بهتان بازيون ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته مون کي ڪوڙ جي ڪوٽ ۾ قيد ڪيو ويو. هر چڱي ۽ بري ڪم جي شروعات مون کي ئي ٿئي ٿي ۽ هر ڏوهه به مون کي ڏنو وڃي ٿو. زنا کان وٺي انسانن جي قتل عام تائين هر الزام آخرڪار مون تي ڌريو وڃي ٿو آخر آئون حضرت انسان جي الزامن جو ڀاري ٻوجھه ڪيترو وقت کڻندو رهندس؟؟؟ ڇا آئون انسانن هٿان سرزد ٿيل هر ڏوهه جو ماسٽر مائينڊ آئون آهيان؟؟؟؟ ڇا هر انسان توڙي ساهواري کي آئون ئي ماريندو آهيان؟؟؟ ڪنهن ٺوڳي هٿان ٺڳجندڙ ماڻهو به ٺڳي جو الزام ان بدران مون تي هڻي ٿو ته منهنجي ان ۾ رضا هئي....... مون لاءِ چيو وڃي ٿو ته آئون هر هنڌ هڪيو حاضر آهيان . منصور ڇا آئون ڪلوز سرڪٽ ڪئميرا آهيان؟ حقيقت ته اها آهي ته هي ڪائنات جنهن جو ڪو به پار ناهي ان لاءِ آئون ته ڄامڙو آهيان ۽ منهنجو ڪو به شمار ناهي. ڪنهن ظالم جي اڻکٽ بربريت بابت به مون کي مجرم قرار ڏئي چيو وڃي ٿو ته مون ئي کيس ڊگھي رسي ڏني آهي ۽ ”قيامت“ ۾ ان کان پائي پائي جو حساب ڪتاب وٺي پوءِ دش خش ٿي ويندس .... منصور ڇا آئون تو کي ايڪسائيز جو ڪو انسپيڪٽر لڳان ٿو؟؟؟؟ معشوق سان ملڻ لاءِ عاشق سدائين آهون ڀريندا آهن ته خدا ڪو وصل جو موقعو ڏيندو . منصور تو کي اهو سٺو ٿو لڳي ته ماڻهو مون کي ايئن گاريون ڏيندا رهن!!!! چور پڻ چوري تي اسهڻ کان اڳ منهنجو نالو کڻدو آهي هاڻ تون ئي ٻڌاءِ پيارا منصور ته ان جو ڪو ساٿاري آهيان يا پاٿاريدار ؟؟؟؟ حڪمران هر فرمان (جيڪو دراصل ستم هوندو آهي) منهنجي نالي تي ڪري ظلم و جور جي بازار گرم ڪندا آهن. هر بري ماڻهو جي بري عمل کي نندڻ بجاءِ ماڻهو منهنجي کاتي ۾ وجھي ڇڏيندا آهن ته کين مون ئي اها ساڃاهه ڏني هئي..... حد ٿي وئي آهي. مون کي ماڻهن ناڪامي ۽ نامرادي جي نشانِي بڻائي ڇڏيو آهي هر ناڪامي جو ڪارڻ آئون آهيان ، منصور ڇا آئون اهو الزام پاڻ تي ڇو کڻي رهيو آهيان؟؟؟ ڇا مون کي ڪنهن جي ناڪامي خاص ڪري حق جي ناڪامي جو ڪارڻ آخر ڇو ٿو چيو وڃي؟؟؟؟ منصور آئون چُور چُور آهيان مون تي جيڪڏهن الزامن جا ڏنڀ ڏسين ته تون پنهنجو گهاڻي ۾ پيڙهيل جسم منهنجي اڳيان تمام توانو محسوس ڪرين. منصور ڪن ماڻهن لاءِ ماضي مثال هوندو آهي ته ڪي وري حال تي حاوي هوندا آهن ته وري ڪي مستقبل ۾ اکيون وجهي ويٺا هوندا آهن پر آئون جڏهن ماضي ۽ حال جي ڀيٽ ڪريان ٿو ته فيض چواڻي ”نه پنهنجا ڏينهن بدليا ۽ نه وري راتيون“ باقي مستقبل ۾ اها اميد ضرور آهي ته انسان مون کي هميشه لاءِ آزاد ڪري ڇڏيندو ۽ مون تي ڪو به ڏوهه نه ڏيندو. منصور تو سان ڪهڙا سور سلي ڪهڙا سليان؟؟؟؟ ان هاري جي جيڪو پنهنجي ٻنيءَ کي هر ڏئي منهنجي حوالي ڪري ٿو وڃي ڇا آئون جبري طور غلام بڻايل چوڪيدار آهيان؟؟؟ مزدور جيڪو پاڻ تي استحصال ڪندڙ پاڻ جهڙي انسان کي پهچي نٿو سگهي پر اهو پلاند ۽ داد جي اميد مون کان رکي ٿو . ڇا تون مون مان اهڙي همت جي توقع رکين ٿو منصور؟؟؟ ٻيو ته ٺهيو پر پينو فقير مون سان ڏاڍي ڪندا پيا اچن اهي ڀتو منهنجي نالي تي وٺن ٿا. منصور هاڻ تون ئي ٻڌاءِ ته آئون سنڌ جو ڪو قومپرست ليڊر آهيان؟؟؟؟؟؟ جڏهن معصوم پکيئڙا ۽ گگدام جانور منهنجي پچار نٿا ڪن ته پوءِ انسانن جو آخر مون ڇا ته بگاڙيو آهي؟؟؟ آخر ڪيترا اقبال مون سان بيواجبي تي ٻڌل شڪوه ڪندا رهندا؟؟؟؟ مون کي انهن ڪامريڊن کان به وڏي شڪايت آهي ته اهي پاڻ کي مظلومن جو هڏ ڏوکي سمجهن ٿا پر مون جهڙي انتهائي پيڙهيل ڪردار کي هر وقت گاريون ڏئي پوءِ ئي انقلاب جون ڳالهيون ڪندا آهن !!! منصور انهن کي منهنجي مظلوميت جو احساس ڪڏهن ٿيندو؟؟؟ امير ماڻهو پنهنجي ظلم و ستم مان حاصل ڪيل بلڪه ڦٻايل ملڪيت کي منهنجي عنايت سمجهندا آهن. منصور آئون ڦورو ته ناهيان جو اهي مون تي اهڙو .سنگين الزام هڻن ٿا مون کي تون هاڻ ٻڌاءِ منصور !!! ته ڇا آئون ڪڏهن غريبن جو پگهر ۽ رت ولوڙي ۽ انهن جا احساس نپوڙي سندن خوشين کي غمن ۾ تبديل ڪري، انهن مظلومن جي خواهشن کي چيڀاٽي ، انهن جي هنر ۽ حاصلاتن کي محرومين ۾ تبديل ڪري انهن جي معصوم خوابن کي ناڪامين جي نراسي بخشي پورهئي جي عظمت کي ذلالت ۾ تبديل ڪرڻ جو مرتڪب ٿي سگهان ٿو؟؟؟؟؟؟؟؟ ڇا آئون محنت ڪش مسڪينن جي معصوم ٻچڙن کي بکن ۾ پاهه ڪري اميرن لاءِ عياشي جو سامان مهيا ڪرڻ جهڙو قبيح ڪم ڪري سگهان ٿو ؟؟؟؟؟؟؟؟؟ ڪڏهن به نه منصور .... منصور ڇا تون انهن ماڻهن بابت ڇا چوندين جيڪي ظلم و ستم جا ساٿاري بڻجي تنهنجا ۽ منهنجا وارث بڻيو ويٺا آهن..... منصور ڇا تون منهنجي ازل کان جاري بيوسي ۽ مظلوميت کي واکون وارا ڳوڙها سمجهي ان کي وحشت جي جيئري جاڳندي تصوير سڏيندين؟؟؟؟ منصور مون کي انهن دهرين کان به شڪايت آهي جيڪي ظالم انسان کي ته نٿا پهچي سگهن پر مون مسڪين کي هر وقت گاريون ڏيندا رهن ٿا. منصور تنهنجو چوڻ آهي ته اميدان جا ڪرڻا نه بي رنگ آهن . آئون به نااميد ۽ مايوس ناهيان پر مون کي بيوفاين جي جهولن جهوري وڌو آهي. انسان منهنجي باري ۾ صرف هڪ ڳالهه سچي ڪن ٿا ته هر نئون ڄاول ٻار منهنجو مظهر هوندو آهي. اها ڳالهه صحيح آهي ڇاڪاڻ ته هو منهنجي هستي کان لاعلم ۽ بي تعلق هوندو آهي ۽ آئون ان مان اها ئي اميد رکندو آهيان ته هميشه جيان ايئن ئي رهندو پر هو جڏهن ”عقل ۽ فهم“ جي منزل تي رسي ٿو ته مون سان بيوفائي ڪري ٿو ۽ مون تي منهنجي نالي سان ئي ظلم جو هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ڪري ٿو. بيوفائي ته منصور مون سان تنهنجا ڀاءُ به ڪن ٿا جيڪي سڄي عمر تنهنجي سنت تي هلي آخرڪار انسانن جي صف ۾ شامل ٿي وڃن ٿا. منصور آئون تو کي اڄ جي مزيدار ڳالهه ٻڌايان ته مون سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ هڪ سٻاجهڙي سنڌي کي پاڙيسريءَ جي ڪنڌيءِ تي ڳچي ڊگهي ڪري پرائين ماين ڏانهن تڪيندي ڏٺو، پڇيومانس ته ڀائو اهو ڇا ڪري رهيو آهين؟ وراڻيائين ادا ديدار بازي ڪري پنهنجي رب کي راضي پيو ڪريان. منصور ڇا آئون اهڙين حرڪتن سان راضي ٿيندو آهيان؟؟؟؟؟ هر ڀڃندڙ ڀُرندڙ شيءَ جي تباهي جو مون کي ذميوار سڏيو ويندو آهي ته هاڻ ان جو خدا ئي حافظ آهي. ڇا آئون تباهي جي علامت آهيان؟؟؟؟؟؟ مون لاءِ چيو وڃي ٿو ته آئون ”انڌي جي لٺ“ آهيان. لٺ ته هزار ڀيرا بهتر آهي جيڪا ڪنهن کي ڀلي دڳ نه ئي لائي پر کڏن کوٻن کان ضرور بچائي ٿي پر حقيقت ائين ناهي حقيقت ۾ آئون انڌو آهيان ۽ انسان اڪيچار لٺون آهن ۽ مون غريب تي بي گناهه واڄٽ پيا وسن. آئون احسان فراموش به ته ناهيان. تنهنجو احسان وساريان سو ناممڪن آهي سائين !!! منصور تو سان گڏوگڏ ڪبير، ادا ڊارون، ماما مارڪس ۽ خاص طور تي ڀيڻ سائنس جو احسان ڪيئن ٿو ڀلائي سگهان؟؟؟ سڌارٿ درويش جو ته احسان ڀلائڻ منهنجي وس ۾ به ناهي جنهن هزارين سال اڳ حضرت انسان کي چيو هو ته ڏکن جو ڪارڻ خدا نه پر انساني خواهشون ئي آهن ۽ مون کي بچائيندي ان صاف چيو هو ته منهنجو ڪو به وجود ئي ناهي تڏهن مون کي لڳي رهيو هو ته گوتم انسانن جي نرواڻ سان گڏ مون کي به مڪتي ڏيندو پر حضرت انسان وري برهمڻ جو روپ ڌاري ويچاري گوتم کي برصغير مان ئي نيڪالي ڏئي ڇڏي هاڻ هو ڏور اوڀر ۾ شانت آهي. سقراط جهڙن هزارين حڪيمن منهنجي ڦٽن تي پها رکيا آهن آئون ان جهڙن انسانن جو بيحد مشڪور آهيان. آئون ته فرعون جو به ممنون ۽ مشڪور آهيان جنهن مون سان ڏکن ۾ ڀائيواري ڪئي پر حضرت انسان ان کي به هلڻ ناهي ڏنو. مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا ٻانڀڻن،ملن بيحد ڀلايا اوڏا ڪين آيا عقل وارا عشق سين. (سچل سرمست) منصور !!! آخر مذهبن لاءِ آئون غريب ڇو لازم ۽ ملزوم ٿي ويو آهيان؟؟؟ ڇو ؟؟؟ ٻڌاءِ ته ڇو؟؟ هر مذهب مون کي غلام بڻائي ويٺو آهي۽ مون کي مذهبي قيد خانن ۾ بري طرح بيگناهه قيد ڪيو ويو آهي جتي منهنجو ساهه ٻوساٽجڻ لڳي ٿو. ويدڪ برهمڻ پنڊت چون ٿا ته آئون آريائي نسل مان آهيان ۽ منهنجو ڪم دراوڙن کي نيست ۽ نابود ڪرڻ آهي. اهي چون ٿا ته مون برهمڻن کي پنهنجي مُک يعني منهن مان پيدا ڪيو آهي۽ کشترين کي ٻانهن مان ، وئيشن کي پيٽ مان جڏهن ته غريب دراوڙ منهنجي پيرن مان پيدا ٿي سماج ۾ هميشه لاءِ ناپاڪ قرار ڏنا ويا آهن. منصور !! تون ته حق جو نعرو هڻدڙ آهين ، هاڻي تون ئي ٻڌاءِ ته ڇا آئون ليبارٽرين مان ڪلوننگ ذريعي پيدا ٿيل ڪا آسٽريلوي رِڍ آهيان ؟؟؟ جو انسانن کي ائين پيدا ڪندس ؟؟؟ ڇا آئون ڌرتي ڌڻين يعني دراوڙن کي نسلي بياد تي برباد ڪرڻ جي کين کلي طرح ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي ؟؟؟؟ نه منصور نه ... ايئن ناهي. مون نه ڪنهن سان لڪي ڳالهيو ڪيون آهن ۽ نه ئي ڪنهن کي جادوگري مشڪري مدارين وارا کيل سيکاريا آهن منصور !! نه ئي آئون ڪنهن ڪنواري حوا جي ڌيءِ جي پيٽ مان پيدا ٿيندڙ ٻارن جو پيءُ ٿي سگهان ٿو. آخر انسان پنهنجو گند مون تي ڇو ٿو اڇلائي؟؟؟؟ امن ۽ سلامتي لاءِ انسانن جا ڪنڌ ڪپڻ جا آرڊر آئون ته نٿو ڏيان پوءِ اهي ڪم منهنجي نالي سان ڇو ٿا ڪيا وڃن؟؟؟؟ آئون پاڻ مظلوم آهيان ۽ مون کي ٻاڀڻن ، مُلن ۽ پادرين جي ڀوائتين شڪلين کان بيحد خوف ٿئي ٿو منصور !!! حوا جي ڌيئرن تي ظلم جا ڪوٽ ڪيرائڻ انسان جو ئي ڪم آهي منهنجو انهن نياڻين ۾ ڪهڙو مفاد آهي؟؟؟؟ جو کين غلام بڻائي رکان. منصور آخري ڳالهه ته مون کي هروڀرو مرد شائونزم جو نشان ڇو ٿو سمجهيو وڃي؟؟؟؟ منهنجي نالي نازل ٿيل هڙئي پيامبر ۽ اوتار مرد ڇو آهن؟؟؟ ڇا عورت ذات کي مون ئي محروم رکيو آهي؟؟؟؟؟؟؟ اڄ آئون حضرت انسان وٽ رحم جي جهولي جهلي بيٺو آهيان ۽ بس اهو ئي چوڻ چاهيان ٿو ته ظلم ۽ جبر جي به ڪا حد هوندي آهي پر منهنجي ڏکن جو ڪو ڪنارو ڇو ناهي؟؟؟؟؟ انسان ئي هن ڌرتي تي بار آهن ۽ مون تي هرو ڀرو الزامن جا انبار هنيا ٿا وڃن. اي حضرت انسان ! تو کي منصور معرفت ڪهڙي ميار ڏيان؟؟؟؟؟ جو خود قاتل هين اور خود روتي هين، ايسي بهي کهين دمساز هوئ ايسي جلاد بهي هوتي هين ................................................................................... لامڪان مان صرف تنهنجو خدا منصور"
     
  2. گلزار احمد

    گلزار احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    313
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ماڳ:
    رحيم يار خان
    لا هول
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو