ميڪ اپ جا سائيڊ افيڪٽس

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏20 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG]عورتون پنهنجي چهري جي ڪشش کي وڌائڻ لاءِ ميڪ اپ جو استعمال ڪنديون آهن. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ان سان سندن خوبصورتي وڌي ويندي آهي پر ڇا هو ان ڳالهه کان به واقف آهن ته گهڻي دير تائين ميڪ اپ ۾ رهڻ سندن لاءِ ڪيتريون ئي پريشانيون پيدا ڪري سگهي ٿو. ڪيتريون ئي عورتون ان ڳالهه کان واقف نه هونديون ته گهڻي دير تائين ميڪ اپ لڳائي رهڻ سان مٿي ۾ سور، ٿڪ ۽ گهٻراهٽ به ٿي سگهي ٿي. ميڪ اپ پروڊڪٽس ۾ اهڙا ڪيميڪل به هوندا آهن جيڪي نقصان پهچائيندا آهن ۽ لڳاتار گهڻي دير تائين استعمال ڪرڻ سان انهن جا سائيڊ افيڪٽ به سامهون اچي سگهن ٿا. لپ اسٽڪ بي شڪ چپن کي خوبصورت بڻائيندي آهي پر ان ۾ الومينيم هوندو آهي. لپ بام ۾ به اهڙيون شيون موجود هونديون آهن جيڪي کاڌي سان گڏ جسم ۾ پهچنديون آهن، جيڪي بعد ۾ نقصان جي صورت ۾ سامهون اينديون آهن. ان سان ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿيندي آهي ۽ انيميا به ٿي سگهي ٿو. لپ اسٽڪ جي گهڻي استعمال سان ڪيترائي ڀيرا ته چپ سدائين لاءِ ڪارا ٿي چڪا آهن. ان سان الرجڪ جو مسئلو به پيش ٿي سگهي ٿو. ان جي نتيجي ۾ چپ خشڪ ٿي ويندا آهن، ڪجهه ميڪ اپ پروڊڪٽس ۾ آڪسائيڊ بي ايڇ اي بيريم سلفيٽ به هوندو آهي جيڪو جسم کي نقصان پهچائيندو آهي. ان لاءِ ڪاسميٽڪ سدائين سٺي ڪوالٽي جي ئي خريد ڪريو. لپ اسٽڪ اهڙي هئڻ گهرجي جيڪا غلطي سان منهن ۾ هلي به وڃي ته نقصان نه پهچائي سگهي. چهري تي فائونڊيشن لڳائڻ سان چمڙي ۾ ڪاراڻ اچي سگهي ٿي. ڪيترن ئي شيمپوئن ۽ هيئر ڊاءِ سان وار ڪرندا آهن، ڪنهن به نئين بيوٽي پروڊڪٽ کي استعمال ۾ آڻڻ کان اڳ پيچ ٽيسٽ ڪرڻ نه وساريو. ياد رکو ته گهڻو قدر ميڪ اپ پروڊڪٽس ۾ ڪيميڪل هوندو آهي جيڪو نقصان پهچائيندو آهي. ڪيترائي ڀيرا ته سن اسڪرين سان به چمري تي ڪاراڻ اچي ويندي آهي. گهڻي دير تائين ميڪ اپ رهڻ سبب سڻڀ واري گلينڊش بند ٿي ويندي آهي. ان لاءِ چهري جا سوراخ بند ٿيڻ سبب داڳ به ٿي سگهن ٿا. ڪوشش اها هئڻ گهرجي ته ميڪ اپ کي ميڪ اپ ريموور سان صاف ڪرڻ گهرجي. ائين نه ڪرڻ سان انفيڪشن جو خطرو رهندو آهي.
    (روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو