فيصل بينڪ ٽي 20 ٽورنامينٽ ۾ لاڙڪاڻي جي ٽيم جي ڪارڪردگي

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏12 فيبروري 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مغل اسٽيل جي تعاون سان لاڙڪاڻو بُل (موئن جي دڙي مان لڌل ڏاند گاڏي جي نسبت سان سڏرائيندڙ) هوئن ته اڳ به پاڪستان جي قومي رانديگرن تي مشتمل ٽيمن سان کيڏندي رهي آهي پر هن دفعي پهريون دفعو براهِ راست ٽيليڪاسٽ ٿيندڙ فيصل بينڪ ٽي 20 ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي غير متوقع ۽ حيران ڪن ڪارڪردگي ڪري ڪافي مشهور رهي آهي۔۔
    پي سي بي طرفان لاڙڪاڻي ريجن ۾ جيڪي ضلع شامل ڪيل آهن انهن ۾ لاڙڪاڻو، دادو، خيرپور، سکر، شڪارپور ۽ جيڪب آباد شامل آهن۔۔
    لاڙڪاڻو ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل رانديگر آهن:

    [​IMG]
    دادو ضلعي جو زاهد محمود (ڪپتان)
    [​IMG]
    ضلعي دادو جو Zahid Mahmood (ڪپتان) اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان شعيب ملڪ کي آئوٽ ڪندي


    [​IMG]
    ڪراچي جو Ahsan Ali

    [​IMG]
    نئين ديري جو Zafar Ali† بطور وڪيٽ ڪيپر

    [​IMG]
    لاڙڪاڻي جو Ayaz Jamali

    [​IMG]
    شڪار پور جو Ghulam Yasin

    [​IMG]
    سکر جو Rameez Ahmed

    [​IMG]
    خيرپور ميرس جو Mohammad Urs

    [​IMG]
    شڪارپور جو Mohammad Siddiq

    [​IMG]
    ڪراچي جو Ali Mudassar

    [​IMG]
    دادو جو Imtiaz Ali Laghari

    [​IMG]
    شڪارپور جو Imran Chandio

    [​IMG]
    شڪارپور جو Asif Babar

    [​IMG]
    حيدرآباد جو Mohammad Waqas

    [​IMG]
    ۽ دادو جو Ali Murtaza Joyo
    • لاڙڪاڻي ٽيم جو پهريون مقابلو 6 فيبروري تي ڪوئٽا سان رکيل هو پر موسم جي خرابي ڪري مقابلو ٿي نه سگهيو۔۔
    • سندن ٻيو مقابلو 7 فيبروري تي سابقه چيمپيئن ۽ پاڪستاني ٽيم جي 8 رانديگرن تي مشتمل ٽيم سيالڪوٽ سان هو جنهن ۾ کين وڏي مارجن 97 رنسن تان شڪست ملي
    • سندن ٽيو مقابلو حيدرآباد جي ٽيم سان ٿيو جنهن ۾ پاڪستاني ٽيم جو رانديگر شرجيل خان ۽ سابقه ٽيسٽ پليئر عظيم گهمڻ پڻ کيڏي رهيو پر لاڙڪاڻي ٽيم پنهنجي آل رائونڊ ڪارڪردگي ڏيکاريندي 156 رنسن جو ٽارگيٽ آخري اوور ۾ پورو ڪري ورتو۔۔
    • سندن چوٿون ۽ آخري مقابلو ڪراچي ڊالفن ٽيم سان ٿيو جنهن ۾ 8 پاڪستاني ٽيم جا رانديگر موجود هئا پر دادو جي امتياز لغاري پنهنجي بالنگ جو جادو هلائيندي 4 اوورز ۾ 4 رانديگر آئوٽ ڪيا ۽ ڪراچي جو اسڪور رڳو 94 تائين محدود ڪري ڇڏيو۔۔ جنهن کان پوءِ احسن علي جي ففٽي جي مدد سان ٽارگٽ رڳو 13 اوورز ۾ صرف هڪ وڪيٽ وڃائي حاصل ڪيو۔۔
    • سندن ان ڪارڪردگي کين پوائينٽس ٽيبل تي سيالڪوٽ کان پوءِ ٻئي نمبر تي پهچائي ڇڏيو۔۔۔ ۽ ڪوائٽر فائينل ۾ پهچڻ جي ويجهو به۔۔ پر گروپ جي آخري ميچ ۾ ڪراچي ڊالف سيالڪوٽ جهڙي مضبوط ٽيم کان ميچ کٽي پوزيشن مضبوط بڻائي ۽ بس هڪ پوائينٽ جي گهٽتائي ڪري لاڙڪاڻي جي ٽيم اڳتي نه وڌي سگهي۔۔۔ ان باوجود ڪرڪيٽ جا پنڊت سندن گر ڳائيندا رهيا۔۔
    توڙي جو لاڙڪاڻي جي ٽيم نوجوان رانديگرن تي مشتمل آهي پر سندن کيڏڻ جي جذبي کي ان ڳالهه مان جانچي سگهجي ٿو ته محدود سهولتن باوجود هن ٽيم پاڪستاني ٽيم جي مشهور رانديگرن سامهون پنهنجي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو ته جيڪڏهن سنڌي رانديگرن کي کيڏڻ جو موقعو ملي ته هو بهترين رانديگر ثابت ٿي سگهن ٿا۔۔۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 فيبروري 2014
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    بهترين سائين اسان وٽ ته کيڏڻ لاءِ گرائونڊ ڪون آهن
     
  3. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    بھترين سائين... بيشڪ اسان وٽ سُٺا گرائونڊ نه آھن پر ان باوجود فرمارمنس ڏيڻ... ان سان گھٽ ۾ گهٽ اھو ته ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي نوجوان سھولتن جي اڻھوند جي باجود بيپناھ ٽيلنٽ رکي ٿو...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستن کان معزرت ... هالانڪه پوائينٽس ٽيبل مطابق رزلٽس ڪجهه مختلف آهن .. پر خبر ناهي ڪهڙي طرح ڪوارٽر فائينل جي چونڊ وڃي بيٺي...

    [​IMG]

    ۽ خوشقسمتي سان لاڙڪاڻو بل ٽيم ڪوارٽر فائينل ۾ پهتي ٿي...

    [​IMG]

    توڙي جي کڻي قسمت لاڙڪاڻي کي ڪوارٽر فائينل تائين پهچايو پر اها به قسمت جي ستم ظريفي چئجي جو ڪوارٽر فائينل ۾ سندن مقابلو پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان مصباح جي ٽيم فيصل آباد سان ٿيو.. جنهن ۾ اڌ کان گهڻا پاڪستاني ٽيم جا رانديگر کيڏي رهيا هئا.. لاڙڪاڻي ٽيم جي بالرز جي شاندار ڪارڪردگي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ان مضبوط ٽيم کي رڳو 121 تائين محدود رکيو پر سعيد اجمل اسد علي جهڙن تجريبڪار بالرز اڳيان بيٽنگ ٽيم مقابلو نه ڪري سگهي .. رڳو اياز جمالي 36 بالز ۾ 34 رنسون ٺاهي قابلِ ذڪر رهيو ۽ ائين پوري لاڙڪاڻي جي ٽيم 33 رنسون اڳ ئي آئوٽ ٿئي وئي...

    ان باوجود به سينيئرز رانديگرن سان کيڏي ٽيم جي رانديگرن ۾ اعتماد وڌيو هوندو.. جنهن جو اثر ٻي ڊوميسٽڪ سيزن ۾ ضرور نظر ايندو...
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏14 فيبروري 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو