قالو انا لله و انا اليه راجعون. (ڪُل نفسُن ذائقت الموت)

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏9 آگسٽ 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قالو انا لله و انا اليه راجعون. (ڪُل نفسُن ذائقت الموت)
    [​IMG]

    جيڪا رب جي رضا ! پروفيسر انيتا غُلام علي ڪله 8 آگسٽ 2014 ع اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي وئي. دوستئو! انتهائي تيزيءَ سان سنڌ ۾ (باقي بچيل تعليمي سرمايو) اسان کان موڪلائيندو پيو وڃي! حيرت اهي ته به! هيءَ هلندڙ جنريشن (نئون نسل) اڃا باقي بچيل تعليمي ماهرن کان گهربل تعليم حاصل نه ڪري سگهيو آهي جنهن ۾ بلا شعبه ۽ سراسر موالي ۽ نشائي ڪلچر جو ڏوه آهي جيڪو سنڌ دُشمن اسان جي رت ۾ گهولي اسان کي سُسست ، ڪاهل، اپاهج، موالي، نشائي، ڪم چور، ڪاپي ڪلچر ۽ سفارشي ڪلچر وارو، نوڪريون کپائڻ وارو، رُشوتي ڪامورو ٺاهڻ وارو، ڪوڙا شناختي ڪارڊ، ڊوميسائل، سنڌ جي زمينن جا ڪاغذ ۽ ڪليم ، ڌارين کي چند ٽڪن ۾ وڪرو ڪري ، گهٽڪو ۽ پان کائي ۽ گهٽڪي ۽ پان تي سنڌ کپائي ويٺا آهيون ۽ پوءِ اسان هاڻ (ايجيوڪيٽ سنڌ) جا واڪا ڪري هن ڊسڪو نسل کي جاڳائڻ جي ڪوشش پيا ڪريون پر کڙ تيل نه پيو نڪري. ته خبردار ٿيو! جهالت جي يلغار سنڌ کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي.

    ته دوستو! هاڻ پروفيسر انيتا غُلام علي (ڪلهه 8 آگسٽ 2014 ع ) تي اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي وئي آهي ۽ ڪي باقي بچيل تعليمي ماهر ڏينهن ڳڻڻ جي انتظار ۾ هنڌن تي ليٽيل آهن. ته محترمه جو اھو وڇڙو اسان (ساليُووڊ رائيٽرس گلڊ)، (ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر (نيوسعيدآباد) سنڌ)، (سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن (ساوا) لاءِ بيحد ڏک ۽ افسوس جو سبب بڻيو. اسان سندس ڪيل تعليمي ميدان ۾ خدمتن کي ڪڏھن به وساري نه ٿا سگھون.

    الله پاڪ مرحومه جي مغفرت فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي ، دوستئو ! هي دار فاني ڊونيا آ هي هتي ايندڙ نسل لاءِ پروفيسر انيتا غلام عليءَ جيان ڪُجهه ڇڏي وڃو ڇو جو جيڪو آيو آهي وڃڻ لاءِ آيو آهي ۽ جيڪو وري ويو آهي سو ڪڏهن نه موٽيو نه موٽندو پر سندن يادون ضرور دل ۾ رهنديون.

    پروفيسر انيتا غلام علي جنھن کي پنھنجائپ مان( آپا انيتا) سڏيندا هُئاسون، سنڌ سڳوريءَ جي مشھور علمي ادبي گھراڻي سان تعلق رکيو ٿي. شمس العلماءِ ــ قيصر ھنڌ مرزا قليچ بيگ سندس پڙ نانو ھو. پاڻ 1960ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان ايم ايس سي مائڪرو بائلاجي ۾ ڪيائون. انٽر گورنمينٽ ڪاليج فار وومين فريئر روڊ ڪراچي مان 1954ع ۾ ڪئي آپا انيتا والد صاحب جي وقفي وقفي سان ٿيندڙ بدلين سبب گھڻن ئي اسڪولن ۾ پڙھي جڏھن ته ميٽرڪ ان وقت سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. جو تنھن وقت يونيورسٽي ميٽرڪ جا امتحان وٺندي ھئي. آپا انتيا اٽڪل 22 سال سنڌايجوڪيشن فائونڊيشن (ايس اي ايف) جي سربراھ مئنيجنگ ڊائريڪٽر رھي.

    ھو سنڌ حڪومت ۾ ٻه ڀيرا تعليم، ثقافت ، سائنس ٽيڪنالاجي، نوجوان ۽ راندين جي وزير رھي چڪي ھئي. پھريون دفعو 1996 کان 97 تائين ٻيو دفعو 1999 کان 2002 ع تائين ھو ريڊيو پاڪستان جي ڏيھي پرڏيھي نشريات ۾ خبرن واري شعبي سان انگلش نيوز ڪاسٽر (انگريزي خبرون پڙھندڙ) جي حثيت سان اٽڪل ويھه سال لاڳاپيل رھي. تعليم، عورتن، ٻارن، نوجوانن ۽ سماجي مسئلن بابت سوين مضمون لکيا. جن مان گھڻائي ملڪي ۽ غير ملڪي اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ ڇپيا. ڪيترن ئي سرڪار ۽ خانگي ادارن سندس صلاحيتن مان فائدو وٺڻ لاءِ کيس اعزازي عھدن تي پڻ پاڻ وٽ اھم جاءِ ڏني.

    پاڪستان سرڪار سندس خدمتن جي مڃتا طور 1999ع ۾ تمغه حسن ڪارڪردگي ۽ 2004ع ۾ ستاره امتياز سان نوازيو. سندس شمار سنڌ توڙي پاڪستان جي وڏن تعليمي ماھرن ۾ ٿيو ٿي.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    انا لله و انا اليه راجعون

    سندس خدمتون وسارڻ جهڙيون ناهن، الله کيس جوار رحمت ۾ جڳهه عطا ڪري ..... آمين .............. پر پاڻ به ٻين سنڌي بيوروڪريٽس وانگر آخر تائين ڪرسيء سان چنبڙيون رهيون ۽ سندس آخري دور ۾ جڏهن کيس اهم پوسٽون مليون ته پاڻ اسپتالن حوالي هيون ..... ڪاش اسان جي بيوروڪريٽس مان اها ڪرسيءَ جي بُک ختم ٿئي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    نامياري تعليمدان، انيتا غلام علي 75 ورهن جي ڄمار ۾ گذاري وئي

    نامياري تعليمي ماهر انيتا غلام علي ڪراچي ۾ ڄائي. سندس والد جو نالو فيروز نانا هو ۽ هو وڪالت واري شعبي سان لاڳاپيل هو. سندس والده جو نالو شيرين فيروز هو، جيڪا سنڌي ٻولي جي نامياري اديب مرزا قليج بيگ جي فرزند ۽ نامياري ڪهاڻيڪار مرزا نادر بيگ جي ڌيءُ هئي. هن هندستان جي صوبي مهاراشٽرا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد ڪراچي واپس اچي 1950 ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان مئٽرڪ ڪئي. هن 1954 ع ۾ انٽر جي تعليم ڪراچي جي وومين ڪاليج مان پاس ڪئي. هن انٽر جو ٻن سالن وارو اهو امتحان چئن سالن ۾ پاس ڪيو. هنB.Sc ڊي جي ڪاليج ۾ ٻن سالن بدران چئن سالن ۾ ڪئي. هوءَ پڙهائي ۾ ڪمزور هئي، جنهن ڪري ٿرڊ ڪلاس ايندي هئي. هوءَ شاگردي واري دور کان وٺي ٽيبل ٽينس ۽ بيد منٽن راند جي شوقين رهي آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا انهن جي چيمپيئن پڻ رهي آهي. سندس خواهش ڊاڪٽر ٿيڻ جي هئي پر ڊاڪٽر نه ٿيڻ ڪري استادي وارو پيشو اختيار ڪيو. هن 1978 ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ملازمت اختيار ڪئي ۽ انهي عرصي دوران پاڪستان ٽيچرس ايسوسيئيشن جي اڳواڻ بڻي ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪيترن ئي احتجاجي مظاهرن جي اڳواڻي ڪئي، جنهن ڪري سندس والد تي انتظاميا پاران دٻاءُ وڌو ويو ته هو پنهنجي ڌيءُ کي اهڙين سرگرمين کان روڪي، پر هن اهو چئي کين جواب ڏنو ته ”هوءَ بالغ ۽ شعور يافته آهي، جنهن ڪري پنهنجو برو ۽ ڀلو پاڻ سمجهي سگهي ٿي. مان سندس زندگي جي مقصد ۾ رنڊڪ نه ٿو بڻجڻ چاهيان!“ هوءَ 28 سالن تائين ايم ايس ڪاليج ۾ پروفيسر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندي رهي. هن 20 سالن تائين ريڊيو پاڪستان تي نيوز ڪاسٽر طور ڪم ڪيو. هوءَ 1989 ع ۾ سنڌ گورنمينٽ جي ٽيچرس فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ٿي ۽ اڄڪلهه سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. هوءَ سماجي تنظيمن جي سهڪاري ٿي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ تعليمي شعور لاءِ ڪوششون پڻ وٺندي رهي آهي. هن پنهنجي نوڪري واري عرصي ۾ تعليم جي حوالي سان بهترين ڪم ڪيو. هن 250 جي لڳ ڀڳ تعليم ۽ عورتن بابت انگريزي اخبارن ۾ مضمون لکيا آهن ۽ هن سنڌي ڀرت جي اصليت ۽ حويلي جي رازن بابت پڻ انگريزي ۾ ڪتاب لکيا آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو