شيخ اياز جا خط (محمد ابراهيم جويي ڏانهن لکيل

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏2 مارچ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    شيخ اياز جا خط (محمد ابراهيم جويي ڏانهن لکيل)​


    [​IMG]



    محمد ابراهيم جويي ۽ شيخ اياز جي پاڻ ۾ فڪري هم آهنگي ۽ ادبي لاڳاپن کان سنڌ جا سمورا علمي حلقا واقف آهن، سندن ادبي ناتو ساٺيڪو کن سالن جي طويل عرصي تائين ڦهليل آهي، اياز جي هنن خطن جي ان ڪري به وڏي اهميت آهي جو جويو صاحب انهن ڳاڻ ڳڻين شخصيتن مان هڪ آهي، جنهن اياز جو شروع کان وٺي ۽ مسلسل هڪ خاص قسم جو ادبي ۽ فڪري واسطو رهيو.
    1

    ڪئينس روڊ، سکر

    13 فيبروري 1953ع

    پيارا ابراهيم،

    ڪجهه ڏينهن اڳي سکر ۾ چند ادبي دوست مليا ۽ طئي ڪيو ويو ته ڪوئي ادبي رسالو ڪڍجي. ايتري وقت جي خاموشيءَ کانپوءِ، جو به رسالو ڪڍيو وڃي، سو سنڌي ادب ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي، ورنه اسان کي ايتريءَ خاموشيءَ جو ڪوئي عذر نه ملندو. نه رڳو فضا جو جمود ٽوڙيو وڃي، پر ايتري هام هڻي سگهجي ته اسان جي ڪاوش سبب سنڌي ادب اڳي کان ترقي ڪئي آهي. ليڪن ايترو بار فقط پنهنجن ڪلهن تي کڻڻ لاءِ نه مان همت ٿو رکان ۽ نه فرصت اٿم. پر جي توهان جهڙا مخلص دوست ۽ ذهني اديب مون سان شامل ٿيا، ته پوءِ آسانيءَ سان منزل مقصود تائين پهچي سگهبو. مون کي اميد آهي ته اوهان پنهنجا بهترين مضمون، جيترا به ٿي سگهن، موڪلي ڏيندا، ته جيئن رسالي جو پهريون پرچو، جو تقريبن ٻه سئو صفحا ٿيندو، مارچ جي پوئين هفتي ڌاري ڪڍي سگهجي.

    اوهان ۽ ٻين دوستن لاءِ نهايت خلوص ۽ سلام

    اوهان جو پنهنجو،

    اياز

    2

    ادا ابراهيم،

    مان پنهنجي شعر جو ڪتاب مرتب ڪري رهيو آهيان ۽ اميد ته اهو مهيني کن ۾ تيار ٿي ويندو. مجموعي ۾ غزل، گيت، ڪافيون، بيت ۽ نظم معريٰ آهن. ڪتاب جو نالو ڪوئي سـُجهي اچئي ته لکي موڪل. افسانن جو مجموعو به ترتيب ڏيئي رهيو آهيان. ان جو نالو آهي ”پنهل کان پوءِ“ ، جو شاهه جي سٽ ”پنهل کانپوءِ، ڏينديس باهه ڀنڀور کي“ مان ورتل آهي. تو هن مهل تائين سنڌ جي شعر و ادب جي تاريخ متعلق ڪي ڪتاب ڪٺا ڪيا آهن يا نه؟ جي ها ته، آهستي موڪليندو وڃ. هتي مولائي شيدائي به مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. مولائيءَ شڪايت ٿي ڪئي ته اوهان ڪتاب ڏاڍيءَ دير سان ڇپايو. جي ائين آهي، ته پوءِ مان پنهنجو ڪتاب پاڻ ڇپايان. منهنجو اردو نظمن جو ڪتاب هن وقت ڪاتب جي هٿن ۾ آهي. منهنجو خيال آهي ته ان تي آئل ڪلاٿ يا چمڙي جو ڪوئي نهايت خوبصورت جلد ڏياريان. مهرباني ڪري تون اتي جاچ ڪر ته اهڙو جلد ڪٿي تيار ٿي سگهندو ۽ اندازن ڪيترو خرچ ايندو. ڪتاب جو نالو آهي ”بوئي گل نالئه دل.“ مهرباني ڪري ريهئبليٽيشن اپيل متعلق ريهئبليٽيشن ڪمشنر جي آفيس مان جاچ ڪندا ته ڇا ٿيو؟ پارٽين جا نالا آهن.

    Shaikh Ayaz…. Applicant

    Vs.

    Ayub Qureshi…. Opponent/Respondent

    پنهنجي ماحول ۽ روحاني ۽ ذهني ڪشمڪش متعلق ٻئي خط ۾ لکندو مانءِ، هتي ”سچل ڊي“ ملهايو هيوسين، جنهن جي مون صدارت ڪئي هئي. نهايت ڪامياب ويو. اميد ته تنهنجا ٻارڙا خوش هوندا، اميد ته عديم الفرصتيءَ جي باوجود جلدي جواب ڏيندين.

    تنهنجو پنهنجو

    اياز

    3

    ادا ابراهيم،

    تنهنجو خط مليو. پر هن مهل تائين نه تو جلد جا ڪري موڪليا. تو سان انهيءَ ڏينهن جي ڳالهيون ٿيون، انهن تي مان ته ڳنڍ کڻي ٻڌي آهي. ٿوري وقت ۾ پنهنجي نظم ۽ نثر جي انتخاب جو هڪ ضخيم ڪتاب توکي ڏئي سگهندس ۽ جي تو واعدي ڪيل ڪتاب موڪليا، ته پوءِ سنڌ جي ادبي تاريخ به ضرور لکندس، منهنجو اردو ڪتاب (بوئي گل، نالئه دل) پريس تائين پهچي چڪو آهي ۽ ٻن ٽن ڏينهن ۾ ملي ويندو. پيرزادو عمر هتي پهچي چڪو آهي ۽ مان هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته هو پاڻ کي هتي غير نه سمجهي ۽ ڪم ۾ دلچسپي وٺي پنهنجو مستقبل بڻائي سگهي. سئو کن شاهه جي اسٽائيل ۾ جديد موضوعات تي بيت لکيا اٿم، جي ڏسندين ته ڪافي پسند ايندءِ. توکان موڪلائڻ کانپوءِ 3 کن غزل ۽ نظم به لکيا اٿم، جن ۾ سنڌي ادب جي روايات کي مدنظر رکي، ڪافي ۽ غزل کي نهايت قريب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. مثلن:

    قيد هستيءَ کي ڪيئن ڊاهيان مان،

    مارئيءَ جي پڪار آهيان مان.

    يا

    ڪنهن سان ته اوريان ڪنهين سان ته اوريان،

    رموز حقيقت مگر هوريان هوريان.

    ڏيان آگ گرنار کي گاهي گاهي،

    وري سر وڍايان وري چنگ چوريان.

    خبر نه آهي ته اها جدت توکي پسند آهي يا نه. وڪالت چڱي پيئي هلي. ٻارڙا انيس، ياسمين ۽ روحي خوش آهن. اميد ته تون، تنهنجي اهليه ۽ ٻار خوش هوندا.

    هميشه وانگر تنهنجو مخلص

    ڪئينس روڊ، سکر

    23 سيپٽمبر 1954ع

    ادا ابراهيم

    تنهنجو خط هاڻي مليو. اميد ته توکي منهنجو خط ۽ اردوءَ جو مجموعه ڪلام ”بوي گل نالئه دل“ ۽ سنڌي ڪهاڻين جو ڪتاب ”پنهل کانپوءِ“ مليو هوندو. اڳئين خط ۾ مون ڄاڻي واڻي توکي پيرزاده عمر لاءِ نه لکيو، ڇو ته گذشته را صلوات! گذريل ميارن ۽ ارمانن مان ڪجهه به حاصل نه ٿو ٿئي، پر هاڻي تنهنجو خط پڙهي مون کي وضاحت لاءِ ڪجهه لکڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. ادا سائينءَ انهن ٻن مهينن ۾، جي هي شخص مون سان رهيو آهي، منهنجي گهڙي گهڙي ويل ۾ گذري آهي. مون کيس وعدي مطابق ٻه سئو رپيا مهينو ۽ رهائش جو بندوبست ڪري ڏنو، ان هوندي به هي اصيلن کان پئسا وٺي کائي وڃي. هر اصيل کي منهنجي خلاف بدظن ڪري ۽ انهن کي چئي ته، ”مان پنهنجي آفيس ٿو کوليان.“ دوستن ۽ غيرن جي منهن تي مون کي ڇڙٻون ڏئي، هر وقت اهي جملا What are you up to? ۽ What do you mean! سندس زبان تي هجن. آفيس ۾ اصيلن جي روبرو بيئر جون بوتلون نون دوستن سان کولي وهي. منشين، نوڪرن ۽ اصيلن کي هر سنهيءَ ٿلهيءَ ڳالهه تي دٻائي. بار بار مون کي چوي ته، ”تو ساري عمر اجائي وڃائي آهي، ۽ شعر و ادب سان لڳاءُ کان وڌيڪ ڪائي حماقت نه ٿي سگهندي آهي.“ مطلب ته مان هن جي نظر ۾ هڪ پورو احمق هوس، جنهن کي اتفاقن زندگيءَ ۾ ٿوري اهميت ملي ويئي هئي. بار بار مون کي چوي ته، ”مان ڪنهن ماڻهوءَ کي دوست نه سمجهندو آهيان ۽ تنهنجا منهنجا تعلقات بزنس تائين محدود آهن.“ ۽ ان کانپوءِ به ڪڏهن به هن ڏهه منٽ سانده ڪنهن ڪيس جو مطالعو نه ڪيو، تون ايترو ويچار ڪر ته هن مون کي ايترو ته ڪڪ ڪيو هو، جو مون بي مروتيءَ جي حد تائين وڃي کيس چيو ته، ”اڄ رات تائين سامان کڻي وڃ!“ ايڪانامڪس ۾ آنرز سو هي ٿيو آهي، باقي ٻين لاءِ مصيبت ڪئي اٿائين. هر ننڍريءَ ڳالهه کي ڇڪي تاڻي بحث ۾ ڦيرائي، ايڪانامڪس تي ليڪچر شروع ڪندو هو ۽ چاهي منهنجا اٺ ڏهه دوست اڳيئي ويٺا هجن ۽ جن جي انهيءَ بحث سان دلچسپي نه هجي، هي انهن کي ڳالهائڻ اصل نه ڏيندو پر پنهنجيءَ ڌن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ هڪ لنبي چوڙي اڌ سنڌي اڌ انگريزيءَ ۾ تقرير ٺڪاوَ ڪرائيندو. بار بار منهنجي سمجهائڻ کانپوءِ ته منهنجي انهن بحثن ۾ دلچسپي نه رهي آهي، هو مون کي آفيس ۾ 15 منٽ سانده ڪم ڪرڻ نه ڏيندو، ۽ ساڳيءَ طرح ڪنهن نه ڪنهن بحث کي ڇيڙيندو. مطلب ته نهايت بيزار ٿي مون کيس چيو ته هو پنهنجو ٻيو بندوبست ڪري. هن جو ڪم هو ته ان کانپوءِ منهنجي معاملات سان زياده دست اندازي نه ڪري ها، پر رهيو پيو هجي ها، جيستائين سندس ٻيو ڪوئي بندوبست ٿئي ها. پر ان کانپوءِ به هن ماڻهن کان منهنجا پئسا ورتا ۽ ڪوئي حساب نه ڏنو ۽ ساڳيءَ رکائيءَ ۽ غصي سان هلندو رهيو، مجبور ٿي، مون کيس اها چٺي لکي. ممڪن آهي ته مان سندس قدر نه ڪرڻ ۾ غلط هجان، پر ڳالهيون منهنجي برداشت جي حد کان ٻاهر هيون، ان ڪري کين جلدي ختم ڪيو ويو.

    اوهان جو اياز

    5

    سکر

    1954-10-05

    ادا ابراهيم،

    اميد ته اوهان کي منهنجو خط ۽ مني آرڊر پهتو هوندو، مهرباني ڪري ڪپڙو جلدي وٺي موڪليندا، جو ڪتاب جو سارو ڪم انهيءَ ڪري رڪيل آهي.

    زياده سلام

    اوهان جو

    اياز


    نوٽ​

    رازانه ڪاوش جي ٿورن سان ڪاوش اخبار تان کنيل
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: شيخ اياز جا خط (محمد ابراهيم جويي ڏانهن لکيل

    ٿوري دير پهريان جويي صاحب جي زباني اياز لا جيڪو ڪجه ٻڌو سين سي ڳالهيون جويي صاحب پهريان ڪڏهن نه ڪيون هيونshal judy hujeen
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو