دليون درسگاهون : عائشه ميمڻ

'شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 مارچ 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر چوهتر (74) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”دليون درسگاهون“ سنڌ جي بهترين شاعره عائشه ميمڻ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. عائشه ميمڻ تمام ٿوري عرصي ۾ اهو ثابت ڪيو آهي ته هو رخسانه پريت ۽ روبينه ابڙو کان پوء به عورت شاعرائون پختي شاعري ڪري رهيون آهن.

    اسين ٿورائتا آهيون ادي عائشه ميمڻ جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ قرب پياري دوست مرتضى لغاريءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني. هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.

    ڦٽايو نه محفل، اُٿي ٿا وڃون،
    اسان خير آ جي، ڏکي ٿا وڃون!

    اگر ڏاڍ هوندو، ته آهيون اُڀا،
    اگر پيار آهي، جـﮬـڪي ٿا وڃون!

    جتي قرب ڪوٺيو، اسان کي اتي،
    سچي يار هڪ دم، ڊڪي ٿا وڃون!

    جڏهن بي رخيءَ مان، اسان ڏي ڏسو،
    ته بيساهه ٿي ڄڻ سڪي ٿا وڃون!

    ڀلي سُور مرڪي، اسان کي ڏيو،
    نه ٿي رنج راڻا، لڇي ٿا وڃون.

    اوهانجي اکين جون نهارون تکيون،
    وڏي شوق سان من، ڪسي ٿا وڃون!
    سدا عائشه’ ياد، رهندا سڄڻ،
    متان ايئن ڀانيو، رسي ٿا وڃون!​



     
  2. Mohammed Luqman Junejo

    Mohammed Luqman Junejo
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2017
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    منهنجي سوچ مطابق جيڪڏھن هي سڀ ڪتاب پلي اسٽور تي اپلوڊ ڪيا وڃن ت وڌيڪ بهتر ٿيندو ڇو ت ڪافي دوست پلي اسٽور تي ڳولا ڪندا آھن
     
    امدا علي قادري ۽ سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي
  3. امدا علي قادري

    امدا علي قادري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جنوري 2017
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    96
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    شاگرد ايم فل شاھ عبد الطيف يونيورسٽي خير پور
    ماڳ:
    گهر نمبر 148 ليبر ڪالوني ڏهرڪي ضلع گهوٽڪي
    اگر ڏاڍ هوندو، ته آهيون اُڀا،اگر پيار آهي، جـﮬـڪي ٿا وڃو. ماشاء الله عزوجل! سنڌ ۽ سنڌين جي عڪاسي ڪئي وئي آهي . الله تعالي پنهنجي پياري حبيب ﷺجي صدقي سنڌ ۽ سنڌين آباد شاد رکي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو