دنيا ۾ هر سال 5 ڪروڙ ڇوڪرين جي ننڍي عمر ۾ شادي ٿيندي آهي

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏21 نومبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    سڄي دنيا ۾ هر 3 سيڪنڊن بعد ارڙهن سالن کان گهٽ عمر جي ڇوڪري جي شادي ٿيندي آهي ۽ هڪ سال ۾ 1 ڪروڙ کان وڌيڪ ڇوڪرين کي ننڍي عمر ۾ پرڻايو وڃي ٿو. اهڙي قسم جون وڌيڪ شاديون آفريقا، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ٿينديون آهن. گڏيل قومن موجب 18 سال کان گهٽ عمر جي ڇوڪري جي شادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. سڄي دنيا ۾ 5 ڪروڙ نياڻين جون شاديون ٿينديون آهن ۽ اِهو انگ ايندڙ ڏهاڪي تائين 10 ڪروڙ کان وڌڻ جا امڪان آهن.


    هٿ پير لهڻ مهل ننڍي عمر ۾ ماءُ بڻجندڙ ڇوڪرين جي فوت ٿيڻ جي شرح وڌي وڃي ٿي سڄي دنيا ۾ ستر هزار مائون پهريون ڀيرو هٿ پير لهڻ وقت فوت ٿي وينديون آهن. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب چائلڊ ميرج جنهن سڄي دنيا جي لکين ٻارڙين کان معصوميت کسي ورتي ۽ هنن کي غربت، جهالت ۽ بيماري جي حالت ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.


    ننڍي عمر ۾ شادي ٿيڻ ترقي جي رستي ۾ وڏي رنڊ آهي. اهڙي قسم جي شادين ۾ ڇوڪرين کان هنن جي پسند جي متعلق پڇيو نٿو وڃي. ڪيترا ئي ڀيرا ننڍي عمر جي ڇوڪرين کي وڏي عمر جي ماڻهو سان پرڻايو وڃي ٿو. برطانوي ٿنڪ ٽئنڪ موجب معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ رنڊڪ جو وڏو ڪارڻ اهڙيون شاديون آهن ۽ اسين هنن شادين خلاف آواز بُلند ڪري رهيا آهيون. اهڙيون شاديون جن ۾ ڇوڪرين کي خاموشي سان وڪرو ڪجي ٿو هنن ڇوڪرين جو بيماري ۾ متبلا ٿيڻ جو امڪان پڻ وڌي وڃي ٿو.


    ڇوڪرين جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي ڪنونشن 18 سال کان گهٽ عمر جي ڇوڪرين جي شادي کي انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي. نائجريا، چاڊا ۽ مالي ۾ ستر سيڪڙو ڇوڪرن کي 18 سال جي عمر کان پهريان پرڻايو وڃي ٿو. بنگلاديش، گني، وچ آفريقي جمهوريه، موز مبيق، برڪينا فاسو ۽ نيپال ۾ پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ ڇوڪرين جون شاديون ارڙهن سال کان گهٽ عمر ۾ ٿينديون آهن.


    ايٿوپيا، ملاوائي، مڊغاسڪر، سيراليون، ڪيمرون، اريٽيريا، يوگنڊا، ڀارت، نڪارا گوا، زيميبيا ۽ تنزانيه ۾ اِها شرح چاليهه سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. يونيسف موجب اهڙين شادين ۾ زچگي جي وقت ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي فوت ٿيڻ جي شرح وڌيڪ آهي. سڄي دنيا ۾ پهريون ڀيرو ماءُ بڻجندڙ ننڍي عمر جون ڇوڪريون فوت ٿي وينديون آهن. اهڙي قسم جي مائن جي گهر جنم وٺندڙ ٻارڙا وقت کان پهريان پيدا ٿيندا آهن يا وري عام ٻارڙن جي مقابلي ۾ هنن جو وزن تمام گهٽ هوندو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو