استاد بخاري جي شخصيت ۽ شاعري جو مختصر جائزو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 ڊسمبر 2013۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    جي تون اچين ته منهنجي محفل مچي پوي،
    دل هي دردن ورتي جهومي نچي پوي۔
    آ شهر ۾ پچار ته استاد ٿو مري،
    جي سونهن ساٿ ڏئي ته بخاري بچي پوي۔
    (استاد بخاري)

    ضلعي دادو هميشه وڏيون شخصيتون پيدا ڪيون آهن۽ انهن شخصيتن مان سنڌ جو عظيم عوامي شاعر ۽ عظيم انسان سيد احمد شاه استاد بخاري پڻ هڪ آهن .احمد شاه استاد بخاريٌء هڪ عظيم انسان ء عظيم فقير صفت شاعر هوسندس شاعري هر طبقي ۾ ٻڌي ء پڙهي وڄي ٿي، استاد بنيادي طرح هڪ سونهن پسند شاعر هو، مگر کيس سنڌه سان بيحد محبت ء پيار هو، دادو سان ته عشق هو، بقول استاد بخاري
    پنهنــــــــــــــــــــــجي دل جي نالي
    منهنـــــــــــــــــــــــجي دل دادو آهي
    دادو ســــــــــــــــــــــنڌ جي دل آهي
    ۽
    سنڌ وري ڪائنات جي دل آهي.“
    استاد جي تعليم ۽ ننڍپڻ

    تعليمي لحاظ کان پهرين درجي کان سنڌي فائينل تائين پهرين پوزيشن کڻندو رهيو. استاد، عالم ، فاضل ۽ اديب واريون ڊگريون حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1946ع ۾ پهرين نوڪري روينيو کاتي ۾ تپيدار طور ڪئي تنهن کان پوء استاد بخاري پارائمري استاد جي حيثيت سان پنهنجي ملازمت جو سلسلو شروع ڪيو۽ آخر تائين استاد جي پيشي سان وابسته رهيا ۽ انهي تعليم جي شعبي ۾ رهندي ترقي ڪري دادو ڊگري ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيا ۽ عمر جي آخر تائين اتي پنهنجا نوڪري وارا فرائض پورا ڪيائون. ۽ سندس خدمتن جي عيوض سنڌ جي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جي حڪم تي دادو ڊگري ڪاليج جو نالو پڻ سندس ئي نالي سان رکيو ويو۔ جيڪو هاڻي استاد بخاري ڊگري ڪاليج سڏجي ٿو۔
    استاد جو ننڍپڻ دادو شهر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ گذريو۔ جت پڙهڻ جي به ڪا صحولت موجود نه هئي۔ جنهن جي ڪري پڙهائي پوري ڪرڻ لاء دادو شهر اچڻو پوندو هو، استاد بخاري صاحب پنهنجي زندگي جا آخري ڏينهن دادو شهر جي غريب آباد محله ۾ گذاريا۔
    استاد بخاري جي شخصيت

    استاد بخاري هڪ سادي طبيعت جا مالڪ هئا، نه ڪا کيس وڏائي هئي نه ئي وري هرو ڀرو جو شان شوڪت۔استاد بخاري جي سادگي جو انداز اهيو هو جو بخاري صاحب دادو ڪاليج ڪڏهن پيرين پنڌ، ته ڪڏهن سائيڪل تي. ته ڪڏهن ٽانگي ۾ ايندا هئا. ۽ ڪچهري جا ڪوڏيا ۽ محفل جا مور هوندا هئا ڪڏهن هوٽل ۾ ته ڪڏهن روڊ رستن تي ماڻهن سان پيا ڪچهري ڪندا هئا.ذاتي زندگي ۾ انتهائي شريف ماڻهون هئا، مگر حسن پسند هئا۔
    دادو جا ادبي پروگرام ۽ استاد بخاري جو ڪردار
    دادو شهر ۾ دادو جي ماڻهن کي تفريح مهيا ڪرڻ لاء اڪثر اسٽيج پروگرام ٿيندا هئا. جنهن ۾ ڪي ٽي اين جا موجوده مشهور اداڪار منان عباسي ۽ عبدالله ملاح، ٽوني، غلام نبي ڀنڊ، سرفراز پنهور وارا اسٽيج پروگرام ڪندا هئا ۽ انهن اسٽيج پروگرامن ۾ هميشه استاد بخاري صاحب کي خاص مهمان طور گهرائيندا هئا ۽ استاد بخاري صاحب انهن پروگرامن ۾ شرڪت ڪندا هئا۔ ان کان علاوه استاد بخاري دادو جي هر ٿيندڙ ادبي مشاعري ۾ پڻ شرڪت ڪندا هئا،
    دادو جي ماڻهن ۾استاد بخاري جي عزت ۽ احترام
    دادو جا مانهون استاد بخاري جي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا. ۽ سندس چيل ڳالهه کي به عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا۔ هڪ دفعه دادو ۾ اسٽيج پروگرام ۾ ڪرسين تان ڪجهه ماڻهون پاڻ ۾ وڙهي پيا ۽ انهن کي ڇڏائڻ ۽ پرچائڻ ۾ اسٽيج جي انتظاميه بارها ڪوشش ڪئي مگر جهيڙو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي.آخرڪار ان اسٽيج پروگرام ۾ ويٺل استاد بخاري صاحب هيٺان اٿي ۽ مٿي اسٽيج تي اچي هڪ مثال ڏنو ۽ اهيو چيو ته اسان سنڌين جو ڪم به ڪڪڙين وارو آهي. جيئن ڪڪڙيون پنهنجو پاڻ ۾ وڙهنديون آهن ائين اسان سنڌي به پاڻ ۾ وڙهندا آهيون ۽ پوء خبر ئي نه پئي ته جهيڙو ڪيڏانهن ويو ۽ جهيڙي وارا ماڻهون ڪيڏانهن ويا. ان کان علاوه ڪنهن قوم جو ڪو تقرار هوندو هو ته تڏهن به استاد بخاري صاحب کي وٺي وڃي ڪري اهو تقرار ختم ڪرايو ويندو هو۔
    استاد بخاري جي شاعري

    استاد بخاري جي شاعري سنڌ جي هر ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر ڳائي ۽ ٻڌي وڃي ٿي، استاد جي شاعري کي ننڍو توڙي وڏو وڏي شوق سان ٻڌي ٿو۔استادبخاري جي وري اهيا خوش قسمتي چئبي جو کيس سندس شاعري کي خوبصورت انداز ۾ ڳائڻ وارو سنڌ جو مشهور راڳي منظور سخيراڻي پنهنجي شهر دادو ۾ ئي ملي ويو. جنهن سندس جي شاعري کي پوري سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر ۾ پنهنجي جادوئي آواز ۽ انداز ۾ عام ڪري ڇڏيو. منظور جو انداز ۽ سڃاڻپ ڪجهه الڳ ئي حيثيت رکي ٿو جنهن استاد جي شاعري کي وري چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏيا. استاد بخاري کي مان تڏهن کان سڃاڻان، جڏهن مان (ممتاز علي وگهيو ) ننڍو هئس. ء ان وقت دادو جيل سامهون ڪچهري روڊ تي هڪ وڏي ادبي ڪچهري ٿيندي هئي جنهن ۾ استاد بخاري ، امام بخش گهرياڻي، حاڪم علي شاه بخاري (استاد بخاري جو ڀاء) محمد عثمان ميمڻ تاج محمد صحرائي.آندل خان حليو، سيد عبدالله شاه سابقه سنڌ جو وڏو وزير ۽ سائين حافظ خليل احمد ملاح صاحب شامل ٿيندا هئا. ۽ هڪ علمي ادبي ۽ تمام سهڻي قرب محبت واري محفل مچندي هئي. ۽ مان به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي دوست حافظ خليل صاحب سان ان ڪچهري ۾ شرڪت ڪندو هئس۔ ان ڪچهري جو به هڪ پنهنجو مزو هو، اها ڪچهري دادو جي مشهور ادبي ڪچهري هوندي هئي۔
    جڏهن سيد عبدالله شاه سنڌ جو وڏو وزير هو تڏهن به ڪڏهن ڪڏهن اوچتو اچي دادو جيل سامهون وڪيل امام بخش گهرياڻي جي آفيس اڳيان گاڏي کي بريڪ هڻائيندو هو ان ڪچهري ۾ شامل ٿيڻ لاء ۽ پنهنجي دوست اما بخش گهرياڻي سان ۽ ٻين اديب دوستن سان ملڻ لاء . ۽ وڏي وزير جو اهيو جوش جذبو ۽ عمل ڏسي کيس سان آيل پوري ٽيم حيران رهجي ويندي هئي.

    استاد بخاري جو مختصر تعارف
    اصل نالو ؛ احمد شاه

    والد جو نالو؛ سيد حاجن شاه
    ڄمڻ جي تاريخ؛ 16 جنوري 1930ع
    ڄمڻ جو هنڌ؛ ڳوٺ غلام چانڊيو ضلعه دادو
    پهرين نوڪري؛ تپيداري ( تنهنکانپوء استادي جو پيشو اختيار ڪيائين)
    شاعري جي شروعات؛ 1946ع
    نوٽ استاد کي مشهور شاعر عبدالله اثر جي صحبت متاثر ڪيوتنهن کانپوء سندس شاعري رنگ ڪڍڻ لڳي..
    استاد جا تخلص؛
    آسي، دردي، ۽آخر ۾ پوء استاد بڻيو.

    تعليم؛ سنڌي فائينل سان گڏ عالم فاضل واريو ڊگريون پڻ حاصل ڪيون( بقول حافظ خليل ته استاد کي فارسي تي پڻ سٺو عبور هو. ۽ ڪڏهن ڪڏهن مون کان حافظ شيرازي ۽ شيخ سعدي جي شاعري ٻڌندا هئا.۽ جهومندا هئا.
    نوڪري؛ استاد ڪڪڙ شهر ۽ پوء دادو ڊگري ڪاليج ۽ لاڙڪاڻه ڪاليج ۾ نوڪري جا فرائض انجام ڏنا........
    موسيقي؛ استاد شاعر سان گڏ هڪ وڏا موسيقار پڻ هئا ۽ پنهنجي ڪيترين ئي ڪلامن جون ڌنون پڻ تيار ڪيائون، .
    بقول منظور سخيراڻي ته استاد بخاري ڪيترين ڪلامن جي ڌن تيار ڪري ۽ پوء ان ڌن کي ڳائي ٻڌائيندا هئا ته هي ڌن هئين ڳائجهي. وغيره وغيره
    وفات: استاد بخاري کي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين جي فڪر اچي وڪوڙيو ۽ انهن سوچن آخرڪار ڪينسر جهڙي موزي مرض کي جنم ڏنو،(ڪينسر تنهنجي ڪرت گر رهي اهيا ساڳي، ته نه بچندي ممتاز باقي خلقت هي خدا جي)۔ ۽ 9 آڪٽوبر 1992 ۾ بخاري صاحب ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ اسان کان هميشه هميشه لاء وڇڙي ويو
    استاد بخاري جي زندگي ۽ فن تي لکيل ڪتاب
    [​IMG]
    سنڌ جي هن عوامي شاعر احمد شاه استاد بخاري جي زندگيءَ ۽ سندس فن تي ڪتاب نوجوان اديب علي دوستعاجز ”آديسي استاد“ نالي لکيو آهي، جنهن ۾ استاد بخاري جي ذاتي زندگي کان وٺي ڪري سندس علمي ادبي خدمتن تي تمام سهڻي نموني سان روشني وڌي وئي آهي جيڪو روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران سال 2005ع ۾ ڇپيو آهي
    استاد بخاري جي ڪتابن جا نالا۔
    نه ڪم نبريو نه غم نبريو، اتون جو تون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، سوچون ڀڻڪا واڪا، ڌرتي سرتي، گيتاسان جا جيت اسان جي، ڪاري ڪڪر هيٺ، زندگي زندگي، ماندي ٿيءُ نه مارئي، ولولو ۽ ووڪ، ٻاراڻا گيت لهر لهر دريا،جستجو لا تقنطو ،، ولولو ۽ ووڪ،، ميلا ملهالا،، وطن ۽ ويساهه،،هي گجرا هي گول،،ڳائي پيو، جاڳائي پيو،، تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان (سرائيڪي )،، پير نه هٽن پٺتي،، ڌوڙ دل تي درد جي ،، گھڙيا سي جڙيا ،،گلدستي ۾ گيت،،ڌوڙ دل تي درد جي،،پير نه هٽن پوئتي،،هڙئي هيج وطن جا‘،،

    استاد بخاري جي شاعري جي ڊڪشنري
    سنڌجي هن عوامي شاعر جي شاعريءَ جي لغتاکر اکر آرسي جوهي جي رهواسي شاعر اديبڊرامه نگار محقق محترم عزيز ڪنگراڻيء تيار ڪرائي آهي، هيءَ لغت ڊيمي سائيز جي 132 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جيقيمت 100 رپيا آهي ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران جون 2009ع ۾ ڇپائي پڌريڪئي وئي آهي. هيءَ لغت ”جديد شاعري جي شاعريءَ“ جي لغت سيريز جو حصو آهي
    استاد بخاري جا برقي تيار ٿيل ڪتاب هت ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا




    عوامي شاعر جو لقب
    بخاري صاحب هڪ سهڻي اخلاق وارا سهڻا شاعر هئا استاد بخاري ڪچهري جا ڪوڏيا ۽ محفل جا مور هوندا هئا ڪڏهن هوٽل ۾ ته ڪڏهن روڊ رستن تي ماڻهن سان پيا ڪچهري ڪندا هئا. سندس شاعري جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي۔سندس شاعري سنڌ جي ٻچي ٻچي کي ٻڌڻ تي مجبور ڪندي آهي، بخاري صاحب نه صرف سونهن جا شاعر هئا، مگر پاڻ هڪ قوم پسند شاعر هئا۔،سندس شاعري عوامي زبان ۾ ڪيل آهي جنهنجي ڪري کيس عوامي شاعر لقب پڻ ڏنو ويو آهي
    نوٽ استاد بخاري جون يادگار تصويرون ڏسڻ لاء ِهت ۽ هت ڪلڪ ڪريو
    اُستاد بخاري جي سرائڪي شاعري تي هڪ نظر - خليل عارف سومرو

    منهنجي سهڻي سنڌ ۾ سرائڪي ٻولي جيتري ڳالهائي وڃي ٿي، اوتري ڳائي يا لکي ڪانه ٿي وڃي. هونئن هيءَ ٻولي پنهنجي بناوت، بيهڪ، لهجي ۽ لکت جي حساب سان سنڌيءَ ٻوليءَ جي جاڙي ڀيڻ وانگر آهي. سرائڪيءَ ۾ جن به شاعرن پنهنجو ڪلام چيو آهي، اهو ڏاڍو مقبول ۽ معروف ٿيو آهي، ڇو ته هن ٻوليءَ جو رَس چس ميٺاج وارو آهي. سچل سرمست، مرزا قليچ بيگ، حمل فقير لغاري، فقير خوش خير محمد هيسباڻي، بيدل بيڪس، خليفو نبي بخش لغاري، نواب ولي محمد لغاري، احمد خان مدهوش، طالب لغاري، مخدوم امين محمد، رکيل شاهه، چيزل شاهه، دادن فقير، بردو سنڌي، جانڻ چن، رشيد لاشاري، اعجاز شاهه، مصري شاهه، نياز همايوني، ميهر فقير، ميرل فقير جويو، سانوڻ فقير، عبدالڪريم گدائي، روحل فقير، مراد فقير کان عاجز سرگاڻي تائين ڪيترائي اهم نالا آهن، جن جي ڪلام سنڌيءَ سان گڏ سرائڪي ۾ به خوب مقبوليت ماڻي. سرائڪي جي اهڙن ئي روشن ستارن ۾ هڪ جرڪندڙ ستارو استاد بخاري به آهي. استاد بخاريءَ جو ته سرائڪي ۾ انداز ئي نرالو آهي، شايد ان ڪري به ته سندس مادري زبان سرائڪي آهي، تنهنڪري هن کي پنهنجي دل جي ڳالهه سرائڪي ۾ ڪرڻ سولي لڳي آهي. هو جتي سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي چوندو ۽ ان جي جهوليءَ ۾ ڏات جا انمول گُل وِجهندو آيو اُتي هن پنهنجي گودڙيءَ ۾ سرائڪي جا هيرا لعل به وڌا آهن.استاد بخاري سرائڪي شاعريءَ ۾ سڄڻ ۽ ساڻيهه کي ائين سمائي ڇڏيو آهي، جيئن کير ۽ کنڊ ملائي ڇڏبا آهن. جيئن مُنڊيءَ ۾ ٽِڪ جڙيل هجي، جيئن تصوير ۾ رنگ ڀريل هجن، تيئن سرائڪيءَ ۾ ڏسو ته استاد ڪهڙي ڪم سان آهي.
    آرتي پارتي صحبت والي کيت کيڙيندا وتدان
    ماڻهو جهڙي موتي داڻي ميڙ ميڙيندا وتدان
    چنگ، چنجور، ڇيڻيان، ڇيران ساز ڇيڙيندا وتدان
    برپٽ ڪونه استاد بخاري، باغ بڻيندا وتدان.
    وري اڳتي هلي، موتئي تي ماڪ ڦڙي جهڙا احساس به ڏسو:
    ايتر ڏيوي، ڏات ٻليسان، جيتر جهرڪن تاري،
    ايتر جيلي يار هليسان، جيتر جڳ وچ چاري،
    ايتر ڏيسان واس بخاري، جيتر ٻَنيان ٻاري.
    اهو سڀ محبت جو معجزو آهي، روشن ضميري جو ڪرشمو آهي، محبت ئي واحد شيءِ آهي جيڪا دنيا ۾ دوزخ کي به جنت بڻائي سگهي ٿي.اوهين يقين ڪريو يا نه ڪريو، جنهن ماڻهو سونهن ڏٺي ئي ڪانه آهي، اُهو ماڻهو ڪڏهن به سچ کي سڃاڻي ئي ڪونه سگهندو، پوءِ جيڪو سچ کي سڃاڻي نه سگهي اهو هن يا هُن جهانَ ۾ ڪهڙي ڪم جو.استاد سونهن پرست ۽ سنڌ جو پوڄاري رهيو. محبت جو ڪم مُنڪر نه ٿئي، استاد وانگر پاڪ محبت جي پنڌ تي ڪو هلي ته ڏسي، ٻيا پنڌ ئي وسري ويندس.
    محبت جو معراج ڏسو:
    سُرخُرو تيڏي روبرو اهس
    پيار وِچ ها پَلو اڇا ميڏا.
    اهو سونهن جو معجزو ۽ عشق جو ڪرشمو ئي ته هو جو استاد بخاري، رڻ پٽ کي باغ بڻائيندو پيو وتي ته گگهه انڌيرن ۾ ڏيئا به جلائيندو پيو وتي. محبت کان سواءِ ڪو انقلاب آيو آ نه ڪو ايندو، ماڻهو الائي ڪهڙي واٽ مان آهن جو يڪو ڀُليا ٿا وتن. ڀلا ڪو استاد بخاري کان وڌيڪ انقلابي يا مزاحمتي شاعر آهي به ڇا؟
    هن رهبر جي رهبري ته وٺو، ڏسو ته ڪيئن نه مجاز کان معرفت وٺيو حقيقت جي منزل ڏانهن پيو ٿو وڃي. سوڀ جي سفر ۾، سونهن جو ساٿ نه ملي ته سوجهرو ٿيندو ئي ڪونه. استاد بخاري وٽ توهان کي سچل جي سچائي ملندي، لطيف واري سونهن ملندي، فريد سائين وارو فرق ملندو، حمل سائين وارا عشق جا حملا ملندا، خوش خير محمد واري نماڻائي ملندي، مصري شاهه وارو مٺاڻ ملندو، دادن فقير وارو درد ملندو، رشيد لاشاري جهڙو روح ملندو، مدهوش جهڙي مستي ملندي، بلهي شاهه واري باهه، سلطان باهو واري سڪ ۽ بردي سنڌي وارو برهه ملندو. ڪجهه عشق مجاز جا اولڙا ڏِسو:
    سنهڙي هاٺي، ڪانگڙ ڪانا، سينا سنگ سٽي هن
    ڳاڙهي پير دي ڳاڱي وانگر ڳاڙهي گول ڳِٽي هِن
    سچ پچ اِنهن استاد ڏٺي ڪي، تيئن وِچ چنڊ چٽي هِن.
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    جهڙا تيڏا جلوا جاني، تهڙي جوڙ جواني هي،
    اک تيڏي وچ عشق ديان ريکان لب تي قرب ڪهاڻي هي،
    مُرڪ پکيڙي مهڪ گلان دي هر شي خوشبو هاڻي هي
    عيدان ڪر استاد بخاري، تيڏي ديدا گهاڻي هي.
    عشق ۽ مُشڪ لڪندا ته ڪونه آهن، پر محبوب کي دلاسو ڏيڻو پوندو آهي، سو استاد بخاري پنهنجي سڄڻ کي دلاسو ته ڏئي ٿو پر سندس اڳيان حقيقت به رکي ٿو.
    تئين جو آکيا عشق لُڪا، مئين عشق لُڪائي ٻيٺان
    ڄڻ ته ڪکان وچ سهڻا سائين، باهه دٻائي ٻيٺان.
    اکرن ۾ امرت اوتڻ ۽ سِٽن ۾ ساهه وجهڻ ته ڪو استاد کان سکي، استاد کي حسن ۽ پيار جي ڳالهه ڪرڻ وارا به وڻن ٿا.
    هر ساز دا اپڻا سوز نرالا، هر ساهه دي اپڻي ڦوڪ اي،
    جو شاعر استاد حسن دا، ميڏي ڪاڻ ملوڪ اي.
    سچو پيار خدا جي نعمت ۽ غنيمت آهي، وفادار محبوب جو ملڻ خوش قسمتي آهي. استاد بخاري کي پنهنجي محبت ڪا سولي هٿ ڪانه آئي هُئي، تڏهن ته پنهنجي تجربي مان ڏس پئي ڏنائين ته:
    پيار مهانگا ڏاڍا پوسين ڊڄڻي ماڻهو ڊڄدي،
    سِڪ دا سودا، سِر دا سودا سڪڻي ٻيٽي سِڪدي
    خلقان کِلسن خواريان ٿيسن لڪڻي وتدي لڪدي
    عشق ڪٿي استاد بخاري عاشق خوش ٿي کلدي.
    سچل سائين چيو:
    سَچو عشق ٻُڍا نه ٿيوي،
    توڙي چٽڙي ٿيوي ڏاڙهي،
    استاد به جيئن پڇاڙي تيئن پيار ۾ وڌ ئي وڌ. چوي ٿو:
    ڪوئي مشتاق اي، ڪوئي معشوق اي رڳا عشق دي ڳالهه پئي هلدي اي
    ڪوئي پروانا، ڪوئي ميڻ بتي رڳا بِرهه باهه پئي ٻلدي اي
    استاد ڪونه نِت نِت عشق نوان، توڙي پليل عمر پئي ڍلدي اي.

    متان سمجهين مئين مسڪينان، ميڪڻ دل دي دولت دل اي
    هڪڙي همت هان دي ڏوجها ٻانهان والا ٻَل اي
    ٽڪر ٽڪيان، ڏاڍ ڏيسان، ميڏا عزم اٽل اي
    مَچ وِچُون استاد نه مُڙسين ايجها عشق اجهل اي.
    قومپرستي جي هڪ جهلڪ به ڏِسو:
    تون مک آئي هيئين اڄ انگلينڊ، اٽلي دي خوشبو
    ميڪون موهه گهتيا پر ميڏي مٽي دي خوشبو
    مرڻ دي ويلي، چاتي ويسان چٽي جنت ڏي
    وِسڪن حُوران سنگهه ڏيکن اِنهن ڌرتي دي خوشبو.
    استاد بخاري کي جڏهن محبت منزل جي راهه تي وٺي آئي ته حق جا هوڪا ڏيندو پيو وتي. چئي پيو:
    هر شعر نال باهه ٻَليندا وتان هان مئين
    هر وقت هٿ هو اچ هليندا چريا نه هان
    طوفان آوِ آوِ سڏيندا وتان هان مئين
    تاريخ ڪونه جهلو نه چتا انهن طرف تڪي،
    گهر گهاٽ دي اوگهڙ ڍڪيندا وٽان هان مئين
    انهن جِند دي يا سنڌ يا سنسار دي هو وَن
    استاد اپڻي سُور سليندا وتان هان مئين.
    استاد بخاريءَ جي سرائڪي شاعري، اکر اکر اُجالو، لفظ لفظ لاٽ سِٽ سِٽ سوجهرو آهي.چوي ٿو ته:
    رات دا سوچ، ماڪ چانڊوڪي
    ڏينهن دا ڏات ڌر تتي ميڏي
    لفظ استاد سرت ديان لاٽان،
    سوجهلا سچ دا شاعري ميڏي
    استاد جي شڪايت جي انداز ۾ به هڪ جنجهوڙ آهي، چهنڊي آهي سجاڳي جو سڏ آهي، قوم کي ميار ڏيندي چوي ٿو ته:
    بي لڪيان کوڙ تاريان دي سامهون
    روشني رات پائمال ٿي ڳئي.
    انسان فنا آهي، سوچ فنا فنا ناهي، سچل سائين چيو، مئين تان هڪ خيال هان ملسان نال خيال دي. سچل نه رهيو پر سندس خيال زنده آهي. موت برحق آهي، استاد هينئر اسان وٽ ڪونه آهي، پر هُن جا اَمر خيال موجود آهن، جيڪي ڪڏهن به مري نه ٿا سگهن. جيئنءَ پاڻ ئي چيائون ته:
    خيال مر نهين سگهدا، اَمر بخاري هي
    جٿان سڏيسو، غزل، گيت وِچ اُٿان هوسون.

    استاد بخاري جون يادگار ڪجهه تصويرون
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔​
    استاد بخاري جي شاعري جون تصويرون
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]


    استاد بخاري جي آخري آرام گاهه
    سنڌ جي هن عوامي شاعر جي آخري آرام گاهه دادو شهر جي واڌن شاهه جي قبرستان ۾ آهي۔
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔​
    استاد بخاري جو فرزند ڊاڪٽر الطاف شاه بخاري سنڌ آءِ مئگزين جو مطالعو ڪندي
    [​IMG]

     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    استاد بخاري جي 21 ورسي جي موقعي تي شايع ٿيل ميگزين سنڌ آء

    [​IMG]
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    نه گناهه آهيون، نه ثواب آهيون
    اسين ته ڏينهن ڏٺي جا خواب آهيو.
    اکيون بند ڪرين ته ڪنڊا ئي ڪنڊا ،
    جي کولين ته گلاب آهيــــــــــون.
    جي نه پڙهين ته آهيون ڪورا ڪاغذ،
    جي پڙهين ته ڪئين ڪتاب آهيون،
    بس يار ڪريون ٿا اوهانجي غلامي
    نه ته استاد اسين پاڻ نواب آهيون
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 جنوري 2014
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  10. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  11. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  12. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  13. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  14. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  15. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  16. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  17. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو