دادا سنڌي : ناليوارو تاريخدان ۽ اُستاد

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    دادا سنڌي : ناليوارو تاريخدان ۽ اُستاد

    محمد قاسم سومرو

    سنڌ جي مشهور تاريخدان ۽ اديب دادا سنڌي جي سڀاڻي 16 هين ورسي آهي، پر ڪنهن به سرڪاري ادبي اداري يا ثقافت کاتي کيس ياد نه ڪيو ۽ نه ئي ڪو ورسيءَ جو پروگرام رٿيو ويو آهي. ياد رهي ته، دادا سنڌي سنڌ جو مشهور تاريخدان ۽ اديب رهيو آهي، جنهن پنهنجي 52 سالن جي زندگيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ ادب تي 15 ڇپيل ۽ 25 اڻ چپيل ڪتاب ڏنا. داداسنڌي جو مائٽاڻو نالو ڪريم بخش ۽ ذات جو سومرو هو. پاڻ 5 جولاءِ 1945ع تي ڳوٺ داد لغاري تعلقي ڏهرڪي ۽ ضلعي گهوٽڪي ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ داد لغاري، سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلو، انٽر گورنمينٽ اسلاميه آرٽس ڪاليج سکر، ۽ بي اي ۽ ايم اي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪئي. پاڻ پيشي جي لحاظ کان اُستاد هئا. دادا سنڌي پنهنجي لکڻ جي شروعات 1963ع ۾ ڪئي. سندس تاريخي ادب جو شوق رحيمداد خان مولائي شيدائي سان ملاقات کان پوءِ ٿيو. سندس تاريخي مضمون لکڻ جي شروعات پاڻ ون يونٽ جي دور ۾ ون يونٽ جي خلاف مضمون لکي ڪئي. پاڻ 1990ع کان 1991ع تائين ريڊيو پاڪستان خيرپور لاءِ سنڌ جي تاريخ تي ريڊيو اسڪرپٽ به لکندا رهيا ۽ اهي اسڪرپٽ اٺ ڪتابن تي مشتمل آهن. هن سنڌ جي تاريخ ۽ ادب تي 15 ڇپيل ڪتاب ڏنا، جن ۾ ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون، اڳوڻين سنڌين جو پرڏيهي واپار، سنڌين جي فوجي مهارت،1857 جي جنگ آزادي ۽ سنڌ، سنڌ جي عالمن جا سُنهري ڪارناما، تاريخي ماڻهو تاريخي ڳالهيون، سنڌيڪا سنڌي گرامر وغيره شامل آهن. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ آزاديءَ جون تحريڪون ۽ سنڌ، سنڌ جا صوفي شاعر، وري سي وطن ڄايون (سنڌ جون عظيم عورتون)، سنڌ جا بندر ۽ بازارون ، سنڌ جا قلعا، شاهه جا تاريخي ڪردار ، سنڌ جا قديم درسگاهه، سنڌ جا اوائلي تختگاهه، سنڌ جا تعليمي محسن، اقراءَ (تعليم بابت مضمون)، مقالات دادا سنڌي ، افڪار لطيف وغيره شامل آهن. دادا سنڌي هڪ سچو محب وطن دوست اديب ۽ تاريخدان هو، هن ڪڏهن به پنهنجي آدرشن کي ڪنهن لالچ تي نه وڪِيو. دادا سنڌي صاحب کي ادبي خدمتن عيوض مختلف ادبي ادارن طرفان ڪيترائي ايوارڊ مليا. جن ۾ سنڌي سنگت ايوراڊ، سنڌالاجي ايوارڊ، آل سنڌ ٻالڪ ايوراڊ، سنڌي قلم ايوارڊ وغيره شامل آهن. 11 جنوري 1998ع ۾ دادا سنڌي جي وفات کان پوءِ سرڪار پاران سندس ڪتابن جي ڇپائيءَ لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه کنيا ويا. دادا سنڌي جي ڪتابن جو وقت سر نه ڇپجڻ ادبي ادارن جو غير منصفاڻو رويو آهي. دادا سنڌي پوري عمر سنڌ جي تاريخي ادب جي خدمت ڪئي ۽ پنهنجي وفات کان پوءِ ٽيهارو کن ڪتاب اڻ ڇپيل صورت ۾ ڇڏيا.


    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏11 جنوري 2015
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    181
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    ﺩﺍﺩﺍ ﺳﻨﮅﻱ - ﻣﺤﻤﺪ ﻗﺎﺳﻢ ﺳﻮﻣﺮﻭ
    ﺩﺍﺩﺍ ﺳﻨﮅﻱ
    ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺳﺮڪﺎﺭﻱ ﺍﺩﺍﺭﻥ ﮐﺎﻥ ﻭﺳﺮﻱ ﻭﻳﻞ
    ﺗﺎﺭﻳﺨﺪﺍﻥ ۽ ﺍُﺳﺘﺎﺩ
    ﻣﺤﻤﺪ ﻗﺎﺳﻢ ﺳﻮﻣﺮﻭ /ڏﻫﺮڪﻲ
    ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﺗﺎﺭﻳﺨﺪﺍﻥ ۽ ﺍﺩﻳﺐ، ﺩﺍﺩﺍ ﺳﻨﮅﻱ
    ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﺗﺎﺭﻳﺨﺪﺍﻥ ۽ ﺍﺩﻳﺐ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ .
    ﺟﻨﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ۵۲ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﺯﻧﺪﮔﻲﺀَ ۾، ﺳﻨﮅ
    ﺟﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ۽ ﺍﺩﺏ ﺗﻲ ۱۵ ﮀﭙﻴﻞ ۽ ۲۵ ﺍﮠ ﮀﭙﻴﻞ
    ڪﺘﺎﺏ ڏﻧﺎ.
    ﺩﺍﺩﺍﺳﻨﮅﻱ ﺟﻮ ﻣﺎﺋٽﺎﮢﻮ ﻧﺎﻟﻮ ڪﺮﻳﻢ ﺑﺨﺶ ﮬﻴﻮ ۽
    ﭘﺎﮠ ﺫﺍﺕ ﺟﻮ ﺳﻮﻣﺮﻭ ﻫﻴﻮ.
    ﭘﺎﮠ ۵ ﺟﻮﻻﺀِ ۱۹۴۵ﻉ ﺗﻲ ﮘﻮﭞ ﺩﺍﺩ ﻟﻐﺎﺭﻱ، ﺗﻌﻠﻘﻲ
    ڏﻫﺮڪﻲ ۽ ﺿﻠﻌﻲ ﮔﻬﻮٽڪﻲ ۾ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻴﻮ .
    ﺍﺑﺘﺪﺍﺋﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮘﻮﭞ ﺩﺍﺩ ﻟﻐﺎﺭﻱ،
    ﺳﻴڪﻨڊﺭﻱ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﮔﻮﺭﻧﻤﻴﻨٽ ﻫﺎﺀِ ﺍﺳڪﻮﻝ
    ﻣﻴﺮﭘﻮﺭ ﻣﺎﭤﻴﻠﻮ، ﺍﻧٽﺮ ﮔﻮﺭﻧﻤﻴﻨٽ ﺍﺳﻼﻣﻴﻪ ﺁﺭٽﺲ
    ڪﺎﻟﻴﺞ ﺳﮑﺮ، ﺑﻲ ﺍﻱ ۽ ﺍﻳﻢ ﺍﻱ ﺟﻲ ڊﮔﺮﻱ ﺳﻨﮅ
    ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲ ﭴﺎﻣﺸﻮﺭﻭ ﻣﺎﻥ ﺣﺎﺻﻞ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ.
    ﭘﺎﮠ ﭘﻴﺸﻲ ﺟﻲ ﻟﺤﺎﻅ ﮐﺎﻥ ﺍُﺳﺘﺎﺩ ﻫﺌﺎ.
    ﺩﺍﺩﺍ ﺳﻨﮅﻱ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻟﮑﮡ ﺟﻲ ﺷﺮﻭﻋﺎﺕ، ﺳﺎﻝ
    ۱۹۶۳ﻉ ۾ ڪﺌﻲ. ﮐﻴﺲ ﺗﺎﺭﻳﺨﻲ ﺍﺩﺏ ﺟﻮ ﺷﻮﻕ،
    ﺭﺣﻴﻤﺪﺍﺩ ﺧﺎﻥ ﻣﻮﻻﺋﻲ ﺷﻴﺪﺍﺋﻲ ﺳﺎﻥ ﻣﻼﻗﺎﺕ
    ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﭤﻴﻮ. ﺗﺎﺭﻳﺨﻲ ﻣﻀﻤﻮﻥ ﻟﮑﮡ ﺟﻲ
    ﺷﺮﻭﻋﺎﺕ، ﭘﺎﮠ ﻭﻥ ﻳﻮﻧٽ ﺟﻲ ﺩﻭﺭ ۾ ﻭﻥ ﻳﻮﻧٽ
    ﺟﻲ ﺧﻼﻑ ﻣﻀﻤﻮﻥ ﻟﮑﻲ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ .
    ﭘﺎﮠ ۱۹۹۰ﻉ ﮐﺎﻥ ۱۹۹۱ﻉ ﺗﺎﺋﻴﻦ، ﺭﻳڊﻳﻮ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ
    ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ﻻﺀِ، ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺗﻲ ﺭﻳڊﻳﻮ
    ﺍﺳڪﺮﭘٽ ﺑﻪ ﻟﮑﻨﺪﺍ ﺭﻫﻴﺎ ۽ ﺍﻫﻲ ﺍﺳڪﺮﭘٽ ﺍﭠﻦ
    ڪﺘﺎﺑﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺁﻫﻦ .
    ﻫﻦ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ۽ ﺍﺩﺏ ﺗﻲ ۱۵ ﮀﭙﻴﻞ ڪﺘﺎﺏ
    ڏﻧﺎ، ﺟﻦ ۾ ﮬﻴﭟ ﭔﮅﺍﻳﻞ ڪﺘﺎﺏ ﺍﮬﻢ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎﻥ
    ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ .
    ڏﻳﺌﻲ ڏﻧﭛ ڏڏﻥ،
    .1 ﺳﻨﮅ ﺟﻮﻥ ﺗﺎﺭﻳﺨﻲ ڪﻬﺎﮢﻴﻮﻥ،
    .2 ﺍﮘﻮﮢﻦ ﺳﻨﮅﻳﻦ ﺟﻮ ﭘﺮڏﻳﻬﻲ ﻭﺍﭘﺎﺭ،
    .3 ﺳﻨﮅﻳﻦ ﺟﻲ ﻓﻮﺟﻲ ﻣﻬﺎﺭﺕ،
    .4 ۱۸۵۷ ﺟﻲ ﺟﻨﮓ ﺁﺯﺍﺩﻱ ۽ ﺳﻨﮅ،
    .5 ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺟﺎ ﺳُﻨﻬﺮﻱ ڪﺎﺭﻧﺎﻣﺎ،
    .6 ﺗﺎﺭﻳﺨﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺗﺎﺭﻳﺨﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮﻥ،
    .7 ﺳﻨﮅﻳڪﺎ ﺳﻨﮅﻱ ﮔﺮﺍﻣﺮ
    ﺳﻨﺪﺱ ﺍﮠ ﮀﭙﻴﻞ ڪﺘﺎﺑﻦ ۾ ﻭﺭﻱ ﮬﻴﭟ ﭔﮅﺍﻳﻞ ڪﺘﺎﺏ
    ﺍﮬﻢ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎﻥ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ.
    .1 ﺁﺯﺍﺩﻱﺀَ ﺟﻮﻥ ﺗﺤﺮﻳڪﻮﻥ ۽ ﺳﻨﮅ،
    .2 ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﺻﻮﻓﻲ ﺷﺎﻋﺮ،
    .3 ﻭﺭﻱ ﺳﻲ ﻭﻃﻦ ﭴﺎﻳﻮﻥ ‏(ﺳﻨﮅ ﺟﻮﻥ
    ﻋﻈﻴﻢ ﻋﻮﺭﺗﻮﻥ‏) ،
    .4 ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﺑﻨﺪﺭ ۽ ﺑﺎﺯﺍﺭﻭﻥ،
    .5 ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﻗﻠﻌﺎ،
    .6 ﺷﺎﻫﻪ ﺟﺎ ﺗﺎﺭﻳﺨﻲ ڪﺮﺩﺍﺭ،
    .7 ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﻗﺪﻳﻢ ﺩﺭﺳﮕﺎﻫﻪ،
    .8 ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﺍﻭﺍﺋﻠﻲ ﺗﺨﺘﮕﺎﻫﻪ،
    .9 ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ﻣﺤﺴﻦ،
    .10 ﺍﻗﺮﺍﺀَ ‏( ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺑﺎﺑﺖ ﻣﻀﻤﻮﻥ‏)،
    .11 ﻣﻘﺎﻻﺕ ﺩﺍﺩﺍ ﺳﻨﮅﻱ،
    .12 ﺍﻓڪﺎﺭ ﻟﻄﻴﻒ
    ﺩﺍﺩﺍ ﺳﻨﮅﻱ، ﻫڪ ﺳﭽﻮ ﻣﺤﺐ ﻭﻃﻦ ﺩﻭﺳﺖ،
    ﺍﺩﻳﺐ ۽ ﺗﺎﺭﻳﺨﺪﺍﻥ ﻫﻮ. ﻫﻦ ڪڏﻫﻦ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ
    ﺁﺩﺭﺷﻦ ﮐﻲ ڪﻨﻬﻦ ﻻﻟﭻ ﺗﻲ ﻧﻪ ﻭڪِﻴﻮ .
    ﺩﺍﺩﺍ ﺳﻨﮅﻱ ﺻﺎﺣﺐ ﮐﻲ، ﺍﺩﺑﻲ ﺧﺪﻣﺘﻦ ﻋﻴﻮﺽ،
    ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺍﺩﺑﻲ ﺍﺩﺍﺭﻥ ﻃﺮﻓﺎﻥ ڪﻴﺘﺮﺍ ﺋﻲ ﺍﻳﻮﺍﺭڊ
    ﻣﻠﻴﺎ. ﺟﻴڪﻲ ﮬﻴﭟ ڏﺟﻦ ﭤﺎ:
    .1 ﺳﻨﮅﻱ ﺳﻨﮕﺖ ﺍﻳﻮﺭﺍڊ،
    .2 ﺳﻨﮅﺍﻻﺟﻲ ﺍﻳﻮﺍﺭڊ،
    .3 ﺁﻝ ﺳﻨﮅ ﭔﺎﻟڪ ﺍﻳﻮﺭﺍڊ،
    .4 ﺳﻨﮅﻱ ﻗﻠﻢ ﺍﻳﻮﺍﺭڊ.
    ﺗﺎﺭﻳﺦ ۱۱ ﺟﻨﻮﺭﻱ ۱۹۹۸ﻉ ﺗﻲ، ﺩﺍﺩﺍ ﺳﻨﮅﻱﺀَ ﺟﻲ
    ﻭﻓﺎﺕ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ، ﺳﺮڪﺎﺭ ﭘﺎﺭﺍﻥ ﺳﻨﺪﺱ ڪﺘﺎﺑﻦ
    ﺟﻲ ﮀﭙﺎﺋﻲﺀَ ﻻﺀِ ڪﻲ ﺑﻪ ﺟﻮﮘﺎ ﻗﺪﻡ ﻧﻪ ﮐﻨﻴﺎ ﻭﻳﺎ.
    ﺩﺍﺩﺍ ﺳﻨﮅﻱ ﺟﻲ ڪﺘﺎﺑﻦ ﺟﻮ ﻭﻗﺖ ﺳﺮ ﻧﻪ ﮀﭙﺠﮡ
    ﺍﺩﺑﻲ ﺍﺩﺍﺭﻥ ﺟﻮ ﻏﻴﺮ ﻣﻨﺼﻔﺎﮢﻮ ﺭﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ. ﺩﺍﺩﺍ
    ﺳﻨﮅﻱ ﭘﻮﺭﻱ ﻋﻤﺮ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺗﺎﺭﻳﺨﻲ ﺍﺩﺏ ﺟﻲ
    ﺧﺪﻣﺖ ڪﺌﻲ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻭﻓﺎﺕ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ
    ٽﻴﻬﺎﺭﻭ ﮐﻦ ڪﺘﺎﺏ ﺍﮠ ﮀﭙﻴﻞ ﺻﻮﺭﺕ ۾ ﮀڏﻳﺎ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو