ننڍپڻ جي شادي ۽ ان جا نقصان

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏18 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    صائمه گل ميراڻي

    ازل کان عبد تائين عورت کي مرد جي برابر جو دردجو حاصل آهي پر انهن جون سماجي ذميواريون الڳ ضرور آهن پر حقن جي لحاظ سان ٻئي برابر جا حقدار آهن، جئين قرآن مجيد ۾ سورت النساء ۾ آهي ته عورت مرد جو سينگار آهي مرد عورت جو اسين پاڪستان کي اسلامي رياست پڻ سڏيون ٿا اسلامي رياست جتي اسلام جا قانون هجن پر هتي ڪجهه ڳالهه ئي ٻي آهي جڏهن ته مرد لاءِ الڳ قانون عورت لاءِ الڳ، هتي جڏهن شادي جي حق جي ڳالهه ڪجي ته پاڪستان جو قانون ڇوڪري (مرد) 18 سالن ۾ اجازت ڏي ٿو ۽ ڇوڪري لاءِ عمر 16 سال آهي ڇا اهو قانون صحيح آهي؟ ڇا اهو قانون لاڳو به ٿئي ٿو يا نه؟

    وڏي بدقسمتي سان چوڻو ٿو پوي ته پاڪستان ۾ ننڍي عمر جي شادي جي رسم عام آهي خاص طور تي سنڌ ۾ تمام ئي وڏي پيماني تي شاديون ننڍيون عمر ۾ ٿين ٿيون پي ڊي ايڇ ايس جي 2013 سروي مطابق 13 فيصد ڇوڪرين جي شادي 15 سالن کان به گهٽ عمر ٿيئ ٿي ۽ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ ڇوڪرين جي شادي 16 سالن جي عمر ۾ ٿئي ٿي ۽ هڪ سال جي اندر ئي اها ڇوڪري ماءُ بڻجي وڃي ٿي اهڙي حالت ۾ جڏهن ان ڇوڪري جو پنهنجي توليدي نظام ئي نامڪمل هوندو ته ان جو ٻار ڪئين صحيح طريقي سان پيدا ٿيندو انهيءَ ڪري 60 فيصد کان وڌيڪ مائرن جي موت جو ڪارڻ ننڍي عمر جي شادي ٿئي ٿو. پاڪستان ۾ اهو نظام هر هنڌ عام آهي ته ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائي وڃي ٿي جڏهن ته انهيءَ ۾ عورت کي ڪيترائي نقصان آهن.

    ڇوڪرين کي هميشه تعليم پرائڻ کان روڪيو وڃي ٿو پر مشڪل ئي چند ڇوڪريون هونديون جنهن پرائمري تعليم تائين حاصل ڪئي هوندي اڄڪلهه جون نوجوان ڇوڪريون ڪافي مسئلن کي منهن ڏيئي رهيون آهن گهرن ۾ خوراڪ جي ڪمي، فيصله سازي کان پري رکڻ انهن جي رائي کي عمل نه ڏيڻ ننڍي عمر جي شادي غربت ۽ جهالت آهي ماڻهو عورت کي مال جيان خريدو فروخت ڪن ٿا ڪڏنهن ڪاروڪاري ڪڏهن سڱ چٽي ، عورتن سان هر لحاظ جي ناانصافي ۽ امتيازي سلوڪ آهي سنڌ ۾ جتي عورت کي ست قرآن بر ابر سمجهيو وڃي ٿو اتي ان معاشري ۾ عورت کي ستي ڪري قرآن سان شادي ڪرائي وڃي ٿي خاص ڪري سيد خاندان جون عورتون جنهن کي سيد گهراني جو رشتو نه ملندو آهي اهي پنهنجي نياڻين کي قرآن سان شادي ڪرائي پوري عمرانهن کي اڪيلائي جي آڙاهه ۾ وجهن ٿا ۽ زندگي جو ڄڻ هر حق کسي وٺن ٿا پوءِ اهڙي ماحول ۾ ڪجهه عورتون بيزار ٿي يا ته گهرن نڪرن ٿيون يا خودڪشي ڪري ڇڏين.

    جڏهن ڳالهه ڪجي ننڍي عمر جي شادي جي ته حڪومت اهڙو قانون ڇو ٺاهيو آهي جنهن ۾ ڇوڪري کي 16 سالن ۾ پرڻائجي ، جڏهن 18 سالن کان اڳ ڪنهن به نوجوان کي ووٽ ڏيڻ جي قابل نٿو سمجهيو وڃي ته ان کي قانون شادي جي اجازت ڪيئن ٿو ڏي؟

    ڇا گهر هلائڻ ووٽ ڏيڻ کان وڌيڪ آسان آهي؟

    ڇا ٻار پيدا ڪرڻ ، انهن جي پرورش ڪرڻ ووٽ ڏيڻ کان وڌيڪ آسان آهي؟

    ڇا هڪ پورو خاندان سنڀالڻ ان جون ذميواريون پوريون ڪرڻ ووٽ ڏيڻ کان وڌيڪ آسان آهي؟

    آهي ڪنهن وث انهن سوالن جو جواب؟؟؟

    موجوده حڪومت کي اهڙو قانون ٺاهڻ گهرجي ته ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ٻنهي جي شادي جي عمر 18 سال قانونن جائز ڪئي وڃي نه صرف ڪاغذي ڪاروائي تائين پر ان تي عمل پڻ ڪرايو وڃي اميد آهي ته هن حڪومت ۾ معصوم نياڻين جي زندگين کي بچائڻ لاءِ ڪجهه اقدامات ورتا ويندا. ننڍي عمر جي شادي جو رواج نه صرف ڳوٺن ۾ شهرن ۾ پڻ رائج آهي هڪ اهڙو مثال اسانجي پاڙي ۾ موجود آهي جتي 14 سالن جي ڇوڪري جي شادي 50 سال جي مرد سان ڪرائي وئي ۽ نتيجي ۾ هڪ سال اندر ان کي ٻار ٿيو ۽ اهو ٻار معزرو پيدا ٿيو ۽ عورت ۾ خون جي ڪمي هجڻ سبب ويم کان پوءِ ڪجهه ڏينهن اندر موت ٿي وئي ان سان نه صرف ان ڇوڪري جي زندگي هميشه لاءِ وئي پر ۽ ٻار به معذور ٿيو جڏهن ته ڇوڪري اڃا پاڻ ٻار هئي ته اها هڪ تندرست ٻار کي ڪيئن جنم ڏيندي.

    ننڍي عمر جي شادي نه صرف ڇوڪرين کي نقصان رسائي ٿي پر اگر ڪو ڇوڪرو به 18 سالن کان گهٽ عمر ۾ شادي ڪري ٿو ته ان سان به ناانصافي آهي ڇو ته هو ان عمر ۾ پاڻ اڃا نابالغ آهي ته ازدواجي ذميواريون ڪيئن پوريون ڪندو گهر واري ۽ ٻار ڪيئن سنڀاري سگهندو زندگي نه صرف ان واحد شخص جي تباهه ٿيندي پر پورو گهر وڃائجي ويندي ۽ روز پيا جهڙا ٿيندا ڪڏهن پاڻ تي تشدد ڪڏهن گهر واري تي آخر نتيجي ۾ يا ته هو گهران فرار ٿيو وڃي يا خودڪشي ڪري هن دنيا مان جان آجو ڪندواسان حڪومت کي مشورو ڏيندا سون ته اها هن سنگين مسئلي بابت ضرور ڪجهه ڪرڻ گهرجي…
    (روزاني سنڌ جي ٿورن سان)
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو