حميد سنڌي : بهترين ڪهاڻيڪار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 آڪٽوبر 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌي شاعري جي وڏي نانءُ نارائڻ شيام جي شهر نوشهري فيروز ۾ 12 آڪٽوبر 1939 تي سنڌي ڪهاڻي جي هڪ وڏي نانءُ سائين حميد سنڌي جنم ورتو. ماحول جو اثر هر ماڻهو تي پوي ٿو جنهن کي به ڏات ورثي ۾ ملي ٿي اهو پنهنجي ڏانءُ آهر ان ڏات جا رنگ وکيرڻ لاءِ پنهنجي اظهار جي واٽ ڳولي لهي ٿو. اڄ آءُ جنم ڏينهن جي مبارڪ طور ٻه لفظ جنهن عالم، فاضل، اديب لاءِ لکڻ جي جسارت ڪري رهيو آهيان اهو سنڌي ادب جي افق تي چمڪندڙ هڪ روشن چنڊ وانگر آهي. مان اهو به ڄاڻا ٿو ته منهنجا هي ٻه اکر سج کي ڏيئي ڏيکارڻ وانگر هوندا پر هن جي ٻاجهه ڀري شفيق طبيعت ۽ محبت ڀريي مزاج دل هٿان مجبور ڪري وڌو آهي ته هن سهڻي سائين تي ٻه اکر لکي يوسف جي خريدارن ۾ پنهنجو نالو ڳڻايان. سندس سالگره جي ڏينهن تي خوشي به محسوس ڪري رهيو آهيان ته حميد سنڌي جهڙي شخص تي لکي رهيو آهيان، مونکي سائين حميد سنڌي سدائين ڳڻن ۽ خوبين جو گلدستو ئي لڳو آهي. سدائين سندس صبح جهڙي اُجري مُک تي معصوم ٻار جهڙي مرڪ ۾ سنڌي ڪهاڻي جو روشن مستقبل جهلڪا پيو ڏيندو آهي، سائين حميد سنڌي جي اها خوشبختي آهي جو سندس والد سيٺ محمد اسماعيل ميمڻ فارسي (جيڪا اُن وقت اظهار جي وڏي زبان هئي ۽ مشهور هوندو هيو ته فارسي گهوڙي چاڙهسي) جو ماهر ۽ علم ادب جو پارکو هيو، تنهنڪري کيس ننڍ پڻ کان ئي ڪتابن جي گلابن جو هُڳاءُ نصيب ٿيو. پڙهڻ لکڻ جي ان پرورشي پيار کيس علم ادب ڏانهن لاڙڻ ۾ اهم قردار ادا ڪيو. سندس زندگي هڪ اهڙي انڊلٺ آهي جنهن جا سڀ ئي رنگ نه رڳو منفرد پر خوبصورت به آهن. سڀني رنگن ۾ هڪ ڪهاڻيڪار وارو رنگ گهرو ۽ نمايان ضرور آهي. سو به ان ڪري جو سائين هن ديس ۽ ديس جي مٽي سان Committed ڪهاڻيڪار آهي. پر سائين جي گلدستي جهڙي شخصيت جا ٻيا گُل به ڏاڍا وڻندڙ ۽ سڀاويڪ آهن.

    سندس لکيل پهرين ڪهاڻي (ڪارو رت) ٽه ماهي مهراڻ ۾ ڇپي ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ سندس پهريون ڪهاڻي جو ڪتاب (سيمي) 1958 ۾ زندگي پبليڪيشن طرفان ڇپيو، ائين سنڌ جي اهم ڪهاڻيڪارن جي لسٽ ۾ سندس نانءُ جرڪڻ لڳو. سندس ڪهاڻيون اسان جي ارد گرد جي ماحول جون عڪاس آهن، سندس ڪهاڻين جا ڪردار هن سماج جا جيئرا جاڳندا قردار آهن، سندس ڪهاڻين جي خوبي اها به آهي ته هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ نه رڳو پنهنجي محاورن، اصطلاح ۽ لوڪ چوڻين (Folkwisdom) کي آندو آهي پر پنهنجا ٺيٺ سنڌي لفظ جيڪي هروڀرو عام استعمال نه ٿيڻ ڪري ميسار جي يا وسارجي وڃن ها تن لفظن کي ڄاڻي واڻي پنهنجي ڪهاڻين ۾ آڻي سنڌي ٻولي کي محفوظ ڪرڻ جي هڪ شعوري ڪوشش به ڪئي آهي، سندس ڪهاڻين ۾ سنڌ جي ثقافت، تهذيب، تاريخ سمايل آهي سنڌ جي سونهن ۽ سڳنڌ سندس ڪهاڻين ۾ نمايان نظر ايندي آهي، سندس اوجاڳن جي ثمر ۽ هن روشني جي سفر جي هڪ جهلڪ هئين به ڏسي سگهو ٿا
    01. سيمي.
    02. اداس واديون
    03. راڻا جي رجپوت
    04. ويريون.
    05. جاڳ به تنهنجي جيءُ سان
    06. درد وندي جو ديس
    07. سو مون سڀ ڄمار،
    (سوکي ڌرتي) جي نالي سان سندس ڪهاڻين جو تر جمو پڻ هڪ ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهي،

    سندس ترجمو ڪيل جاپاني ڪهاڻين جو ڳٽڪو (سوني زنجير) پڻ ڇپيل آهي. سچل سرمست جي فن ۽ فڪر تي سندس مقالن جو مجموعو (آري اچين شال) به ڇپيل آهي ان کان علاوه ڪيترائي مضمون، تاثر، ڪالم ۽ايڊيٽوريل نوٽ سندس تخيليقي پورهئي جو ڦل آهي. دعا آهي ته سندس قلم جو عَلم سدائين بلند رهي.

    خليل عارف سومري جو عوامي آواز ۾ لکيل ليک

    حميد سنڌي 3 جنوري 2020ع تي لاڏاڻو ڪري ويو آھي.


     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    حميد سنڌي: ناميارو اديب ۽ پروفيسر

    پرويز علي ڪليار

    سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب ۽ ڪهاڻيڪار، حميد سنڌيءَ جو تعلق ضلعي نوشهروفيروز سان آهي. حميد سنڌيءَ جو پورو نالو؛ عبدالحميد ميمڻ آهي. پاڻ 12 آڪٽوبر 1939ع ۾ نوشهروفيروز ۾ اسماعيل ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. حميد سنڌي تعليم ۾ بي اي ايڪنامڪس (اسپيشل سبجڪيٽ ايگريڪلچر ايڪنامڪس)، ايم اي ايڪنامڪس، ايل ايل بي، هائر ايجوڪيشن ايڊمنسٽريشن مانچسٽر يونيورسٽي (يو ڪي) مان ڪئي. پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس جي وائيس چانسلر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون. اهڙيءَ طرح مختلف ادارن ۾، سربراهه طور خدمتون سرانجام ڏيڻ سان گڏ، هن وقت پبلڪ اسڪول لطيف آباد ۾ چيئرمين جي حيثيت سان خدمتون ڏيئي رهيو آهي.
    حميد سنڌي، جتي عملي طور خدمتون سرانجام ڏنيون آهن اتي ادب جي ميدان ۾ به پاڻ ملهايو اٿائين. معاشري جي مسئلن کي، ڪهاڻيءَ جو روپ ڏئي، عڪس بندي ڪئي اٿس. حميد سنڌيءَ کي ادب جي ميدان ۾ تمام گهڻو شوق جاڳيو ۽ پاڻ روح رهاڻ رسالو شروع ڪيائين. جيڪو وچ ۾ ڪيترو عرصو بند رھيو پر وري چالو ٿيو ۽ اڄ به نڪري رهيو آهي. حميد سنڌي، ادب جي واڌ ويجهه لاءِ، روح رهاڻ جي پليٽ فارم تان، هفتي وار ادبي گڏجاڻي ڪرائي رهيو آهي. انهن گڏجاڻين ۾، اديب پنهنجون لکڻيون هر هفتي پيش ڪندا آهن. حميد سنڌي 28 مئي 1998ع تي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ چيئرمين جي حيثيت سان خدمت ڪئي. سندس ڪتابن جو تعداد يارنهن آهي،جيڪي شايع ٿيل آهن. انهن ڪتابن ۾ سُر ليلا چنيسر، سُر گهاتو، سُر ڪاموڏ، سر ماروي، سُر ڪاپائتي، سُر بلاول، سُر رام ڪلي، سُر ڪوهياري، سُر ڪارائل، سُر ڀيروي، سُر سارنگ شامل آهن. سندس اهي ڪتاب، سنڌ جي عظيم شاعر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سُرن تي لکيل آهن.
    حميد سنڌيءَ هڪ ڪتاب اردوءَ ۾ ”سوکھي ڌرتي“ جي نالي سان لکيو آهي. جيڪو چونڊ جاپاني فوڪ ادب تي مشتمل آهي.
    حميد سنڌي ڀارت جي شهر دهليءَ ۾، وائيس چانسلرن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. اهڙيءَ طرح حميد سنڌي ايران ۽ يو ڪي ۾ به شرڪت ڪري چڪو آهي.
    حميد سنڌيءَ کي مڃتا طور 23 مارچ 1990ع ۾ حڪومت پاڪستان، تمغه امتياز سان نوازيو ويو.
    حميد سنڌيءَ کي 28 آگسٽ 1993ع ۾، اعزاز فضيلت جو ايوارڊ پڻ حڪومت پاڪستان طرفان ڏنو ويو.
    حميد سنڌي اڄ به علم ادب جي ميدان ۾ ڀرپور نموني سان ڪم ڪري رهيو آهي.
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مان

    سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، ڪهاڻيڪار حميد سنڌيءَ جو پورو نالو عبدالحميد ولد محمد اسماعيل ميمڻ آهي. هن 12 آڪٽوبر 1939ع تي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. پرائمري توڙي سيڪنڊري تعليم نوشهري فيروز مان حاصل ڪيائين. گريجوئيشن ڪرڻ بعد هن ’زرعي اقتصاديات‘ جي مضمون ۾ ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي ڪئي. 61- 1960ع ڌاري وليج ايڊ کاتي ۾ پبلسٽي آفيسر مقرر ٿيو، جنهن بعد مختلف ڪوآپريٽوِ توڙي ڪمرشل بئنڪن ۾ 1966ع تائين آفيسر ۽ مئنيجر طور ڪم ڪيائين. 1966ع کان 1970ع واري عرصي ۾ وڪالت ڪيائين. بعد ۾ هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ امتحاني ڪنٽرولر، رجسٽرار
    ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر (سنڌالاجي) طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ڪجهه عرصو تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز، پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي پرنسپال طور ذميواريون سنڀاليائين. ملازمت دوران علمي ادبي ڪم به جاري رکندو آيو ۽ ڪهاڻين لکڻ سان گڏ پنهنجي قائم ڪيل ’بزم روح رهاڻ‘ جي پليٽ فارم تان ادبي گڏجاڻيون، مشاعرا وغيره منعقد ڪندو رهيو. ادبي مخزن ’روح رهاڻ‘ جاري ڪيائين، ان سان گڏ ’مارئي‘ ۽ ’لطيف ڊائجسٽ‘ جو ايڊيٽر ۽ ’نئين زندگي‘ مخزن جو صلاحڪار به رهيو آهي. سندس انتظامي تجربي کي آڏو رکندي حڪومت کيس سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام۽ پوءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو. انهيءَ پد تي 1995ع تائين رهيو. 1996ع ۾ ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم؛ 1997ع کان 1998ع تائين سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو چيئرمئن ۽ 1997ع کان 1998ع تائين سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمئن رهيو.
    حميد سنڌي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ، مالياتي ڪميٽي ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو ميمبر به رهيو. تعليمي بورڊ سکر؛ حيدرآباد؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري؛ پبلڪ اسڪول سکر؛ فيڊرل سوشل ايڪشن پروگرام اسلام آباد؛ سنڌ ڪائونسل آف اسڪائوٽس وغيره جي انتظامي بورڊن جو ميمبر ۽ سچل اڪيڊمي خيرپور جو چيئرمئن به رهيو آهي.
    حميد سنڌيءَ کي علمي ادبي خدمتن عيوض ڪيترا ايوارڊ/ اعزاز به مليا جن ۾: ڪهاڻين جي مجموعي ’ويرون‘ تي پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، پاڪستان رائيٽرس گلڊ ۽ سنڌالاجي ڄامشوري طرفان اوارڊ (1981ع)، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران ’شاهه عبداللطيف ايوارڊ‘؛ نئشنل بوڪ فائونڊيشن طرفان ڪتاب ’راڻا جي رجپوت‘ تي ايوارڊ (1995ع)، پاڪستان سرڪار طرفان 23 مارچ 1990ع تي ’تمغه امتياز‘ ايوارڊ، ۽ 28 آگسٽ 1993ع تي صدارتي ’اعزاز فضيلت‘ شامل آهن.

    پاڻ هن وقت ثقافت کاتي حڪومت سنڌ جي اينڊاومينٽ فنڊ جا ميمبر آهن.

    حميد سنڌيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾:

    (1) سيمي (ڪهاڻين جو مجموعو)، (2) اداس واديون (ڪهاڻيون: ٻه ڇاپا)، (3) ويريون (ڪهاڻيون: ٽي ڇاپا)، (4) راڻا جي رجپوت (ڪهاڻيون: ٻه ڇاپا)، (5) جاڳ به تنهنجي جيءَ سان (ڪهاڻيون)، (6) سوني زنجير (جاپاني لوڪ ڪهاڻين جو ترجمو)، (7) سوکي ڌرتي (اردوءَ ۾ ڪهاڻيون)، (8) آري اچين شال (سچل سرمست تي تحقيقي مقالا، ترتيب)، (9) مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون (ترتيب) (10) درد ونديءَ جو ديس (11) ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون شامل آهن. ان کانسواءِ هر سال شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ مختلف سُرن تي پيش ٿيل تحقيقي مقالن جو مرتب رهيو آهي، انهيءَ سلسلي ۾: (1) سر ليلا چنيــسـر، (2) سـر گهاتـو، (3) سـر ڪـاموڏ، (4) سر مارئي، (5) سر ڪاپائتي، (6) سر بلاول، (7) سر رامڪلي، (8) سر کاهوڙي، (9) سر ڪارايل، (10) سر بروو، (11) سر سارنگ وغيره ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهن.

    حميد سنڌي ڪجهه عرصو پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي بورڊ آف گورنرس جو چيئرمئن به رهيو. ’روح رهاڻ‘ مخزن جاري ڪرڻ کان سواءِ ’بزم روح رهاڻ‘ جون محفلون منعقد ڪندو رهي ٿو. هيءُ هن وقت قاسم آباد، حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.

    [انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا- سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد جي ٿورن سان]
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ناميارو ڪھاڻيڪار ۽ شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسلر حميد سنڌي لاڏاڻو ڪري ويو آھي.

    انا للہ و انا اليہ راجعون

    حميد سنڌيءَ جي شخصيت سان منھنجون اڻ وسرندڙ يادون لاڳاپيل آھن. مونکي ياد آھي تہ مان شاھ لطيف يونيورسٽيءَ ۾ ريگيولر بي ايس سي (اسٽيٽسٽڪس) ڪندي سوچيو تہ ڇو نہ ايم بي اي MBA ۾ داخلا وٺان ڇو تہ انھن ڏينھن ۾ MBA وارن جي وڏي کپت ھئي. فارم ڀرجڻ کانپوءِ مان يونيورسٽي ھر ھفتي چڪر ھڻندو ھوس تہ متان ٽيسٽ جي تاريخ گذري نہ وڃي، انھن ڏينھن ۾ موبائل فون ڪونہ ھيو ۽ ڳوٺ ۾ بہ فون جي سھوليت نہ ھئي. ٽيسٽ جي تاريخ کانپوءِ مان تياري ڪئي. پر ٽيسٽ واري ڏھاڙي کان ٽي چار ڏينھن اڳ مونکي سخت بخار ۽ مٿي ۾ سور ٿي پيو ۽ الٽيون اچڻ لڳيون. ساڳي وقت منھنجي پريشاني بہ وڌڻ لڳي. مان اھڙي حالت ۾ بہ اپٽيٽيوڊ ٽيسٽ ڏيڻ ويس جنھن ۾ سوين شاگرد شامل ٿيا. مون دل ۾ سوچيو تہ ھيڏي بخار ۾ الائي ڪيئن ٽيسٽ ڪئي اٿم جو ھوش ئي نہ ھيو ۽ اميد لاھي ويٺم تہ ھيترن شاگردن ۾ مان بيماري دوران ٽيسٽ ڏيندي متان ناڪام ٿي وڃان. ڳوٺ واپسيءَ ۾ طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ سبب سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ھليو آيس، ڪراچيءَ ۾ مختلف ٽيسٽون ٿيون ۽ علاج ھليو.
    ان دوران پويان ٽيسٽ جا نتيجا آيا ۽ نوٽيس بورڊ تي ڪامياب شاگردن جي لسٽ لڳائي وئي انھن کي فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ ڏني وئي. فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ گذري وئي ۽ مونکي خبر ئي نہ پئي. ھڪ رات اسان جي دوست سراج الدين ميمڻ کي سندس ڀاءُ منور فون ڪئي تہ سليمان وساڻ ڪمال ڪري ڇڏيو جو ٽيسٽ جي نتيجن ۾ پھريون نمبر آيو . سراج صاحب چس تہ ھو تہ علاج لاءِ ھتي ڪراچي آيل آھي. ان تي منور چيس تہ اڄ تہ فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ھئي. انھن ڏينھن ۾ MBA سيلف فناسنگ تحت ٿيندي ھئي ۽ ڳري فيس جمع ڪرائڻي پوندي ھئي. سراج سڌو اسان وٽ آيو ۽ اچي سڄو احوال ڏنائين. مان وڌيڪ مايوس ٿيس ڇو تہ ھڪ تہ فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ گذري چُڪي ھئي ۽ ٻيو تہ ان وقت ايترو جلدي فيس جا پئسا گڏ ڪرڻ پڻ مشڪل ھيو. پر دوستن بشمول سراج ميمڻ ۽ ماما تاج محمد وساڻ ٻئي ڏينھن فيس جا پئسا ڪٺي ڪري ڏنا ۽ مان رات جو ئي خيرپور لاءِ روانو ٿيس.
    صبح جو خيرپور پھچي تيار ٿي يونيورسٽي آيس ۽ بزنس ايڊمنسٽريشن سيڪشن جي اڪائونٽ وارن کي ايلاز ڪيم تہ فيس جمع ڪرائڻ لاءِ ووچر جاري ڪن، پر ھنن انڪار ڪري ڇڏيو، ڇو تہ تاريخ گذري وڃڻ سبب ھنن ويٽنگ لسٽ لڳائي ٻيل شاگردن کي فيس جمع ڪرائڻ جو چئي ڇڏيو ھو. مان پريشان حال ٿي اسان جي مرحوم دوست ضمير حسين وساڻ جي آفيس ويس تہ مدد ڪري. ھو انھن ڏينھن ۾ سوئي گيس آفيس خيرپور ۾ آفيسر مقرر ھيو. ھو مونسان گڏ بزنس ايڊمنسٽريش جي چيئرمين شاھ محمد لھراڻي صاحب سان ملڻ لاءِ پنج ھٽي خيرپور ۾ سندس گهر تي ھليو. مان کيس بيماري جو ٻڌايو ۽ اسپتالن جا بل پڻ ڏيکاريا. لھراڻي صاحب سخت ايڊمنسٽريٽر ھيو جنھن بعد ۾ اسان جي وڏي تربيت ڪئي پر ان وقت اسان کي ٻاھران ئي واپس ڪري ڇڏيو ۽ مونکي ڇنڊ بہ پٽيائين تہ تون ھڪ ڪيئرليس قسم جو شاگرد آھين جنھن کي ذميواري جو احساس ئي ناھي تہ پروفيشنل ڊگرين ۾ ڪا ڪوتاھي ناھي ڪبي. ھن چيو تہ مقرر سيٽون ڀرجي ويون آھن ڇو تہ ھو اڳ ئي ويٽنگ لسٽ وارن کي ووچر جاري ڪري چُڪا آھن. ھاڻي مايوس ٿي واپس موٽيس ۽ ڳوٺ وڃڻ لاءِ بس اسٽاپ تي بيٺس. سامھون پي سي او تي نظر پئي تہ مقرر رقم ڀري ڪراچي ماما تاج محمد کي حال احوال ڏنم. جنھن چيو تہ ھڪ دفعو وساڻ ھائوس خيرپور وڃي رحيم بخش وساڻ صاحب سان ملان. محترم رحيم بخش وساڻ ھڪ درياء دل ۽ وڏو ماڻھو ھو، جنھن جي يار ويسي ڪيترن ئي بالا آفيسرن ۽ سياسي ماڻھن سان ھوندي ھئي. مونکي ھوشيار ھجڻ ڪري ڀائيندو ھيو. سڌو وڃي ساڻس مليس ۽ کيس سڄو حوال ڪيم. وساڻ صاحب ان وقت ئي وائيس چانسلر حميد سنڌي صاحب سان ڳالھايو جنھن کيس مونکي ساڻس ملڻ لاءِ چيو. وساڻ صاحب ڪارڊ تي پڻ ٻہ اکر لکي ڏنا ۽ مان شام جو چئين وڳي اتان سڌو يونيورسٽيءَ ويس. وي سي جي PA سا مليس جنھن فون ملائي حميد صاحب سان ڳالھايو ۽ پوءِ مونکي ويھڻ جو چيو. مان مسلسل ھلڻ ڪري ۽ بيماري ڪري ٿڪجي پيو ھوس. ٿوري دير کانپوءِ حميد صاحب اندر گهرايو. اندر ويس تہ قداور ۽ پر رعب شخصيت جو مالڪ حميد سنڌي صاحب فل سوٽ ۾ اٿي بيھي مليو ۽ حال احوال ورتائين. مان کيس سڀ ڪجه ٻڌايو ۽ اسپتال جون رسيدون، ڊاڪٽرن جون لکيل ٽيسٽون ۽ پرچا پڻ ڏيکاريا ۽ پنھنجي مجبوري ٻڌايم. ھن چيو تہ جي سيٽون ڀرجي ويون آھن تہ ھو ڪجه بہ نہ ڪري سگهندو. مان کيس عرض ڪيو تہ مان ٽيسٽ ۾ ٽاپ ڪيو آھي، جيڪڏھن مونکي داخلا نہ ملي تہ اھا مونسان زيادتي ھوندي. ھن پي اي کي فون ڪري ميرٽ لسٽ گهرائي پڪ ڪرڻ چاھي. لسٽ ھٿ ۾ کڻندي مُرڪيو ۽ چيائين تہ ھا اھا تہ ھڪ ذھين شاگرد سان زيادتي ليکبي ... پوءِ رسول بخش شيخ صاحب کي فون ڪيائين تہ ھن نوجوان کي ضايع نہ ڪجي ۽ اوھان کيس داخلا لاءِ ووچر جاري ڪرايو.
    مان اٿي سندن مھرباني مڃي پاڻ منھنجو ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ مضبوطيءَ سان پڪڙيندي لوڏيو ۽ چيائين تہ اميد تہ تون مايوس نہ ڪندين ۽ وعدو ڪر تہ ايم بي اي ۾ پڻ ٽاپ ڪري ڏيکاريندين ..... پوءِ مان وڃي پڙھائيءَ کي لڳم ... ڪجه عرصي بعد ھن کي وي سي جي نوڪري تان ھٽايو ويو ۽ شادي شھيد ۾ يونيورسٽيء جي عمارت جو ڪيس مٿس ھليو، اھو ھڪ الڳ معاملو جنھن تي ٻئي ھنڌ بحث ڪبو ..... مان ايم بي اي ۾ ٽاپ ڪندي گولڊ ميڊل حاصل ڪيو ۽ ڪراچي اچي نوڪري کي لڳس. سالن پڄاڻان منھنجي حيدرآباد ۾ حميد سنڌي صاحب سان ڪنھن ادبي گڏجاڻيءَ ۾ ملاقات ٿي ۽ مان کيس ياد ڏياريو تہ اوھان جيڪا مھرباني ڪئي ۽ واعدو ورتو ھو مان ان کي پاڻي ڏيندي ٽاپ ڪيو ... پر کيس اھو سڀ ياد ڪونہ ھيو .... پر مان ڪيئن ٿو وساري سگهان ان ڳالھ کي ....
    اڄ حميد سنڌي صاحب اسان ۾ موجود ناھي رھيو پر ھو مون کان ڪڏھن نہ وسرندو جيسين مان زندھ آھيان ۽ منھنجو دماغ سوچيندو رھندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو