پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي جي آتم ڪٿا

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2015۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 20

    جيئن شاگردن منهنجي ٻولي سمجهي سگهن!

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

    ادا پريم، 21 آگسٽ تي جيئن ئي وڃي ”رائيس ملنگ ڪارپوريشن“ آفيس لاڙڪاڻي ۾ زونل مئنيجر، غلام نبي مغل صاحب سان مليو ته هو اڳيئي کيس بيحد پريشان پئي نظر آيو. جنرل ضياءٌ الحق اچڻ سان ئي بلوچستان جي چيف سيڪريٽري، نصر من الله خان کي اُتان گهرائيندي ”رائيس ملنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان“ جو نئون چيئرمين ڪري مقرر ڪيو هو. هن جي ايمانداريءَ سبب جنرل ضياءُ الحق جو مٿس بيحد اعتماد هئو. پوءِ خود ذوالفقار علي ڀٽي صاحب به پنهنجي آخري ڪتاب If I’ m Assassinated ۾ نصرمن الله خان جي ايمانداريءَ جي ساک ڀري هئي.
    غلام نبي مغل صاحب، ادا پريم کي ٻڌايو ته نصر من الله خان پوري سنڌ جي دوري تي آيل آهي ۽ جيڪب آباد ۾ ڌانڌليون ڏسندي اتان جي زونل مئنيجر کي اڳي ئي سسپينڊ ڪري چڪو آهي. ان لاءِ هو ادا پريم ۽ پنهنجي لاءِ رب پاڪ کان خير گهري رهو هئو! ادا پريم کيس ڪجهه ڪجهه همت وڌائيندي چيو ته ”الله وڏو آهي! ڀل نئون چيئرمين وزٽ ڪري.“
    اصل ۾ قاضي آصف صاحب واري وقت کان ادا پريم توڙي پوري رائيس ملنگ ڪارپوريشن، لاڙڪاڻي وارو پورو زون اڳ ئي سموريون رپورٽون هميشه تيار ڪري رکڻ تي هريل هئو. ان لاءِ هڪ ته ادا پريم وٽ اُهي رپورٽون ته تيار هيون ئي، جنهن موجب رتوديرو جي صرف چار شيلرن مان هنن ٻارهن لک رپيا ڪمائي ڏيکاريندي بئنڪ اڪائونٽ ۾ رکيا هئا ۽ سارين جو سمورو فصل پڻ ڇڙائي ٿي چڪو هئو؛ صرف چانورن جون ڪي ٿوريون ڳوڻيون ڪنهن ڪنهن ڪارخاني ۾ بچيل پيون هيون؛ ان لاءِ ادا پريم کي ڪو گهڻو فڪر ڪونه هو.
    24 آگسٽ تي صبح جو 10.00 وڳي کن نصر من الله خان جيئن ئي جيڪب آباد کان لاڙڪاڻي ايندي پهرين پهرين رتوديرو پهتو ته ادا پريم جي آفيس ۾ ويو ۽ ادا جن طرفان ٺاهيل سمورو رڪارڊ، ڪمائيءَ واري رقم ۽ ڪنهن به قسم جو رهيل ڪم نه ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، بلڪه هن ته منجهند جي ماني به ادا پريم جن وٽ کاڌي ۽ کانئس پئي حال احوال ورتو. جنهن کانپوءِ ئي هن لاڙڪاڻو شهر ۽ ڪجهه ٻيون ايراضيون ڏٺيون هيون. ان وچ ۾ ادا پريم ڪنهن ضروري ڪم سان ڪراچيءَ مان ٿي آيو ۽ 27 آگسٽ تي جيئن ئي ڪراچيءَ مان موٽيو ته کيس غلام نبي مغل صاحب ٻڌايو ته چيئرمين نصر من الله خان، ادا پريم جي ايمانداريءَ کان خوش ٿي کيس پوري جيڪب آباد زون لاءِ زونل مئنيجر جي اپوائنٽمينٽ ڪئي هئي، جنهن لاءِ ادا کي جلد ئي جيڪب آباد پهچڻو هو.
    هاڻ غلام نبي مغل صاحب، ادا پريم کي پنهنجي ڪار ۽ لاڙڪاڻي وارو اڪائونٽنٽ پڻ ساڻ ڏنو ته جيئن ادا پريم جيڪب آباد وڃي زونل مئنيجر جي چارج وٺي سگهي. رستي تي ادا پريم، نئون ديرو ۾ به اُتان جي ايريا مئنيجر نامديو کي پڻ رتوديرو جي ايڊيشنل چارج ڏيندو، جيڪب آباد پهتو ۽ اُتي وڃي جيڪب آباد جي قائم مقام زونل مئنيجر کان چارج ورتائين. اُتي ڪجهه ئي ڏينهن اڳ معطل ٿيل زونل مئنيجر جو ننڍو ڀاءُ منور علي شاھ ايڊمنسٽريٽو آفير طور پڻ ڪم ڪري رهيو هو. جنهن سان ادا پريم کي ٽي چار مهينا ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. ادا پريم ان مان ادا بيحد مطمئن هوندو هو، پر باقي سموري زون ۾ خريد ٿيل هڪ سئو مڻ سارين مان 67 مڻ چانورن بجاءِ سراسري پيداوار صرف پنجاھ مڻ ڏسي ادا پريم کي پڻ ڪجهه ڪجهه ڀئو پئي لڳو ته ڪٿي ٻين جا پاپ هن جي گلي نه پئجي وڃن. پوءِ فيڊرل انويسٽيگيٽنگ ايجنسي FIA جو هڪ انسپيڪٽر اُتي جاچ ڪرڻ آيو ۽ ادا پريم کان آڏي پڇا ڪندي کيس ڪجهه ڏڪائي رهيو هو ته ادا پريم کيس کُليو چيو ته ڀل اُهي تفصيل سان ڪهڙي به جاچ ويهارين؛ ڇو ته هن جو ڪهڙي به ڏوھ سان واسطو ئي ناهي. پوءِ به ادا پريم جي دل جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ هڪ عجيب ڀئو موجود ئي هو.
    وري جو ضياءُالحق ڏٺو ته صرف نصرمن الله خان سان به ڪم ڪو نه هلندو، ته هن ماڳهين ئي 31 آگسٽ 1977ع تي رائيس ملنگ ڪارپوريشن کي بند ڪرڻ جو حڪم ڪڍيو. پوءِ ته اڳ جيان هينئر به هر هڪ ڪارخاني تي ملٽري بيهجي ويئي. اهڙي صورتحال ۾ ته خود ادا پريم کي به انهن اندر اچڻ ڪونه پئي ڏنو. ادا پريم اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي ايڊمنسٽريٽو آفيسر منور شاھ سان گڏ جيڪب آباد جي انچارج ميجر ۽ ضلعي جي مارشل لاءِ ايڊمنسٽريٽر، ليفٽيننٽ ڪرنل سان پڻ ملندو رهيو، آخر پندرهن ڏينهن کن پوءِ ئي مس کيس اندر وڃڻ ڏنو ويو.
    هوڏانهن ذوالفقار علي ڀٽي صاحب کي جيئن ته هڪ خاموش انقلاب ۾ پاڪستان ملٽري 5 جولاءِ 1977تي راتاهو آڻيندي کيس ڪوه مريءَ جي هڪ بنگلي ۾ پهرين نظر بند ڪري رکيو هو؛ اُتي ڪجهه ڏينهن پوءِ جڏهن ضياءُ الحق کيس ملڻ ويو ته ڀٽو صاحب مٿس ايڏي ته ڪاوڙ ڏيکاري هئي جو ڄڻ هو اڄ به سندس هاءِ ڪمانڊ هجي! ڪجهه اهڙين ڳالهين ۽ ٻيو ته اليڪشن ٿيڻ جي حالتن ۾ ڀُٽي صاحب جو لاهور کان ريل رستي ڪراچيءَ اچي عام جلسي کي خطاب ڪرڻ مهل جيڪا تمام گهڻي رش آئي هئي، ان ضياءُ الحق کي ايڏو ته ڏڪائي ڇڏيو جو هن ماڳهين ئي اليڪشن جي انائونسمينٽ واپس وٺندي ڀٽو صاحب واري دور جي جاچ ڪرائڻ شروع ڪئي جنهن کي محاسبي Accountability جو نالو ڏيئي ڀُٽي صاحب کان هڪ دفعو ٻيهر سندس آزاد کسي وئي.
    اهڙين حالتن ۾ ادا پريم کي ڪم ڪندي به ڏاڍي ڪوفت پئي ٿي؛تڏهن هن پاڻ ئي ڪراچيءَ مان ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر نور محمد شاھ وٽان جيڪو ڪجهه ٽي مهينا اڳ ميرپور خاص جي ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تان گهرايو ويو هئو، ان کان نومبر 1977ع جي وچ ڌاري پنهنجي لاءِ Reliving order ڪڍائي اچي گهر ويٺو. جيتوڻيڪ ان کان پوءِ به ڪراچيءَ واري هيڊ آفيس مان ادا پريم کي وري bh جوائن ڪرڻ جي آڇ آئي، پوءِ به هن قبول نه ڪندي ان باهه کان ئي پري رهي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي وڪالت شروع ڪري ڇڏي ۽ واندڪائيءَ واري وقت ۾ ڪڏهن ڪڏهن منوهر وٽ ”انڊس آرٽ اسٽوڊيو“ تي پڻ وڃي ويهندو هو.
    ادا پريم مون کي سيپٽمبر 1977ع ۾ جڏهن آءُ اندور رهندو هوس ته پنهنجي زونل مئنيجر واري ترقيءَ جو ٻڌايو هئو ۽ پوءِ جڏهن آءٌ الهاس نگر اچي هڪ نئين جدوجهد جي منهن ۾ پيو هوس ته سندس نوڪري ڇڏڻ جو اطلاع مليو هئو.
    هينئر جون 1978ع ۾ مون کي جڏهن آر ڪي تلريجا ڪاليج، الهاس نگر ۾ سنڌي سبجيڪٽ لاءِ جونيئر ڪاليج ٽيچر جو آرڊر مليو ته تمام گهڻي خوشي ٿي هئي؛ جو هن کان اڳ آءٌ سنڌ ۾ ته اڌ پگهار تي بلڪل عارضي نوڪري ئي ڪري آيو هوس. آءٌ وري به ڪنهن قسم جو خطرو نه کڻندي پنهنجي اناج واري ڌنڌي جي سلسلي ۾ في الحال پنهنجي ڀائيوار کي ڪو نه ٻڌايو جو مس مس الله پاڪ جي مهربانيءَ سان اهو ڪم شروع ٿيو هو، ائين نه ٿئي ته ڪنهن به سبب کان آءٌ ڪاليج ۾ نه هلي سگهان ته اناج جي بزنيس کان به جواب ملي وڃي. ان لاءِ مون هفتو کن انتظار پئي ڪرڻ چاهيو.
    20 جون 1978ع تي مون جيئن ئي آر ڪي تلريجا ڪاليج جوائن ڪيو ته چوماسي سبب انهن ڏينهن ۾ زبردست مينهن وسي رهيو هئو. آءٌ جڏهن پنهنجو ليڪچر وٺڻ ويس ته يارهون ۽ ٻارهون سائنس ۽ آرٽس ۾ ته ٿورا ئي شآگرد هئا، پر ٻنهي سالن لاءِ ڪامرس فيڪلٽيءَ ۾ ايڏا ته گهڻا شاگرد هئا جو منهن جو ورڪ لوڊ گهٽائڻ لاءِ ڪامرس سنڌي سبجيڪٽ جي ٻن ٻن ڊويزن کي گڏيندي هڪ ڪيو ويو هو. اسان هريل هئاسين لاڙڪاڻي واري ماحول تي جتي هر هڪ ڊويزن ۾ صرف ٽيهارو شاگرد مس هوندا هئا، پر هتي جو ڪامرس جي ٻن ڊويزن کي گڏيائون ته هڪ ئي ليڪچر ۾ ڏيڍ سئو کن اسٽوڊنٽس ٿي ويا. ڪيترا ته ڀت کي ٽيڪ ڏيئي بيٺا هوندا هئا. سنڌ ۾ جيڪا استاد لاءِ تعظيم هوندي هئي، هتي ته اها بلڪل نظر نه پئي آئي. ان وڏي ڪلاس ۾ مون پهريون ليڪچر گرامر جو ئي ورتو ۽ جنهن به شاگرد کي مون شرارتي پئي سمجهيو، ته ان کان زوريءَ به سمجهايل ڳالهه پڇي رهيو هوس. پر ان قسم جا شاگرد به اهڙا ته ڪي نؤد هئا جو هن لاءِ عزت ۽ بي عزتيءَ ۾ ڄڻ فرق ئي ڪو نه هئو. جڏهن نه پئي ٻڌائي سگهيا به کليا پئي ڄڻ وڏي کيپ کٽي هئائون. الله الله ڪندي ڏينهن ڪڍڻ لڳس، پر شاگردن ۾ سنڌي ٻولي سکڻ جو چاھ ڏاڍو گهٽ پئي نظر آيو.
    اسان لاڙڪاڻي ۾ هريل هئاسين روز صرف هڪ ليڪچر وٺڻ تي، جڏهن ته هتي جونيئر ڪاليج ۾ هفتي جو ورڪ لوڊ 27 ليڪچر هئو ۽ مونکي ته ٻيو به هڪ ليڪچر ڳنڍيندي ڪل اٺاويهه ليڪچر ڏنا هئائون. يعني ڇهن ڏينهن جي حساب سان ڪڏهن چار ته ڪڏهن پنج ليڪچر! پهريان ڪجهه ڏينهن جيئن ته صرف ٻارهون ڪلاس شروع ٿيل هئو ۽ اڃا يارهين جون داخلائون ئي ڪو نه ٿيون هيون؛ اهڙي صورت ۾ اهي پهريان ڏينهن روز صرف ٻه ليچر هوندا هئا ۽ آءُ آسانيءَ سان پنهنجي اناج جي دوڪان تان هتي پهچي ويندو هوس.
    مون سوچيو اهو هئو ته ڪاليج يا اناج جي واپار بابت هفتي کن کانپوءِ طئه ڪبو پر الهاس نگر ڪو هروڀرو ايڏو وڏو شهر ناهي ۽ منهنجي ڀائيوار لالچند کي خبر پئجي ئي ويئي. هن به مون کان سڌوسنئون پڇيو ته مون ليڪچررشپ شروع ڪئي آهي ڇا؟ مون کي ته ها، ئي ڪرڻي پيئي! جيتوڻيڪ هو نه به پڇي ها به آءٌ ته ٻڌائڻ وارو ئي هوس جو يارهون درجو شروع ٿيڻ جي حالت ۾ ته اڌ ڏينهن ڪاليج ۾ لڳي ئي وڃي ها.
    روز پنج ليڪچر ۽ جيڪڏهن وچ ۾ ڪنهن مهل فري ليڪچر هجي ته پنج ڇهه ڪلاڪ ته ڪاليج ۾ لڳيو ئي وڃن ها! هتان جو جونيئر ڪاليج پڻ اسڪول جيان آهي ته جتي استاد کي پورو ڏينهن پڙهائڻو ئي پوندو آهي. لالچند مونکي ڪنهن به هڪ ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ته مون ڪاليج سروس جي چونڊ ڪئي؛ جنهن جي نتيجي ۾ پوءِ ته ٻن ٽن ڏينهن ۾ ئي دادا چنديرام مٽلاڻيءَ معرفت سمورو حساب ڇڏائي ڪري مون پنهنجي ڀائيواري واپس ورتي.
    مون جيئن ئي اناج جو ڪم شروع ڪندي پنهنجي لاءِ گهر به ورتو هئو، ته اهڙي صورت ۾ هڪ مهينو کن مون پنهنجي ماني پاڻ ئي گهر ۾ ڪئي هئي؛ پر منهنجي ماسات اندرا جو مون سان ايڏو ته سنيهه هوندو هو جو اُها پاڻ ۽ سندس گهوٽ راجلداس هڪ ڏينهن منهجي گهر اچي زوريءَ به مڃائي ويا ته ماني آءُ پاڻ نه ڪيان، پر انهن جي گهر ئي کاوان! هنن جو ايڏو پيار ڏسي مان ”نه“ ته نه ڪري سگهيس پر مون وري هڪ ڳالهه کانئن طئه ڪرائي ته مان کين هر مهيني ڪجهه رقم ان ويسيءَ کاتي ڏيندو رهندس! دراصل اندرا ۽ راجلداس جا اُهي قرب آءٌ سڄي حياتي ڪو نه لاهي سگهندس، جو اُتي فطرتاً گهر جي مانيءَ سان گڏوگڏ ڄڻ پنهنجي گهرو زندگي پڻ ملندي هئي!
    اسان جو ڪاليج 11.00 کان 5 وڳي تائين هوندو هو ۽ روز منجهند جو ڄڻ اسان جو ڪامن روم خالي، خالي لڳو پيو هوندو هئو. ڪامرس واري ليڪچر ۾ ڪيترا شاگرد ته ايترو شرارتي هوندا هئا، جو ڪو شاگرد هلندي ليڪچر ۾ بوٽ سان فرش تي ٺڪ ٺڪ جو آواز ڪندو رهندو. جنهن کي ته پڪڙڻ به ڏکيو! جو اسٽوڊنٽس جون ڄنگهون ته ڊيسڪ اندر هونديون هيون. هڪ ڏينهن اڳيان ٻين قطار ۾ ويهندڙ هڪ شاگرد اهڙي ئي شرارت ڪئي ۽ پڪڙجڻ جي باوجود به بدتميزيءَ سان ڳالهائڻ لڳو. اسٽوڊنٽس جي بدانتظامي اهري هوندي هئي جو آر ڪي ٽي ڪاليج ۾ اصل رواج هوندو ته هر ٽيچر ڪلاس روم جو دروازو بند ڪري پوءِ ئي اندر پڙهائيندو هو ته جيئن انهن جو آواز ڪنهن به ٻئي ڪلاس ۾ رخنو نه وجهي. انهن ڏينهن ۾ مان به صرف پنجويهه سالن جي عمر جو هوس ۽ سنهڙائپ سبب ڪا منهنجي چهري ۾ دهشت ته هئي ڪونه! مون ڇا ڪيو جو جڏهن ان ٻين قطار واري شاگرد بدتميزي ڪئي ۽ ٻيا ڪيترا شاگرد کلڻ لڳا ته مان ڄڻ هار مڃيندي دروازو کولي ان ئي فلور تي ڪامن روم ۾ آيس ته جيئن ڪنهن سينيئر پروفيسر کان مدد وٺي سگهان! سائينءَ جي مهر سان ان ڏينهن جونيئر ڪاليج جو انچارج، هيرو شيوڪاڻي پاڻ اُتي ويٺو هو. ان کي جو مون شاگرد بابت ٻڌايو ته هو اُٿي مون سان گڏ ڪلاس ۾ آيو ۽ ان ساڳئي شاگرد کي ڪن کان وٺي ايڏو ته زور سان مروڙيائينس جو همراهه کان ته اصل رڙ نڪري ويئي!
    پوءِ ته پورو ڪلاس سن ٿي ويو، تڏهن مس مان ليڪچر وٺي سگهيس، آءٌ جڏهن ڪامن روم مان مدد وٺڻ ويو هوس ته شايد ان لاءِ به تيار هوس ته سمورن ٽيچرس ۾ منهنجي بدنامي ٿيندي ته آءُ انتظام نه ٿو رکي سگهان ۽ ڪجهه ڪجهه ان لاءِ به تيار هوس ته ڪٿي مونکي ماڳهين ئي نوڪري مان نه ڪڍيو وڃي! پر جڏهن اهڙو ڪجهه نه ٿيو تڏهن خبر پيئي ته اهو سڀ ڪجهه اُتي معمول مطابق ئي هلي رهيو هئو! پر اهي شرارتي شاگرد ڪو سڌرڻ وارا ڪو نه هئا. وري ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه! ڪجهه ئي ڏينهن ۾ وري مونکي مجبور ڪري ڇڏيائون ته مان دروازو کولي ڪامن روم مان ڪنهن کي وٺي اچان. ان ڏينهن وري ٻيو ڪير به نه ۽ اتفاق سان ڪامرس جو پروفيسر ڪلواڻي پنهنجي ڪنهن دوست سان ڪامن روم ۾ ان منجهند واري وقت تي آيل هئو؛ نه ته ڊگري ڪاليج وارا روز جلد ئي واندا ٿي گهر به هليا ويندا هئا. مون به همت ڪري ڪلواڻي صاحب کي پنهنجي ماجرا ٻڌائي. هن ته فٽافٽ اُٿي هلي اُن شرارتي ڇوڪري کي اهڙيون چماٽون وهائي ڪڍيون، جو پورو ڪلاس اصل چپ ٿي ويو!
    ائين آءٌ پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ آر ڪي تلريجا ڪاليج واري پهرين سال ۾ ڄڻ جنسي هار قبول ڪندي اُهي ٻه دفعا ٻاهرين مدد ورتي هئي. جيسين مان پاڻ کي هتان جي حالتن سان ٺهڪائي سگهان! ان پهرين ئي سال ٻارهون ڪامرس جي هڪ ڊويزن ۾ جيتوڻيڪ اسان جي سنڌي شعبي جي هيڊ، هيرو شيوڪاڻيءَ جي نياڻي لتا پڻ پڙهندي هئي، جنهن ڪري سڀاويڪ ان ڳالهه جو به خيال رهندو هو ته اها ضرور وڃي پنهنجي والد صاحب کي روزانه رپورٽ ڏيندي هوندي، پر جتي ڪلاس ۾ شرارتي شاگرد هئا ته ڪجهه ڪجهه ڏاڍا سٺا اسٽوڊنٽس به هوندا هئا، جيڪي وري منهنجي علم ۽ منهنجي سمجهاڻيءَ کان بيحد خوش ٿيندا هئا. پر جلد ئي مونکي رپورٽ ملڻ لڳي ته شاگردن کي منهنجي ٻولي ڪجهه وڌيڪ ادبي پئي لڳي ۽ اُهي مون کان هلڪي ڦلڪي ٻوليءَ جي توقع ڪري رهيا هئا. پوءِ آخر مجبور ٿي مونکي ڪلاس روم اندر پنهنجي ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ پنهنجي ڳالهائيندڙ ٻوليءَ جي معيار کي گهٽائڻو پيو ته جيئن شاگرد منهنجي ٻولي سمجهي سگهن!


    عوامي آواز سنڊي ميگزين 9 آگسٽ 2015
    ___
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 21

    مان ته ڪنهن سان پنهنجي ماجرا به ڪو نه پئي سلي سگهيس!

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

    مون جيئن ئي فيصلو ڪري ورتو ته منهنجي لاءِ ٽيچر واري نوڪري ئي صحيح آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ اناج واري ڀائيواري به ختم ڪري ڇڏي، ته پوءِ دل و جان سان پنهنجي ٽيچنگ سروس کي لڳي ويس. اڃا نوڪري شروع ٿئي مهينو ئي مس ٿيو هئو، جو اسان جي ڪاليج ۾ سائڪالاجي پاڙهيندڙ جونيئر ڪاليج جو ئي ٽيچر، ڀاءُ مرليڌر ڪُرهاڙي جونيئر ڪاليج لاءِ لازمي پروفيشنل ڪورس ”ڊپلوما آف هائر ايڊيوڪيشن“ ڪرڻ لاءِ بامبي يونيورسٽيءَ وڃي رهيو هئو. جيتوڻيڪ ان ڏينهن بارش به ڏاڍي زور جي پئي پيئي، پوءِ به آءُ تڪڙ ۾گهران وڃي ايم اي (سنڌي) جي ڊگري ۽ ڄمڻ جي تاريخ واري ثبوت ۾ ميٽرڪ جو پڪو سرٽيفڪيٽ کڻي آيس، جو مون کي به اهو ڪورس ڪرڻو هئو.
    اسين ٻيئي، ڪرهاڙي ۽ مان ڪاليج مان ضروري ليڪچر وٺي الهاس نگر اسٽيشن تان لوڪل ٽرين تي بمبئيءَ جي چرچ گيٽ بمبئي وياسين کان اولهه طرف ”بي“ روڊ تي سامونڊي ڪناري ڏانهن صرف ٻه ٽي منٽ ئي اڳيان وڌياسين ته بامبي يونيورسٽي جي ”ڪلب هائوس“ بلڊنگ هئي، ان جي گرائونڊ فلور ئي تي ”انسٽيٽيوٽ آف ڊسٽنس ايڊيويڪشن“ جي آفيس هئي. ان ڏينهن بامبي يونيورسٽي طرفان ٻاهر ڪاريڊار ۾ ئي هڪ آفيسر ٽيبل لڳائي ويٺو هو، جو”ڊپلوما آف هائر ايڊيوڪيشن“ لاءِ هر هڪ اميدوار جا سرٽيفڪيٽ ڏسي سندس داخلا فارم صحيح پئي ڪندو ويو. مونکي ڄڻ پنهنجو ڀئو کائي رهيو هئو، جو هتان جي ڪيترن ماڻهن جي دلين ۾ پاڙيسري ملڪ لاءِ ڄڻ هڪ قسم جي چڙ پئي نظر ايندي هئي. ڪرهاڙي، ڪرناٽڪ مان آيل هئو، ان جا سرٽيفڪيٽ ڏسندي جڏهن سندس داخلا فارم صحيح ڪيائين ته پوءِ منهنجو نمبر هو. الله پاڪ کي ساريندي مون به پنهنجا سرٽيفڪيٽ ۽ داخلا فارم ان آفيسر جي سامهون رکيا. ٻاهر تيز مينهن پئي پيو، جنهن سبب اسين پنهنجا سرٽيفڪيٽ مختلف پنين ۾ ويڙهي کڻي آيا هئاسين، ته جيئن بارش سبب خراب نه ٿين! مون به سائين کي ياد ڪندي جو پنهنجو سنڌ يونيورسٽي واري ايمن اي ڊگري ۽ حيدرآباد بورڊ طرفان جاري ڪيل ميٽرڪ جو پڪو سرٽيفڪيٽ سندس سامهون رکيو ته هن اشراف صرف ضروري تفصيل چيڪ ڪندي منهنجو به داخلا فارم صحيح ڪري ڇڏيو. پوءِ ته اسين ٻيئي ڄڻا ڪيشيئر وٽ پئسا ڀري پنهنجي پنهنجي داخلا وٺي آياسين.!
    دراصل منهنجو الهاس نگر وارو دوست ڀاءُ هاسانند روهڙا، جيڪو چاندي ڀائي ڪاليج ۾ فزڪس لاءِ جونيئر ڪاليج ٽيچر هئو، ان کي منهنجي ٽيچر ٿيڻ تي مون کان به وڌيڪ خوشي ٿي هئي. اسان ٻنهي جي ويوِ لينٿ ايڏو ته پاڻ ۾ ملندي هئي، جو پورو پورو ڏينهن گڏ هوندا هئاسين. ٻيئي ڄڻا پنهنجي پنهنجي ڪاليج مان واپس اچي پوءِ ڪڏهن هاسانند جي گهر ته ڪڏهن منهنجي ماسات اندرا وٽ ۽ ڪڏهن هاسانند جي مامن وارن لومن تي وڃي ڪچهري ڪندا هئاسون. پر هاسانند ”ڊي ايڇ اي“ ۾ ايڊميشن ڪونه ورتي هئي.
    ڊاڪٽر پراسنس ”ڊي ايڇ اي“ لاءِ يونيورسٽي طرفان ڪوآرڊينٽر هئو، هو جيڪو هڪ پارسي شخص هو، هو بيحد ذهين ۽ بهترين پروفيسر هئو، سائوٿ بامبي ۽ مدراس جي تمام رجسٽرڊ شاگردن جو پهريون گڏيل ليڪچر سيد نهيم ڪاليج“ چرچ گيٽ ۾ ٿيو، جيڪو هندوستان جو پهريون ۽ ڏيڍ سئو سال جهونو ڪامرس ڪاليج هو، ڊاڪٽر پراسنس جو ليڪچر اسان کي ڏاڍو وڻيو! هن کي سمجهائڻ جو ڏانءُ ايڏو ته شاندار هو، جو نه صرف مواد، ٻولي ۽ ڳالهائڻ جو لهجو، پر ان سان گڏوگڏ هن جو باڊي ميسيج پڻ سندس ليڪچر جي ڪاميابيءَ جو اهم جز هئا. اسان صرف پهريون ليڪچر اُتي چرچگيٽ تي اٽينڊ ڪيوسين، پر ان کانپوءِ هفتي ٻه ڏينهن 5:30 کان 7:30 وڳي تائين دادر اسٽيشن جي ايسٽ ۾ رام نرنجن رويا ڪاليج ۾ ويندا هئاسين، جيڪو پڻ انگريزي واري زماني جو ٺاهيل جهونو ڪاليج هئو.
    ”ڊپلوما آف هائر ايڊيوڪيشن“ (ڊي ايڇ اي) ”بي ايڊ ۽ ايم ايڊ کي گڏ ڪندي بامبي يونيورسٽي طرفان هڪ نئون ڪورس شروع ڪيو ويو هئو، جيڪو هڪ سال جي اندر ڪرايو ويندو هو ۽ يارهون ۽ ٻارهون درجو پڙهائيندڙ استاد لاءِ لازمي هو. آءٌ ڪاليج پورو ڪري پنهنجي سائڪلاجي واري ٽيچر ڪرهاڙي ۽ اڪائونٽس آفيس جي ڪلارڪ ميڊم رهيجا سان دادر ۾ اُهي ليڪچر اٽينڊ ڪرڻ ويندو هوس. مون کي ان ڪورس مان گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو. سينيئر پروفيسررس طرفان پنهنجو مواد تيار ڪري ڪيئن سلسله به سلسله ڳالهه کڻڻ ۽ ليڪچر ڏيڻ جو طريقه ڪار، جو سڄو ڪلاس اُن هڪ استاد جي ڳالهين سان ڄڻ ٻڌجي وڃي! ريسرچ ميٿڊالاجي پڙهندي تحقيق جي دائري سان ڄڻ رغبت ٿيڻ لڳي. انهن ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ مونکي انگريزي ڳالهائڻ ايترو عبور ڪو نه هئو، پوءِ به سڀ پروفيسر مونکي بيحد پسند ڪندا هئا.
    ڊي ايڇ اي ۾ ڪل چار پيپر هوندا هئا، جن لاءِ اسان کي هر هڪ پيپر لاءِ هڪ يعني ڪل چار تحقيقي مقالا لکڻا هئا. اسان جي ڪاليج واري ميڊم رهيجا انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪافي ماهر هئي ۽ گڏ دادر اسٽيشن ڏانهن ويندي ويندي ڪجهه ويجهڙائپ به ٿي ويئي هئي. اها مون سان ايترو ته مهربان هوندي هئي، جو هن پنهنجا مقالا ته تيار ڪيا ئي ڪيا، پر مون کي پڻ ڪجهه ڪجهه ساڳين Assignments ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي هئائين. پوءِ ٿيو ائين جو جڏهن اسان سڀني ٻه اڍائي سئو شاگردن پنهنجا پنهنجا مقالا وابسته استاد وٽ پيش ڪيا تڏهن مون وارا ٽي مقالا ته هلي ويا پر چوٿون مقالو جيڪو مون ڪورس ڪو آرڊينيٽر ڊاڪٽر پراسنس کي ڇنو، ان نياپو موڪلي مون کي پنهنجي گهر گهرايو. ميڊم رهيجا جون Assignments کولي ڏيکاريون. هن جو اعتماد هئو ته اُهي ٻيئي مقالا منهنجا لکيل آهن. هن صرف ايترو پئي چاهيو ته منهنجي يا رهيجا وارو، ڪو به هڪ مقالو ٻيهر لکيو وڃي. مون جيتوڻيڪ ساڻس اعتراف ڪيو ته انهن ٻنهي مقالن ۾ رهيجا جو وڌيڪ دخل هو، پر هوءَ اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ئي ڪو نه هئو، هو اهو ئي پيو سمجهي ته اهي ٻيئي مقالا مون ئي تيار ڪيا هئا. بهرحال مون کانئس هڪ نئون عنوان وٺي بعد ۾ هڪ نئين Assignment ٺاهي ڏني ۽ رهجي آئي!
    منهنجي ” ڊي ايڇ اِي“ هلي رهي هئي جو لاڙڪاڻي مان منهنجي امڙ، جنهن کي اسين ”ڀاپي“ سڏيندا آهيون، اها گهمڻ آئي هئي. ان جو اچي ڏٺو ته مون هڪ بئرڪ جي ڪوٺي رهڻ لاءِ ورتي هئي، سو ان پاڻ ئي داد نانڪرام معرفت ”شهد“ ريلوي اسٽيشن ڀرسان هڪ ”سي بلاڪ“ بنگلو نما گهر ڳولهي لڌو، جنهن جو مالڪ انهن ڏينهن ۾ ڪوليواڙا، بمبئيءَ ۾ رهندڙ هئو. دادا نانڪرام ان سي بلاڪ پاسي رهندڙ پنهنجو هڪ عزيز جڳتراءِ ڌمناڻي کي پڻ مون سان گڏ وٺي ڪوليواڙ ڪوليرايا وٺي هليو. اُتي وڃي اسان ساڻس سي بلاڪ واري بنگلي جو سودو طئه ڪري آياسين.
    هڪ دفعي هاسانند جي گهر سنڌ جا ڪجهه مهمان آيا، جن جي هڪ ماٽياڻي چيمبور، بمبئي ۾ فيچر فلمن لاءِ ڊانسر جو ڪم ڪندي هئي هاسانند، ان سان ڪنهن فلم اسٽوڊيو ۾ شوٽنگ ڏسڻ جو پروگرام ٺاهيو هئو. ان لاءِ هاسانند ۽ مان سنڌ جي آيل ٻن مهمانن سان چيمبور جي ڪليڪٽر ڪالوني طرف وياسين، جتي هاسانند جي اُها مائٽياڻي رهندڙ هئي. ان جي گهر پهتاسين ته اُها پاڻ هئي ئي ڪو نه! پر پنهنجي غير حاضريءَ ۾ پنهنجي گهوٽ کي اسان جي لاءِ نياپو ڏيئي ويئي هئي، جنهن موجب هو اسان کي ڀرسان ئي مين روڊ تي ”بسنت فلم اسٽوڊيو“ ۾ وٺي هليو. ان فلم اسٽوڊيو اندر گهڻُو ڪري ڌارمڪ فلمون ٺهنديون هيون. ۽ ان ڏينهن به ڪنهن اهڙي ئي فلم جي شوٽنگ هلي رهي هئي. فلم اسٽار جيون هڪ ڏندڪٿائي ڪردار نار دمنيءَ جي ڪردار وارو ڪاسٽيوم پايو گهمي رهيو هئو، فلور جي اندر داخل ٿياسين ته ”سرڳ پوريءَ جو سيٽ ٺاهيل هئو. هر طرف ديوتائون ئي ديوتائون گهمي رهيا هئا. مٿي هڪ برفاني پهاڙ تي شنڪر ڀڳوان ۽ پاروتي براجمان هئا، ته ٻئي پهاڙ تي وشنو ڀڳوان ۽ لڪشمي ديوي ويٺا هئا. ان قسم جي سين ۾ اپسرائن جي ڊانس پڪچرائيز ٿيڻي هئي پر اسان جيئن ئي پهتاسين ته ٿوري ئي شوٽنگ ڪري لنچ ٽائيم انائوس ڪيو ويو.
    لنچ ٽائيم ۾ ان ايڪٽريس اسان سڀني کي ڪينٽين ۾ هلي منجهند جي ماني کارائي. اتي ڪينٽين ۾ به ڪيترائي ايڪسٽرا ڪم ڪندڙ اداڪار ديوي ديوتائن جي ڪاسٽيوم ۾ ويچارڙا اسان سان گڏ ويهي غريباڻا دال چانور کائي رهيا هئا!ٰ
    مانيءَ کانپوءِ جڏهن سيٽ تي وياسين ۽ گروپ ڊانس جي پچڪرائزيشن شروع ٿي ته ان پوري گروپ جي اهم ڊانسر اسان واري ميزبان ئي هئي، جنهن کي اڳيان بيهاري ڪوريوگرافر بهترين مدرائون سمجهائي رهيو هئو. مون ته هن کان اڳ لاهور جا فلم اسٽوڊيوز به ڏٺا هئا ۽ هاڻ بمبئيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن فلم اسٽوڊيو اندر پراڊڪشن ڏسي رهيو هوس. پر ٻنهي انڊسٽريز ۾ وڏي ۾ وڏو فرق اهو هئو ته انڊين فلم انڊسٽري ڄڻ هڪ ڪارپوريٽ هائوس جيان ڪم ڪري رهي هئي جنهن ۾ هڪ هڪ خاص طور ڪنهن به عورت سان ظاهري طور ڪير به گهٽ وڌائي جي جرئت به ڪو نه ڪري سگهندو، پر لاهور ۾ ائين ڪو نه هئو. 1958ع واري زماني ۾ پاڪستان اندر انڊين فلمن جي امپورٽ بند ڪئي ويئي ۽ 1965ع واري انڊو پاڪ جنگ کانپوءِ ته ماڳهين ئي انڊين فلمن جي نمائش تي به پابندي لڳائي ويئي شايد جيڪڏهن ايئن نه ٿئي ها ته پاڻ پاڪستان لاءِ هڪ سونهري موقعو هئو جو ان کي ته هندوستان جي هيڏي وڏي مارڪيٽ ملي رهي هئي ۽ پاڻ جيڪڏهن هڪ صحيح پراڊڪشن اتي تيار ڪئي وڃي ها ته ان سان ته پاڪستان فلم انڊسٽري لکي وڏو فائدو ٿي سگهي ها، ٻيو ته هتي ڀارت ۾ فلم انڊسٽريءَ کي جيڪو انڊسٽري يا ڪارپوريٽ هائوس ڪري تصور ڪيو ويندو آهي ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ سرڪار طرفان فلم انسٽيٽيوٽ پڻ ٺاهيل آهن. جتي سينيماٽوگرافي، ڊائريڪشن، اسڪرپٽ ۽ ٻين ڪيترن فيلڊس ۾ گريجوئيشن ۽ پوسٽ گريجوئيشن ڪرائي ويندي آهي اهڙي صورت ۾ شايدپاڪستان کي انڊين فلم انڊسٽريءَ سان گڏ رهڻ ۾ وڌيڪ فائدو ٿئي ها!ٰ
    آر ڪي ٽي ڪاليج جي جونيئر ڪاليج ۾ اطمينان سان نوڪري ڪرڻ زبردست چئلينج سان ڀريل هوندو هئو. بد انتظامي ايڏي جو هر هڪ ٽيچر کي اها اجازت مليل هئي ته اُهو ڀل دروازو بند ڪري پنهنجي ڪلاس سان منهن ڏئي ته جيئن ڪنهن ٻئي کي رخنو نه پوي.. اهڙي صورتحال ۾ ڪم ڪرڻ ڪيڏو نه ڏکيو هوندو!
    آهسته آهسته به پنهنجي حڪمت عملي بدلائيندو سنهڙو سڪڙو هوندي به ٻانهن جا ڪنهن به مٿي ڪري ڇڏيندو هوس ته جيئن شاگرد به اصل الله جا ڀيرا هوندا هئا. ٽرمينل امتحان ٿيو ته غط عناصرن کي سندن ئي لڇڻن جي بنياد تي سنڌيءَ جي پيپر ۾ فيل ڪندي جڏهن هڪ هڪ شاگرد کي سڏ ڪري ان جو مارڪون ٻڌائيندي کيس پيپر ڏييئ رهيو هوس، ته مون ائين پئي سمجهيو ته غلط عناصر ڇوڪرين جي سامهون فيصل ٿيندو ڏسي ڪجهه شرمائيندا پر سائين انهن وٽ ته ”تميز“ نالي جي ڪا شئي ئي ڪانه هئي ۽ ڪيترن ته فيل ٿيندو ٻڌي پاڻ مون کان پيپر وٺي منهنجي سامهون ئي پوري ڪلاس ۾ بيٺي بيٺي پنهنجو ئي پيپر ڦاڙڻ شروع ڪيو. اهڙي خطرناڪ ماحول ۾ مونکي ته ڀئو ٿيندو هو ته خبر ناهي آءٌ هتي ڪيترو وقت هلي سگهندس، ڪٿي وري ٻيهر نه وڃي اناج جا ڪانٽا هٿ ۾ کڻڻا پون! منهنجي لاءِ شفي ڳالهه اها هئي ته مونکي پنهنجي مواد جي ڪافي ڄاڻ هوندي هئي. ”عبور“ لفظ جو استعمال شايد واجب نه ٿئي جو دنيا ته اڏي اٿاھ آهي، جو هتي جيترو وڌيڪ پڙھ اوترو پاڻکي وڌيڪ ڪم علم سمجهڻ تي مجبور ٿيڻو پوندو! هتان جو سليبس به وري ايترو ته هلڪو هوندو هئو جو يارهينءَ ٻارهين جو ٽيڪسٽ بوڪ شاھ، سچل، ساميءَ جي ڪلام کانسواءِ باقي ڪتاب ته ڄڻ اسڪولي ليول جو هوندو هئو. ان لاءِ مون پنهنجي ذهني تسڪين لاءِ ان وقت جي ڪاليج واري سنڌي شعبي جي هيڊ کان سيڪنڊ ايئر بي اي جو ”پوئٽري“ وارو پيپر گهري ورتو هئو، جنهن جا هفتي ۾ چار ليڪچر مونکي وٺڻا پوندا هئا. منهنجي اپوائنٽمينٽ ڀل جونيئر ڪاليج جي هئي، پر ان هيڊ جي کاتي ۾ پورو سال غير سرڪاري طور اهو پيپر آءُ پڙهائيندو هوس. ان ڪلاس جي شاگردن ۾ بنهن وري ان ئي هيڊ جي وڏي نياڻي اُشا پڻ پـڙهندي هئي.
    اها رب پاڪ جي مهر آهي جو ٿوري ئي وقت ۾ شاگردن جي حلقي ۾ منهنجي لاءِ اها ڳالهه مقبول عام ٿيندي رهي ته هيءَ ٽِچر ڏاڍو زبردست پاڙهيندڙ آهي. باقي منهنجي ٻوليءَ جي ڪجهه شڪايت هوندي هئي ته شاگردن جي نقطه نگاھ کان ڏکي هئي، ان لاءِ آهستيه آهستي مان پنهنجو درجو گهٽائيندو رهيس ته جيئن هر اُهو مواد جيڪو پاڙهيو وڃي. سو شاگرد جي دل ۽ دماغ اندر داخل ٿي سگهي ۽ مٿان ئي مٿان اڏامي نه وڃي! اُن سلسلي ۾ رومانٽڪ پوئٽري به جنهن نموني آءُ ان دور ۾ پاڙهيندو هوس، اڄ تائين اهي جهونا شاگرد به اها ساک ڀريندا آهن ته انهن جي دوستن جي حلقي وارا چاندي ڀائي ڪاليج جا به ساڳئي درجي وارا ڪيترا شاگرد اچي منهنجي ڪلاس ۾ ويهندي خط اماڻيندا هئا.
    ان سڀ جي باوجود به ڪاليج ۾ تڪڻ منهنجي لاءِ سولو ڪو نه هئو. ڪيترا ڀيرا ته آءٌ اندر ئي اندر ۾ ايڏو نراش هوندو هوس ته خبرانهي باقي گهڻن ڏينهن کانپوءِ وري هن ڪاليج کي ڇڏڻو پوندو! مان پنهنجي حڪمت عملي کي برقرار رکندي شرٽ ا ڪف به ورائيندي اندر وڃي ڏيڍ ڏيڊ سئو شاگردن وارو يارهون ۽ ٻارهون ڪامرس جو ليڪچر وٺندو هوس. پر اچانڪ نامعلوم شاگردن طرفان ٿيندڙ پيرن جي ٺڪ ٺڪ به کڻي برداشت ڪجي، پر ڪڏهن ماڳهين ئي شاگردن جي ٻن قطارن وچ ۾ پٺيان کان ڦٽاڪن جي لڙي ٻاري ويندي هئي!
    مون پنهنجي زندگيءَ ۾ صرف ٻه دفعائي ڪامن روم مان ڪنهن پروفيسر کان انتظام رکڻ لاءِ مدد ورتي هئي، پوءِ مڙيو ئي پاڻ منهن ڏيندو هوس، جو اهو پڻ ڀئو ٿيندو هئو ته روز روز ائين ڪرڻ سان ڪٿي انتظاميا جلد ئي ٻاهر جي ٽڪيٽ نه ڏيئي ڇڏي. سو هڪ دفعي مون ڪنهن شاگرد کي شرارت ڪندي پڪڙيو ته ٿوري گهڻي مار پڻ ڏيئي ڇڏي ته جيئن ان جي عزت ۾ ضرب ايندو ڏسي متان ڪجهه ٻيا به سڌرن! پر اهو ته ابا ڪو اهڙو رئيس هو جو هلندڙ ڪلاس ۾ ٻاهر نڪرڻ مهل مونکي چئلينج ڪندو ويو ته هاڻ مان ڇڙو ان ڪاليج مان ٻاهر نڪري ڏيکاريان!
    اسان جي پروفيسرس ڪامن روم ۾ اهي ڳالهيون عام نڪرنديون رهنديون هيون ته اتان جا شاگرد ڳالهه ڳالهه تي تلوارون به کڻي ايندا آهن ۽ خنجر کوليندا آهن. ان لاءِ فطرتن منهنجي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ پر صرف ٻاهريون ٻنو رکي ڏيکاري نه ڏيئي رهيو هوس، باقي اندر ۾ ته سمورو ئي ڏڪي رهيو هئس ته ” ٻلو! اڄ تو سان الائي ڪهڙو حشر ٿيڻ وارو آهي!“ ڀلا منهنجو ته هتان جي سماج ۾ الله کانسواءِ ڪوئي واهي وسيلو به ڪو نه هوندو هئو ۽ نه ئي مان ڪو بچپن کان اهڙين حالتن سان منهن ئي ڏنو هئو ! ان ڏينهن سڀ ليڪچرار پورا ٿيا. شام جو 5:00 ٿي ويا، جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ٽيچر ڪامن روم ۾ موجود هئا سي به پنهنجا ٽپڙ سهيڙي گهر ڏانهن هلندا رهيا!
    مان ته ڪنهن سان پنهنجي ماجرا به ڪو نه پئي سلي سگهيس، جو ڪاليج انتظاميه طرفان منجهند کانپوءِ اُتي تقريبن ڪير به ڪو نه هوندو هو! جيڪڏهن پاڻ جهڙي ڪنهن ٽيچر سان سچي ڪيان به ها ته پڪ ئي پڪ اُهو به پاڻ مون سان گڏ ٻاهر نڪرندي ڀؤ ئي محسوس ڪري ها! وڏي ڳالهه ته مون کي احساس ڪمتري ماري رهي هئي، ته ڪٿي انهن جي موجودگيءَ ۾ مار کاڌي ته رهي کُهي عزت به هلي ويندي!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 16 آگسٽ 2015
    ___
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 22
    بابا بس هاڻي ڇڏيس، گهڻو ٿيو !
    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

    آءُ پروفيسرس ڪامن روم ۾ بلڪل اڪيلو هوس! جو اهو به احساس ٿيو ته غلط قسم جا ماڻهو جيڪڏهن هتي اچي ڪابه شرارت ڪندا ته بچائڻ وارو ڪو به نه هوندو ! ان لاءِ الائي ڪٿان همت اچي ويئي، جو مون به بابا گرونانڪ جو رب پاڪ جي وحدانيت وارو ڪلام ’ايڪ اونڪار‘ پڙهي پروفيسرس ڪامن روم واري ٻئين ماڙي تان هيٺ لهي آيس. منهنجي اندر ۾ هڪ بي پناهه خوف به هئو، ته هنن شرارتي شاگردن جو ڪاليج مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ چئلينج ڪيو هئو، سو خبر ناهي ته هاڻ ڪهڙو حشر ٿيندو! مون وٽ ته ٻيو ڪو چارو ئي ڪو نه هئو، ڪاليج کان ٻاهر به نڪرڻو هئو ۽ انهن غنڊن جي ور به چڙهڻو هئو! گرائونڊ فلور جي وسيع اڱڻ تي پهتس ته ڪاليج جي مين گيٽ وٽ ڏهاڪو کن ڇوڪرا چار – پنج ۽ چار- پنج ڪندي گيٽ جي ٻنهي پاسن کان ويٺا هئا. جيتوڻيڪ انهن کي پري کان ڏسڻ ۽ گيٽ وٽ پهچڻ ۾ ڪي پنج ڏهه سيڪنڊ مس لڳا هوندا، پر اهي پنج سيڪنڊ به منهنجي لاءِ ايترو ته خوفزده هئا جو ڄڻ پڪ هئي ته هاڻ جلد ئي منهنجي مٿان انهن سڀني ڇوڪرن جو حملو ٿيڻ واروآهي! آءُ صرف بابا گرونانڪ کي ياد ڪندو ۽ دل ئي دل ۾’ايڪ اونڪار‘ اچاريندي گيٽ طرف وڌي رهيو هوس ۽ آخر گيٽ وٽ به پهتس ! پر ڪيئن هڪ وڏو ڪرشمو ٿي ويو؛ جو حملو ته ڇڏ پر اتان جا شاگرد جيڪا عام هوٽنگ ڪندا هئا، ان گهڙيءَ هنن اها به ڪانه ڪيئي. پاڻ مون کي ڏسي سڀ ڄڻ بلڪل شانت ٿي ويا، اهو ڪهڙو ڪرشمو هئو، ڪير هئو جيڪو مون کي انهن دجالن جي منهن مان وار به ونگو نه ٿيندي ڪڍي آيو هئو! اهو سڀ ڪجهه سوچجي ٿو ته سائين جي وجود ۾ ايمان اڃا به وڌيڪ مضبوط ٿيندو وڃي ٿو. پوءِ به اهي ڳالهيون جلد ختم ٿيڻ واريون ڪونه هيون. ٻئي دفعي منهنجي ڪنهن ڪلاس ۾ هڪ سنهڙو سيپڪڙو پر بدتميز شاگرد، جيڪو گهڻي وقت کان پنهنجي ٽرڙائپ ڏيکاريندو رهيو هئو؛ هڪ ڏينهن هلندي ڪلاس ۾ شرارت ڪندي پڪڙجي پيو. هاڻ ته مان به ٻانهن جا ڪف مٿي ڪيو ٻاهران زبردست خود اعتماديءَ سان هر ليڪچر ۾ ويندو هوس هاڻ جو مون ان ڇوڪري کي شرارت ڪندي ڏسي ورتو ته وڃي کيس ڪالر کان پڪڙي ڊيسڪ تان اٿاري ٻه چار چماٽون وهائي ڪڍيون! سمورو ڪلاس سن ٿي ويو! پوءِ ان ڇوڪري کي ڪلاس مان ٻاهر ڪڍي ڪلاس روم جو دروازو ٻيڪڙيندي وري پڙهائڻ شروع ڪيو!
    اڃا پنج ڏهه منٽ ٻيا گذريا هوندا جو ڌڙام سان اسان جي ڪلاس وارو دروازو کليو! آءُ جيسين ڪنڌ ورائي پٺيان ڏسان ، يڪدم خيال آيو ته وري الائي ڪهڙا غنڊه اچي ويا. پر پٺيان جو ورائي ڏسان ته منهنجو ئي هڪ شاگرد لکي ڀاٽيا، ان ساڳئي ڇوڪري کي مار ڏيندو، منهنجي ڪلاس ۾ وٺي آيو هئو. ڀاٽيا ان شرارتي ڇوڪري کي مڪون هڻندي ڪٽي به رهيو هئو ته مون کان معافي وٺڻ لاءِ پڻ کيس چئي رهيو هئو. مان ته اڳي ئي ان ڇوڪري جو ستايل هوس، سو دل ۾ ته خار پئي کاڌا ته ڀل اڃا به وڌيڪ مار کائي، پر ٻاهران صرف ڀاٽيا کي چئي رهيو هوس ته ”بابا“ بس هاڻي ڇڏيس ! گهڻو ٿيو !
    لکي ڀاٽيا کي مٿس بيحد غصو هئو ته ان کي همت ڪيئن ٿي جو مٽلاڻي صاحب سان هٿ اٽڪايو اٿس! پروفيسرس ڪامن روم ۾ صبح واري ٽائيم تي جڏهن ڊگري ڪاليج هلندو هو ته اتي ’ٽي ڪلب‘ به هوندي هئي. جنهن لاءِ هر هڪ ٽيچر کي ماهوار پنج روپيا ڀرڻا پوندا هئا، ان ’ٽي ڪلب‘ جو انچارج هئو ميٿس جو ٽيچر پروفيسر ڪالي. جيڪو ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن پروفيسر سان جنسي اٽڪي پوندو هئو ته ان پنهنجي مهمان کي ڪلب واري چانهن ڇو پيئاري. هيءُ ڪاليج ڀل هڪ سنڌي انتظاميه سيوا سدن ايجوڪيشن ٽرسٽ طرفان قائم ڪيل هئو، پر اسٽاف ۾ وڏو تعداد هتان جي مهاراشٽرين جو ئي هو، ان ڪري ڪامن روم ۾ جيڪا آوازن جي گونج ٻڌڻ ۾ ايندي هئي، اها به وڌ ۾ وڌ مراٺيءَ واري هوندي هئي جو ڪيترا ته سنڌي ٽيچر به جهڙوڪ پروفيسر ڪلواڻي جيڪو احمد نگر مان آيل هئو اهو به ساڻن اهڙي ته نج مراٺي ڳالهائيندو هو ڄڻ اصل پڪو مرهٽو هجي! ان کان پوءِ گهٽ آواز انگريزي ٻولي جا هوندا هئا، باقي سنڌي آواز ته مشڪل سان ڪو سنڌي همراهه ملي ته ئي ٻڌڻ ۾ ايندو هئو.
    ڪاليج جو پرنسپال هريسنگهاڻي صاحب هڪ شاندار شخصيت جو مالڪ هئو، اهو ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به مٿي ڪامن روم ۾ اچي ويهندو هئو . جيڪا ڳالهه مون کي ڏاڍي وڻندي هئي. پر بدانتظامي جو دور ان کان پوءِ جونيئر ڪاليج شروع ٿيڻ سان ٿيندو هئو، جڏهن ڪامن روم ۾ ڪوبه سينيئر پروفيسر ته ڇڏيو پر خود جونيئر ڪاليج انچارج هيرو شيوڪاڻي به ڪونه ويهندو هو! پڙهائي جي معاملي ۾ هتان جا ٽيچر زبردست هوشيار هوندا هئا؛ خاص ڪري سائوٿ انڊيا کان آيل ماڻهو ته پنهنجي پنهنجي سبجيڪٽ ۾ ڀڙ هوندا هئا! ان لاءِ ئي ته ڪيرالا جو لٽريسي ريٽ سئو سيڪڙو هوندو هئو، پر سائوٿ انڊيا جي ماڻهن جو اچار پنهنجي نجي ٻوليءَ جي دائري کان ٻاهر نڪرڻ ڪجهه قدر ڏکيو هوندو هئو. اهي انگريزي ڳالهائين به ڄڻ ائين لڳندو هئو ته مليالي، تامل ۽ تيلگو ڳالهائي رهيا آهن. ڪاليج ۾ منهنجو پهريون ئي سال هئو، جو 23 سيپٽمبر 1978ع تي ڪشنچند بيوس جي ورسي ملهائي ويئي، چاندي ٻائي ڪاليج مان سنڌي شعبي جي هيڊ ڊاڪٽر ديال آشا کي مکيه مهمان ڪري گهرايو ويو هئو. هڪ ڪلاس روم ۾ بليڪ بورڊ تي چاڪ سان مون ئي ڪشنچند بيوس لاءِ لکيو هئو، جنهن کان بينر جو ڪم ورتائون! ڪمپيئرنگ لاءِ به مون کي چيائون تڏهن مون کي بيحد خوشي ٿي جڏهن مون هڪ هڪ مقرر جي ٿوري ۾ واقفيت ڏيندي ان جي آخر ۾ سندس ڳالهايل لفظن جو سار ٻڌائڻ لڳس. پروفيسر هيرو شيوڪاڻي، ڊاڪٽر ديال آشا ۽ صدارتي تقرير پرنسپال هريسنگهاڻي طرفان ڏني ويئي. هيءُ اهو ڏينهن هو، جڏهن سنڌي ساهتيه منڊل جو سيڪريٽري، جيون عيدناڻي منهنجي رفيقن ۾ شمار ٿي ويو، هن کي منهنجي لاءِ بي انتها عقيدت هوندي هئي، پوءِ ته اڳتي هلي جيون پاڻ الهاس نگر ميونسپل ڪارپوريشن جو هڪ مضبوط ڪارپوريٽر بڻيو ۽ سندس شريڪ حيات آشا عيدناڻي ته ڪجهه سال الهاس نگر ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر به بڻي رهي.
    ڪاليج ۾ آهسته آهسته پنهنجو پاڻيهي منهنجي لاءِ ماحول بيحد سازگار ٿيندو رهيو. ڪنهن ڪنهن ڪلاس جا جيڪي شرارتي عناصر پهرين مون کي ستائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، سي سڀ جو سڀ مون کي بيحد پسند ڪرڻ لڳا. مون پهرئين ئي سال جن شاگردن کي پڙهايو هئو انهن مان وجئه ناگراڻي اڳتي هلي ٻال ڀارتي (بيورو آف ڪريڪيولم ۽ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ) ۾ سنڌي سيڪشن لاءِ سيڪريٽري بڻيو، جتي پهرئين درجي کان اٺين درجي تائين سنڌي سبجيڪٽ جا ڪتاب تيار ڪيا ويندا هئا. مهيش ناگراڻي، فوٽو گرافڪ مٽيريل جو هڪ وڏو بزنس مين بڻجي پيو.
    انهن ئي ڏينهن ۾ هيڏانهن آءِ آر ڪي تلريجا ڪاليج ۾ ٽيچر ٿيس، ته ڪنهن گهريلو ڳالهه تان ناراض ٿي مان وارو دوست هاسانند روهڙا چاندي ٻائي ڪاليج مان فزڪس جي ٽيچر شپ تان استعيفيٰ ڏيئي آيو، هن کي ٻه ماما هئا. هڪ ماما ورومل جيڪو چڱو چڙهيل ماڻهو هئو جو ان جا ٻه پٽ جواهر ۽ رميش ڪپڙي جي آڏاڻن جو ڪم ڪندا هئا ۽ سندس وچون پٽ هيرانند، الهاس نگر جي هڪ وڏي ٽيڪس ڪنسلٽنٽس ڪمپني هيرا ننداڻي ايسوسيئيشن ۾ ڪنسلٽنٽ طور ڀائيوار هئو، ماما ورو مل جو ننڍو ڀاءُ پرتابراءِ انهن ڏينهن ۾ اڃا ٿورو وقت ئي ٿيو هئو جو ڪرناٽڪ جي بدر شهر مان پنهنجي وڏي ڀاءُ ورو مل وٽ الهاس نگر آيو هئو، جو هو اڃا تائين بدر ۾ معاشي طور ڪين ٽڪي سگهيو هئو، هاڻ ها سانند به ڪو بزنس ڪندي معاشي طور مضبوط ٿيڻ پئي چاهيو ۽ جئين ته هن جي وڏي ماما ورو مل پنهنجي ننڍي ڀاءُ پرتاب راءِ کي ته پاڻ سان گڏ آڏاڻي تي ڀائيوار ڪري لڳايو پر هاسانند کي کانئن ايتري سهائتا ڪو نه ملي رهي هئي. ان لاءِ هن پاڻ ئي الهاس نگر 4 واري واڪو ريڊيو ڪمپائونڊ ۾ جتي ڪڏهن سنمکداس ايسراڻي واڪو نالي ريڊيو ٺاهيندو هئو، اهو پنهنجو ڪارخانو بند ڪري سڀ پلاٽ وڪڻي بامبي هلي ويو هئو، ان ئي ڪمپائونڊ اندر ماما ورومل وارا آڏاڻا هئا ته انهن جي ئي ڀر ۾ هاسانند به هڪ ننڍڙي ايريا وٺي بال پين جي مينو فيڪچرنگ شروع ڪيئي.
    ان بال پين جي مينوفيڪچرنگ لاءِ هن ٻه مولڊنگ مشينون لڳايون هيون، جن لاءِ ڪچو مال ۽ مختلف قسم جي پين لاءِ ڊاءِ کيس جوگيشوري، بمبئي مان آڻڻي پوندي هئي. هاسانند جي تجربي مان خبر پيئي ته ٻيلي مينو فيڪچرنگ ڪرڻ ته سولي ، پر تيار ٿيل مال جي مارڪيٽنگ لاءِ ڏاڍي محنت ڪرڻي پوندي هئي، مختلف اسٽيشنري جي دوڪانن تي وڃي مال پهچائڻ ۽ انهن دوڪاندارن جا نخرا سهڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو هئو، دراصل هاسانند ، اهو ڪم ته ممبئي جي آسري شروع ڪيو هئو جو اتي ته عبدالرحمان اسٽريٽ تي اسٽيشنري جي هول سيل بازار ۾ جيترو به مال موڪل ته گهٽ هئو! پر هاسانند کي ان مارڪيٽ ۾ ڪهڙي به هول سيلر داخل ٿيڻ ئي ڪو نه ڏنو، هر هڪ دوڪاندار کي پنهنجا مقرر مينو فيڪچررز هئا ۽ اهي پاڻ ڪنهن نئين ماڻهو جي مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ جي حق ۾ ڪونه هوندا هئا، ڀل هاسانند ڪيتري به گهٽ قيمت جي آڇ ڇو نه ڪري !
    اسان وٽ آر ڪي تلريجا ڪاليج ۾ انگلش جو ٽيچر هوندو هئو، هڪ ڪيرالا جو رهاڪو مسٽر جيڪب. اهو منهجي معرفت هاسانند جي ويجهو آيو هئو، جيئن ئي اسان کي ونٽر ويڪيشن ٿيڻ واري هئي ته ان هاسانند کان ڪافي مال خريد ڪيو ۽ ڪارٽون ڀرائي رکيا، پوءِ چيائين ته هو جڏهن ويڪيشن پوري ڪري ڪاليج ايندو ته اهومال وڪڻي اچي هاسانند جو سمورو بل چڪائيندو ، پر الائي ڪيئن مون کي خبر پيئي ته مسٽر جيڪب کي ڪاليج جي نوڪري مان ئي جواب ڏنو ويو هئو ۽ هن اسان کي بي وقوف بڻائي اهو سمورو مال مفت ۾ کڻي وڃڻ پئي چاهيو! مون کي جيئن ئي ڪاليج مان جيڪب بابت خبر پئي ته آءٌ ڀڳس هاسانند جي فيڪٽري تي ته ڪٿي اتان مال نه اڳواٽ ئي کڄي وڃي، هاسانند کي جڏهن اهڙي خبر پئي ته رب پاڪ جا شڪرانا بجا آندائين جو اڃا تائين جيڪب اتان مال جي ڊليوري ڪو نه کنئي هئي، پوءِ ته هاسانند کيس مال کان جواب ڏنو ۽ اهو پڻ چيو ته هن نوڪري تان نڪرڻ بابت پڻ اسان کي ڇو نه ٻڌايو هئو!
    انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجي ماسات جي گهوٽ راجلداس وري آفيس فائيل جي منيو فيڪچرنگ شروع ڪيئي هئي ۽ ان کي به مال جي مارڪيٽنگ ۾ تڪليف اچي رهي هئي، ان لا ءِ هاسو ۽ راجلداس، الهاس نگر کان پونه طرف ريل جي ڪلاڪ ڏيڍ مسافري تي لوناولا هل اسٽيشن تي هلي مختلف دوڪانن تي پنهنجو مال کپائيندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن مون کي ڪاليج مان فرصت هوندي هئي ته اهي ٻيئي ڄڻا مون کي به لونا ولا وٺي هلندا هئا ۽ اسان جي ڄڻ پڪنڪ ٿي ويندي هئي.
    اهڙي ئي هڪ لوناولا ٽرپ الهاس نگر اسٽيشن جي پليٽ فارم تي چڙهڻ مهل منهنجو پير مڙي ويو؛ جو منهنجي پيرن ۾ سنڌ مان آندل هڪ ٿلهو ٽائر سول وارو بوٽ پاتل هئو، مون ائين سمجهيو ته ٿوري دير ۾ سور ختم ٿي ويندو، پر جيئن جيئن وقت گذرندو پئي ويو ته سور وڌندو ئي ويو. لوناولا پهتاسين ته اصل هڪ وک کڻڻ به ڀاري لڳي هئي ، ان لاءِ مان ته لوناولا اسٽيشن جي ئي هڪ بينج تي سڌو ٿي سمهي پيس ۽ هنن کي چيو ته وڃي پنهنجو ڪم ڪري اچن، هو ته ٿوري دير ۾ وري مون ڏانهن موٽي آيا ۽ مون کي آيو ڊيڪس جي دٻي ڏيٺي ويا، جيڪا مان ٿوري ٿوري وقفي کانپوءِ لڳائيندو رهيس ته جيئن ڪجهه سور گهٽ ٿئي، بعد ۾ منهنجد کانپوءِ اهو به پنهنجو بزنس وارو ڪم ڇڏائيندي موٽي آيا، مان ته اڃان تائين ان ئي بينچ تي سمهيو پيو هئس گاڏيءِ ۾ چڙهڻ لاءِ هاڻ پليٽ فارم بدلائڻو هو، ڪجهه ڪجهه آيوڊيڪس جو فائدو هئو يا ڪو ڪرشمو هئو، ڪيئن آهسته آهسته ٽنگ منڊڪائيندو پليٽ فارم بدلائيندي الهاس نگر واپس آياسين.
    الهاس نگر موٽياسين ته منهنجي ماسات اندران مون کي هڪ ٻڍي مائيءَ ڏانهن وٺي هلي، جيڪا ڪهڙي به قسم جي موڙي لاءِ ساٺ ڪندي هئي، ان ويچاري امڙ بنا ڪنهن پيسي جي پير ۾ اڳٺ ٻڌي ان اڳٺ جي اندر سرائي وجهي جو صرف هڪ دفعو وٺي زور ڏنائين ته زبردست فائدو پئي نظر آيو، اهو ساٺ صرف ٽي ڏينهن ڪرائڻو پيو، تڏهن ته نڪاگوري ورتي هئي ۽ نه آيو ڊيڪس کانسواءِ ڪا ٻي ملم ئي لڳائي هوندي. ڪڏهن ڪڏهن گهٽ علم به وڏو ڪم ڪندو آهي، اڄ جيڪڏهن خدانخواسته ائين ٿئي ته پهرين ته فٽافٽ جيڪر ڊائڪلوفن جي گوري وٺجي ها پوءِ ڪنهن آرٿوپيڊڪ ڊاڪٽر جي ور چڙهي ان جا بل چڪائڻا پون ها. اسان جي امڙ جو لاڙڪاڻي مان هتي مون وٽ گهمڻ آئي هئي ته اُها منهنجي ڪاليج جي مصروفيتن سبب اندور ناناڻن ڏانهن به اڪيلي ئي ويئي هئي. هوءُ اتي ڪجهه ڏينهن رهي پنهنجي امڙ، ڀائرن ۽ مامن سان مکاميلو ڪري اڃا هيڏانهن الهاس نگر موٽي ئي مس ته لاڙڪاڻي مان ادا پريم وٽان اطلاع آيو ته اتي اسان جي گهر م هڪ وڏي چوري ٿي ويئي آهي ۽ ادا پريم چڱي ڄاڻ سڃاڻ هوندي به پريشان لڳو پيو هو، جنهن لاءِ کيس اخلاقي مدد لاءِ ڀاڀيءَ جي درڪار هئي. سو اهڙو اطلاع مليو ته ڀاڀيءَ جي ته کڙي ئي تپي پئي، آءُ ان مهل ئي ممبئي وڃي اوبراءِ شيرٽن هوٽل جي گرائونڊ فور تي پاڪستان انٽر نيشنل ايئرلائنس جي آفيس مان جيڪا به پهرين فلائيٽ ملي سگهي ته اها ڪنفرم ڪرائي آيس.
    پوءِ ڀاڀي هتي اسان وٽ وڌيڪ ڪونه رهي ۽ کيس جلد لاڙڪاڻي واپس وڃڻو پيو. ڀاڀيءَ جي اتي پهچڻ سان ادا پريم کي اخلاقي مدد ته ضرور ملي هوندي، پر سڀ کان وڏي ڳالهه ته الله پاڪ کان اسان لاءِ ڪا سڻائي لکيل هئي جو ڪجهه سامان واپس به مليو، پر ان واقعي ادا پريم وارن کي وڌيڪ رهڻ کان ڄڻ بدظن ڪري ڇڏيو! بس، پوءِ ادا پريم پنهنجي رهي کهي آخري ملڪيت گهر جو به سودو جيئن آيو تيئن ڪري ئي ڇڏيو، اسان جو لاشارين واري ڳوٺ جو بنگلو، ادا پريم بغير ڪنهن پيسن جي اسان جي ان سوٽ سيٺ ساجنداس کي جيڪو اسان جو باقائده خيال رکندو هئو، ان جي نالي ڪري آيو ته ڀل ڪنهن جي ڪم اچي سگهي، پوءِ ادا جن به هيڏانهن هندوستان اچڻ لاءِ تيارين ۾ لڳي ويا، جلد ئي جڏهن اسان جي لاڙڪاڻي واري گهر جو قبضو به ان جي خريدار کي ڏيڻو پيو ته پوءِ ادا پريم، منوهر ڀاڀي ۽ ادا پريم جي شريڪ حيات دربديي جنهن کي اسين گهر ۾ ننڍي ڀاڀي ڪري سڏيندا هئاسون ، اهي سڀ ڪجهه ڏينهن ڪراچي اچي رهيا، اتي ڪراچي ۾ ادا جو لاڙڪاڻي وارو جهونو ميمڻ دوست فتح علي، جنهن کي اسين فتو ڪري چوندا هئاسين، اهو هينئر ڪراچيءَ ۾ چڱي ترقي ڪري چڪو هئو. اهو ادا پريم جن جي ڏاڍو ڪم آيو! ادا پريم اتان ڪراچيءَ کان 17 اپريل 1979ع تي ڀاڀي ننڍي ڀاڀي ۽ ان جا ٻيئي ٻارڙا ٽن سالن جي گيتا ۽ ڇهن مهين جو رشي ڪيش انهن عورتن ۽ ٻارن کي فلائيٽ رستي هيڏانهن بمبئي موڪلي ڇڏيو.

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 23 آگسٽ 2015
    ___
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 23
    اندر ڪو ماڻهو ڦاٿو آهي!
    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي


    ادا پريم، منوهر، ڀاڀي، ننڍي ڀاڀي ۽ ٻار گيتا ۽ رشي ڪيش، سڀ هيڏانهن هندوستان اچڻ لاءِ 16 اپريل 1979 تي صبح جو 7:00 بجي واري لاڙڪاڻه ايڪسپريس ٽرين ۾ پنهنجي آبائي شهر لاڙڪاڻه کي هميشه لاءِ خير باد چئي ڪراچيءَ لاءِ نڪتا هئا. ادا پريم جو دوست نارائڻ گرباڻي به کين ڪراچيءَ تائين الوداع ڪرڻ لاءِ ساڻن گڏ آيو هئو. ساڳئي ڏينهن شام جو ڪراچي پهچڻ تي اهي سڀ ڪراچيءَ جي لانڍي اسٽيشن تي لهي پيا، جو اُتي ئي ڀر ۾ اسان جي هڪ عزيز دادا نرملداس آهوجا، ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر جو فرزند اندر لال آهوجا رهندڙ هئو، جيڪو اُتي ئي ”پاڪستان اسٽيل مل“ ۾ مڪينڪل انجنيئر طور ڪم ڪندڙ هو. پر انهن ڏينهن دوران جيئن ته هو لاڙڪاڻي آيل هئو ته اهڙي صورت ۾ هن پنهنجي گهر جي چاٻي ئي ادا پريم کي ڏيئي ڇڏي هئي. ايندڙ ڏينهن تي اسان جي عورتن ۽ ٻارن کي ڪراچي ايئرپورٽ تان فلائيٽ ذريعي بمبئيءَ لاءِ نڪرڻو هئو؛ ان لاءِ ادا پريم پندرهن ڏينهن اڳواٽ ئي ڪراچيءَ وڃي ڀاڀي، ننڍي ڀاڀي ۽ ٻارن لاءِ ’انڊين ايئرلائنس‘ ؛ ته پاڻ سان گڏ منوهر لاءِ وري ڪويت کان ڪراچيءَ رستي بمبئي ويندڙ پاڻيءَ واري برٽش جهاز ’دوارڪا‘ ۾ بنڪر ڪلاس جون ٻه ٽڪيٽون پڻ بوڪ ڪرائي آيو هئو.
    17 اپريل 1979ع تي جيئن ته منجهند جو 3:00 وڳي کن ڀاڀيءَ وارن جي بمبئي لاءِ فلائيٽ هئي، ان لاءِ ادا جن اڳواٽ سوير صبح کان ئي سمورو سامان سهيڙي رکيو هئو. اصل ۾ فلائيٽ ۾ جيئن ته ان مهل صرف 20 ڪلو سامان في ماڻهو کڻڻ جي اجازت هئي ته اهڙي صورت ۾ هنن ڀاڀيءَ جن جي ذمي سامان ئي گهٽ ٺاهيو هئو ، پوءِ به ايئرپورٽ تي پهتا ته انڊين ايئر لائينس جي ڪائونٽر تان بورڊنگ پاس ڪڍائڻ مهل خبر پين ته سندن سامان وڌيڪ هئو. جنهن لاءِ انڊين ايئرلائسنس وارا کانئن ٽڪيٽ کان سواءِ ڪجهه اضافي پيسا گهري رهيا هئا. تڏهن ڪراچي ايئرپورٽ تان ٻاهر ويندڙن لاءِ اميگريشن سيڪشن ۾ اسان جو لاڙڪاڻه جو ئي هڪ پاڙيسري غضنفر ڀٽو، ’فيڊرل انويسٽيگيٽنگ ايجنسي‘ (ايف.آءِ. اي) ۾ انسپيڪٽر طور مقرر هئو. ان پاڻ اچي ڀاڀيءَ جي مدد لاءِ انڊين ايئر لائنس وارن تي زور بار آندو ته جيئن وڌيڪ وزن جا ڪجهه به پيسا نه ورتا وڃن. جيتوڻيڪ پهريائين انهن جو اسٽاف غضنفر جي ڳالهه ڪو نه مڃي رهيو هئو؛ پر پوءِ بغير ڪجهه وڌيڪ پيسا ڀرڻ جي ئي ڀاڀيءَ وارن کي بورڊنگ پاس ٺاهي ڏني ويئي. اهو هئو اسان جي پاڙيسري ڀائرن جو پيار جو اُهي اسان کي الوداع چوڻ مهل به ڄڻ پنهنجي گهر جو فرد سمجهندي فرض ادا ڪري رهيا هئا. غضنفر ڀُٽي وارا ٽي ڀائر هوندا هئا؛ وڏو ڀاءَ سڪندر ڀٽو، جيڪو ادا پريم کان هڪ سال پڙهڻ ۾ پٺيان هئو. ٻيو صفدر ڀٽو جيڪو منهنجو هم ڪلاسي هوندو هئو ۽ ٽيون هيءُ غضنفر ڀٽو جيڪو وري مونکان به پڙهڻ ۾ ٻه سال کن پٺيان هئو.
    اسان جي پاڙيسري صفدر ڀٽو جي ڳالهه نڪتي آهي ته هڪ واقعو مون کان ڪڏهن به ڪو نه وسرندو، جو هيڪر اسڪول وڃڻ مهل آءُ صفدر وٽ ويس ته جيئن اسڪول ڏانهن گڏجي وڃون. تڏهن صفدر جي والده ان کان ڪجهه ناراض لڳي پيئي هئي. هوءَ صفدر کي اسڪول لاءِ تيار به ڪري رهي هئي ته کيس ناراضگيءَ وچان اهو به چئي رهي هئي ته ساڳي پريم ماءُ جا به ٻار آهن. هيءُ ڏس! ٻلوُ (ٻلديو) ڪيڏو نه صاف لڳو پيو آهي!“ پوءِ ٿوري دير ۾ جڏهن صفدر تيار ٿي پنهنجو ٿيلهو کڻي مون سان گڏ منهنجي گهر آيو ته جيئن مان به پنهنجي اسڪول بيگ کڻان؛ تڏهن اڃا صفدر ۽ مان گهر ۾ داخل ٿي مس ٿياسين، ته ڀاڀي منهنجي مٿان اڳواٽ ئي ناراض لڳي پيئي هئي. اسان جي ايندي ئي چيائين، ساڳيو صفدر به آهي! ڪيڏو نه صاف لڳو پيو آهي! تون بس گدلو ئي گدلو لڳو پيو هوندين!“ صفدر ۽ مان هڪٻئي ڏانهن پئي نهاريو ته شايد سڀ مائر ٻارن کي سڌارڻ لاءِ کين ٻين جا مثال پيون ڏينديون آهن!
    ادا پريم، منوهر ۽ نارائڻ؛ ڀاڀيءَ جن کي ايئرپورٽ تي ڇڏي اندر لال آهوجا جي لانڍيءَ واري گهر مان سمورو سامان کڻي نيو چالي طرف گلشن ريسٽورنٽ جي ڀر واري ’يوسف علي بلڊنگ‘ اسان جي سئوٽ سيٺ ساجنداس جي جهوني ”يونين ٽريڊرس“ واري آفيس ڏانهن شفٽ ٿي ويا، جو هنن کي ته هاڻ پنج ڏينهن پوءِ سامونڊي بندر تان برٽش جهاز ’دوارڪا‘ ۾ بمبئيءَ لاءِ نڪرڻو هئو، جيڪو وري نيوچاليءَ کي ويجهو پئي پيو. نيوچاليءَ واري آفيس جون چاٻيون ادا پريم لاڙڪاڻي مان ئي سئوٽن کان وٺي آيو هئو. جيڪي ٻئي چاٻيون بعد ۾ نارائڻ کي لاڙڪاڻي وڃي کين واپس ڪرڻيون هيون.
    ادا پريم وارا نيوچاليءَ وٽ اچي رهيا ته رتوديرو مان ماما ڪرتال لال به کين الوداع ڪرڻ لاءِ اتي پهچي ويو. هوڏانهن اسان جو لاڙڪاڻي جو پاڙيسري محمد علي قاضي به لاڙڪاڻي کان خاص طور سيڙجي ادا پريم ۽ منوهر کي ڪراچيءَ مان الوداع چوڻ لاءِ آيو هو. ماما ڪرتار ته رهيل ئي ادا پريم جي وٽ نيو چاليءَ ۾ هئو، جڏهن ته محمد علي قاضي، طارق روڊ تي ڪنهن عزيز وٽ اچي رهيو هئو. پر پورو ڏينهن ادا پريم، منوهر، ڪرتار، نارائڻ ۽ محمد علي قاضي سڀ گڏ پيا گهمندا هئا، جو خبر ئي نه هئي ته ٻيهر ادا پريم ۽ منوهر اوڏانهن ڪراچيءَ وري ڪڏهن ايندا!
    هڪ ڏينهن ته هن خاص ٽيڪسي ڪري ڪراچيءَ وارو پورو سامونڊي ڪنارو، سينڊ پٽ، هاڪس بي ۽ پيراڊائز پوائنٽ اهي سڀ بيچ ڏسي آيا. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن فلم تي به هليا ويندا هئا. ان وچ ۾ اسان جي لاڙڪاڻي وارو جهونو ميمڻ دوست. فتو به اچي ادا پريم سان ملي ويندو هو، جنهن ساڻن اول ئي اهو پروگرام ٺاهي ڇڏيو هو ته هو به کين دڪي تائين ڇڏڻ ايندو!
    21 اپريل 1979ع تي منجهند جي مانيءَ کان پوءِ ادا پريم وارا دڪي تي وڃڻ لاءِ هڪ سوزوڪي پڪ اپ صرف 20 رپين ۾ ڪري آيا، جنهن ۾ سامان کڻائي ميري ويدر ٽاور کان بجاءِ سڌو ڪياماڙي وڃڻ جي ساڄي هٿ واري سامونڊي دڪي طرف آيا، جتي ڪويت کان آيل برٽش ڪمپنيءَ جو پاڻيءَ وارو جهاز ’دوارڪا‘ لنگر انداز ٿيل هو. ادا پريم وارن سان نارائڻ، ڪرتار، فتو ۽ محمد علي قاضي سڀ گڏ هئا. دڪي تي پهتا ته کين ٻڌايو ويو ته پاڻيءَ جي جهاز تي ڪهڙو به سامان وزن جي لحاظ کان نه، پر مقدار جي پيماني موجب ورتو ويندو آهي. ان حساب سان ادا پريم جن کي سامان واسطي 200 روپيا ٽڪيٽ کانسواءِ ٻيا به ڏيڻا پيا. پر دڪي جا ڪولي ته جهاز ڪمپنيءَ کان به وڌيڪ وڏيرا هئا، جو اُهي صرف ٽي ننگ کڻي ڪري جهاز تائين پهچائڻ لاءِ ان دور ۾ به 300 رپيا وٺي رهيا هئا؛ جڏهن پاڪستان ۾ هڪ تولو سون ئي صرف 500 رپين ۾ ملندو هو. آخر مجبوريءَ ۾ ادا جن کي اهي پيسا به ڀرڻا پيا!
    هڪ اهم ڳالهه ته برصغير هند جي ٻنهي سرڪارين جي ڪنهن به پاليسيءَ جي خبر ئي ڪو نه پوندي آهي ته اُهي پنهنجون پاليسيون آخر ڪهڙن بنيادن تي ٺاهينديون آهن. هڪ مسافر جيڪڏهن پاڪستان توڙي هندوستان مان هوائي سفر ذريعي ٻاهر وڃي نه وڃڻ وقت پنهنجي ملڪ ۾ ان جي ڪنهن به سامان جي ڪسٽم چڪاس ٿيڻي ئي ناهي! جڏهن ته زميني توڙي سامونڊي رستي جيڪڏهن ٻاهر وڃ ته وڃڻ مهل پنهنجي ملڪ ۾ به ڪسٽم چڪاس لاءِ هر هڪ مسافر کي بي گناھ ڪجهه نه ڪجهه ڏيئي وٺي اڳيان وڌڻو پوندو! پوءِ اڳيان هلي سندس منزل مقصود واري ملڪ ۾ ته فطرتن اُتان جو ئي قانون نافذ ٿيندو! ها، باقي جيڪڏهن هند و پاڪ جا مسافر هڪٻئي ڏانهن زميني يا سامونڊي رستي ايندا ته ٻنهي هنڌن تي کين ڪسٽم وارن جو شڪار ٿيڻو ئي پوندو!
    ان لاءِ لاڙڪاڻي مان اسان جو پاڙيسري محمد علي قاضي ته خاص طور ادا پريم وٽ آيو ئي ان لاءِ هو ته کين دڪي تي الوداع به ڪري سگهي ۽ ساڻ ساڻ ان جو ڪو دوست ساڳئي ئي دڪي تي ڪسٽم عملدار هئو. جنهن جي معرفت نه صرف ادا پريم جن کي ڪسٽم جي ڪابه تڪليف ڪانه ٿي، پر ان سان گڏوگڏ ادا پريم ۽ منوهر سان گڏ محمد علي قاضي، نارائڻ، ڪرتار ۽ فتوءَ کي به اندر دڪي تي وڃڻ ڏنو ويو. باقي ادا پريم سان ڪولين ته اهڙو ظلم ڪيو جو 300 رپيا وٺڻ کان پوءِ به صرف ٻه ننگ مٿي جهاز جي ڊيڪ تي پهچايائون ته ٽيون ننگ اُتي هيٺ دڪي تي ئي پيو رهيو.
    ادا پريم ۽ منوهر پنهنجي سڀني همراهن کان ڀاڪر پائي موڪلائيندي جڏهن مٿي پهتا ته ڏسن ته اُتي ننگ ئي صرف ٻه رکيل آهن ۽ ٽيون برتنن وارو ڀاري ننگ اڃا هيٺ دڪي تي ئي پيو هئو. ان لاءِ ادا پريم مٿان ڊيڪ تان بيٺي پري کان ئي نارائڻ کي چيو ته اهو دڪي وارو ننگ ڪولين اتي ئي ڇڏي ڏنو آهي، جيڪو حال في الحال ته هو ڀل واپس کڻي وڃي، پوءِ ڏٺو ويندو ته ان جو ڇاڪجي! جهاز جي نڪرڻ جو ٽائيم پئي ڀرجندو ويو. ان گهڙيءَ اسان جي بهترين دوست فتوءَ ڇا ڪيو جو يڪدم اهو هيڏو سارو ننگ پنهجي ڪلهي تي کڻندي مٿي ڊيڪ تي پهچي ويو. هوڏانهن جهاز مان پري کان ڪنهن انگريز آفيسر فتوءَ کي روڪڻ چاهيو هئو،جو جهاز تي مٿي اچڻ جي اجازت ئي نه هئي، پر ان کان اڳ هو اهو ننگ کڻي ادا پريم وٽ پهچائي تڪڙ ۾ موڪلائيندي هيٺ دڪي تي واپس لهي به آيو.
    بس پوءِ ته جيئن ئي فتو هيٺ لٿو ته جهاز جي عملدارن طرفان اُها عارضي لڳايل ڏاڪڻ به جهاز طرف کڻي ڇڏي ۽ ٿوري ئي دير ۾ جهاز محمد علي قاضي، نارائڻ، ڪرتار ۽ فتوءَ جي نظرن کان اوجهل ٿيندو رهيو. ادا پريم، منوهر ۽ اوستائين کين ڏسندا رهيا. جيستائين سندن نظرون اُن نيڪ عڪس جو ديدار پئي ڪري سگهيون، جنهن ۾ علم دان محمد علي قاضي ننڍي هوندي کان هر هڪ ڏک سک ۾ ياري نڀائيندڙ نارائڻ گرباڻي هئو. رتوديرو وارو ماما ڪرتار لال هئو ته ڪراچيءَ جي هڪ وڏي ڪريانه اسٽور جو مالڪ فتح علي عرف فتو هئو. اهڙن نيڪ انسانن جو ديدار ئي ڄڻ روح کي راحت ڏيو ڇڏي!
    هيڏانهن 17 اپريل 1979ع تي ڀاڀيءَ جن جي انڊين ايئرلائنس فلائيٽ شام جو 5:00 بجي بمبئيءَ پهچڻي هئي ته مان، راجلداس ۽ هاسانند ڪلاڪ کن اڳواٽ ئي سانتا ڪروز ايئرپورٽ تي پهچي ويا هئاسين. پوءِ صرف انتظار هئو فلائيٽ جي پهچڻ جو. تيسين اسين ايئرپورٽ تي هتي هتي پئي چڪر لڳايا، ان بعد جهاز ته ڀل ٽائيم تي آيو پر ڀاڀي، ننڍي ڀاڀي ۽ ٻارن گيتا ۽ رشي ڪيش کي ٻاهر نڪرندي ٻه ڪلاڪ کن ٻيا به لڳي ويا. گهڻو وقت ان سبب به لڳو هئو، جو ڀاڀيءَ هڪ ڪيسٽ ٽيپ رڪارڊر آندو هئو، جنهن لاءِ ڪسٽم وارن جو چوڻ هئو ته ان قسم جي ڪهڙي به اليڪٽرانڪ شيءِ انڊين ڪسٽم رولس موجب آڻڻ لاءِ منع ڪيل هئي. اهڙي صورت ۾ انهن ڪستم آفيسرن بغير ڪنهن ڪسٽم ڊيوٽي ڀرڻ جي الٽو اهو ڪئسٽ رڪارڊر ئي ڀاڀيءَ کان وٺي ضبط ڪري رکيو ۽ هنن جي هٿ ۾ ان لاءِ هڪ رسيد ڪڍي ڏني.
    ٻه ڪلاڪ پوءِ 7:00 بجي کن شام جو ڀاڀيءَ جن ٻاهر نڪتا ته هينئر رات به پنهنجو سفر شروع ڪري چڪي هئي، ڀاڀيءَ دير سان نڪرڻ جو سبب ته ٻڌايو پر اُن مهل آءٌ ڪجهه ڪري به ڪو نه پئي سگهيس، سو في الحال ته اسين ٽيڪسي ڪري گهاٽڪو پر آياسين. ان ٽائيم تي لوڪل ٽرين ۾ بمبئي کان موٽڻ لاءِ رش به زوردار پئي ٿيندي ويئي. اسان جيتوڻيڪ هر هڪ پليٽ فارم تي بيهندڙ سلوڪ ٽرين ۾ الهاس نگر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڀاڀي، ننڍي ڀاڀي، بيبي گيتا، راجلداس ۽ هاسي سان گڏ صرف سامان ئي ٽرين ۾ چارهي سگهياسين، پر مان جيئن ته سڀني جي پٺيان هوس ۽ دٻڙ دونس ۾ سنڀالي ڪري هڪ هڪ کي ٽرين ۾ چاڙهي رهيو هوس ته ان وچ ۾ لوڪل ٽرين ڪجهه ئي سيڪنڊن ۾ هلڻ به شروع ڪري ڇڏيو. هتان جي لوڪل ٽرين جي هلڻ جي رفتار ائين هوندي آهي جو شروع ٿيڻ سان ئي اسپيڊ ۾ اچيو ويندي آهي. ڪنهن ميل ٽرين جيان آهستي آهستي اسپيڊ ڪو نه پڪڙيندي آهي.
    ان لاءِ جيئن ئي گهاٽڪو پر تان لوڪل ٽرين هلڻ شروع ڪيو ته راجلداس مونکي رڙ ڪندي پنهنجي گهر اچڻ لاءِ چيو. مون کي به ان مهل جو ڇهه مهينن جو ڀائيٽو رشي ڪيش به ڪلهي تي هئو آءٌ رش سبب ان گاڏي ۾ ڪو نه چڙهي سگهيو هوس. پٺيان وري الهاس نگر لاءِ ٻين ٽرين، ضرور اڌ ڪلاڪ کن ته وري لڳو ئي هوندو! آءٌ پٺيان ٻين ٽرين پڪڙي بابو رشي ڪيش کي کڻي اندرا ۽ راجلداس جي گهر آيس ته ڀاڀيءَ جن اڳواٽ ئي اُتي پهچي چڪا هئا.
    اسين ٻئين ڏينهن تي پنهنجي سترهين سيڪشن جي بئرڪ واري ننڍي گهر ۾ وڃي رهياسين. هوڏانهن شهد اسٽيشن طرف مون جيڪو C-68 بلاڪ ۾ روم نمبر 253 وارو رکيو هو. ان جو ڏيک ته ڪنهن بنگلي جيان ئي هو جنهن ۾ گهر جي ٻنهي پاسي وسيع اڱڻ اولهه طرف اڱڻ اڳيان باغيچو ۽ اوڀر واري اڱڻ طرف هڪ ننڍي گهٽيءَ ۾ دروازو پڻ هئو. جيتوڻيڪ ان گهر جو مکيه دروازو اولهه طرف ئي هئو، پر نه صرف اسين روم نمبر 253 وارا پر اسان جي ڀر ۾ روم نمبر 254 وارا بنگالي توڙي 255 ۾ جڳتراءِ ڌمناڻي جيڪي به رهندا هئا. اُهي سڀ پڻ اوڀر طرف ننڍي گهٽيءَ وارو گيٽ ئي استعمال ڪندا هئا، جو شهر طرف هيءُ پاسو ئي وڌيڪ ويجهو هوندو هئو.
    21 اپريل 1979ع تي ادا پريم ۽ منوهر به پاڻيءَ واري جهاز تي ڪراچيءَ کان نڪري 23 اپريل تي هتي بمبئي پهچڻا هئا. تيسين مون سي بلاڪ واري گهر جي پنجن ڪمرن ۾ پنج نوان پکا هڻائي ۽ نوان رنگ پڻ ڪرائي ڇڏيا هئا. ان ڪم ۾ منهنجو شاگرد لکي ڀاٽيه پنهنجي پاڻيهي مون کي ڪم آيو هئو ۽ جيڪو پاڻ ئي سمورو ڏينهن ڪاريگرن وٽ وڃي مٿان بيهندو هئو ته جيئن صحيح ڪم ٿي سگهي. لکي ڀاٽيه منهنجي سترهين سيڪشن واري بئرڪ جي گهر ڀرسان ئي رهندو هئو. جنهن جي والده پڻ مون سان ڏاڍو پيار ڪندي هئي.
    ادا پريم ۽ منوهر 21 اپريل جي ’دوارڪا‘ پاڻي واري جهاز ذريعي بمبئيءَ لاءِ نڪتا هئا، کين 23 اپريل تي هتي پهچڻو هو. آءٌ ان ڏينهن جهازن تي پهچڻ کان پوءِ به هڪ ڪلاڪ اڳ ئي بمبئيءَ جي بيلرڊ پيئر ’اندرا ڊاڪ‘ تي پهچي ويس. ٿوري دير ۾ ڪسٽم آفيسرن طرفان ٽيبلون پئي لڳايون ويون، پر جيئن جيئن ٽائيم ڀريو پئي ويو ۽ ڪسٽم جا عملدار پنهنجون پنهنجون ٽيبليون ڇڏيندا پئي رهيا. هيڏانهن جيترا به ماڻهو پنهنجي عزيزن کي وٺڻ آيا هئا، انهن ۾ تجسس وڌندو پئي ويو پوءِ ٻڌايو ويو ته ’دوارڪا‘ جهاز بمبئي بندر جي ٻاهران پهچي چڪو آهي پر ڪنهن برٿ خالي نه هلڻ جي صورت م اهو اڄ نه پر ايندڙ ڏينهن تي ساڳي ئي ٽائيم تي دڪي سان لڳايو ويندو.
    وري به شڪر جو آءٌ الهاس نگر مان ڪابه گاڏي وغيره ڪو نه ڪري ويو هوس، نه ته ان جو ڀاڙو به بي گناھ چٽي پئجي وڃي ها! بهرحال آءٌ سي بلاڪ واري گهر ۾ الهاس نگر موٽي آيس، جو اسين هڪ ڏينهن اڳ ئي ان گهر ڏانهن شفٽ ڪيو هئو ته جيئن ادا پريم ۽ منوهر سڌو پنهنجي ئي گهر اچي لهن. اها رات اندرا ۽ راجلداس به اسان جي گهر رهيا ۽ رات جو ويٺي ڪچهري ڪئيسين. ايندڙ ڏينهن 24 اپريل 1979ع تي آءُ ٻيهر ٻڌايل ٽائيم کان هڪ ڪلاڪ اڳ ئي اندرا ڊاڪ تي پهچي ويس. اڄ ان بندر تي ڪجهه وڌيڪ گهما گهمي پئي نظر آئي. ڪسٽم جو ٽيبلون به ڪجهه وڌيڪ لڳايل هيون ته هتان جا بمبئيءَ وارا ماڻهو جيڪي پنهنجي عزيزن کي وٺڻ آيا هئا، اهي به اڄ جهجهي تعداد ۾ پئي نظر ايا. اندرا ڊاڪ جي عمارت جي ٻئين ماڙي تي سمنڊ طرف هڪ بالڪني ٺهيل هئي. جتان بيهي اسين جهازن جي دڪي سان لنگر انداز ٿيڻ جو نظارو ڏسي پئي سگهياسين. ان ماڙي تي وڃڻ لاءِ هڪ لفٽ ۾ وڃي چڙهيس ته اها لفٽ بجاءِ بالڪنيءَ واري ماڙي تي پهچڻ جي هڪ ماڙ ٻيو به مٿي هلي وئي، لفٽ به ڪا اهڙي ته خراب هئي، جو اتي پهچڻ سان ان جي لائيٽ به بند ٿي ويئي! انهن ڏينهن ۾ مونکي به لفٽ جي ايڏي ڄاڻ ڪو نه هوندي هئي، سو اليڪٽرسٽي بند ٿيڻ تي لفٽ جي بند دروازن اندر، نفسياتي طور ڄڻ هڪ مونجهه پئي محسوس ٿين لڳي! مونکي ٻيو ڪجهه ته سمجهه ۾ نه آيو، صرف لفٽ جو دروازو اندران کان زور سان کڙڪائيندي وڏي آواز ۾ وٺي رڙ ڪيئي ته لفٽ ڪا دروازه کولو! گهٽن هو رهي هئه!“ منهنجي رڙين تي لفٽ جي ٻاهران ڪجهه ماڻهن جا پاڻ ۾ ڳالهائيندي آواز پئي اچڻ لڳا ته ” لڳي ٿو هن لفٽ اندر ڪو ماڻهو ڦاٿو آهي!“

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 30 آگسٽ 2015
    ___
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 24
    ڪنهن کي به پنهنجي نالي فليٽ ئي ڪو نه هجي !
    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي


    24 اپريل 1979ع تي بيلرڊ پيئر، ممبئيءَ ۾ ”اندرا ڊاڪ“ جي لفٽ ۾ اندر ڦاٿل هوس. لفٽ بند لڳي پيئي هئي. آءٌ مونجهه سبب اندران لفٽ جو درواز کڙڪائيندي فوري مدد لاءِ منتظر هوس. ٻاهر موجود ماڻهن کي جو ڳو ته ڪير لفٽ اندر ڦاٿل آهي، ته اهي منهنجي رڙين تي دروازي ٻاهران اچي ڪري مون کي دلاسو ڏيڻ لڳو ته ” فڪر نه ڪر! لفٽ مين کي ماڻهو سڏ ڪرڻ ويو آهي!“ منهنجي ته حالت خراب لڳي پيئي هئي. آءٌ کين چئي رهيو هوس ته ”وارو ڪيو! جلدي دروازو کوليو! منهنجي ساه گهٽجي رهيو آهي.“ چوندا آهن ته تڪليف جو وقت به وڌي پوندو آهي، سو مون کان ته صبر ئي ڪو نه پئي ٿيو! ائين پئي محسوس ٿيو ته جيڪڏهن ٿوري دير ۾ دروازو نه کليو ته الائي ڇا ٿي ويندو!
    مون ان منجهه واري احساس ۾ تڙ تڪڙ ۾ بند لفٽ مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ اوندھ ۾ هٿوراڙيون هڻندي پاڻ ئي اندران کان دروازو کولڻ لاءِ پنهنجا ٻيئي هٿ دروازي جي وچ ۾ وجهندي جو زور سان وٺي ٻنهي طرفن ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪيئي ته سچ پچ دروازو کلي ويو! واھ منهنجا سائين! مونکي پاڻ کي ئي سمجهه ۾ نه آيو ته اهو ڪرشمو ڪيئن ٿي ويو. لفٽ کان ٻاهر نڪتس ته صرف هڪڙا ٻه ماڻهو لفٽ ٻاهران بيٺا پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا. مونکي ڏسي اُهي پڻ حيران ٿي ويا ته هيءُ همراھ ٻاهر ڪيئن نڪري آيو!
    تقريبن ٽيهه چاليهه هزار اسڪوائر فوٽن جو اُهو پورو فلور بلڪل خالي خالي لڳو پيو هئو. لفٽ کان ڪافي دوريءَ تي صرف پندرهن ويهه ڪلارڪن جون ٽيبل لڳايل هيون، باقي هيڏو سارو پورو ماڙو ڄڻ سنسان لڳو پيو هئو. لفٽ ڀرسان بيٺل ماڻهن ٻڌايوته اها خراب لفٽ هئي جنهن ۾ ڪير به ڪو نه چڙهندو هو. آءٌ ته سامت جو ساھ کڻندي ۽ انهن کان پڇندي لفٽ جي ڀرسان واري ڏاڪڻ تان ئي تڪڙ ۾ هيٺ لٿس، تڏهن مس وڃي هوش ۾ آيس. مان ڪنهن واش بيسن تان وڃي هٿ منهن ڌوتو ته جيئن نارمل ٿي سگهان! ان مهل شايد منهنجي عمر ننڍي هئي يا ڪجهه آزمودو گهٽ هئو، نه ته جيڪر انسان کي ڪهڙي به حالت ۾ پنهنجو توازن نه وڃائڻ گهرجي. صبر جو دامن ڪڏهن به هٿان نه ڇڏي! مسئلا پنهنجو پاڻيهي سلجهي ئي ويندا آهن! جيڪڏهن ڪجهه مسئلا سلجهڻ جا نه هوندا، به دماغ شانتيءَ سان ڪجهه سوچي ته سگهندو! پوءِ جيڪڏهن خدانخواسته ڪجهه به حل نظر نه اچي ته ڇڏي ڏجي مالڪ تي! سائين وڏو رحيم آھ! ڪيئن به انهن مونجهارن مان ڪڍي ئي وٺندو!
    آءٌ هٿ منهن ڌوئي پوءِ ڪنهن ڏاڪڻ کان ئي ان بالڪنيءَ وٽ آيس، جتان اسين ٻني وٽان بيهي هيٺيون جهازن جو ڊيڪ ۽ اُتي لنگرانداز ٿيل جهاز ”دوارڪا“ ڏسي پئي سگهياسين. دراصل ”دوارڪا“ جهاز اڄ صبح کان ئي دڪي سان لڳايو ويو هئو ۽ ان جي مٿين ڊيڪ تي اميگريشن آفيسرس اندر وڃي تمام آيل مسافرن لاءِ اميگريشن ڪندا آهن؛ خود هندوستان جي ڪهڙي به ايئرپورٽ تي پڻ اها اميگزيشن منٽن ۾ ڪئي ويندي آهي؛ پر هتي جهاز ذريعي آيل هو هڪ مسافر کان اڌ اڌ ڪلاڪ سوال پڇندي پوءِ ئي ٺپو هڻي رهيا هئا. ادا پريم ۽ منوهر جي به جڏهن اميگريشن ٿي، تڏهن مس اُهي ڊيڪ واري ٻني وٽ اچي بيٺا ۽ کين ڏسي ڪري مونکي به ساھ پيو. سالن کانپوءِ کين ڏسي ڪري ڏاڍي خوشي ٿي رهي هئي. ادا پريم ۽ منوهر جنهن برٽش جهاز ”دوارڪا“ ۾ آيا هئا، اهو ڪويت ۽ ڪراچيءَ کان ٿيندو اڄ پنهنجو بلڪل آخري سفر پورو ڪندي بمبئيءَ پهتو هئو، جنهن کانپوءِ شايد جهازران ڪمپني ان جهاز کي ئي اسڪريپ ڪرڻ واري هئي.
    ادا پريم ۽ منوهر هڪ ڪوليءَ کان سامان کڻائي هيٺ لهي آيا. جتي سندن هينئر ڪسٽمس جي چڪاس ٿيڻي هئي. اُتي جيتوڻيڪ ادا پريم وارن کي اميگريشن کان به وڌيڪ وقت لڳڻ کپندو هئو، پوءِ به ٿوري ڄاڻ سڃاڻ باوجود جهونن برتنن ۽ ڪجهه ٻئي گهرو سامان تي ساڍا ٽي سئو کن ڪسٽم ڊيوٽي پڻ ڀرايائون؛ جيڪا آءٌ وڃي ڪائنوٽر تي تڪڙ ۾ ڀري آيس، پوءِ ڪوليءَ کان سامان کڻائي ٻاهر نڪتاسين ته ’اندرا ڊاڪ‘ جي اندر ئي ڪيترا ئي ٽئڪسيءَ وارا بيٺا هئا. ٿورو ڳالهائڻ کانپوءِ 180 رپين ۾ الهاس نگر طئه ڪندي اسين اندرا ڊاڪ مان ٻاهر نڪري آياسين.
    چيمبور پهچي رستي تي ڪٿي ريسٽورانٽ ۾ ناشتو به ڪيوسين ۽ پوءِ نيو بامبي واري طرف کان ٿيندا سڌو ئي الهاس نگر ۾ پنهنجي ’سي-بلاڪ‘ واري گهر پهتاسين. آءٌ صبح جو سوير ادا پريم وارن کي وٺڻ لاءِ نڪتو هوس ۽ هاڻ جڏهن گهر پهتاسين ته سنجها ٿي چڪي هئي. گهر ته پهتاسين، پر ٽئڪسي ڊرائيور ڳالهايل 180 رپين وٺڻ کان ڦري ويو ۽ هاڻ 200 روپيا گهري رهيو هئو. جيتوڻيڪ آءٌ ساڻس بحث ڪري رهيو هوس، پر اُتي اسان جو سي- بلاڪ وارو هڪ پاڙيسري دادا جڳتراءِ ڌمناڻي بيٺو هئو، جنهن جي چوڻ تي کيس ٻه سئو روپيا ڏيڻا ئي پيا؛ جو هن جو خيال هئو ته انهن ڊرائيورن جي منهن نه لڳجي ته سٺو!
    ان ڏينهن اسان جي ماسات اندرا ۽ دادا راجلداس به اسان جي گهر آيل هئا. ڏاڍيون ڪچهريون ٿيون. ادا پريم ۽ منوهر کي اهو نئون ورتل گهر به ڏاڍو وڻيو. پوءِ وري ايندڙ ڏينهن ئي ادا پريم ڪنهن نه ڪنهن ڪم جي جاچ ۾ لڳي ويو ۽ ڪجهه ڪجهه مون سان ناراض به پئي ٿيو، جو مون گهر ته وٺي رکيو هئو پر پوري گهر ٻار جو گذارو ڪيئن ٿيندو، ان لاءِ مون وٽ ڪو پروگرام ئي ڪو نه هئو.
    هيڪر ادا پريم ۽ منوهر وارا اچي ويا ته آءٌ لاڙڪاڻي جي دوست امر آهوجا ۽ درشن آهوجا جي ماما نانڪرام موٽواڻيءَ کان جيڪو ڪسٽم ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسر هئو، ان کان رهنمائي وٺندي.ڀاڀيءَ کي ايئرپورٽ تي ويٺي وڃي ڪسٽمس اسسٽنٽ ڪمشنر گيهاڻي صاحب کي درخواست ڏني ته ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي والده کان کسيل ڪيسٽ رڪارڊر اسان کي واپس ڪيو وڃي. گيهاڻي صاحب بيحد شفيق ماڻهو هئو. هن وابسته آفيسر کي گهرائي ڪجهه واجبي ڏنڊ ڀرايو ۽ اسان کي ڪئسيٽ ريڪارڊر واپس ڪرائي ڏنو. دادا نانڪرام موٽواڻي ۽ گيهاڻي صاحب جهڙام نرم دل آفيسر هميشه هميشه ياد رهندا!
    مئي 1979ع ۾ منهنجو ”ڊپلوما آف هائير ايجوڪيشن“ (D.H.E.) جو امتحان هئو. ادا پريم آيو ته مونکي ڏاڍي سهوليت ٿي، جومان پاڻ وارا چار ئي پيپرن جا نوٽس ادا پريم کان چڱيءَ طرح سمجهي سگهيس. بامبي يونيورسٽي طرفان اسان کي مليل سيٽ نمبر موجب اسان جو امتحان چرني روڊ اسٽيشن تي ويسٽ طرف مشهور پڪنڪ پوائنٽ چوپاٽيءَ جي سامهون هڪ گهٽيءَ اندر ”هزاري مل سوماني ڪاليج“ ۾ ٿيڻو هو.
    آر.ڪي.تلريجا ڪاليج جا اسين ٽيئي ٽيچرس؛ مرليڌر ڪرهاڙي، ميڊيم رهيجا ۽ مان گڏجي لوڪل ٽرين تي ان ڪاليج ڏانهن ويندا هئاسين. اسين گهڻو ڪري اڳ ئي پهچي ويندا هئاسين؛ پوءِ جيستائين امتحان جو ٽائيم ٿئي تيستائين چوپاٽيءَ تي اچي سمنڊ ڪناري ريتيءَ تي گهمندي نوٽس پڙهندا رهندا هئاسين. اسان ٽنهي مان مرليڌر ڪرهاڙي بيحد هوشيار هوندو هئو. هن آءِ. اي. ايس. جو امتحان پڻ ڏنو هئو پر کيس مختيارڪار جي نوڪري ملندي ملندي ڪنهن سبب رهجي ويو هئو. ميڊم رهيجا به انگريزي ميڊيم سان پڙهائيءَ باعث انگريزيءَ ٻوليءَ ۾ چڱي ڀڙ هوندي هئي، جڏهن ته منهنجي لاءِ اهو پهريون ڀيرو ئي هئو، جو مان ڪهڙو به اعليٰ تعليم وارو پورو امتحان انگريزي ميڊيم ۾ ڏيئي رهيو هوس! وري به شڪر آهي جو منهنجا چار ئي پيپر ٺيڪ ٿيا هئا. جيڪڏهن ڪا آفت ڪانه اچي ها؛ ته سٺيون مارڪون ئي ملڻ جي اميد هئي!
    ادا پريم کي ڪهڙو به ڪم ڪرڻ جي ڏاڍي جلدي هئي؛ جو صرف منهنجي پگهار تي پوري گهر جو خرچ ڪو نه پئي هليو، ادا پريم ميڊيڪل اسٽور کولڻ ٿي چاهيو، جنهن لاءِ چنديرام سان صلاح ڪري اسين ڪلياڻ شهر ۾ اسٽيشن لڳ هڪ اهم چوڪ تي جتي ڪيترائي ميڊيڪل ڪنسلٽنٽ هئا، اُتي پڳڙيءَ تي هڪ دوڪان وٺي ئي ڇڏيو. دوڪان ورتوسين ته پوءِ ادا پريم ٿاڻا مان ڪمشنر، فوڊ ۽ ڊرگس جي آفيس مان لائسنس ڪڍائڻ ويو، پر اُتي کيس خبر پيئي ته لائسنس ملڻ کان اڳ اسان کي ڪهڙو به فارماسسٽ، يعني جيڪو ڊپلوما آف فارميسي ڪيل هجي اُهو هٿ ڪرڻو پوندو تڏهن ئي لائسنس ملي سگهندو.
    پوءِ اسين فارماسسٽ جي ڏاڍي ڳولها ڪئيسين، پر ڪير ملي ئي ڪو نه رهيو هئو. ان وچ ۾ ادا پريم جي صبر جو پيمانو لبريز پئي ٿيندو ويو. هن ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ ئي پئي چاهيو! جو خود اسان جي ٻوليءَ ۾ ئي هڪ محاورو آهي ته ”ويٺي کوھ به کٽي ويندا آهن.“. هڪ ڏينهن ته تنگ اچي ادا پريم اُن ساڳئي دوڪان ۾ تڙ تڪڙ ۾ ڪريانه جو دوڪان به کولڻ پئي چاهيو، پر آءٌ کيس ڪجهه اڃا به انتطار ڪرڻ لاءِ مڃائي رهيو هوس.
    هڪ ڏينهن اسان وٽ الهاس نگر پنجين مان ماما جيون آيو، جنهن سان ڳالهه نڪتي ته ڪهڙو به فارماسسٽ گهرجي ته جيئن ميڊيڪل اسٽور کولي سگهجي. ان تي هن ادا پريم کي الهاس نگر 4 ۾ هڪ برتنن جي دوڪان تي ان جي مالڪ اشوڪ سان ملايو، جنهن کي پنهنجي ئي دوڪان سان لڳو لڳ هڪ ميڊيڪل اسٽور پڻ هئو، جتي سندس وڏو ڀاءُ گرڌاري لال ويهندو هئو. هڪ دفعو ادا پريم اُن گرڌاري لال وٽ پهتو ته سڀ مسئلا نبرجندا ويا. سڀ کان پهرين ته هن هڪ بزرگ فارماسسٽ، جيڪو سندس دوڪان جي ڀر ۾ ئي رهندڙ هئو، اهو هٿ ڪري ڏنو. ان فارماسسٽ سان ڳالهائڻ کانپوءِ گرڌاري لال، ادا پريم کي چيو ته هاڻ تنهنجو نئون ميڊيڪل اسـٽور کولڻ لاءِ اسان جي به استاد، دادا گرمکداس وٽ هلڻو پوندو؛ جيڪو انهن سڀني ڳالهين ۾ ماهر آهي. ائين ادا پريم گرڌاري لال معرفت ، الهاس نگر ٽئين جي مين مارڪيٽ ۾ ”گرمک ميڊيڪل اسٽورس“ تي دادا گرمکداس وٽ پهتو ته ڄڻ سڀ چنتائون لهي ويون.
    دادا گرمکداس، ادا پريم کي ٻڌايو ته تون منهنجو 186 هون نمبر پٽ آهين، جو ان کان اڳ هو هڪ سئو پنجاسي الڳ الڳ ماڻهن کي ميڊيڪل اسٽور رٽيل يا هول سيل جو ڪم کولرائي چڪو هئو. پوءِ ته لائسنس وٺڻ لاءِ فارم به دادا گرمکداس پاڻ ڀريو ۽ ادا پريم کان صرف صحيح ورتائين، جنهن بعد ادا پريم اهو فارم وڃي ٿاڻا جي فوڊ ۽ ڊرگس آفيس ۾ جمع ڪرائي آيو. ميڊيڪل اسٽور جو ڪم ڪيئن هلندو آهي، ڪهڙيون ڪهڙيون دوائون رکڻ کپن، ڪٿان وٺجن، ان لاءِ ادا پريم ”گرمک ميڊيڪل اسٽور“ تي وڃي ويهڻ ئي شروع ڪري ڏنو. هيڪر ادا پريم اُتي وڃڻ شروع ڪيو، ته ڪاليج پورو ڪري مان به اُن وٽ گرمک ميڊيڪل تي ئي ويندو هوس. داد گرمکداس ايترو ته شفيق ماڻهو هو، جو هن مونکي به پٽ بڻائيندي 187 هون نمبر ڏيئي ڇڏيو. هاڻ اسان جو ميڊيڪل اسٽور کولڻ جي جوابداري ئي ڄڻ دادا گرمکداس جي ٿي پيئي.
    اسان جيڪو دوڪان ڪلياڻ ۾ ورتو هئوسين، جيڪو 300 فوٽن جو چڱو وڏو هوندي، هڪ ماڊرن بلڊنگ جي گرائونڊ فلور تي واقع هئو. ان ۾ بهترين فرنيچر اڳواٽ ئي ٺهيل هئو، جو جنهن کان ورتو هئو سين اهو اڳ اُتي جنرل اسٽور ڪري هلائيندو هئو. ان ۾ صرف هڪ ٻه ڏينهن ڪارپينٽر ويهاري ميڊيڪل جي حساب فرنيچر ٺاهرائي ڇڏيوسين. ڇو ته لائسنس ملڻ کان اڳ فوڊ ۽ ڊرگس ڪمشنر ۽ انسپيڪٽر ٻنهي ان دوڪان جي وزٽ پڻ ڪيئي ۽ ڏيڻ وٺڻ کانپوءِ ئي اهو لائسنس اسان کي ملي سگهيو.
    ”گرمک ميڊيڪل“ هر سومر تي بند ٿيندو هئو، ان ڏينهن تي دادا گرمکداس، ادا پريم کي بمبئي ۽ ٿاڻه جي ڪجهه رٿيل ۽ هول سيل ميڊيڪل شاپس تي وٺي ويندو هو، جيڪي هن جي ئي راهنمائيءَ ۾ کليل هئا. ائين آهستي آهستي ادا پريم جو اعتماد پڻ وڌڻ لڳو، ان وچ ۾ رتوديرو جو اسان جو هڪ عزيز ۽ دوست گوبند رام آيو، جنهن کي اُتي رائيس مل هوندي هئي، ان جي هڪ مائٽ لڇمڻ داس کي هتي الهاس نگر لڪشمي مارڪيٽ ۾ ميڊيڪل جي ڪجهه شين جو هول سيل بزنس هوندو هئو، اهو پڻ ادا پريم جي چڱو ئي ڪم آيو. دادا گرمکداس دوائن جي لسٽ تيار ڪري ورتي. هوُ بمبئيءَ جي پرنسيس اسٽريٽ ڀرسان دوا بازار مان دوائون وٺڻ لاءِ پاڻ به اسان سان اوڏانهن هليو، جڏهن ته ڪجهه دوائون جيڪي الهاس نگر ۽ ڪلياڻ ۾ ملي پئي سگهيون، اهي وٺڻ لاءِ ڀاءُ گرڌاري ادا پريم سان گڏ هليو هئو.
    دادا گرمکداس جو اسان جيان هڪ پٽ هوندو هئو، رميش؛ ان کي مان آر ڪي تلريجا ڪاليج ۾ پڙهايو به هئو؛ ان سان گڏ واشوُ ۽ هرداس اُهي سڀ ڄڻ اسان سان ڀائرن جيان هلندا هئا. اسين جيڪي به دوائون ورتيونسين، ادا پريم ۽ مان وڃي ڪري دوڪان تي اهي سڀ دوائون لڳايونسين. ان دوڪان ۾ فرنيچر ائين ٺهيل هئو، جو وچ تي هڪ ديوار هئي جنهن جي وچ تي هڪ دروازو لڳايل هئو، جيڪو بند ڪري اندرئين حصي ۾ ڪجهه به مال اسٽور پئي ڪري سگهياسين، مال لڳائيندي لڳائيندي الائي ڪيئن اهو وچون دروازو اندران کان بند ٿي ويو. پوءِ ته ادا پريم ۽ مان ٻنهي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. اندر نه آدم نه آدم جي بوءِ! اندران دورزو بند ٿيو ڪيئن! اها به خبر ڪو نه پيئي! پر هاڻ مسئلو هئو ته اهو دروازو کلي ڪيئن!
    آخر جڏهن اسين ٻيئي ڀائر هڻي هڻي بيٺاسين پر دروازو ڪو نه پئي کليو ته نيٺ مجبور ٿي ڪم اڌ ۾ بند ڪري گهر وڃڻو پيو؛ جو ڪجهه مال ته اندر ئي رکيل هو! وڏي ڳالهه ته مال ڀل اندر هجي يا نه هجي، ڪجهه ڏينهن ۾ جو اسان کي ميڊيڪل اسٽور جو افتتاح ڪرڻو هئو ۽ هتان جي رواج موجب ڪنهن به نئين ڪم جو ڌام ڌام سان مهورت ڪيو ويندو آهي ته اهڙي صورت ۾ ان ڏينهن ماڻهو جو اچڻا هئا ته اُهي ويهندا ڪٿي! ٻاهريون حصو ته جيڪو فرنيچر وارو ٺهيل هو، اهو دراصل دوڪان جي اڌ کان به ننڍو هئو ۽ وڏو حصو اندر ئي هئو!
    هوڏانهن اسان جڏهن دوڪان پڳڙيءَ تي ورتو هئوسين، ته ان دوڪان جي پوئين حصي ۾ پڻ هڪ دروازو لڳايل هئو، جيڪو ان بلڊنگ جي اندرين پاسي کليو پئي، يعني ان دروازي هئڻ سان باقي بلڊنگ جي اندرئين طرف به دوڪاندار جا ڪجهه حق واسطا رهن پيا، پر هاڻ جو پڳڙيءَ تي اهو دوڪان پئي ورتوسين ته ان جي لکها پڙهيءَ لاءِ ”رجسٽريشن آفيس“ ۾ وڃڻ بدران صرف مڪان مالڪ کان مسواڙ جي چٺيءَ تي نالو بدلائڻو هو. ڪلياڻ شهر جو وري رواج ئي ڪو اهڙو هئو جو اُتي ڪهڙو به دوڪان ڪنهن کي به وڪڻي ڪري ڪو نه ڏنل هئو. بلڪه سڀ جو سڀ دوڪان مڪان مالڪ کي پڳڙي ڀري صرف چٺي پنهنجي نالي ڪرائڻي پوندي هئي. اها پڳڙي به اهڙي هئي جو دوڪان جو جيترو به اگهه هوندو ان جو ٽيون حصو جڏهن مڪان مالڪ کي ڏنو ويندو تڏهن مس وڃي هو نئين ايندڙ مالڪ لاءِ چٺي بدلائي ڏيندو. چٺي بدلجڻ کانپوءِ به ان دوڪان جي ڪجهه رواجي مسواڙ هر هڪ مهيني ڀرڻي ئي هئي! دراصل ڪڏهن پوري بمبئيءَ ۾ فليٽ به پارسي ماڻهو ائين ئي وٺندا هئا ۽ پوري شهر ۾ اهو ئي رواج هوندو هئو! ورهاڱي کانپوءِ سنڌي هندو جڏهن سنڌ مان هتي لڏ پلاڻ ڪري آيا ته انهن مان جن بلڊرس جو ڪم شروع ڪيو، تن پنهنجا فليٽ ٺاهي هميشه لاءِ خريدار کي مالڪاڻا حق ڏيندي وڪڻڻ شروع ڪيا؛ نه ته جيڪر سنڌي هندو هتي بمبئيءَ ڪو نه اچن ها ته ڪنهن کي به بمبئيءَ ۾ پنهنجي نالي فليٽ ئي ڪو نه هجي ها ۽ مسواڙ ۽ پڳڙيون ڀري ڀري انهن جا بردانا ئي نڪري وڃن ها!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 6 سيپٽمبر 2015
    ___
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 25
    شهريت ڪونهي ته انٽرويو ڏيڻ ڇو آيو آهين!
    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

    اسين ڪلياڻ شهر ۾ جيڪو ميڊيڪل اسٽور کولي رهيا هئاسين، ان لاءِ اُتي مال سجائيندي اسان کان دوڪان جو وچون دروازو ئي الائي ڪيئن بند ٿي ويو. اندر ڪير به ڪو نه هئو پوءِ به دروازو اندران کان بند هئو ۽ ٻاهران ڪيترا به زور لڳائيندي دروازو ئي ڪو نه پئي کليو. اڃا تائين ادا پريم ۽ مان دادا گرمکداس وٽ ”گرمک ميڊيڪل“ تي ويندا ئي رهندا هئاسين. دادا گرمکداس به ڄڻ هڪ روحاني شخصيت هئو! ان کي جو ڳالهه ڪئي سين ته اُن چيو، ٺيڪ آھ گهٻرائڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. ٻئي ڏينهن هو پاڻ اسان سان گڏ ڪلياڻ هليو. اڃا ادا ۽ مان دوڪان کولي پاڻ ۾ ڪجهه ڳالهايو ئي پئي جو ڏٺوسين ته دادا گرمکداس اُهو اندران بند ٿيل دروازو کولي به ڇڏيو. دروازو کليل ڏسي اسان کان ته ڇرڪ نڪري ويو ۽ سک جو ساھ کنيوسين! دادا کان پڇيوسين ته هن آخر ڇا ڪيو جو دروازو کلي ويو. بلڪل ساڌارڻ نموني ٻڌايائين نه هن ڪجهه به نه ڪيوصرف آهستي سان دروازي کي اندر ڌڪيائين ته دروازو کُلي ويو! اهو هڪ ڪرشمو هئو يا ڇا هئو، اڄ تائين ڪو نه سمجهي سگهياسين ۽ نه نيڪي کي کوٽڻ جي ڪوشش ئي ڪرڻ گهرجي!
    لاڙڪاڻي ۾ الائي ڪيترا نوان دوڪان چپ چاپ کلندا هئا، پر دادا گرمکداس جي چوڻ موجب ڪهڙي به نئين ڪم جي شروعات هڪ شاديءَ جيان ڌام ڌوم سان ٿيڻ کپي. ان لاءِ اسان به سمورن دوستن ۽ مائٽن کي 27 آگسٽ 1979ع تي پنهنجي ميڊيڪل شاپ جي افتتاح لاءِ ٻڌايوسين. دوڪان جو نالو رکيو هئوسين ٻلديو ميڊيڪل اسٽور جو گهر وارا مونکي ڪجهه ڀاڳ ڀريو سمجهي رهيا هئا. اهو پورو ڏينهن اسان جي دوڪان تي ڏاڍي چهل پهل رهي. صبح جو هڪ براهمڻ کان دوڪان تي نئين ڪم جي پوڄا به ڪرائي. آيل تمام مهمانن کي بهترين ناشتو ۽ ڪولڊ ڊرنگ پئي پيئاري. ميوزڪ سسٽم لاءِ لاڙڪاڻي مان آندل ڪيسٽ رڪارڊر کڻي ويا هئاسين جنهن ۾ فل آواز ۾ پورو ڏينهن گيت وڄندا هيا. دادا گرمکداس پاڻ ۽ ان جا اسان جيان ٻيا به ڪيترائي پٽ پڻ سمورو ڏينهن مهمانن جي خدمت لاءِ دوڪان تي موجود رهيا. دادا گرمکداس جو والد صاحب بابا سترامداس پڻ اسان کي پٽن جيان پيار ڪندو هئو. عمر درازيءَ سبب اچي نه سگهيو پر هن جون اسان لاءِ ڏاڍيون دعائون هونديون هيون. بابا سترامداس جي هڪ انفراديت اها هوندي هئي ته هن هڪ اليڪٽرانڪ مشين ٺاهي هئي، جنهن ۾ ڪنهن به مريض جو فوٽو وجهندو هئو ۽ مشين چالو ڪندو هئو، سندس چوڻ هوندو هئو ته مريض ڀل ڪٿي به هجي ان جو علاج چالو ئي رهندو!
    پهرئين ڏينهن 27 آگسٽ 1979ع تي دادا گرمکداس جو هڪ پٽ واشوُ آيو، جنهن کي وري ايڏي ته مهارت هئي جو جتي به دادا گرمکداس جي طرفان ميڊيڪل اسٽور کلندو هو ته اهو واشوُ پنهنجي اکين تي پٽي ٻڌي ان مخصوص ڪٻٽ مان ڪابه گهربل دوا ڪڍي سگهندو هئو. ان ڏينهن شام جو الهاس نگر ميڊيڪل اسٽورس ايسوسيئيشن جو پريزيڊنٽ آسنداس لاکاڻي به آيو ته ان جي حاضريءَ ۾ داد گرمکداس، واشوءَ کي پٽي ٻڌي تمام مهمانن کي چيائين ته هاڻ هن کان ڪابه دوا ڪڍرايو. پوءِ ته جيترا ڀيرا به ڪنهن کانئس ڪابه مخصوص دوا گهري ته هن اها ئي دوا اکين تي پٽي ٻڌل هوندي به ڪڍي پئي ڏني. اهو سڀ دراصل ان سبب به هئو جو دادا گرمکداس جي هر هڪ دوڪان تي دوائن رکڻ جي اسڪيم ساڳي ئي ترتيب وار رکيل هوندي هئي، جو ڪير به ٿورو گهڻو پڙهيل شخص گهربل دوا ڪڍي سگهي!
    مهورت وارو پورو ڏينهن دوڪان تي ڏاڍي چهل پهل رهي. ايندڙ ڏينهن 28 آگسٽ تي ادا پريم وڃي دوڪان کوليو ۽ آءٌ به ڪاليج اٽينڊ ڪري تڪڙو تڪڙو ادا پريم وٽ ”ٻلديو ميڊيڪل“ تي ويس. اسانجي دوڪان جي مٿان، ساڄي، کاٻي توڙي سامهون واري بلڊنگ ۾ مختلف قسم جا اسپيشلسٽ ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر هئا پر الائي ڇو اسان جي گراهڪي گهٽ ٿي رهي هئي. ٻيو ته هتي هندوستان جون دوائون به ڪجهه مختلف هيون، سو هڪڙو گراهڪ ڪا چٺي کڻي آيو، ٽن مان ٻه دوائون هيون ته ٽين هئي ئي ڪانه! گراهڪ وري ڪهڙا هئا جو جيڪڏهن هڪ به دوا کٽل هجي ته ڪجهه به نه پئي ورتائون. پوءِ جو ادا دوڪان تي نظر گهمائي ته در اصل اها ٽين دوا به اسان وٽ موجود هئي. ان واقعي ادا پريم کي پريشان ڪري ڇڏيو. هڪ ته گراهڪي گهٽ، ٻيو وري ڪير اچي ته اسان کي دوائون ئي سمجهه ۾ ڪو نه اچن! ادا، سامهون هڪ وڏي ريسٽارنٽ ”گروديو“ تان دادا گرمکداس کي وڃي فون ڪري پنهنجي پريشاني ٻڌائي دادا گرمکداس به فٽافٽ ادا جي تڪليف جو ازالو ڪري ڇڏيو. ايندڙ ڏينهن 29 آگسٽ کان الهاس نگر چوٿين جي ڊاڪٽر سترامداس جي فرزند دليپ پمناڻيءَ جي اسان جي دوڪان تي ڊيوٽي لڳائي ويئي. هڪ ڀيرو دليپ اچي ويهڻ شروع ڪيو ته اسان جي به همت ڪجهه وڌيل پئي رهي!
    دليپ، اسان جي دوڪان تي سڄا سارا ٽي مهينا کن ايندو رهيو. صبح جو ڪجهه دير اسان وارو فارماسسٽ به ايندو هئو، جيڪو ٿوري دير ويهي واپس گهر هليو ويندو هئو. منهنجو بمبئي يونيورسٽيءَ واري ” ڊي ايڇ اي“ امتحان جو رزلٽ اچي چڪو هو ۽ خدا جي فضل سان آءٌ پڻ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ٿيو هوس. ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ پاسنگ پرسنٽيج 35 سيڪڙو آهي، پر هتي سيڪنڊ ڪلاس 50 سيڪڙو تي ئي ڏنو ويندو آهي. جڏهن ته ان کان گهٽ مارڪن سان پاس ٿيندڙ کي ”ٿرڊ ڪلاس“ نه پر ڪجهه به ڪلاس نه ڏيندي صرف پاس چيو ويندو هئو. هتي هندستان ۾ ننڍو وڏو واپار ڪرڻ ۾ گهڻي ئي سهنجائيون پڻ آهن، جو ميڊيڪل اسٽور آهي ته هر هڪ ڪمپنيءَ جو ڊسٽريبيوٽر صبح جو آرڊر وٺي ويندو ۽ شام جو ان جي ڊليوري موڪلي ڏيندو. ڪيترائي دوڪاندار دوائن جي ڊليوريءَ سان ئي روڪ رقم وصول ڪندا پر گهڻيئي اهڙا به آهن جن کي هڪ هفتوي کان پوءِ پيسا ڏيڻا پوندا هئا. ڪي ته وري اهڙا ڌنڌا به آهن، جيئن ڪپڙي جي دوڪان تي ورتل مال جي رقم ٽي مهينا پوءِ چڪائڻي پوندي آهي تيسين اها رقم هر هر پيو رٽيل دوڪاندار پنهنجي ڪم آڻيندو! هتي ڌنڌا به وڏا، ڪمايون به وڏيون ته وري گهوٽالا به وڏا! ڪيترا دوڪاندار ته ڪم هلندي هلندي ڪروڙن جي رقم ئي کائي ويندا. گجرات ۾ چوندا آهن ته جنهن جيترا ڀيرا وڌيڪ ڏيوالو ڏنو آهي، اهو اوترو ئي وڌيڪ امير ترين شخص هوندو آهي!
    هتان جي ڪاليجن ۾ ساليانه اسپورٽس ۽ ساليانه ثقافتي توڙي ايوارڊ اُتسو بيحد ڌام ڌوم سان ملهايا ويندا آهن، ان قسم جي فنڪشن ۾ گيت، سنگيت، ڊانس، ڊرامه، مميڪري ۽ فش پانڊ وغيره بهترين پروگرام منعقد ڪيا ويندا آهن. دراصل سنڌ ۽ هند جي ڪلچر ۾ ٿورو فرق اهو آهي جو سنڌ ۾ هر هڪ شخص پنهنجي ڪم ۾ محو لڳو پيو هوندو آهي، پر هتي نه صرف اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون پر پاڙي پاڙي ۾ ڪڏهن گڻپتي اتسو، ڪڏهن درگا ماتا اتسو ته ڪڏهن نوراترا. ٻارهوئي ڪجهه نه ڪجهه ڌڪڙ تي اٽو لڳو ئي پيو هوندو! اڳ جڏهن اڃا وڊيو پليئر وغيره ڪو نه هوندا هئا ته پاڙي پاڙي ۽ گهٽي گهٽي ۾ ڪيترائي گروپ 16 ايم ايم جو پروجيڪٽر گهرائي رات واري وقت مفت ۾ ئي فيچر فلم هلائيندا هئا، جيڪا ماڻهو اُتي گهٽين ۾ بيٺي يا ڪنهن ڪرسيءَ تي يا ماڳهين فرش تي ويهي ڏسندا هئا.
    هتان جي ڪاليجن ۾ مختلف ڪلاس يا مختلف ادبي انجمن طرفان الڳ الڳ پڪنڪ ۽ ثقافتي پروگرام پڻ ڪيا ويندا آهن. اهڙي ئي هڪ پڪنڪ جڏهن آءٌ 1978ع واري سال ۾ اڃا ٽيچر ٿي آر-ڪي-ٽي-ڪاليج ۾ آيو هوس، ته ”سنڌي ساهتيه منڊل“ طرفان مختلف ڪلاسن جي سنڌي شاگردن کي اسين هڪ بس ڪري لوناولا وٺي ويا هئاسين. اها پڪنڪ مونکي هميشه ياد رهندي، جو منهنجي لاءِ اهو نئون تجربو هئو. ڪيترو ئي کاڌي پيتي جو سامان کنيو هئوسين. سائين هيرو شيوڪاڻي ۽ نارائڻ ڀارتي به ساڻ هئا. بس ۾ جيسين لونا ولا پهچون پهچون، تيسين شاگردن جي اُها ڌما چوڪڙي لڳي پيئي هئي، جو بيحد لطف پئي آيو. رستي تي ناشتو ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي حساب سان پيڪٽ پڻ کنيا هئاسين، سو کائيندا به پئي وياسين ته کل ڀوڳ پڻ لڳي پيئي هئي. الهاس نگر کان لونا ولا تائين ٻن ڪلاڪن جو سفر هئو، پر اهڙي خوبصورت محفل ۾ صديون گذرن به جيڪر خبر ئي ڪو نه پوي!
    اتفاق سان آءٌ ان سال ئي پروفيسر مرلي ڪرهاڙي ۽ پروفيسر گرجي سان سندن لوناولا ۾ رهندڙ هڪ دوست وٽ اڳواٽ ئي هڪ رات رهي آيو هوس، جنهن ڪري لونا ولا اڳ ئي منهنجو ڏٺل هئو، پوءِ به ڪهڙي به هل اسٽيشن تي جيترا ڀيرا وڃ ته موج پيئي ايندي! صبح صبح جو لونا ولا ايسٽ ۾ پهاڙيءَ تي وسيع باغيچي ۾ وڃي ديرو ڄمايوسين. ان کانپوءِ بس پنهنجي هئي ته لوناولا کان ڪجهه ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ”بُشي ڊيم“ تان پڻ ٿي آياسين. بُشي ڊيم تي چؤماسي وارن ڏينهن ۾ جڏهن زوردار بارش هوندي آهي ته پاڻيءَ جا آبشار پيا وهندا آهن، پر انهن ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ اهڙو ڪجهه به نه هئو، پوءِ به شاگردن جي ڌما چوڪڙيءَ ۾ هڪ مزو ئي لڳو پيو هئو.
    مان جو اڃا نئون نئون سنڌ مان آيو هوس، ته انهن ڏينهن ۾ ڪنهن به ڇوڪريءَ سان ڳالهائيندي پهرين ته ”ڀيڻ“ چئي پوءِ ئي ڳالهه شروع ڪندو هوس. پوءِ خبر پيئي ته هن سماج ۾ ايڏي فارملٽيءَ جي ضرورت ئي ڪو نه هئي، جو الٽو ڪجهه ڇوڪريون ته ڄڻ اهو لفظ ٻڌندي ئي برهم ٿي وينديون هيون. ان پهرئين سال ڪاليج ۾ جڏهن ساليانه ثقافتي پروگرام ٿيو هئو ته ڪنهن شاگرد ”فش پانڊ“ ۾ منهنجي لاءِ ڀيڻ! ڀيڻ! جا لفظ ئي استعمال ڪيا هئا. بهرحال سنڌ ۽ هند جي ٻاهرئين سماج ۾ جيڪو ايڏو وڏو فرق هئو ان لاءِ منهنجي لاءِ تڏهن ضروري به هئو ڀل مونکي ڀيڻ ڀيڻ جي فش پانڊ سان نوازيو ويو هئو، پوءِ به مونکي اها خوشي ضرور ٿي رهي هئي ته تقريبن هڪ سئو ٽيچرس مان جڏهن صرف چار پنج استادن کي فش پانڊ مليا هئا، ته انهن ۾ هڪ مان به هوس. جيڪڏهن ”ڀيڻ“ جي نيڪ لفظن سان مونکي وابسته پئي ڪيو ويو ته ان لاءِ مونکي ڪو به اعتراض ڪو نه هئو. بهرحال هتانجي سماج کي سمجهندي ۽ ان ۾ پنهنجي جوڳي جاءِ پيدا ڪرڻ ۾ مونکي ضرور ڪجهه سال لڳي ويا. آخر ۾ مون ئي حالتن سان ٺاھ ڪندي هتان جوئي هڪ نارمل شخص ٿيندي ” ڀيڻ“ چوڻ بدران ڪنهن کي به سندس نالي سان مخاطب ڪرڻ شروع ڪيو!
    1980ع واري سال ”آل انڊيا ريڊيو“ جي هڪ ايڊورٽائيزمينٽ موجب انهن کي ايڪسٽرنل سروسز ڊويزن لاءِ انائونسر ٽرانسليٽر جي گهرج هئي، جنهن لاءِ مون پڻ هڪ درخواست موڪلي ڇڏي. اتفاق اهڙو ٿيو، جو هڪ ڏينهن ”آر.ڪي.تلريجا“ ڪاليج جي شاگردن جي سنڌي پروگرام لاءِ آڪاشواڻي بمبئيءَ تي رڪارڊنگ رکيل هئي ۽ ساڳئي ئي ڏينهن اُتي منهنجي انائونسر ٽرانسليٽر وارو لکت ۾ امتحان پڻ طئه ڪيو ويو، پوءِ ته اسين سڀ گڏجي ان ريڊيو اسٽيشن تي وياسين؛ پر مون وڃڻ سان ئي ٽن ڪلاڪن جو لکت وارو امتحان پئي ڏنو ۽ هوڏانهن اسان جي شاگردن طرفان ڪنهن ٻئي اسٽوڊيو ۾ رڪارڊنگ پئي هلي. مون اهو لکت وارو جنرل پيپر جنهن ۾ مضمون ۽ سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۽ انگريزيءَ مان سنڌي ٽرانسليشن وارا سوال ڏنل هئا؛ اهو امتحان ڏيئي پورو ڪيو؛ ته ان بعد ريڊيو اسٽيشن طرفان مونکي هڪ انگريزيءَ جو پيراگراف ڏنو ويو، جنهن کي مونکان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي اُهو ساڳيو سنڌي پيراگراف منهنجي آواز ۾ رڪارڊ به ڪرايو ويو. پوءِ منهنجي اها جوابي ڪاپي ۽ منهنجي آواز وارو اسپول سيل ڪري دهلي هيڊ آفيس ڏانهن موڪليو ويو.
    ان طرح آءٌ جڏهن پنهنجي ٽيسٽ کان فارغ ٿيس، ته خبر پيئي ته اسان جي شاگردن جي رڪارڊنگ ۾ به ساڳيا ئي ٽي ڪلاڪ لڳي ويا هئا ۽ اهي پڻ تقريبن ساڳي گهڙيءَ فارغ ٿيا هئا. منهنجي ان ٽيسٽ جو رزلٽ ايندي ايندي هڪ ٻيو سال به لڳي ويو هئو، جڏهن مونکي انهن ٻنهي ٽيسٽ لکت واري امتحان ۽ ”وائس ٽيسٽ“ ۾ پاس ڪندي آل انڊيا ريڊيو دهليءَ ۾ پرسنل انٽرويو لاءِ گهرايو ويو. پر ان ليٽر ۾ هڪ تڪليف واري ڳالهه اها لکيل هئي ته جيڪڏهن ان مهل تائين مونکي هتي هندوستان جي شهريت ملي چڪي آهي ته انٽرويو ڏيڻ لاءِ اهڙو سرٽيفڪيٽ پڻ کڻي اچان نه ته ٻين صورت ۾ مونکي انٽرويو کان ٻاهررکيو ويو هئو.
    انهن ڏينهن ۾ مونکي هيرو شيوڪاڻيءَ ٻڌايو ته ان جو هڪ شاگرد هيرو ٺڪر، آل انڊيا ريڊيو، دهليءَ ۾ نيوز ريڊر آهي، جنهن لاءِ هن هڪ چٺي لکي ڏني هئي ته شايد هو ڪجهه منهنجي ڪم اچي سگهي. مونکي به جو انٽرويو لاءِ دهليءَ پهچڻو هئو ته بغير رزرويشن جي جنرل بوگيءَ ۾ ئي دهليءَ وڃڻ جي تياري ڪرڻي پئي، جنهن لاءِ اسان جي الهاس نگر جي هڪ پاڙيسري راجمڪار ڌمناڻيءَ چيوته اهو مونکي هلي گاڏيءَ ۾ ٿانئيڪيو ڪري ايندو. پر ابا!ٰ اسٽيشن تي پهتاسين ته ان جنرل دٻي ۾ ته بمبئي سينٽرل، گاڏي شروع ٿيڻ واري اسٽيشن تان ئي اهڙي رش هئي جو گاڏي ۾ اندر داخل ٿيڻ به ڄڻ تڪليف ڏيندڙ هئو. ڪيئن به ڪري ڀاءُ راجڪمار مون کي اندر دٻي ۾ وٺي هلي هڪ هنڌ منهنجي بيگ رکي ئي مونکي انجي مٿان ويهاري ڇڏيو. ائين آءٌ 24 ڪلاڪن جو سفر ڪندي ايندڙ ڏينهن تي دهليءَ پهتو هوس!
    آءُ پراڻي دهلي اسٽيشن تي لهي ڀرسان ئي هڪ سنڌي ڌرمشالا ۾ پنهنجي لاءِ هال ۾ جاءِ وٺي وهنجي سهنجي تيار ٿي سڌو ئي لارنس پور واري علائقي ۾ ڀاءُ هيرو ٺڪر ڏانهن ويس. اتي ڪجهه گورنمينٽ ڪوارٽرس هئا، جتي هيرو ٺڪر رهندو هئو. انهن ڏينهن ۾ نه ته موبائل فون هئي ۽ نه ئي لينڊ لائين فون ئي هرڪنهن کي هوندي هئي، سو بنا ڪنهن اطلاع جي اها ائڊريس ڳولهيندو ڳولهيندو شهر کان ڪافي دوريءَ تي وڃي نيٺ هيرو ٺڪر جو گهر ڳولي لڌو! رب پاڪ جي ڪرم فرمائي اها هئي ته اتفاق سان هيرو ٺڪر به گهر ۾ موجود ئي هئو.
    ان مهل هيرو ٺڪر پڻ ريڊيو اسٽيشن ڏانهن ڊيوٽيءَ تي وڃي رهيو هئو، سو مونکي به پاڻ سان اوڏانهن وٺي هليو. هن مون کي ريڊيو اسٽيشن تي ڪنهن وڏي آفيسر سان ملايو پر اُن منهنجي لاءِ ’پاڪستاني شهريت‘ ٻڌي ڪاوڙ ۾ چيو ته ”جيڪڏهن تو وٽ اڃا شهريت ئي ڪونهي ته پوءِ تون اهو انٽرويو ڏيڻ ڇو آيو آهيان!“ بهرحال مان ته پنهنجي قسمت آزمائڻ لاءِ آيو هوس، سو صلاح اها بيٺي ته صبحاڻي جڏهن منهنجو سچ پچ انٽرويو ٿئي ته آءٌ اتي اچان پوءِ وري اُتي ڀل ڪنهن کي عرض ڪري وٺبو.
    ٻئين ڏينهن تي مقرر ٽائيم تي آءٌ پڻ انٽرويو ڏيڻ لاءِ ريڊيو اسٽيشن پهتس، ته اُتي ڪل به ٻيا ميگهراج گرناڻي ۽ شالني ساگر کانسواءِ ٽيون صرف آءٌ ئي اميدوار هوس. انٽرويو کان اڳ اسانجا سرٽيفڪيٽ وغيره چڪاس ڪيا ويا، پر سائينءَ جي اهڙي ڪا مهر ٿي ويئي، جو جنهن به آفيسر اسان جا اُهي سرٽيفڪيٽ چيڪ ڪيا، ان مون لاءِ شهريت واري مسئلي تي زور ئي ڪو نه ڏنو. پاڻ مون جيڪا به سمجهاڻي پئي ڏني ته هن اهو ئي چيو ته مونکي جيڪا به وضاحت ڏيڻي آهي، سا اندر انٽرويو مهل انهن اعليٰ عملدارن کي پنهنجي پوزيشن سمجهايان!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 13 سيپٽمبر 2015
    ___
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 26
    شاديءَ جي ڪار کي به ڌڪا ڏيڻا پيا!
    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي


    انٽرويو جيسين شروع ٿئي، تيسين مون کان سواءِ باقي ٻيا اميدوار جيڪي ڪجهه ڪجهه اڳ ئي ريڊيو سان وابسته هئا؛ ميگهراج گرناڻي ته اڳ ئي آل انڊيا ريڊيو، دهليءَ جي نيوز سروسز ڊويزن ۾ ڪم ڪندڙ هئو ۽ هينئر ايڪسٽرنل سروسز ۾ ٻئي اچڻ چاهيو ۽ شالني ساگر ايڪسٽرنل سروسز ۾ ڪم ڪندڙ وينا شرنگيءَ جي ڀيڻ هئي. ان لحاظ کان صرف هڪ مان ئي ٻاهريون ماڻهو هوس. جڏهن انٽرويو شروع ٿيا ته مون کي آخر ۾ گهرايو ويو. آءٌ اندر ويس ته ڊائريڪٽر جنرل جي آفيس ۾ ڊي جي صاحب پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺل هو ۽ ٻه ماڻهو کن سندس ڀر ۾ ٻيا به ڪاميٽي ميمبر هئا. ٿورو پريان ڪرسين تي ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ۽ ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي پڻ ٽيئي گڏ ويٺل هئا.
    ڊائريڪٽر جنرل انتهائي خوش خلقيءَ سان آدر ڀاءُ ڪيو ۽ مون کي اميدوار جي ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو. پوءِ هن ڪجهه ٿورو ڳالهائيندي ئي پويان ويٺل ٽنهي لينگئيج ايڪسپرٽس، ڊاڪٽر سدارنگاڻي، ڊاڪٽر جيٽلي ۽ ڊاڪٽر جوتواڻيءَ کي مون کان سوال جواب ڪرڻ لاءِ اشارو ڪيو. انهن ٽنهي، واري واري سان ٻولي ۽ ادب بابت جيڪي به سوال پئي ڪيا؛ اهي سڀ مون کي اتفاق سان آيا پئي ۽ مون فٽافٽ ٻڌايا. پوءِ ٽنهي ڄڻن گڏجي سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل ۽ بڻ بنياد بابت پڇيو، جنهن لاءِ مون ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ واري ڳالهه ڪئي! سنسڪرت، پالي، پراڪرت، اپڀرنش، وراچڊ اپڀرنش ۽ پوءِ سنڌيءَ جو موجوده روپ! جڏهن ته سراج الحق، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جا پڻ مختلف رايا هئا، پر اُهي ٽيئي ڀيرومل آڏواڻيءَ جي پٺڀرائيءَ ۾ خوش ٿي ويا. جنهن بعد ڊائريڪٽر جنرل پاڻ مون کي هڪ ننڍو پيراگراف انگريزيءَ ۾ پڙهي ٻڌايو، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ چيو ويو. مون جڏهن ان جو سنڌي ترجمو ٻڌايو ته ڊائريڪٽر جنرل ٽنهي سبجيڪٽ ايڪسپرٽس ڏانهن ڏٺو، جن جي گڏيل تائيد کان پوءِ هن مون کان ان ئي پيراگراف جي هڪ لفظ Threshold جي معنيٰ پڇي. دراصل سچ اهو هئو ته ان مهل مون کي ان جي معنيٰ بلڪل ئي ڪو نه پئي آئي ، پر الله جي طرفان سڻائي ٿيڻي هوندي آهي ته پنهنجو پاڻيهيي سٺيون سٺيون ڳالهيون سرزد ٿينديون آهن. مون کي جڏهن ان جي لفظي معنيٰ ڪونه پئي آئي ته مون جلدي جلديءَ ۾ ڪجهه سوچيندي مواد جي لحاظ کان باقي لفظن سان ان کي جوڙيندي ڊائريڪٽر جنرل صاحب کي چيو: ”In Step of “ !ڊائريڪٽر صاحب خوش ٿي ويو. هن کان رڙ نڪري ويئي “Very good.”
    هاڻي ڊائريڪٽر جنرل صاحب مون کان شهريت بابت پڇيو، جنهن جي وضاحت ۾ مون کيس اندور جي ڪليڪٽر جو خط ڏيکاريو، جنهن ۾ هن مون کان پڇيو هئو ته ”ڇا مان واقعي ئي انڊين شهريت وٺڻ چاهيان ٿو!“ دراصل ڪليڪٽر کي ان وضاحت جي ضرورت ئي ڪو نه هئڻ کپندي هئي. مون ان لاءِ درخواست وڌي ۽ سڀ فارملٽيز پوريون ڪيون؛ گورنمينٽ کان منظوري آئي ته انهن کي شهريت ڏيڻ ئي کپي. ان تي هن صاحب انتهائي شفقت سان مون کي چيو ته، ”ٺيڪ آهي! جيئن ئي توکي اهو سرٽيفڪيٽ ملي ته اسان ڏانهن ڏياري موڪل!“.
    انهن لفظن مان ظاهر ئي هئو ته اصولي طور اُهي منهنجي چونڊ ڪري ئي چڪا هئا. ان لاءِ آءٌ به سندن شڪر ادا ئي ڪندي ٻاهر نڪري آيس. پر هند و پاڪ جي آفيسن جا ڪم جلد ٿيڻ وارا ڪو نه هئا. مون دهليءَ مان واپس اچڻ کان پوءِ اندور آفيس جا ڪيترائي چڪر لڳايا پر ڪم ٿيندي ٿيندي ڏاڍي دير لڳي ويئي !
    4 مئي 1980ع تي منهنجي شادي به ٿي گذري. ادا پريم وارا جيئن ئي 1979ع دوران هيڏانهن آيا ته ڏاڍي تڪڙ پئي ڪيائون ته منهنجي شادي ٿئي. ڪڏهن اندور ۾ ماما سڳنومل وٽ جبلپور مان سندس هڪ دوست نانؤمل ايندو هئو، جيڪو مون کي چوندو هو ته منهنجي مٽي مائٽي اهو ئي ڪرائيندو. سچ پچ ٿيو به ائين! آءٌ ڀل الهاس نگر پهچي ويس. هن هتي به نياپو ڏياري موڪليون جنهن موجب ٿاڻا شهر ۾ اسان جي لاشاريءَ جي ڀرواري ڳوٺ خيروديرو جو مٿراداس رهندو هو. جيڪو سنڌ واري زماني کان اسان جي والد صاحب، بابا بختراءِ کي سڃاڻندو هو. اهو هڪ ڏينهن ٿاڻا مان الهاس نگر اچي مون کي ڏسي ويو. هو دراصل ان ڏينهن الهاس نگر ۾ صرف مون کي ئي نه پر مون سان گڏ ٻه ٻيا ڇوڪرا به ڏسي ويو هو؛ هڪ ته بينڪ ۾ ڪم ڪندڙ هو جنهن کيس وڌيڪ پڙهڻ کان انڪار ڪيو هو. هن کي مون ۾الائي ڪيئن روشن مستقبل پئي نظر آيو. پوءِ وري هن جي وڏي نياڻي ڪملا ۽ نياڻو ڪشن لال به اچي ڪري مون کي ڏسي ويا ۽ جڏهن گڏيل فيصلو ڪيائون ته پوءِ ئي اسان کي پنهنجي نياڻي وجئه لڪشمي ڏسڻ لاءِ چيائون.
    اتفاق وري اهڙو ٿيو، جو، جنهن ڏينهن هنن پنهنجي نياڻي وجئه لڪشمي وٺي اچي اسان کي هتي الهاس نگر واري گهر ۾ ڏيکاري؛ جتي مٿراداس جو ننڍو ڀاءُ وجئه ۽ سندن امڙ پڻ رهندي هئي؛ ان ڏينهن اسان وٽ اندور مان ماما سڳنومل پڻ آيل هو. اسان جون عورتون ته اڳ ئي ٿاڻا شهر وڃي اها ڇوڪري ڏسي آيون هيون. هينئر اسان مردن کي ڏسڻو هو. اسان جي مڊل ڪلاس هندو سماج موجب مردن کي بلڪل آخر ۾ تڏهن ئي ڇوڪري ڏيکاري ويندي هئي، جڏهن صرف پڪ ئي ڪرڻي هوندي هئي. جيتوڻيڪ ٿورو گهڻو حق ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ کي به ڏنو ويندو هو ته ڀل اهي جيڪڏهن هڪ ٻئي ناپسند ڪن ته پوءِ اهو رشتو ڪو نه جڙي سگهندو هو! ان طرح هڪ ڏينهن شام جو ادا پريم، منوهر ۽ مان، ماما سڳنومل سان گڏ جڏهن وجئه لڪشميءَ کي ڏسڻ پئي وياسين، ته ادا پريم مون کي اڳواٽ ئي چئي ڇڏيو ته ”پرائي نياڻيءَ کي رد ڪو نه ڪرڻو آهي ۽ توکي ڏيکارڻ صرف هڪ فارملٽي ئي آهي، جو اسين انهن مان نه آهيون ته پراڻي نياڻي ڏسي ان کي رد ڪريون. ان تي جيتوڻيڪ مون کي اعتراض هئو ته اهڙي ڏسڻ مان ڪهڙو فائدو؛ جو هر صورت ۾ ها ئي ڪرڻي آهي! پوءِ به ادا پريم جي دٻ ۽ ادب برقرار رکندي آءٌ ڪجهه به ڪرڻ جي اسٿتيءَ ۾ ئي ڪو نه هوس.
    ادا پريم ۽ ماما سڳنومل وارا گهران مٺائيءَ جو باڪس کڻي ئي هليا هئا، ته بس پڪ ڪرڻي ئي آهي. اتي مٿراداس جي ڀاءُ وجئه وٽ جڏهن اسان وجئه لڪشميءَ کي ڏٺوسين ته ماما سڳنومل اڳو پوءِ کين اهو مٺائيءَ جو باڪس ڏيندي پڪ ئي ڪرڻ پئي چاهي. پر مٿراداس ۽ ان جي ڪجهه مائٽن صلاح ڪندي اسان کي چيائون ته حال في الحال ڪجهه ڏينهن اوهان به سوچيو ۽ اسان به سوچيون، ڀل پوءِ پڪ ڪريون! ان تي ماما سڳنومل ٿورو برهمگي ڏيکاري ته باقي پوءِ اسان مردن کي گهرائي ڪري اسان کي توهان جي نياڻي ڇو ڏيکاري ويئي! پوءِ مون جو ڏٺو؛ ته ڇوڪريءَ وارا اڃا به پڪ ڪرڻ جي حق ۾ نه هئا ته پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ سڳنومل کان به وڌيڪ رڙ مون ڪئي ته ”واپس هلو! مون کي هتي مائٽي ڪرڻي ئي ناهي!“ مون جڏهن چريائپ ڏيکاريندي رڙيون ڪيون؛ ته ڪنواريتا گهٻرائجي ويا، پوءِ وري انهن فٽا فٽ ها ڪري ڇڏي! ائين اسين اتان پڪ ڪري ئي نڪتاسين.!
    ان مهل واري هندوستان جي رواج موجب هتي شاديءَ کان اڳ ئي ڪڏهن ڪڏهن ڇوڪرو ۽ ڇوڪري پاڻ ۾ ملي به سگهندا هئا ۽ گهمندا به هئا. ان لاءِ هڪ ڏينهن منهنجي وڏي سالي، ڪملا ۽ ڪشن منهنجي گهر اچي مون کي الهاس نگر ٻئين نمبر جي هوٽل ۾ وٺي آيا، جتي پوءِ وجئه لڪشمي به آئي ته هنن اسان ٻنهي اکي اڪيلو ئي ڪيڏانهن وڃڻ لاءِ چيو. ان مهل شام جا 6:00 کن ٿي رهيا هئا ۽ هنن 9:30 بجي وجئه لڪشميءَ کي ”شهد“ ريلوي اسٽيشن تي ڇڏڻ لاءِ چيو.
    هنن اسان ٻنهي کي اڪيلو ته ڇڏيو، پر مان منجهي پيس ته هن ڇوڪريءَ کي اهي ساڍا ٽي ڪلاڪ ڪيئن سنڀاليان! ٻيو ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ته آءٌ وجئه لڪشميءَ کي ڀرسان ئي ”سپنا“ سنيما ۾ وٺي ويس، جتي رشي ڪپور ۽ راڪيش روشن جي فلم ”آپ ڪي ديواني“ هلي رهي هئي. ان فلم ۾ وڃي ويٺاسين، پر وجئه لڪشميءَ جي موڊ ڪجهه برهمگيءَ واري پئي لڳي. سنيما ڏانهن هلندي هلندي جو هن اهو پڇيو هو ته ڇا مان هني مون لاءِ ڪٿان جون ٽڪيٽ بوڪ ڪرايون آهن؛ ته جواب نه ملڻ تي پاڻ هن جو پارو ڪجهه وڌيڪ ئي چڙهيل هئو ۽ فلم هلندي به جيڪڏهن ڪٿي ڪا مزاحيه سين آئي پئي ۽ مون ٽهڪ پئي ڏنو ته هن کي اهو به سٺو ڪو نه لڳي رهيو هو. اهڙي صورت ۾ مون کي به ڄڻ بوجهه لڳي رهيو هئو. انٽرول ۾ ٻاهر اچي سافٽ ڊرنڪ پيتيسين، پر فلم ۾ به مزو ڪو نه هو ته اسين رڪشا ڪري اڳواٽ ئي شهر اسٽيشن پهچي وياسين. تڏهن شام جي ٽائيم تي اها اسٽيشن ”شهد“ بلڪل سنسان ئي لڳي پيئي هئي. هاڻ پاڻ اسان کي ڪملا ۽ ڪشن جو انتظار ڪرڻو پيو. ٿوري دير کان پوءِ جڏهن اهي آيا ته انهن کي حيرت پئي ٿئي ته اسان هنن کان به اڳواٽ ئي ڪيئن اتي پهچي ويا هئاسين. بهرحال مون هنن کي وجئه لڪشمي سنڀالي ڏني ۽ بلڪل بي فڪر ٿي پنهنجي سي-بلاڪن واري گهر ويس، ڄڻ هڪ وڏي بوجهه کان آجو ٿيو هجان!
    شاديءَ جا ڏينهن جيئن جيئن ويجهو پئي ايندا ويا، ته ان سال ئي آر.ڪي.تلريجا ڪاليج بلڊنگ مٿان ٽيون ماڙو به آڊيٽوريم ڪري ٺاهيو ويو هو؛ جتي اڃا تائين صرف ڪرسيون ڪونه لڳايون ويون هيون. هنن مون کي رسيپشن لاءِ اهو هال بلڪل فريءَ ۾ ڏيڻ فرمايو. مون کي خوشي ان ڳالهه جي هئي جو منهنجي شاديءَ سان ئي ان هال جو مهورت ٿي رهيو هو ۽ اڃا تائين هنن ان هال کي چڱي طرح لانچ به ڪو نه ڪيو هو. اسان شادي ڪارڊ سان گڏ سووينر طور هڪ گلاس ڪمپنيءَ کان ٻلديو ۽ وجئه لڪشمي، نالا لکارائي اُهي پڻ هڪ يادگار طور ورهايا هئا. مون کي ڪاليج طرفان هال فري ڏنو ويو ته مان اخلاقي فرض سمجهي ڪاليج جي ئي پٽيوالي سان گڏ ”سيوا سدن ايجيوڪيشن سوسائٽي“ جي پريزيڊنٽ، سيٺ پرسرام پارومل کي وڊالا اسٽيشن سامهون سندس گهر ۾ وڃي پنهنجو شادي ڪارڊ ڏيندي دعوت به ڏئي آيس هيءُ اهو شخص هو، جنهن 1961ع ۾ جڏهن الهاس نگر ۾ هڪ به ڪاليج ڪو نه هو، ته هن پهرين صرف ڇوڪرين لاءِ اهو ڪاليج کوليو هو، جنهن کي ڪجهه سالن کان پوءِ وڌائيندي هيءَ وشال روپ ڏنو ويو. هاڻ ته اُتي ڪل ملائي يارهين درجي کان پوسٽ گريجوئيٽ تائين اندازن اٺ هزار کن شاگرد پڙهندڙ هئا. جڏهن ته اهڙا ڏه هزار کن شاگرد چاندي پائي همت مل منسکاڻي ڪاليج ۾ به پڙهندڙ هئا.
    انهن ڏينهن ۾ ڪجهه سستا ئي به هئي. رسيپشن ۾ صرف آئيس ڪريم ڏني ويندي هئي. تڏهن ٿاڻا مان آيل مڃ سڌو ئي آر ڪي تلريجا ڪاليج ۾ آئي هئي. اسان جي سئوٽ دوارڪاداس جو پٽ راجا، پنهنجي ايمبيسيڊر ڪار کي ڪلياڻ مان گلن سان ڊيڪوريٽ ڪرائي آيو. هن ڪنهن حجام کي پڻ اسان جي گهر گهرايو هو جنهن منهنجي بهترين هيئر ڪٽنگ ڪئي هئي. مون پنهنجو فل سوٽ بمبئيءَ مان ريمنڊ شاپ تان ٺهرايو هو. هندو رسم و رواج موجب گهوٽ کي مٽڪ پائڻ واري رسم ”ڏِک“ اسين پنهنجي سي- بلاڪ واري گهر ۾ ڪئي. بعد ۾(مٽڪ پاتل گهوٽ جي روپ ۾) آءُ جڏهن دوراڪاداس جي پٽ راجا جي ايمبيسيڊر ڪار ۾ سوار ٿي آر .ڪي.تلريجا ڪاليج لاءِ نڪتس ته رستي تي ڪار ئي کري پيئي ۽ بيهجي ويئي! پوءِ ته ڪار ۾ ويٺل ماڻهن کي مون کان سواءِ ڪار مان لهي ڪري ڌڪو ڏيڻو پيو؛ تڏهن مس وڃي اُها ڪار چالو ٿي ۽ خير سان اسين ڪاليج ۾ پهتاسين. تڏهن دادا گلابراءِ به منهنجي شاديءَ ۾ آيو هو، پر هن ايتري گهر ضرور ڪئي هئي ته جيڪڏهن ٻلوُ پاڻ دعوت ڏيڻ ايندو ته پوءِ ئي هو شاديءَ ۾ شرڪت ڪندو.
    تڏهن اسان جو سئوٽ گوپ، ادا پريم ۽ مان گڏجي کيس شاديءَ لاءِ دعوت ڏيڻ ويا هئاسين، نه ته هيل تائين ڪڏهن هو روڊ تي به هو ملي ويندو هو ته مان منهن ئي ٻئي پاسي ورائي ڇڏيندو هوس. تائيوان مان ڀيڻ لڪشمي ۽ دادا گورڌنداس به آيا هئا، پر آهنر ۽ آهنرياڻي منهنجي ماسات اندرا ۽ راجلداس بيٺا هئا. هاڻ جڏهن ڪاليج جي مٿئين فلور واري آڊيٽوريم ۾نڪاح جي رسم ’ويڏي‘ پئي ٿي ته دادا دوارڪاداس ۽ دادا گلابراءِ؛ اهي ٻيئي منهنجي ڀر ۾ ويٺا هئا پر گهوٽ پيءُ جا فرائض ادا پريم ئي بجا آندا. انهن ڏينهن ۾ اسان جي حالت به ڪو تمام گهڻي سٺي ڪونه هوندي هئي، ان لاءِ غريباڻي نموني ڪم ڪيو هئوسين؛ جو پوري ڊيڪوريشن ۽ رسيپشن جو خرچ ساڍا ست سئو کن مس آيو هئو؛ ان ۾ به ڪنواريتا ۽ گهوٽيتا اسان ٻنهي اڌو اڌ ڪري خرچ ڀريو هئو.
    4 مئي 1980ع تي منهنجي شادي ٿي چڪي؛ پر هني مون لاءِ شملا وڃڻ جون ٽڪيٽون ڪجهه پوءِ جون نڪتيون هيون. اندازن هڪ مهينو کن پوءِ اسان ٻيئي هيما (وجئه لڪشميءَ جو شاديءَ مهل نالو بدلايل) ۽ مان جنتا ايڪسپريس سان بامبي سينٽرل اسٽيشن تان صبح جو نڪتا هئاسين. پر گاڏي ايڏي ته ڪا ڄلهي هئي جو ٻئين ڏينهن شام جو مس وڃي دهليءَ تي ڇڏيو هئائين. اسين پنهنجو سامان لاهي نيو دهلي اسٽيشن جي ڪلوڪ روم ۾ رکيوسين ۽ ڀرسان اسٽيشن جي ئي هڪ عمارت جي فرسٽ فلور تي رٽائرنگ روم ۾ اچي ڪري ٻيئي وهنجي سهنجي تيار ٿي ڀرسان ئي چاندني چوڪ ۽ لال قلعي تائين ٿي آياسين، جو رات جو اسان جي ڪالڪا اسٽيشن لاءِ گاڏي هئي؛ جتان وري ٽواءِ ٽرين ۾ شملا وڃڻو هو.!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 20 سيپٽمبر 2015
    ___
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 27
    ڪٿي سيءَ ۾ هيٺ مٿي نه ٿي وڃن!
    ٻلديو مٽلاڻي

    هيما ۽ مان ”بامبي سينٽرل“ ريلوي اسٽيشن تان صبح جو 7:30 بجي جنتا ايڪسپريس ۾ نڪتا هئاسين ۽ سورت، بڙودا، رتلام ۽ ڪوٽا واري رستي کان ٿيندا 1386 ڪلوميٽر سفر طئه ڪندي ٻئين ڏينهن منجهند جو 1:00 بجي دهليءَ پهتاسين. ان بعد جيئن ته اسان جي ڪالڪا وڃڻ واري ٽرين رات جو هئي؛ ان لاءِ اسين پنهنجي بئگيج کي اچي ڪلوڪ روم ۾ رکيوسين ۽ اسٽيشن تي ئي ميسر ڪرايل مسافرن لاءِ هڪ روم وٺي وهنجي سهنجي تيار ٿي ”پراڻي دهلي“ اسٽيشن ٻاهران چاندني چوڪ کان لال قلعه تائين چڪر لڳائي آياسن. دهليءَ جو ڪلچر بمبئيءَ کان ڪجهه مختلف لڳي رهيو هئو، جو هڪ ته اُتي رستن تي گهمندڙ ماڻهن ۾ عورتون ڏاڍيون گهٽ پئي نظر آيون ۽ ٻيو ته وري اُتان جا ماڻهو به هيما ڏانهن ائين گهوري رهيا هئا ڄڻ انهن ڪا ڇوڪري ڪڏهن ڏٺي ئي ڪو نه هجي، جيڪا ڳالهه پڻ اڻ وڻندڙ لڳي رهي هئي. مون کي وڌيڪ فرق ان لاءِ به لڳي رهيو هئو جو منهنجي تصور ۾ بمبئي ۽ دهليءَ جو ماحول هڪجهڙو هئو، جيڪا ڳالهه نظر نه آئي ته هڪ جهٽڪو لڳي ويو؛ چاندني چوڪ کان لال قلعي طرف ويندڙ رستو پنڌ ئي پنڌ گهمندي ٿوري دير لال قلعي ٻاهران وسيع ميدان تي وڃي ويهي رهياسين. اسان پنهنجي پروگرام ۾ دهلي وزٽ واپسيءَ مهل رکي هئي، ان لاءِ هاڻ ته صرف ٽائيم پاس ڪرڻو هئو؛ جو اسان جي ڪالڪا واري گاڏيءَ ۾ اڃا به ڪجهه ڪلاڪ پيا هئا.
    ڪالڪا، ڄڻ راولپنڊيءَ جيان آهي جتان کان پوءِ شملا وڃڻ لاءِ انگريزن واري زماني کان ٽواءِ ٽرين جي سهوليت مهيا ڪرايل آهي. اها ٽواءِ ٽرين هماليه جبلن جي هڪ وڏي پهاڙي سلسلي اندر ڪٿي پاسن کان ته ڪٿي پهاڙن جو سينو چيريندي سرنگهه مان اندران ئي اندران اڳيان وڌندي پهاڙيءَ تي مٿي چڙهندي رهندي آهي. اسان وٽ دهليءَ کان ڪالڪا ۽ ان بعد ڪالڪا کان شملا (ٽواءِ ٽرين) لاءِ اڳواٽ ئي رزرويشن موجود هئي، جنهن لاءِ اسان کي ڪٿي به پيسا وغيره ڪو نه ڀرڻا هئا. هندوستان جو ريلوي نظام جپان جيان اعليٰ درجي وارو ته ناهي پر اصل خراب به ناهي. اڃا به سچ ته اهو آهي ته اسان جي سياستدانن وٽ عوامي فلاح و بهبوديءَ جي نيت ئي ڪو نه هوندي آهي، نه ته جيڪر هيءُ برصغير ڪيترين ئي ڳالهين ۾ گهڻو گهڻو اڳتي هجي ها!
    جپان، 1945ع واري ايٽامڪ تباهيءَ کان پوءِ اُسرڻ چاهيو ته انهن جي ريلوي اٿارٽيءَ جا اعليٰ آفيسر هندوستان جي آزاديءَ کان پوءِ هتان جي انگريزن وارو ٺاهيل ريلوي نظام ڏسڻ آيا هئا، ته جيئن اُهي پاڻ وٽ به اهڙو ڪجهه ڪري سگهن. تڏهن هندوستاني عملدار فخر محسوس ڪندا هوندا، پر وقت جي طوفان اڳيان ڪيرُ بيهي سگهيو؛ اسين اُتي ئي رهجي وياسين ۽ ٿورو گهڻو ترقياتي ڪم مس ٿيو، پر اُهو تباه ٿيل جپان 1969ع ۾ ”شنڪانسين“ (بليٽ ٽرين) شروع به ڪري چڪو، جيڪا 320 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان تيز ڊوڙندي صرف چند ڪلاڪن ۾ وڏا وڏا سفر طئه ڪري وٺندي آهي. جيتوڻيڪ هنن جي کوجنا موجب ته اُتان جا انجنيئر ٽيسٽ ڊرائيو ڪندي 1996ع ۾ 443 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ۽ هينئر اپريل 2015ع ۾ 603 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان به نئين ايجاد ڪيل انجڻ ڊوڙائي چڪا آهن. پر اهڙي سروس لانچ ڪرڻ لاءِ اُهي اڃا به ٽيسٽ واري مرحلي تي آهن ۽ جڏهن به مڪمل طور رسڪ فري ڊرائيو سمجهندا ته اهڙيون ٽرين اُتي عوام لاءِ پڻ ڊوڙايون وينديون.
    سڀ کان وڏي ڳالهه ته جپان جاگرافيءَ جي لحاظ کان هندوستان کان ايراضيءَ ۾ڪافي ننڍو هئڻ توڙي آباديءَ جي حساب سان ته صرف ڏهون حصو هوندي به انهن پنهنجي عوام لاءِ اهي تمام ايجادات دل سان ميسر ڪرايون آهن، ڪجهه سال اڳ منهنجو جپان وڃڻ ٿيو هئو، ته اسان کي اوساڪا کان هيروشيما وڃڻو هئو، پنهنجي ميزبان کان اوڏانهن ويندڙ ٽرين جا ٽائيم پئي پڇيا؛ تڏهن خبر پيئي ته ٽائيم وري ڇا جا! اُتي هر ڏهن منٽن ۾ ڪهڙي به طرف اُهي دوردراز بليٽ ٽرين هلنديون رهنديون آهن، ان سان هڪ عام شهريءَ جو ڪيڏو نه وقت ۽ پيسو بچائڻ کانسواءِ ڪم ڪرڻ جي شڪتي پڻ برقرار رکي سگهجي ٿي!
    اسان جي اڳواٽ ڪرايل رزرويشن موجب جڏهن ” ڪلڪته-دهلي-ڪالڪا“ 12311 ٽرين پنهنجي مقرر پليٽ فارم تي ڪجهه دير رات جو اچي لڳي؛ ته اسين به پنهنجي رزرور بوگيءَ ۾ داخل ٿي پنهنجي پنهنجي برٿ تي وڃي سمهي پياسين. ”ڪالڪا ميل“ پراڻي دهلي اسٽيشن کان نڪرندي دهلي سبزي منڊي، سوني پت، گئؤر، سمالڪا، پاني پت، ڪرنال، ڪروکيتر، امبالا، چنديڳڙھ ۽ چاندي مندر تان ٿيندي پرھ ڦٽيءَ جو ئي ڪالڪا پهچي ويئي. ڪالڪا، ان ٽرين لاءِ آخري اسٽاپ هئو، جتي ٽرين کي ٽرمينيٽ ٿيڻو هئو.
    اسين پنهنجو سامان لاهي شملا ڏانهن ويندر ٽواءِ ٽرين واري نيرو گيج پليٽ فارم تي آياسين، نيرو گيج لاءِ ٽريڪ جي اندروني ويڪر اڍائي فوٽ هوندي آهي، جنهن تي صرف اهي ٻاراڻيون ٽواءِ ٽرين ئي هلنديون آهن، جڏهن ته نيرو گيج ۽ براڊ گيج وچ ۾ هڪ ميٽر گيج ريلوي سروس به آهي؛ جيڪا انگريزن جي زماني کان هتي هندوستان جي ڪيترن ئي مختلف حصن ۾ هلندي هئي. پر براڊ گيج ۾ جيئن ته اسپيڊ وڌائي سگهجي ٿي، ان سبب هندوستان ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي آهسته آهسته ميٽر گيج بند ڪندي ساڳي جاءِ تي براڊ گيج پيئي آندي وڃي، جيئن ته مڌيه پرديش جي گاديءَ جي هنڌ ڀوپال ۽ ان ئي صوبي جي خوبصورت ترين شهر اندور وچ ۾ پهرين ميٽر گيج سروس هلندڙ هئي جنهن کي پوءِ بدلائي براڊ گيج ڪيو ويو هئو.
    شملا، هماچل پرديش جي گاديءَ جو هنڌ آهي، جنهن جي اتر ۾ منڊي ۽ ڪُلوُ، اوڀر ۾ ڪنؤر ۽ ڏکڻ ۾ سولن ۽ سرمار هل اسٽيشن آهن. هيءُ شهر هندوستان جي سياحت جو هڪ وڏو مرڪز آهي. ان شهر تي ”شملا“ نالو ”شياملا ديوي ماتا“ تان پيل آهي. شملا، هماليه پهاڙي سلسلي جي هڪ انتهائي خوبصورت هل اسٽيشن آهي، جيڪا سمنڊ جي سطح کان 7234 فوٽ اوچائيءَ تي واقع آهي. شملا جي اهم خصوصيت اها آهي ته اهو شهر هل اسٽيشن هئڻ باوجود روڊ، ريل ۽ هوائي؛ ٽنهي رستن ذريعي ملڪ جي باقي حصن سان ڳنڍيل آهي.
    شملا مل اسٽيشن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ طرفان 1830ع واري اينگلو- گورکا جنگ کان جلد ئي پوءِ تعمير ڪرائي ويئي هئي. هيءُ شهر هندستان جي برٽش آرميءَ جو هيڊ ڪوارٽر پڻ هوندو هو. 1864ع کان برٽش انڊيا گورنمينٽ هر سال اونهاري جي ڏينهن ۾ پنهنجو سمورو داراخلافه دهليءَ کان کڻي اچي شملا ۾ لڳائيندي هئي؛ جيئن اهي انگريز عملدار انگلينڊ جي موسم جيان اطمينان سان ڪم ڪري سگهن. ٽواءِ ٽرين کان اڳ اهڙي هل اسٽيشن تي پهچڻ لاءِ لوڪل ڏاند گاڏي وغيره استعمال ڪيئي ويندي هئي.
    دهليءَ کان ڪالڪا واري براڊ گيج ريلوي لائين، جنهن جي ويڪر 5’.6” هوندي آهي؛ اها 1891ع ۾ ٺاهي تيار ڪيئي ويئي ۽ انهن پٽن مٿان ٽرين هلائڻ لاءِ 1898 ’ڪالڪا ريلوي ڪمپني‘ قائم ڪئي ويئي. ان دور ۾ جڏهن پيسي جو وڏو ملهه هوندو هئو؛ تڏهن انگريزن جي تخميني موجب ان تي 86,78,500/- رپيا خرچ اچڻ کپندو هئو پر ڪم ٿيندي ٿيندي اهو خرچ تقريبن ٻيڻو ٿي ويو. اها ريلوي لائين عام پبلڪ لاءِ نومبر 1903ع ۾ کولي ويئي؛ جڏهن هندوستان جي ان مهل جي وائسراءِ طرفان ان جو افتتاح ڪيو ويو هئو.
    ڪالڪا ۽ شملا وچ ۾ جيڪا ٽواءِ هلي ٿي. ان رستي تي ايندڙ ڪيترن ئي پهاڙن کي چيري 102 سرنگهون ٺاهيون ويو آهن، جڏهن ته ڪيترن هنڌن تي وري ٻن الڳ الڳ پهاڙن کي جوڙيندي اڳيان وڌي شملا پهچڻ لاءِ 800 پليون پڻ تعمير ڪرايل آهن. ڪالڪا کان شملا پهچندي اها ٽواءِ ٽرين هماليه جبلن جي سلسلي ۾ اڳيان وڌندي 900 ڀيرا ڪڏهن ساڄي ته ڪڏهن کاٻي مڙندي 90 ڪلوميٽرن جو نيرو گيج مفاصلو پنج ڪلاڪ ويهه منٽن ۾ طئه ڪري ٿي.
    اسين ڪالڪا اسٽيشن تي جنهن ٽواءِ ٽرين ۾ اچي چڙهياسين، اها 6:00 بجي صبح جو شملا لاءِ نڪرڻي هئي. جيسين ٽواءِ ٽرين شروع ٿئي تيسين پليٽ فارم تي به ڏاڍي چهل پهل لڳي پئي هئي؛ جو ان ٽرين ۾ چڙهڻ وارا سڀ جو سڀ مسافر سياحت جي مقصد کان ته اُتي آيل هئا. ٽرين پنهنجي مقرر ٽائيم تي نڪري ڌرم پور، باروگ، سولن ۽ ڪانڊا گهاٽ اهم اسٽيشنس تان ٿيندي ساڍي يارهين بجي کن شملا اسٽيشن تي پهتي. ڪالڪا کان شملا تائين رستي تي سورهن اسٽيشنس اچن ٿيون ۽ جڏهن ته ڪالڪا ۽ شملا ملائيندي ڪل ارڙهن اسٽيشنس جو هيءُ سفر آهي. 8 جولاءِ 2008ع کان نيرو گيج تي هلندڙ ڪالڪا شملا ٽواءِ ٽرين کي ورلڊ هيريٽيج“ جو درجو عطا ٿيل آهي. هندوستان ۾ ڪالڪا شملا سان گڏوگڏ بنگال واري دارجلنگ هماليه ريلوي ۽ تامل ناڊو طرف نيلگري مائونٽين ريلوي کي پڻ هيريٽِج سائيٽ ڪري تسليم ڪيو ويو آهي.
    ٽواءِ ٽرين جي هلڻ جي رفتار ڪجهه گهڻو تيز ڪو نه هئي، جو خطرناڪ پهاڙن جي پاسن کان هلندي توڙي پهاڙن کي چيريندي سرنگهن وارا رستا پڻ اهڙا ته اڻانگا هئا جو اهي جهونيون انجن ته اسپيڊ پڪڙي به ڪو نه سگهنديون. شملا اسٽيشن تي پهتاسين ته پنهنجي بئگيج کڻي ٻاهر نڪري آياسين. اسٽيشن ڪجهه هيٺاهينءَ تي هئي ۽ ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ شهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪجهه مٿانهينءَ تي اچڻو پيو اهم ڳالهه ته شملا پوري شهر اندر ڪهڙي به قسم جي وهيڪل هلائڻ لاءِ پابندي آهي. ان لاءِ اسين پنڌ ئي پنڌ ان هڪ ئي سڌي روڊ تي اڳيان وڌندا جڏهن The Ridge واري وسيع ميدان تي پهتاسين ته اڃا به چڱو اڳڀرو اسان واري ” برج ويو هوٽل“ هئي، جتي ڪجهه ئي مهينا اڳ اسان جو سئوٽ جواهر مٽلاڻي پڻ رهي ويو هئو.
    ”برج ويو“ هڪ وچولي درجي واري سٺي هوٽل هئي، جتي ڪيترائي سياح ٻارن ٻچن سوڌو رهي رهيا هئا. انهن ڏينهن ۾ سنگل بيڊ-40 ۽ ڊبل بيڊ-60 روپيا پئي مليو. اسان به هڪ روم وٺي سامان رکي وهنجي سهنجي ٻاهر مال روڊ جو چڪر لاڳايوسين ته ڪنهن ريسٽارنٽ تي ماني به کاڌي. بعد ۾ هماچل پرديش ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ وارن کان ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن لاءِ ڪجهه پسگردائيءَ ۾ وزٽ ڪرڻ لاءِ ٻن ڄڻن جي بوڪنگ به ڪرائي ڇڏي ته جيئن شملا شهر کان سواءِ ڀر واريون ٻيون پڪنڪ پوائنٽس به ڏسي سگهجن. جيئن جيئن شام پئي ٿيندي ويئي ته سيءُ وڌندو پئي ويو. هوٽل ۾ اچي مون ڪائونٽر تان به ٻيا ٻه ڪمبل گهريا ته ان هڪ هڪ ڪمبل لاءِ هڪ رات جا 4 رپيا ڪرايو پئي گهريو. جيڪا ڳالهه مون کي بلڪل ناواجبي لڳي؛ جو جيڪڏهن روم جو ڪرايو وٺن ٿا ته سيءَ کان ته انهن کي ئي بچائڻو آهي.مون رسيپشن واري کي چيو ته ”ٺيڪ آهي، اسان کي وڌيڪ ڪمبل کپيئي ئي ڪونه!“
    پر جيئن ئي رات جا پهر وڌندا پئي ويا ته اسان جي دروازن تي ٺڪ ٺڪ ٿي. مون دروازو کوليو ته ويٽر ٻه ڪمبل کڻي آيو هئو. مون اعتراض ورتو ته هن چيو ته ” نه سائين! اوهان پنهنجي روم واري ڪرائي ۾ ئي اهي پاڻ وٽ رکو! “پوءِ مونکي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته همراهمن سوچيو هوندو ته ڪٿي سيءَ ۾ هيٺ مٿي نه ٿي وڃن، تنهن کان ڀل مفت ۾ ئي هر هڪ روم ۾ ڪمبل ته هئڻ ئي گهرجن!
    شملا ۽ ڪوه مريءَ جو جاگرافيڪل نقشو تقريبن هڪجهڙو ئي آهي؛ جو ڪوھ مريءَ وارو مال روڊ جتي بس اسٽيشن تان لهي مٿي پهچبو آهي، اصل اهو ساڳيو ئي نظارو هتي شملا ۾ ”رِج“ نالي هڪ چرچ اڳيان وسيع ميدان تي واقع آهي، جتي هميشه سياحن جا جهرمٽ لڳا پيا هوندا آهن. ان ئي رِج وٽان اولهه طرف مال روڊ آهي جتي ٻنهي پاسن کان مارڪيٽ آهي ۽ ماڻهو خريداريءَ ۾ لڳا پيا هوندا آهن. هتي پنڌ گهمندڙن جي ايڏي ڀيڙ هوندي آهي، جو ٽريفڪ پوليس انهن پنڌ گهمندڙن کي سنڀاليندي آهي ته جيئن ماڻهن جي پيهه سبب رستا جام نه ٿين! هن شهر جي هڪ اهم خصوصيت اها آهي ته ان مال روڊ هيٺان پيرٺل ڏاڍي گهرائيءَ ۾ ٻه ٽي روڊ آهن جتي هيٺ هڪ وڏي لفٽ لڳايل آهي، جيڪا پبلڪ جي سهوليت لاءِ انهن کي مفت ۾ مٿي مال روڊ وٽ پهچائيندي آهي، جنهن سان وقت، پئسو ۽ انساني شڪتيءَ جو پڻ ڏاڍو وڏو تحفظ ٿي سگهندو آهي!
    اسين مختلف ڏينهن تي شملا جي پسگردائي ڏسڻ لاءِ ”هماچل پرديش ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ“ وارن کان جيڪا بوڪنگ ڪرائي هئي. اتفاق سان هڪ ڏينهن انهن طرفان مليل ڪار ۾ اسان کانسواءِ ٻيو به هڪ پروفيسر جوڙوئي؛ انهن مان مرد پونا يونيورسٽيءَ ۾ جاگرافيءَ جو پروفيسر هئو ۽ سندس شريڪ حيات جيڪا عمر ۾ کانئس چڱو ئي ننڍي پئي لڳي اها اُتي ئي ڪنهن ڪاليج ۾ ٽيچر هئي. انهن سان گهمندي ۽ سفر ڪندي ڏاڍو سٺو لڳي رهيو هئو. اسين مختلف ڏينهن تي الڳ الڳ جايون ڏٺيونسين ”پئليس هوٽل“ جيڪا عمارت ڪڏهن اتان جي راجا جي محلات طور ڪتب ايندي هئي؛ ان ۾ ٿوري ترميم آڻيندي هاڻ پنج ستارا هوٽل ٿي ڪم اچي رهي هئي. ان جي وسيع لان ۾ ويهي منجهند جي ماني کاڌي ۽ ڪجهه ٻيون پوائنٽس ڏسي شام جو هوٽل تي موٽي آياسين. ٻئين ڏينهن ”اندرا هاليڊي هوم“ واري طرف نڪري وياسين، جيڪو پڻ دراصل هڪ هوٽل ئي هئو پر شهر کان دور هئڻ سبب پڪنڪ پوائنٽ ڪري مشهور هئو. شملا ۾ صوفن جي پيدائش گهڻي ٿيندي آهي، پر خود شملا ۾ ئي اهي صوف گهٽ اگهه ۾ ڪو نه ملي رهيا هئا. ائين به ٿي سگهي ٿو ته جيئن ته وڏو تعداد سياحن جو هوندو آهي، ته سڀ جو سڀ دوڪاندار ڦرڻ جي لحاظ کان به وڌيڪ اگهه وٺندا هجن، نه ته اتان جي پنهنجي پيدوار آهي ته فطرتن ان جو اگهه گهٽ ئي هئڻ کپي.
    اسين شملا ۾ ڪل پنج ڏينهن رهي واپس موٽڻ لاءِ هڪ ڏينهن صبح جو اچي ٽواءِ ٽرين ۾ چڙهياسين. اتفاق سان بلڪل اسان واري بوگيءَ ۾ اهو ساڳيو ئي پونا يونيورسٽي وارو پروفيسر ۽ سندس شريڪ حيات پڻ اسان کان اڳ ئي اُتي ويٺا هئا، پوءِ خبر پيئي ته هنن کي به چنديڳڙھ ئي وڃڻو هئو، ته ڏاڍي خوشي ٿي. اهو پروفيسر جيئن ته اوڏانهن اڳ به گهڻي ئي ڀيرا اچي چڪو هئو ته ان کي سموري ڄاڻ هئي. اسين ٽواءِ ٽرين جو سفر پورو ڪندي ڪالڪا اسٽيشن تان چار ئي ڄڻا هڪ ٽيڪسيءَ ذريعي چنديڳڙھ آياسين. چنديڳڙھ بس اسٽيشن تان اسين ٻه جدا جدا سائيڪل رڪشائون ڪري هڪ ٽوئرسٽ گيسٽ هائوس ۾ آياسين، جتي جلد ئي مٿي پهرئين ماڙي تي اسان ٻنهي کي بوڪنگ پڻ ملي ويئي.
    چنديڳڙھ لاءِ مون ائين ٻڌو هئو ته اسلام آباد جيان سمورو ئي نئون ٺاهيل شهر آهي. جيتوڻيڪ اهو سچ به هئو، جو پوري شهر ۾هڪ به جهوپڙي وغيره ڪو نه هئي ۽ سمورو ئي شهر هڪ رٿا سان ٺاهيل پئي نظر آيو، پر ساوڪ سبزي ۽ خوبصورتيءَ جي لحاظ کان مونکي اسلام آباد کان گهڻو گهٽ پئي لڳو. هڪ وڏو فرق اهو به هئو ته اسلام آباد ڄڻ خالي خالي لڳندو آهي پر چنديڳڙھ هڪ مصروف ترين شهر آهي جو هڪ ئي وقت پجاب ۽ هريانه ٻنهي صوبن جي گاديءَ جو هنڌ پڻ آهي!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 4 آڪٽوبر 2015
    ___
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 28

    چڱو ٿيو! تون اچي وئين!

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

    ’چنديڳڙھ‘ شهر جي ماضيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته اٺ هزار سال اڳ اهو هڙپا تهذيب جو ئي هڪ حصو هئو، جتي هڙپا جا ماڻهو رهندڙ هئا. جهوني زماني ۾ اُتي هڪ وڏي ڍنڍ هوندي هئي. اڳتي هلي اُهو پنجاب جو هڪ اهم شهر بڻيو، جيڪو 1947ع ۾ جڏهن اوڀر ۽ اولهه پنجاب ٻن حصن ۾ ورهايو ويو ته ان شهر کي نه صرف هندوستاني پنجاب جي گاديءَ جو هنڌ ڪيو ويو پر اُتي ئي اولهه پنجاب کان آيل هزارين پنجابي مهاجرن کي ورسائيو پڻ ويو هئو. 93-1892ع جي گزيٽ موجب اهو شهر پهرين امبالا ضلعي جو حصو هئو، جنهن کي 1952ع ۾ الڳ ڪندي اُتي ئي هڪ خوبصورت شهر ٺاهڻ لاءِ بنيادي پٿر وڌو ويو. اڃا به اڳتي هلي جڏهن 1 نومبر 1966ع تي شريمتي اندرا گانڌيءَ ٻوليءَ جي بنياد تي صوبن جي ورهاست ڪئي؛ ته ان هڪ صوبي کي ٽن حصن؛ پنجاب، هريانا ۽ مماچل پرديش ۾ ورهايو ويو ۽ ”چنديڳڙھ“ شهر کي پنجاب ۽ هريانا ٻنهي صوبن جي گاديءَ جو هنڌ ڪري برقرار رکيو ويو ؛ جڏهن ته اُهو شهر پاڻ مرڪز جي ماتحت آندو ويو.
    چنديڳڙھ دراصل هندستان جي پهرئين وزير اعظم جواهر لال نهروءَ جو پسنديده شهر هئو، جنهن جي رٿابنديءَ لاءِ فرانس جي آرڪيٽيڪٽ، ليفٽيننٽ ڪور بزيئر، پنهنجون خدمات انجام ڏنيون هيون؛ هيءُ شهر ” شولِڪ“ پهاڙين جي هيٺاهينءَ تي واقع آهي ۽ ”چنديڳڙھ“ نالو پڻ ڀر واري چاندي مندر ۽ اتان جي جهوني قلعي ڳڙھ کي جوڙيندي چوڻ ۾ آيو. ماسٽر پلان موجب ان شهر سان ويهه هزار ايڪڙ زمين وڌيڪ جوڙي ويئي، جنهن مان ٻه هزار ايڪڙ زمين تي باغ باغيچن جي تعمير ڪئي ويئي. جيئن ته راجيندر باغ، ذاڪر گلابي باغ، شانتي ڪنج، باٽنيڪل گارڊن ۽ راڪ گارڊن وغيره. ان کانسواءِ گورنمينٽ ميوزيم ۽ آرٽ گيلري پڻ سياحن جي ڪشش جو مرڪز هوندا آهن. شهر جا ترقياتي ڪم ڏسندي صرف 1961 کان 1971ع دوران ئي ان جي آبادي اڍائوڻ تائين وڌي ويئي. پهرئين جيتوڻيڪ هن شهر لاءِ پنج لک آباديءَ جي رٿابندي ڪيل هئي، پر ان جي واڌ جي رفتار ايترو ته تيزيءَ سان وڌنڌي رهي، جو 2001ع دوران آبادي ڏھ لک ته 2011 ۾ ويهارو لک جي قريب پهچڻ جو انومان آهي، جيڪو اصل رٿابنديءَ کان چار ڀيرا وڌيڪ هوندو.

    [​IMG]
    چنديڳڙھ واري ريسٽ هائوس ۾ پهچندي پهچندي تقريبن شام ٿي چڪي هئي ۽ اسين ڪجهه ٿڪل به هئاسين؛ ان لاءِ پهرئين ڏينهن ته اسين ٻاهر ئي ڪو نه نڪتاسين، ماني وغيره ته اُتي ريسٽ هائوس ۾ ئي بورچيءَ ٺاهي ڏني. چنديڳڙھ ۾ اسان کي ڏاڍي گرمي محسوس ٿي رهي هئي، جو اسين شملا جي ٿڌ کان هيٺ لهي آيا هئاسين ته يڪدم گرميءَ جو احساس پئي ٿيو. ٻئين ڏينهن اسين سوير صبح جو تيار ٿي وياسين، پونا وارا پروفيسر ته اڄ به آرام ڪرڻ جي موڊ ۾ هئا. اسين ناشتو ڪري ٻاهر اچي هڪ رڪشا ڪيئي، جنهن ۾ پنجاب ۽ هريانه جي سيڪريٽريٽ بلڊنگس طرف وياسين ۽ ٻاهران ئي ٻاهران فوٽو ڪڍي ٿورو انهن جي پسگردائيءَ جو چڪر لڳائي ” راڪ گارڊن“ آياسين. مون راڪ گارڊن جي ڏاڍي ساراھ ٻڌي هئي، جتي مختلف قسم جي پٿرن کي ڪاريگرن طرفان اهڙي فنڪارانه نموني جوڙيو ويو آهي جو اُهي پٿر پاڻ ۾ گڏجي الڳ الڳ گلن جيان لڳن ٿا. ڪاريگريءَ جي ڪلا ته واقعي ڪمال جي هئي، پر گارڊن معنيٰ جتي ساوڪ سبزيءَ جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ هجي، خوشبوءِ هجي! ان لاءِ آءٌ انهن کان ايترو گهڻو متاثر ٿي ڪو نه سگيهس. ائين شهر جا ڪجهه ٻيا نظارا به ڏسندي اسين پنهنجي ريسٽ هائوس ۾ موٽي آياسين.
    آءٌ پونا واري پروفيسر سان گڏ ايندڙ ڏينهن تي ”باکڙا ڊيم“ ڏسڻ جو پروگرام ٺاهيو، جنهن لاءِ اسين ٻاهر وڃي هڪ ٽيڪسيءَ واري سان پڻ پڪ ڪري آياسين. ان لاءِ ايندڙ ڏينهن تي صبح جو ناشتو ڪري اسين چار ڄڻا، هيما ۽ مان، پروفيسر ۽ سندس شريڪ حيات ٽيڪسيءَ تي چنديڳڙھ کان اتر طرف SH-22 روڊ وٺي 106 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئه ڪندي باکڙا ڊيم پهتاسين.
    باکڙا ڊيم، نئون ننگل ۽ ننگل پنجاب جي ڀر ۾ چهچ ساوڪ ۽ سبزه زار علائقي ۾ واقع آهي. پنجاب ۽ هماچل پرديش بارڊر ويجهو ستلج نديءَ تي 740 فوٽ اوچي ڪانڪريٽ واري ٺاهيل باکڙا ڊيم پوري دنيا جي ڪيترن ئي سياحن جي ڪشش جو مرڪز آهي. ان ڊيم جي ايڏي ته وسعت آهي؛ جو ان ۾ 934 بلين ڪيوسڪ پاڻي اسٽور ڪري سگهبو آهي. گرو گوبند سنگهه جي نالي پٺيان ان کي گوبند ساگر ڪري سڏيو ويندو آهي. ان ڊيم ذريعي 1478.72 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري سگهبي آهي، جنهن سان گڏوگڏ اهو پاڻي ڀر واري زمين لاءِ آبپاشيءَ جي ڪم پڻ آندو ويندو آهي. 1960ع ۾ هندوستان ۽ پاڪستان وچ ۾ ”انڊس واٽر معاهدو“ ٿيو هئو، جنهن هيٺ باکڙا ننگل ڊيم جي پاڻيءَ کي بجلي پيدا ڪرڻ توڙي زمين آباد ڪرڻ جي ڪم آندو ويو.
    1947ع کان ٺهندڙ هن ڊيم لاءِ نديءَ هيٺان 190 فوٽن جي گهراڻيءَ ۾ کوٽائي ڪئي ويئي ۽ ان طرح اٺن سالن جي لڳاتار ٿيندڙ تعمير کانپوءِ 1955ع ۾ هيءَ ڊيم ٺهي تيار ٿي هئي. جڏهن ته ان کي ’باکڙا ننگل ڊيم‘ جو روپ 1963ع ۾ ڏنو ويو. 1963ع ۾ جڏهن پنڊٽ جواهر لال نهروءَ ان جو افتتاح پئي ڪيو ته هن عوام کي خطاب ڪندي چيو هئو، ته اهي ڊيم اسان لاءِ مندر، مسجد ۽ گرجا جي حيثيت رکن ٿيون، ڇو ته انهن مان انسان ذات جو ئي ڀلو ٿيڻو آهي، جنهن سبب اِهي عبادت ڪرڻ جي قابل آهن“.
    تازو 22 آڪٽوبر 2013ع کي ان ڊيم جي پنجاهين سالگرھ ملهائي ويئي هئي. باکڙا ڊيم هڪ ڏاڍي وسيع ايراضيءَ ۾ واقع هئي، باکڙتا اسين ڊيم اندر سياحن واري لفٽ جي مدد سان هيٺ گهرائيءَ ۾ به وڃي ڏٺوسين. سوين مزدور پنهنجي پنهنجي ڪم کي لڳا پيا هئا. پاور جنريشن لاءِ ڏاڍو وڏو پلانٽ هئو. ائين لڳو پيو هئو ڄڻ ڪنهن انگريزي فلم جو ڪلائيميڪس سيٽ هجي. دراصل اهي ئي صحيح خدمات آهن، جيڪي اسانجي مدبرن ۽ سياستدانن کي عوام جي بستري لاءِ انجام ڏيڻ گهرجن، پر اُهو سڀ به تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن هيٺين ايراضين کي پاڻيءَ جي کوٽ جو سوال ئي ڪو نه هجي! ائين نه، ته ٻين جو پاڻي هڙپ ڪري پنهنجا ڀڀ ڀرجن! باکڙا ڊيم تي ڏاڍو گهڻو ٽيڪنيڪل ڪم ٿيل هئو. اسان ته صرف ڏسڻ ئي ويا هئاسين، ان لاءِ جلد ئي واپس آياسين؛ جو رات جو اسان کي دهليءَ لاءِ نڪرڻو هئو.
    اسان جي لاءِ هڪ ڳالهه ڀلي اها ٿي جو پونا وارو پروفيسر به اڄ ئي دهليءَ وڃڻو هئو. هاڻ موٽڻ مهل اسان کي ٽڪيٽ ته اڳواٽ ئي مليل هئي پر رزويشن ڪو نه هئي. اهڙي صورت ۾ جڏهن ريسٽ هائوس مان چيڪ آئوٽ وٺي چنديڳڙھ ريلوي اسٽيشن تي آياسين. اسان واري مقرر ٽرين آئي ته ماڻهن جي زبردست ڀيڙ لڳي پيئي هئي. دراصل مون ۾ ايتري سياڻپ ئي ڪو نه هئي ته ڪيئن ڪنڊڪٽر کي خوش ڪري رزرويشن وٺجي؛ سو مون پنهنجو ذمو به ان پونا واري پروفيسر تي رکيو. هن همراھ به فٽافٽ ڪنهن ڪنڊڪٽر سان ڳالهائي اسان کي پنهنجي بوگيءَ ۾ اندر ڪيو. پيسا ته ضرور ڀريا هئاسين؛ پر ٽرين اهو سڀ ڳالهائڻ به مونکان ڄڻ ڏکيو هئو. رات جو ٽرين ۾ چڙهياسين ۽ صبح جو سوير اچي پراڻي دهلي اسٽيشن تي پهتاسين. هاڻ اسان ٻنهي؛ پونا واري پروفيسر ۽ مون هڪٻئي کان موڪلايو ۽ آءٌ هيما کي ساڻ ڪري ڀرسان ئي سنڌين واري ” فيروز پوري سنڌي ڌرمشالا“ ۾ آيس. اتي فيمليءَ واري کي روم ۽ اڪيلي مرد کي هال ۾ بسترو ڏنو ويندو آهي. ان مهل مون کي سٺي ڳالهه اها پئي لڳي، جو هوٽل ۾ ته ڄڻ پراوائپ وارو ماحول هوندو آهي پر هتي ڌرمشالا ۾ صرف پنهنجا سنڌي ماڻهو ئي هئا ۽ ائين پئي لڳو ڄڻ پنهنجي گهر ۾ ئي ويٺا آهيون.
    اسان وهنجي سهنجي تيار ٿي ڀرسان ئي چاندني چوڪ کان ٽوئرسٽ بس لاءِ بوڪنگ ڪرائي دهليءَ ۾ ڪجهه پڪنڪ پوانٽس؛ لال قلعو، ۽ جامع مسجد ته ڀرسان ئي ڏسي آياسين. جيڪي پراڻي دهليءَ ۾ ئي هئا. جڏهن ته نيو دهليءَ کي ايڊون ليوٽن ۽ هربرٽ باڪر ڊزائين ڪيو هئو، جتي ڪيتريون ئي سرڪاري عمارتون، ٻاهرين ملڪن جا سفارتخانه ۽ ڪجهه سياحتي مرڪز اچي وڃن ٿا.
    پراڻي دهليءَ جا روڊ رستا جيترو سوڙها ۽ ڪجهه گهٽ صاف پئي لڳا، نيو دهلي اوترو ئي پرڪشش ۽ کليل کليل تعمير ڪيل آهي. خاص ڪري ايوانِ صدر ۽ پارليامينٽ هائوس وٽان جيڪو شاهي روڊ هيٺ اوڀر طرف اچي ٿو ۽ وچ تي هڪ هنڌ ”انڊيا گيٽ“ آهي، اتان وارو خوبصورت نظارو ته صرف دهليءَ کي ئي عطا ٿيل آهي. ”انڊيا گيٽ“ افغان جنگ ۽ پهرين جنگ عظيم جي بهادر شهيدن جي ياد ۾ ٺاهيل آهي، جيڪي سونهري لفظن ۾ امر جوان لفظ اُڪريل آهن. انڊيا گيٽ جي وسيع ايراضيءَ ۾ جتي سرسبز و شاداب باغيچو ۽ خوبصورت ڦوهارا ٺاهيل آهن، اهي نظارا اسين ڪيترين ئي هندي فلمن ” روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان“ وغيره ۾ پڻ ڏسي چڪا آهيون. اتان گذرندڙ شاهي روڊ کي ”راج پٿ“ چيو ويندو آهي، جتي هر سال 26 جنوري تي ڀارت جي يوم جمهوريه جي موقعي تي هتان جي هر هڪ صوبي جون شاندار جهانڪيون پڻ ڏيکاريون وينديون آهن. هن سال 2015 تي منقعد ٿيل ان شاندار اُتسو ۾ آمريڪا جو موجوده صدر براڪ اوباما ۽ ان جي شريڪ حيات ميڊم مشل اوباما پڻ آيا هئا.
    هتان جي پارليامينٽ هائوس واري گول عمارت کي 13-1912ع دوران سر ايڊون ليوٽن ۽ سر هربرٽ باڪر ڊزائين ڪيو هئو؛ جنهن تي تعمير جو ڪم 1921ع کان شروع ٿيندي 1927ع ۾ تڪميل تي پهتو هئو. اها عمارت تڏهن ’ڪائونسل آف اسٽيٽ‘، ’سينٽرل ليجسليٽو اسيمبلي‘ ۽ چيمبر آف پرنسيس طور ڪم ايندي هئي جڏهن ته هينئر ان کي’پارليامينٽ هائوس‘ سڏيو ويندو آهي ۽ منجهس لوڪ سڀا ۽ راجيه سڀا ٻيئي ايوان ٺاهيل آهن. ان جي ئي ڀر ۾ راشٽر پتي ڀَوَنَ (ايوان صدر) آهي، جيڪو 1931ع ۾ ان مهل جي وائسراءِ لاءِ ٺاهيو ويو هئو ۽ بعد ۾ 1959ع ۾ جڏهن ڀارت کي جمهوريه قرار ڏنو ويو ته ان عمارت کي راشٽرپتي ڀون ڪري سڏيو ويو.
    انڊيا گيٽ جي ڏکڻ ۾ وري جيڪو انتهائي کليل کليل روڊ هليو ويو، ان جي ٻنهي پاسن کان مختلف ملڪن جا سفارتخانه واقع آهن، آءٌ چنديڳڙھ جو جيڏو نالو ٻڌي ڪري ڪجهه ڪجهه نراش ٿيو هوس، اوترو ئي هتي نيو دهليءَ جي ان ايراضيءَ ۾ مونکي اصل جيئري جاڳندي جنت پئي نظر آئي. انڊيا گيٽ ۽ ان جي آس پاس وارو سمورو حصو ڀل اسلام آباد جيان نئون تعمير ڪيل ناهي پر ان جي وري پنهنجي ئي هڪ نرالي خوبصورتي آهي.
    لنڊن جي ”پڪاڊلي سرڪس“ جيان هتي دهليءَ ۾ پڻ انگريزن واري دور ۾ ساڳي طرز تي هڪ سرڪيولر بازار ”ڪناٽ پليس“ جي نالي تعمير ڪيل آهي. هڪ وسيع ايراضيءَ ۾ ٺاهيل هيءَ مارڪيٽ ڪنهن به قسم جي خريداري توڙي سياحن لاءِ ڪشش جو باعث آهي. ان جي ڀر ۾ ئي هڪ جڳهه آهي. ”جنتر منتر“ جنهن جي تعمير ارڙهين صديءَ دوران ٿيل آهي. جنتر منتر واري عمارت ڪجهه اهڙي طرح ڊزائين ڪيل آهي جو ان تي پوندڙ پاڇي سان ٽائيم سڃاڻي سگهبو آهي. ٻه اڍائي صديون اڳ اهڙي عجيب و غريب عمارت جي تعمير بلڪل حيرت ۾ وجهندڙ هئي. ”ڪناٽ پيلس“ ۾ ڪيتريون ئي ٽي، چار ۽ پنج ستاره هوٽلس آهن ۽ پارليامينٽ واري ايراضي به هتان کان گهڻو دوري تي ناهي.
    ڪناٽ پليس جي ڀر ۾ گرودارا بنگله صاحب پڻ ڏٺوسين، جتي بابا گرو نانڪ جي ڏهن پاٽشاهين مان اٺين پاٽشاهي، گرو هرڪرشن ڪڏهن پاڻ رهندڙ هئو. ان کانسواءِ شهنشاھ همايون جو مقبرو پڻ ڏٺوسين، جيڪو هڪ وسيع ايراضيءَ ۾ تعمير ڪرايل آهي ۽ ڊزائين جي لحاظ کان خود ”تاج محل“ پڻ همايون جي مقبري جو ئي جديد نماءُ آهي، پر هتي ڳاڙهين سرن جو استعمال ٿيل آهي ته تاج محل ۾ انتهائي زرين قسم جو ماربل لڳايل آهي. اتان موٽڻ مهل ٽوئرسٽ بس وارن اسان کي ”برلا مندر“ پڻ ڏيکاريو؛ جيڪو هتان جي صنتعڪار گروپ ”برلا“ وارن جو ٺهرايل آهي؛ پر سونهن توڙي خوبصورتيءَ جي لحاظ کان الهاس نگر ۾ پهاڙيءَ تي ٺاهيل ”برلا مندر“ اڳيان هيءُ ڀل ايراضيءَ ۾ وڏو هئو پر الهاس نگر واري برلا مندر جي پنهنجي ئي خوبصورتي آهي، جتي ڪيترين هندي فلمن جي شوٽنگ پڻ ڪيل آهي.
    اسين ڏکڻ دهلي طرف قطب مينار پڻ ڏسي آياسين، جنهن کي قطب الدين ايبڪ 1206ع دوران دهلي حڪومت جون واڳون هٿ ڪرڻ بعد تعمير ڪرايو هئو. ساڍا ٻاهتر ميٽر اوچائيءَ تي ٺاهيل هيءُ ٽاور پنجن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ مختلف ڏاڪا چڙهندي ان هڪ هڪ منزل تي ٺاهيل گول بالڪنيءَ مان ٻاهرئين نظاري جو لطف ماڻي سگهبو آهي. ان مينار تي ٻاهران ٻاهران قرآن پاڪ جون آيتون اڪريل آهن.
    دراصل ان مينار جي صرف پهرين منزل ئي قطب الدين ايبڪ جي ٺهرايل آهي ۽ پوءِ واريون سموريون منزلون سندس فرزند التمش جي دور جون ٺهيل آهن. بعد ۾ وري فيرو شاھ تغلق چوٿين ماڙي ۾ تبديلي آندي ۽ آخر جون ٻه منزلون 1368ع ۾ تعمير ڪرايو ويون. ”قطب مينار“ ۾ ڪل 380 ڏاڪا آهن ۽ چڙهائيءَ مهل ٿوري ٿوري فاصلي تي ٻاهرين روشني اچڻ جو پڻ پورو پورو بندوبست رکيل آهي. هندوستان ۾ اسلامي حڪومت جي هيءَ جهوني ۾ جهوني عمارت آهي.
    دهليءَ جي ٻئين ڏينهن تي هيما ۽ مان ڪناٽ پليس وڃي اُتان جي ناولٽي سنيما ۾ بي.آر.چوپڙا جي ٺاهيل فلم دي برننگ ٽرين ڏسي آياسين، جيڪا پڻ اتفاق سان گهڻي قدر دهليءَ جي لوڪيشن تي ئي فلمايل هئي. جنهن بعد ٽئين ڏينهن تي منجهند جو 4:25 تي اسين ”ڊيلڪس ايڪسپريس“ ٽرين ذريعي بمبئيءَ موٽي آياسين، جيڪا ايندڙ ڏينهن تي منجهند جو ”بامبي سينٽرل“ پهچڻي هئي، پر اسين ان کان هڪ اسٽاپ اڳ ئي ”دادر“ تي لهي پياسين، جو اُتان ويسٽرن ريلوي کان برج ذريعي ٽريڪ بدلائي سينٽرل ريلوي تي اچي الهاس نگر لاءِ ”شهد“ اسٽيشن جي لوڪل ٽرين ”ٽيٽوالا“ پڪڙيسين. هتي بمبئيءَ پهتاسين ته چوماسي سبب مينهن پڻ اچڻ جا سايدا ڪري رهيو هئو ۽ فضا پڻ ڏاڍي جهڙيالي هئي؛ جنهن ڪري ان موسم ۾ ڏاڍو مزو اچي رهيو هئو. سينٽرل ريلوي تي دادر طرف پهتاسين ته اتفاق سان منهنجو مامو ڀڄن لال گڏجي ويو، جيڪو اسان کي هني مون تي وڃڻ مهل پڻ ’بامبي سينٽرل‘ تي ڇڏي آيو هئو. هني مون تان الهاس نگر موٽي آياسين ته پوءِ ڪاليج توڙي ميڊيڪل اسٽور واري ڪم ۾ ئي مصروف ٿي ويس. صبح کان منجهد تائين ڪاليج ۽ پوءِ ڪلياڻ وڃي ادا پريم جي ”ٻلديو ميڊيڪل اسٽور“ تي ساڻس گڏ ويهڻ، هول سيل جون گهڻيون دوائون ته سيلز مين آرڊر وٺڻ ايندا هئا ۽ پوءِ شام جو ڏيئي به ويندا هئا پر ڪجهه اهڙيون ڪمپنيون هيون، جن جا ڊسٽريبيوٽر ڪلياڻ توڙي الهاس نگر ٻنهي هنڌن تي ڪو نه هئا، ته پوءِ اهي دوائون مان بمبئيءَ وڃي دوا بازار مان وٺي ايندو هوس. ڪلياڻ اسٽيشن ڀرسان هڪ مصروف ترين چوڪ وٽ ’گروديو هوٽل‘ سامهون گرائونڊ فلور تي اسان جو ميڊيڪل اسٽور هئو. ان چوڪ جي سمورين عمارتن ۾ مختلف قسمن جا ايڪسپرٽ ڊاڪٽر هئا؛ پوءِ به اسان جو ميڊيڪل ۽ جنرل اسٽور جنهن جو فرنيچر پڻ الٽرا ماڊرن ٺهل هئو؛ الائي ڇو گهڻو نه هلندو هئو ۽ صرف پيٽ گذر ۾ پورا هئاسين.
    اسين هر روز رات جو اهڙي نموني ميڊيڪل اسٽور بند ڪندا هئاسين ته جيئن ڪلياڻ اسٽيشن تان 9:40 بجي رات واري شهد اسٽيشن لاءِ لوڪل ٽرين ملي سگهي. جيڪڏهن ٽرين رائيٽ ٽائيم هوندي هئي ته 9:46 تي شهد اسٽيشن تي لهي ڪري 10:00 بجي تائين گهر پهچي به ويندا هئاسين. هڪ ڏينهن رات جو گهر آياسين ته خبر پيئي ته دادا گلابراءِ جي طبيعت ٺيڪ ناهي، سو ادا پريم ۽ مان جلد ئي ماني کائي دادا وٽ گهر وياسين ؛ اتي وري خبر پيئي ته کيس اڃا هاڻ ايمبولينس ۾ ڊومبيوليءَ کڻائي ويا آهن. اسان به وري فٽافٽ لوڪل ٽرين تي ڊومبيولي پهچي ڊاڪٽر ڀٽ وٽ دادا گلابراءِ جن سان وڃي ملياسين. دادا ائين ته بلڪل چاڪ و چوبند لڳو پيو هئو پر خبر ناهي ڪهڙي بيماري هئي. ڪنهن ڪنهن مهل دادا گلابراءِ کي رت جي الٽي پئي آئي. اسين پهتاسين ته ڊاڪٽر ڀٽ، ملند جي ڪنهن بلڊ بئنڪ مان رت جون ڪجهه باٽل وٺي اچڻ لاءِ چيو؛ ائين ته دادا گلابراءِ جي اٽينڊنٽ طور ان جو ڀائٽيو پرتاب به ساڻس گڏ آيل هئو؛ پر خود دادا گلابراءِ جو به ويچار هئو ته مان وڃي وٺي اچان. هن ته منهنجي سامهون ئي رب جا شڪرانا پئي مڃيا ۽ مونکي ائين پڻ چيائين ته ”چڱو ٿيو! تون اچي وئين، نه ته پرتاب کي ته ڪجهه خبر ئي ڪو نه پوي ها!ٰ“
    رات جو پهر گذرندو پئي ويو. مون کي ملند وڃي دادا لاءِ اتان بلڊ وٺي ان مهل ئي رات جو ڊومبيوليءَ موٽڻو هئو، جنهن لاءِ آخرين ٽرين 1:20 بجي تائين هئي، نه ته وري چار ڪلاڪ ملند ۾ اسٽيشن تي ئي گذارڻا پون ها ۽ هيڏانهن دادا کي پڻ اها بلڊ جلد ئي کپندي هئي. ادا پريم الهاس نگر پنهنجي گهر موٽي ويو؛ ڇو ته انهن ڪمن ۾ هونئن به مان ئي اسپيڊ سان ڪم ڪري سگهندو هوس. ان لاءِ مان ئي ملند هليو ويس ته جيئن جلد ئي وري موٽي به سگهان!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 11 آڪٽوبر 2015
    ___
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 29
    ونود اچڻ سان ئي ڀريا ڀاڳ کڻي آيو!
    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي


    دادا گلابراءِ وٽان ڊاڪٽر ڀٽ جي هاسپيٽل مان نڪري ڊومبيولي اسٽيشن آياسين. ادا پريم الهاس نگر هليو ويو، جو اسان جي گهر وارن کي ڪجهه به خبر ڪو نه هئي ته اسان ڊومبيولي پهچي ويا هئاسين. مان ڊاڪٽر جي ٻڌايل ائڊريس موجب ملند اسٽيشن (ويسٽ) تي ٻاهر نڪري ڀرسان ئي ”بلڊ بئنڪ“ ۾ ويس جيڪا چوويهه ئي ڪلاڪ کليل رهندي هئي. اتان ضرورت موجب بلڊ وٺي تڪڙ تڪڙ ۾ اچي ٽرين پڪڙي جو 1:20 کان پوءِ وري ٽرين ئي ڪو نه هئي ۽ ٻين ٽرين ايندڙ ڏينهن لاءِ ملند تان 5:02 بجي صبح جو ئي ملي پئي سگهي. بلڊ وٺي ڊومبيوليءَ پهتس ته دادا گلابراءِ اهو ڏسي ڪري خوش ٿي ويو. ڊاڪٽر کي سڏ ڪرائي ورتوسين؛ جنهن پڻ ان مهل ئي دادا کي اها بلڊ جي باٽل لڳائي به ڇڏي!
    دادا گلابراءِ اُن هاسپيٽل ۾ پورو هڪ هفتو کن داخل ٿيل هئو؛ پر هر ڏينهن سندس طبيعت وڌيڪ خراب پئي ٿيندي ويئي. ان وچ ۾ اسان جا ٻيا سؤٽ سيٺ دوارڪا داس وارا به دادا گلابراءِ وٽان ٿي ويا. ڊاڪٽر کين چيو ته رت بند ڪرڻ لاءِ هو اُهي خون جو بوتلون ڏيندو پيو اچي؛ ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن ٻاهرين ملندڙ وڌيڪ بلڊ سان اهو خون بيهجي ويندو آهي. وچ ۾ هڪ دفعو مان به پرتاب جن کي هيٺ روٽي کائڻ جو چئي الهاس نگر گهران به ٿي آيس. پر پوءِ هڪ هفتي کانپوءِ جڏهن ٻيون دفعو ائين ڪيو؛ جو پرتاب، جڏهن روٽي کائي آيو ته مان به کيس هيٺان ئي روٽي کائڻ جو چئي ٽرين تي الهاس نگر هلي ويس ته فٽافٽ پنهنجي گهران ٿو ماني کائي اچان؛ پر موٽڻ ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ لڳي ويا. موٽيس ته دادا گلابراءِ جي طبيعت زبردست خراب ٿي چڪي هئي. بلڪه ائين چئجي ته ڄڻ سڪرات ۾ هليو ويو هئو. پرتاب مون کي چيو ته هو جڏهن هوش ۾ هئو ته آخري ڀيرو هر مون بابت پڇي رهيو هئو. خبر ناهي ته هن مون کي ڇا پئي چوڻ چاهيو؛ پر هاڻ ته هو اسان لاءِ ڀل ساھ کڻي رهيو هئو پر مٿس سڪرات واري طاري ٿيل حالت ته ڄڻ ڏسڻ کان به ٻاهر هئي.
    ڪيئن به ڪري رات جا ڪجهه پهر ڪڍياسين. اَسُر جو آءٌ الهاس نگر وڃي دادا گلابراءِ جي شريڪ حيات کي وٺي آيس ۽ هوڏانهن پنهنجي سؤٽن سيٺ دوراڪا داس وارن کي پڻ اهڙو اطلاع ڏنو. دوراڪاداس جيئن ئي صبح جو ڊومبيوليءَ اسپتال پهتو ته اسان سان گڏ چنديرام ڏنائين ته هتان دادا گلابراءِ کي ڪڍي ڪري بمبئيءَ جسلوڪ هاسپيٽل ۾ وڃي علاج ڪرايو. اها پوري رات ڊاڪٽر ڀٽ وارن بلڪل به پنهنجي مريضن جو خيال ڪو نه ڪيو هئو، بلڪ هو ته خوش پئي ٿيا ته مريض کي هتان کڻي وڃڻو ته ڪٿي اسان جي نه ڳلي پئجي وڃي!
    چنديرام، پرتاب ۽ مان دادا گلابراءِ کي ايمبولنس ۾ جسلوڪ هاسپيٽل کڻائي وياسين. اُتي هڪ سنڌي جنرل سرجن هئو ڊاڪٽر لُلا! چنديرام، اسپتال پهچي ڪائونٽر تان ان لاءِ پڇا ڪئي ته جيئن ايڊميشن ٿي سگهي. خبر پيئي ته هو ڀرسان ئي گهر وڃي چڪو هئو. چنديرام، رسيپشن تان ان جي گهر جو نمبر وٺي ساڻس ڳالهايو ته اسين امرجنسيءَ ۾ پنهنجو ماڻهو هتي کڻي آيا آهيون. ڊاڪٽر لُلا به اهڙو ته نيڪ ماڻهو هئو، جو هن واپس رسيپشن وارن کي فون ڪندي اسان جي ايڊميشن به ڪرائي ڇڏي. هڪ دفعو ايڊميشن ٿي ته فٽافٽ جسلوڪ اسپتال جو اسٽاف دادا کي ايمبولنس مان لاهي ان مهل ئي سندس علاج ۾ لڳي ويو. هاڻ ته اُتي صرف هڪ ئي اٽينڊنٽ جي اجازت هئي. سو مان به چنديرام وارن سان گهر موٽي آيس. پوءِ ڪڏهن پرتاب کي فرصت ڏيڻ لاءِ آءٌ وڃي دادا گلابراءِ جو اٽينڊنٽ بڻبو هوس. پر هاڻ دادا اهڙي حالت ۾ هئو جو نه ته هو اسان کي ڏسي پئي سگهيو ۽ نه ڪجهه ڳالهائڻ جي ئي حالت ۾ هئو.
    دادا گلابراءِ وٽ جسلوڪ هاسپيٽل ۾ ويٺي به صرف پراڻيون ڳالهيون پئي ياد آيون. اڳ ڪيئن اسين لاڙڪاڻيِ مان هتي هندوستان گهمڻ ايندا هئاسين ته ڪجهه ڏينهن دادا گلابراءِ وٽ به رهندا هئاسين. اچانڪ مون کي کانئس غلط تجربو مليو! پوءِ وري منهنجي شاديءَ ۾ به دادا جو شريڪ ٿيڻ. لاڙڪاڻي مان گلابراءِ جي وڏي ڀاءُ پرڀداس جو هتي الهاس نگر ۾ اچڻ. هڪ ڀيري ٻيئي ڀائر پرڀداس ۽ گلابراءِ گڏجي اسان جي گهر اچي ماني کاڌي هئائون! اڄ مارچ 1981ع ۾ جڏهن دادا گلابراءِ هتي جسلوڪ هاسپيٽل ۾ سڪرات واري حالت ۾ هئو ته ان کان اڳ منهنجو الهاس نگر وارو ماسڙ هربخش راءِ ۽ سندس پٽ اندر لال پڻ سائينءَ کي پيارا ٿي چڪا هئا.
    دراصل اسين جسلوڪ هاسپيٽل ۾ دادا گلابراءِ کي جنهن حالت ۾ کڻي ويا هئاسين، تڏهن هنن لاءِ بچائڻ ئي مشڪل هئو. پوءِ به هنن ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر رب پاڪ جي ڪارسازيءَ اڳيان ڪجهه به نه ٿي سگهيو! جسلوڪ ۾ هڪ هفتو کن داخل هوندي به اسين دادا گلابراءِ کي ڪو نه بچائي سگهياسين. هندو روايتن موجب ان جي پنهنجي پٽ جي اولاد نه هئڻ جي صورت ۾ پرتاب، ان جو پٽ مهيش، مان ۽ اسان جو سؤٽ چنديرام ان جا ڪانڌي بيٺاسين. چنديرام، پرتاب ۽ منهنجي نالي ۾ دهليءَ لاءِ راڄڌاني ٽرين جي بوڪنگ ڪرائي ڏني. پرتاب ۽ مان دهليءَ مان بس ذريعي هردوار وڃي گنگا نديءَ جي ڪناري دادا گلابراءِ لاءِ پوڄا ڪرائي سندس گورو ان پوتر نديءَ ۾ پروان ڪرايو. اُتي ئي ٻلرام مهراج وٽ رکيل بنديءَ ۾ اسان جي والد صاحب بابا بختراءِ جي پڻ هٿ اکري ڏٺسين جڏهن پاڻ اُتي تيرٿ ياترا ڪرڻ آيا هئا.
    اسان کي 20 اپريل 1981ع تي آر ڪي تلريجا ڪاليج مان ٻه مهينا وئڪيشن ملي ۽ رب پاڪ جي ڪرم نوازيءَ سان ان ئي ڏينهن شام جو اسپتال ۾ سائينءَ جي مهر سان موکي پهرئين فرزند جي نعمت عطا ٿي. الهاس نگر ۾ برلا گروپ وارن جي فيڪٽري آهي، ”سينچري ٽيڪسٽائيل ملس“ ان سان گڏوگڏ هنن ”سينچري هاسپيٽل“ به کولي آهي، جتي هيما پنهنجي پهرئين ٻار کي جنم ڏنو. اسان وٽ روايت آهي ته ڇٺيءَ تي ئي ٻار جو نالو رکندا آهيون. ڇهين ڏينهن جڏهن ڇٺيءَ جي رسم پئي بجا آنديسين ته اسان جي برادريءَ وارا به آيل هئا. ادا پريم؛ ٻارڙي جو نالو رکيو ”ونود“! ” ونود ٻلديو مٽلاڻي“!
    منهنجي زندگيءَ ۾ ونود، اچڻ سان ئي ڀريا ڀاڳ کڻي آيو. جڏهن ونود ڄائو ته مون کي آر.ڪي.تلريجا ڪاليج مان ان ڏينهن ئي منجهند جو وئڪيشن ملي چڪي هئي. هاڻ الله پاڪ منهنجي حياتي جو هڪ نئون باب لکڻ وارو هئو. 20 اپريل تي اسان کي وئڪيشن ٻڌائي ويندي آهي ۽ وري ٻه مهينا پوءِ 20 جون تي ئي ڪلاسز هلڻ شروع ٿيندا هئا. ونود جو جنم ٿئي اڃا هڪ مهينو ئي مس ٿيو؛ ته هيرو شيوڪاڻيءَ مون کي پنهنجي گهر سڏ ڪري ٻڌايو ته جئه هند ڪاليج، بمبئيءَ وارن کي ڊگري ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر کپندو آهي؛ جو ان سان ئي ڊاڪٽر ارجن مير چنداڻي ”شاد“ اپريل ۾ جئه هند ڪاليج مان بامبي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ريڊر ٿي هليو ويو هئو. شيوڪاڻيءَ ٻڌايو ته جئه هند ڪاليج وارن پوسٽ ايڊورٽائيز ڪرائي هئي ۽ انٽرويو به ورتا هئائون پر کين ڪو گهربل شخص ڪو نه ملي سگهيو هئو. شيوڪاڻيءَ به ڳالهين ڪندي ارجن ”شاد“ کي چيو هئو ته اسان وٽ آر.ڪي. تلريجا ۾ سنڌ مان هڪ ڇوڪرو آيل آهي. هن شاد صاحب سان منهنجي ساراھ ڪيئي، ته شاد کيس مونکي ملڻ لاءِ نياپو ڏنو هئو. ان لاءِ هينئر شيوڪاڻيءَ، مونکي هڪ کليل چٺي پڻ شاد صاحب لاءِ لکي ڏني؛ جنهن ۾ لکيائين ته جيڪڏهن ان کي صحيح لڳي ته ڀل هو مون لاءِ جئه هند ڪاليج جو سوچي. مون کي جو کليل چٺي ملي ته سڀاويڪ پڙهي ورتي؛ پر چٺيءَ جو مواد ڪجهه عجيب پئي لڳو ته جيڪڏهن شاد کي صحيح لڳي ته مون بابت جئه هند ڪاليج جو سوچين!
    بهرحال آءٌ ته اول ئي جئه هند ڪاليج کان بيحد متاثر هوس؛ جو هيءُ ئي اهو ڪاليج هئو؛ جنهن جي مالڪن ڪراچيءَ ۾ 1886ع ۾ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج برپا ڪيو هئو ۽ لڏپلاڻ کانپوءِ بمبئيءَ ۾ پڻ انهن ئي سنڌين جو هيءُ پهريون ڪاليج کوليو هئو؛ جتي ڪڏهن ڪلياڻ آڏواڻي انگريزي ته رام پنجواڻي؛ سنڌيءَ لاءِ ڪم ڪري چڪا هئا. آءٌ چٺي کڻي چرچگيٽ جي ”بي“ روڊ تي يونيورسٽي ڪلب هائوس، ۾ سنڌي شعبي اندر ڊاڪٽر ارجن ”شاد“ صاحب سان اچي مليس. هن چٺي پڙهي ۽ مون سان ڳالهيون ڪندي ڪجهه متاثر به ٿيو. هن چيو ته آءٌ ڀرسان ئي ”اي“ روڊ تي جئه هند ڪاليج جي آفيس ۾ پاڻ لاءِ ليڪچرر جي درخواست ڏيئي وڃان. مان به ”اي“ روڊ تي اچي ڪاليج آفيس مان ئي هڪ خالي پنو وٺي هٿ اکري درخواست لکي کين ڏيئي ڇڏي.
    ڪجهه ڏينهن پوءِ جڏهن انـٽرويو ڪال آيو ته خبر پيئي ته آر.ڪي.تلريجا ڪاليج ۾ مون سان گڏ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر نارائڻ ”ڀارتي“ به انٽرويو ڏيڻ هلڻو هئو. مون ڀارتي صاحب کي چيو ته جيڪڏهن هو به اُتي وڃڻ ٿو چاهي ته پوءِ منهنجي لاءِ اهو ئي بهتر آهي ته آءُ انٽرويو تي ڪونه وڃان! پر ڀارتي صاحب ٻڌايو ته هن جو رام پنجواڻيءَ سان پيءُ- پٽ وارو رستو آهي؛ جيڪو کيس جئه هند ڪاليج اچڻ لاءِ زور ڀري رهيو هئو، پر هن جو چوڻ هئو ته هو جڏهن اڳ ئي آر.ڪي.تلريجا ڪاليج ۾ ڊگري ڪاليج ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ته پوءِ ڇو روز چار ڪلاڪ ٽرين جا زيان ڪري ساڳئي ئي پوسٽ تي بمبئيءَ وڃي ڪم ڪري! هن مون کي سڌوسنئون چيوته رام پنجواڻيءَ کي عزت ڏيڻ لاءِ انٽرويوءَ تي هلندو ضرور پر اُتي هلي کيس بمبئيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ جواب ڏيندو!
    دراصل جون 1978ع ۾ جڏهن آر.ڪي. تلريجا ڪاليج ۾ منهنجي يارهين ۽ ٻارهين درجي لاءِ جونيئر ڪاليج ٽيچر طور ڀرتي ٿي هئي ته ان مهل نارائڻ ڀارتي صاحب الهاس نگر جي ئي هڪ اسڪول ۾ ٽيچر هئو. پي ايڇ ڊي ٿيسز يونيورسٽيءَ ۾ جمع ڪرائي چڪو هئو، پر اڃا تائين کيس ڊاڪٽوريٽ ڪو نه ملي هئي. هيل تائين هن ايم. اي. (سنڌي) به ڪو نه ڪئي هئي، جو ان مهل هو جونيئر ڪاليج ٽيچر لاءِ اپلاءِ به ڪري سگهي. پوءِ منهنجي نوڪريءَ کي اڃا پنج ڇهه مهينا مس گذريا ته نارائڻ ڀارتيءَ کي ڊاڪٽوريٽ ملي ويئي؛ جيڪا هن اسپيشل ڪيس ۾ بي. اي. کانپوءِ سڌو سنئون رام پنجواڻيءَ جي راهنمائيءَ ۾ ڪئي هئي. پوءِ وري آر. ڪي. تلريجا ڪاليج ۾ ڊگري ڪاليج لاءِ پڻ هيرو شيوڪاڻيءَ کانسواءِ به سنڌي لاءِ هڪ ويڪئنسي نڪتي، ته نارائڻ ڀارتيءَ رام پنجواڻيءَ کان تلريجا ڪاليج جي ٽرسٽي، سيٺ جهامنداس کي چوارائي اُتي ئي ڊگري ڪاليج ۾ پنهنجي اپوائنٽمينٽ ڪرائي ورتي. پر جيئن ته ڊگري ڪاليج ليڪچرر لاءِ بنيادي لياقت ايم. اي. (سنڌي) کپندي هئي ته هن عارضي ليڪچرر ٿيڻ کانپوءِ ئي بامبي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ايم. اي. لاءِ داخلا وٺي ڇڏي. 1980 ۾ ايم. اي. ڪري آيو هئو، نه ته ٻين صورت ۾ ايم. اي. نه هئڻ جي صورت ۾ سندس آر.ڪي.تلريجا واري نوڪري به پڪي ڪو نه ٿي سگهي ها!
    آخر جئه هند ڪاليج ۾ جڏهن آءٌ انٽرويو ڏيڻ ويس ته اُتي مون کان اڳ ئي ڪيترا ٻيا اميدوار به بيٺا هئا. هڪ هئو سنڌ ماڊل هاءِ اسڪول جو پرنسپال ڄيٺانند؛ جيڪو ايم. اي. (سنڌي) ڪيل هئو ۽ ليڪچرر ٿيڻ جو خواهان هئو، هڪ هئو داس طالب؛ جنهن جئه هند ڪاليج مان ئي ڪڏهن بي. اي. ڪرڻ ۾ ڏهاڪو سال کن لڳايا هئا؛ پر هو ڊرامه جي ميدان ۾ شاگرديءَ واري دور ۾ هڪ مشهور ڊائريڪٽر هوندو هئو ۽ اُتي ڪڏهن بلراج دت پڻ هن جي ڊائريڪشن ۾ ڪيترائي ڊراما ڪيا هئا. اهو بلراج دت ئي اڳتي هلي، فلم اسٽار سنيل دت ٿي مشهور ٿيو هئو. هتي هندوستان ۾ ڪڏهن خود رام پنجواڻي به بي اي جي لياقت تي ليڪچرر بڻيو هئو ته هاڻ داس طالب به ڪوشش پئي ڪئي ته ڊراما صلاحيتن جي مدنظر کيس ليڪچرر ڪري کنيو وڃي انهن کانسواءِ به ٻيا ڪيترائي اميدوار هئا. الهاس نگر مان نارائڻ ڀارتي ۽ مون کانسواءِ ٻه کن ٻيا به اميدوار آيل هئا.
    انٽرويو هلندو ٻيا ته جلد ئي ٻاهر پئي نڪتا؛ پر جڏهن نارائڻ ڀارتيءَ کي سڏ ٿيو ته هو ڪيتري ئي وقت کان پوءِ ٻاهر نڪتو. جنهن کان هڪدم پوءِ مون کي گهرايو ويو. آءٌ پرنسپال آفيس ۾ اندر داخل ٿيس ته سامهون پرنسپال جي ڪرسيءَ تي ٽي. جي. خوبچنداڻي صاحب ويٺو هئو؛ ان جي هڪ پاسي مئنجيمينٽ جو هڪ ميمبر جسٽس ڊيسائي ۽ رام پنجواڻي هئا، ته ٻئين پاسي ڊاڪٽر ارجن شاد هئا. آءٌ ساڻن سلام دعا ڪري اميدوار جي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺس. ٽي. جي خوبچنداڻي صاحب ڪجهه جنرل سوال پڇيا؛ جنهن بعد رام پنجواڻيءَ سنڌي ادب بابت ڪجهه سوال پڇيا. هڪ حسين اتفاق هئو جو هنن جيڪي ڪجهه به پڇيو. سو ڀڀ مون کي آيو پئي. ڊاڪٽر شاد چيو ، ته توکي هندوستان جو ڪهڙو سنڌي شاعر وڻندو آهي. منهنجي زبان مان پنهنجو پاڻيهي نڪري ويو، ته اوهان پاڻ ئي بهترين شاعر آهيو، مون سندس هڪ شعر چئي ٻڌايو.

    سهڻيءَ جي جتي همت ٿي رهي
    مارئيءَ جي جتي غيرت ٿي رهي
    سنڌڙيءَ کي ڀُلائي ڪين سگهان!

    ڊاڪٽر شاد ته پنهنجو شعر ٻڌي خوش ٿي ويو. رام پنجواڻيءَ سنڌ جي بهترين سنڌي شاعر بابت پڇيو ته مون شيخ اياز جو نالو کنيو؛ وري جڏهن ان جي مجموعي مضمون بابت پڇيو ويو ته مون سندس وطن پرستيءَ بابت چوندي هيءُ شعر ٻڌايو:

    جاڳ ڀٽائي گهوٽ توکي سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري
    مرن پيون مارئيون قابو آهن ڪوٽ
    اچ تنهنجي اوٽ ڏاڍن کي ڏاري وجهون!

    پرنسپال ٽي.جي.خوبچنداڻي صاحب مون کان سنڌ جي وابستگيءَ بابت پڇيو ته مون فٽا فٽ انتهائي تعظيم مان لاڙڪاڻي بابت ٻڌايو. ” لاڙڪاڻو“ ٻڌي ٽي.جي. صاحب کان رڙ نڪري ويئي! پنجواڻيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ته ”بابا! هيءُ اچي ويو توهان جو لاڙڪاڻائي!” دراصل ڳالهه ڇا هئي جو 1948ع ۾ جڏهن کان جئه هند ڪاليج جو پايو وڌو ويو هئو، ته رام پنجواڻي اُتي سنڌيءَ جو پهريون هيڊ بڻيو هئو؛ بعد ۾ هن جي رٽائرمينٽ کانپوءِ ڊاڪٽر ارجن مير چنداڻي”شاد“؛ اهو به لاڙڪاڻائي؛ هاڻ جڏهن مون کان به لاڙڪاڻي جو ٻڌائون ۽ انٽرويو به سٺو پئي ٿيو ته هنن کي ڄڻ پڪ ٿي ويئي ته سندن چونڊ هاڻ پنهنجي منزل کي پهچي چڪي هئي.

    انٽرويو ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻاهر آيس ته ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيءَ ٻڌايو ته رام پنجواڻيءَ جئه هند ۾ اچڻ لاءِ مٿس ڏاڍو زور وجهي رهيو هئو؛ پر هو کين جواب ڏيئي آيو آهي. اتفاق ته اهو هئو جو خود نارائڻ ڀارتي به ”قمبر“ جي ناتي لاڙڪاڻي ضلعي سان ئي وابسته هئو. بعد ۾ جيئن ئي اسان الهاس نگر وارن سمورن اميدوارن جا انٽرويو پورا ٿيا؛ ته اسين ڪاليج مان ٻاهر نڪري سينٽرل ريلوي جي لوڪل ريلوي اسٽيشن بمبئي وڪٽوريا ٽرمينس لاءِ پنڌ ئي پنڌ اڃا ”چرچگيٽ“ اسٽيشن تي مس پهتاسين؛ جيڪا ٽپي اسان کي ”وي. ٽي.“ وڃڻو هئو ته پٺيان جئه هند ڪاليج جو هڪ پٽيوالو ڊوڙندو آيو؛ جنهن اچي اسان کان پڇيو ته اسان مان مٽلاڻي ڪير آهي؛ ان کي آفيس ۾ گهرايو اٿائون. اسين وري سڀ ڪاليج موٽي آياسين. آءٌ جيئن ئي پرنسپال آفيس جو دروازو کولي ٻيهر اندر گهڙيس ته اندريان همراھ به سڀ اٿيا ئي بيٺا هئا ۽ ٻاهر نڪرڻا هئا. منهنجي گهڙندي ئي رام پنجواڻيءَ مون کي خوشخبري ٻڌائيندي چيو، ته ” نوجوان! اسان تنهنجي سليڪشن ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻ توکي سڏ ڪري اهو ان لاءِ ٻڌائي رهيا آهيون ته ڀل تون گهر وڃي پنهنجي گهر وارن کي پڻ اها خوشخبري ٻڌاءِ“ اهو سڀ ٻڌي ڪجهه لمحن لاءِ مان ته ڄڻ سن ٿي ويس. پوءِ يڪدم هوش سنڀالي انهن تمام معزز هستين جي شڪر گذاري بجا آندي جن مون کان انٽرويو ورتو هئو ۽ هاڻ مون کي اُتي جو اُتي ئي ايڏي وڏي خوشخبري ٻڌائي رهيا هئا! هڪ اهم ڳالهه ته اها هئي بمبئيءَ ۾ جئين ته انگريزي ٻوليءَ جو وڌيڪ واهپو آهي ته اهو سمورو انٽرويو به مون کان انگريزيءَ ۾ ئي ورتو ويو هئو ۽ الله پناھ ڏئي مون الائي ڇا ڳالهايو هوندو، پر مڙيو ئي ڪم ڪڍي ويو هوس!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 18 آڪٽوبر 2015
    ___
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 30

    شِوَنُ ته اڳُ ئي اڌ مئو ڪري چڪو هئو!

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي


    جئه هند ڪاليج، بمبئي ۾ ليڪچرر شپ جو انٽرويو ڏيڻ ۽ ان کان ترت ئي پوءِ پنهنجي سليڪشن جي خبر ملڻ کانپوءِ آءٌ بي انتها خوشيءَ ۾ گهر موٽيس. امڙ ۽ ادا پريم جا پير ڇهي سندس آشيرواد ورتي جو هينئر چند ئي ڏينهن ۾ منهنجي زندگيءَ جو هڪ نئون موڙ شروع ٿيڻ وارو هئو. منهنجي زندگيءَ ۾ فرزند ونود جي آمد مون لاءِ زبردست نيڪ فال ثابت ٿي هئي. 20 اپريل 1981ع تي آر ڪي تلريجا ڪاليج منجهند تائين اٽينڊ وئڪيشن ملڻ کانپوءِ شام جو ونود جي ولادت ٿي هئي، جنهن کانپوءِ سائينءَ جي مهر سان وري مونکي آر.ڪي. تلريجا ڪاليج ۾ نوڪري ڪرڻ وڃڻو ئي ڪو نه هئو. مونکي نه صرف بمبئيءَ جو بهترين ڪاليج ملي رهيو هئو؛ پر تلريجا ڪاليج ۾ آءٌ جونيئر ڪاليج ۾ ٽيچر هوس ته جئه هند ڪاليج ۾ ڊگري ڪاليج ليڪچرر شپ جي اپوائنمينٽ ملي رهي هئي!
    رب پاڪ جي ڪائنات جو به عجيب نظام آهي؛ هاڻ هندوستان جي خوبصورت شهر بمبئيءَ جي هڪ بهترين درسگاه ۾ ڊگري ڪاليج جو ليڪچرر ٿي رهيو هوس ۽ ڪڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ رهندي بي اي پاس ڪرڻ لاءِ به ڳيتون ڏيڻو پيون هيون! 1970ع دوران دراصل آءٌ ڪامرس ڪاليج، لاڙڪاڻي جو شاگرد هوس؛ جتي شام جو وڃي ڪلاس اٽينڊ ڪرڻا پوندا هئا. آءٌ اتي ئي سائين غلام حسين جوڻيجو ”فقير صاحب“ جو شاگرد بڻيو هوس؛ جنهن سنڌيءَ جي دنيا ۾ مونکي وک وک تي راهنمائي بخشي هئي. ڪاليج ته ڪاليج، پر آءٌ ته پاڙيسري هئڻ ناتي گهڻي ئي ڀيرا سندس گهر به وڃي کيس تڪليف ڏيندو هوس. ڪيترا ڀيرا ته سائين فقير صاحب ماني کائيندي چوندو هئو ته تون پڙھ ته مان ان جي سمجهاڻي ڏيندو ٿو وڃان! ائين 1970ع ۾ موجود بي اي جو پهريون سال پورو ڪيو ته دل چاهيو ته ڊگري ڪاليج، لاڙڪاڻي مان ريگيولر شاگرد طور بي اي جي ڊگري وٺجي ته اهو پڻ هڪ بهترين تجربو ٿيندو. ان سان گڏوگڏ اهم ڳالهه اها به هئي ته مون سنڌيءَ جي مشهور اديب ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب کان پڻ ڪجهه پرائڻ پئي چاهيو. هن سان نجي واقفيت ته گهڻي وقت کان لارڪاڻي جي ”ادبي ڪچهري“ دوران ٿيندي رهندي هئي پر هاڻ آءٌ سندس طالب علم ٿي ڪجهه سکڻ پئي چاهيو. ان لاءِ آءٌ ڪامرس ڪاليج مان ٽرانسفر سرٽيفڪيٽ ڪڍارائي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، لاڙڪاڻه ۾ وڃي داخلا ورتي. تڏهن اُتان جو ماحول ڪجهه وڌيڪ ئي فارمل هئو. پرنسپال طرفان سمورن ليڪچررس لاءِ ليڪچر وٺڻ مهل ڪارو گائون پائڻ ضروري هئو. اهڙي فارملٽي به گهڻو ئي ڪجهه سيکاري ويندي آهي.
    سائين ولي محمد ڀٽي، ”انگلش“ پڙهائيندو هئو، ايڪانامڪس لاءِ ڪراچيءَ مان هڪ مهاجر آيل هئو؛ جيڪو گهران محنت ڪري نوٽس کڻي ايندو هئو ۽ ڪلاس ۾ اسان کي نوٽس لکارائيندو هو. ” سنڌي لازمي“ ۽ ”سنڌي اليڪٽو“ اهي ٻيئي پيپر ڊاڪٽر سنديلو صاحب پاڻ وٺندو هئو. ”سنڌي لازمي“ وارو ڪلاس ته پورو ڀريل هوندو هئو. سنديلو صاحب جيترو علم ۾ بلند پايه عالم هو. اوترو ئي هن جي فطرت ۾ ٿوري مزاح به هوندي هئي. ڪڏهن ته شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ”سر مارئي“ پڙهائيندي پهرين شعر سان وابسته صحيح معنيٰ ٻڌائيندو هئو پوءِ مزاح خاطر مارئيءَ جي حوالي ۾ عمر لاءِ چوندو هئو ته ”پگهر ڪڍي ڇڏيائينس!“
    هڪ ڀيري ڊاڪٽر سنديلي صاحب، خليفو گل محمد ”گل“ جي غزل گو شاعريءَ تي نوٽ لکايو ۽ ٻئين ڏينهن اچڻ سان اسان مان ئي پٺئين بينچ تي ويٺل هڪ شاگرد کي ڪالهه وارو نوٽ پڙهڻ لاءِ چيائين. اهو همراھ به ڪو اهڙو ته منجهيل هئو؛ جو ڪالهه نوٽ ته لکيو هئائين؛ پر سمجهيو ڪجهه به ڪونه هئائين. اهڙي صورت ۾ پڙهڻ لڳو:
    ”خليفو گل محمد صاحب؛ ديوان هئو.“
    سائين سنديلي صاحب کان رڙ نڪري ويئي: ” اڙي خليفي گل محمد کي به واڻيو ڪري ڇڏيئه!“ ڇوڪرو چوي، ” سائين! ڪالهه اوهان ئي ته لکارايو آهي؛ مان ته صرف پڙهان پيو!“ دراصل سنديلي صاحب لکايو هئو: ”صاحبِ ديوان“ ته شاگرد وري ”صاحب“ کان پوءِ ٿورو ترسي چئي رهيو هئو : ” ديوان هئو! “ ته سموري معنيٰ ئي بدلجي پئي ويئي!
    سائين ولي محمد ڀٽي صاحب، انگريزي پڙهائيندي پڻ نوٽس لکارائيندو هئو. ان جي نوٽس لکارائڻ توڙي سمجهائڻ جو انداز بيحد ساڌارڻ هوندو هئو. مونکي ان جي ٻولي ڏاڍي وڻندي هئي. اهو ئي سبب آهي؛ جو هن جا ڪجهه نوٽس اڄ تائين به مونکي برزبان ياد آهن. هيڪر اڳتي هلي ”رامسي موويز“ طرفان ” زي هارر شو“ جي جئه هند ڪاليج، بمبئيءَ ۾ شوٽنگ پئي ڪئيسين؛ ته هدايتڪار شيام رامسي؛ پروفيسر جي رول لاءِ منهنجي چونڊ ڪندي فل سوٽ پارايو ۽ ڪلاس روم ۾ ليڪچر وٺڻ لاءِ چيو. دراصل ان ليڪچر جا ڊائلاگ هن وٽ لکيل ئي ڪو نه هئا. هن کي جو خبر هئي ته آءٌ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهيان ته هن مونکي ڪجهه به پڙهائڻ لاءِ چيو. تڏهن مونکي پنجويهه سالن کانپوءِ 1970ع دوران پڙهايل ولي محمد ڀٽي جا انگريزيءَ وارا لکايل نوٽس ڪم اچي ويا ۽ مون وليم بليڪ جي پوئٽري جي شان ۾ سندس لکيل ڊائلاگس دُهرايا؛ ته شوٽنگ تي موجود سڀيئي اسٽاف ميمبر پڻ خوش ٿي ويا، ته واھ جو ليڪچر ورتو اٿائين! دراصل ڪو وڏو ليڪچر به ڪو نه هئو. مونکي صرف ڀٽي صاحب جي لکايل وليم بليڪ جي تعارف ۾ پهرين پئرائي اڃا تائين ياد هئي، جيڪا ڪم اچي ويئي.
    بي.اي.فائنل لاءِ ”سنڌي اليڪٽو“ ۾ جيئن ته آءٌ اڪيلو ئي شاگرد هوس؛ اهڙي صورت ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب جي مون سان چڱي ويجهڙائپ ٿي ويئي هئي. هن مونکي تحقيق جي ميدان ۾ اُسرڻ لاءِ چيو ته ڪيترا بزرگ شاعر گمنائيءَ ۾ گم ٿيندي پنهنجو سمورو ادبي خزانو پاڻ سان گڏ کنيو وڃن ٿا. ان لاءِ هن جي اُڪسائڻ تي آءٌ پنهنجي ئي پاڙي ۾ ويڙهي ۾ وڃي هڪ بزرگ جو ڪيترو ئي شعر؛ طور ”سينگار“وارا ڪلام لکي گڏ ڪيا؛ جيڪي مون امانت باسلامت سائين سنديلي صاحب کي ڏنا ته ڀل هو پنهنجي مرضيءَ سان انهن کي سوڌي ميدانِ ادب تي ظهور پذير ڪري. بعد ۾ سنديلو صاحب ان شعريه خزاني کان ايترو ته متاثر ٿيو؛ جو هڪ ڏينهن هن پاڻ مون سان گڏ ان جي گهر هلي ساڻس ملاقات به ڪيئي.
    ڊاڪٽر سنديلو صاحب، مونکي پروف ريدنگ سمجهائڻ لاءِ هڪ ڏينهن قائم شاھ بخاريءَ جي درگاھ جي ڀر ۾ مشهور ڪميونسٽ ۽ مدبر جمال الدين بخاريءَ جي پريس ۾ وٺي هليو. هن کيس چيو؛ ته ”هاڻ هيءُ نوجوان منهنجي ڪتاب جا پروف چيڪ ڪندو. انهن ڏينهن ۾ هن جو ڪتاب ” ساميءَ سنديون سڀوڻ“ جو پهريون ڇاپو شايع ٿي رهيو هئو، پر پوءِ خبر ناهي ڇو تڏهن آءٌ پروف ريڊنگ وارو ڪم سچ پچ شروع ڪو نه ڪري سگهيو هوس.
    آءٌ ڪاليج ۾ پڙهائيءَ ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏيڻ لڳس، ته ڪو گهڻو هوشيار نه هوندي به پنهنجي هم ڪلاسين ۾ چڱو ئي پسند ڪيو ويندو هوس. انهن ڏينهن ۾ مون وٽ پڙهائيءَ جو سمورو مواد تيار هوندو هئو؛ ڪجهه نوٽس ته ٽيچر لکرايا هئا ۽ ڪجهه مون پاڻ تيار ڪيا هئا. تڏهن هڪ هم ڪلاسي جيڪو شايد جيلس بازار واري پاسي کان سائيڪل تي ڪاليج ايندو هئو؛ ان ڪجهه رعب رکندي مون کان اُهي نوٽس گهريا. اُهو ڇوڪرو اسان وٽ ڪاليج ۾ ريگيولر به ڪو نه ايندو هئو؛ ان لاءِ خبر ناهي مون هن کي ڇا چيو هئو! هڪ ڏينهن آءٌ ڪاليج اٽينڊ ڪري پنڌ ئي پنڌ گهر موٽي رهيو هوس؛ ته هو سائيڪل تي ايندي مونکي گڏجي ويو. جيتوڻيڪ ڪو هن جو قد ڪاٺ به ڪو بهادرن وارو ڪو نه هئو ۽ تقريبن مون جهڙو ئي هئو؛ پر اسانجي اوسر جيئن ته ننڍي هوندي کان ئي ڏڪندي ٿي آهي؛ ان لاءِ هن بنا سبب جي مونکي بي گناھ چماٽ وهائي ڪڍي. اها منهنجي بزدلي هئي؛ ڊرپوڪ هوس يا خوفزده هوس؛ جو صرف خاموش ئي رهيس ۽ هوءَ همراه رعب سان پنهنجي سائيڪل تي چڙهي اڳيان وڌي ويو.
    1971ع جي وئڪيشن وارن ڏينهن ۾ ادا پريم پنهنجي دوستن شِوَنُ هرجاڻي، نارائڻ گرباڻي ۽ الاهي بخش عباسيءَ سان گهمڻ وڃڻو هئو، سو هو مونکي به پاڻ سان وٺي هليو. اسين پهرين پهرين لائلپور آياسين؛ جتان جي ايگريڪلچر يونيورسٽيءَ مان شِوَنُ هرجاڻيءَ هڪ سال جو ٽيچرس ٽريننگ ڪورس ڪري چڪو هئو. اُتي هن کي آفيس مان ڪو ڊاڪيومينٽ کپندو هئو. اُتي هلي شِوَنُ پنهنجي وابسته آفيس ۾ اهو ڪم به ڪيو ته اسين ٻه ڏينهن کن هوٽل ۾ رهي لائلپور شهر به ڏٺوسين؛ ڏاڍي ساوڪ ۽ سبزه زاري هئي.
    لائلپور شهر تي اهو نالو 1904ع دوران پنجاب جي ليفٽيننٽ گورنر، سر جيمس لائل کي تقويت ڏيڻ لاءِ سندس نالي پٺيان رکيو ويو هئو؛ جنهن کي پوءِ وري ويهين صديءَ جي اٺين ڏهاڪي ۾ سعودي عرب جي بادشاھ، شاھ فيصل جي نالي سان وابستگي رکندي فيصل آباد چيو ويو. زراعت جي ميدان ۾ هن شهر جي ڏاڍي وڏي اهميت آهي؛ جو اُتي ڪڻڪ ۽ ڪپهه جي ڏاڍي سٺي پوک ڪئي ويندي اهي. ورهاڱي کانپوءِ پاور لومز سان گڏوگڏ ڪيميڪل پلانٽ جي ميدان ۾ پڻ هن شهر کي ڏاڍي وڏي اهميت ڏني ويئي. پاڪستان مان روانگي ٿيندڙ ڪپڙي جو تقريبن 70 سيڪڙو مال لائلپور ۾ ئي تيار ٿيندڙ آهي.
    هڪ ان شهر ۾ تعليم جون ڪيتريون ئي سهوليتون ميسر ڪرايل آهن. ايگريڪلچرل/ انجنيئرنگ يونيورسٽي کانسواءِ پنجاب ميڊيڪل ڪاليج، فيصل آباد يونيورسٽي، نيشنل پوليٽيڪل ڪاليج ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف بايو ٽيڪنالاجي اينڊ جينيٽڪ انجنيئرنگ، وغيره، گهنٽا گهر هن شهر جو لينڊ مارڪ آهي؛ گهنٽا گهر وٽان نڪرندڙ اٺ رستا، برطانيا جي جهنڊي ۽ يونين جيڪ جو نقشو چٽيندا آهن جنهن جي ئي ڀر واري هڪ هوٽل ۾ اسين رهيل هئاسين.
    ايندڙ ڏينهن تي اسين ٽرين ذريعي ٻن ڪلاڪن جو سفر ڪري لاهور آياسين. شِوَنُ به لڪير جي فقير جيان اڳ واري انارڪلي بازار جي منڍ ۾ جنهن هوٽل ۾ رهي ويو هئو؛ سڌو ئي اوڏانهن وٺي هليو. روم وٺي وهنجي سهنجي تيار ٿياسين؛ تيسين سج به لهي چڪو هئو. اسين انارڪلي پٺيان مال روڊ تي ”واپڊا هائوس“ جي اڳيان ”انٽر ڪانٽينيٽل هوٽل“ گهمڻ لاءِ اُتي وڃي ريسٽارنٽ ۾ چانهن پيتي سين.
    لاهور شهر لاءِ چيو ويندو آهي ته هندو ڌرم واري شري رامچندر جي ٻن پٽن ”لوُ“ ۽ ”ڪش“ مان پهرئين فرزند ” لو “ جي نالي پٺيان ٻين عيسيوي صديءَ دوران اڏايل آهي. 982ع دوران لاهور تاريخ بابت هڪ تاريخ لکي ويئي ” حدود عالم“ جنهن کي ولادمير فيڊورويوڪ يونيورسٽيءَ طرفان 1927ع ۾ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو؛ ان ۾ ڄاڻايل آهي ته هيءُ دراصل هڪ ننڍو شهر هئو جتي ڪجهه مندر ۽ ڪجهه مارڪيٽ هوندا هئا.
    هتي راجپوت شهزادا رهندا هئا. 630ع ۾ چين جي هڪ سياح، هيان سانگ پنجاب جو دورو ڪيو تڏهن هيءُ شهر چڱي اوج تي هئو ۽ مجموعي طور هزارين برهمڻ خاندان اُتي آباد ٿيل هئا.وقت گذرندي سماج جا مختلف گروھ پنهنجي ڪرت ڪار سان وابستگي رکندي ورهائيا ويا. ان ئي ڪاروان ۾ اتان جا ماڻهو کتري بادشاھ ” لو“ جي پويان ”لونم“ سڏجڻ ۾ آيا جيڪي پوءِ” لونم“ ۽ بعد ۾ ” لواڻا“ ، ”لوھ راڻا ۽ آخر لوهاڻا سڏڻ ۾ آيا. لاهور، يارهين عيسيوي صديءَ تائين هندو راجائن جي گاديءَ جو هنڌ رهندو آيو. بعد ۾ محمود غزنويءَ اُتي فتح پاتي ۽ سورهين صديءَ ۾ مغل شهنشائيت جي هٿ هيٺ آيو. هي شهر 1802ع کان 1849ع تائين سک شهنشائيت لاءِ گاديءَ جو هنڌ رهيو. بعد ۾ برطانوي حڪومت دوران اهو شهر پنجاب جي گادي طور پڻ استعمال ٿيندو رهيو. لاهور ، مغليه اڏاوت لاءِ نه مشهور آهي، جيئن ته بادشاهي مسجد، لاهور قلعو، شاليمار باغ، نورجهان ۽ جهانگير جو مقبرو وغيره. برطانوي دور ۾ اُتي ڪنگ ايڊورڊ“ نالي ميڊيڪل ڪاليج پڻ برپا ڪيو ويو؛ جنهن کي پوءِ ” ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽي“ جو درجو به ڏنو ويو. پاڪستان جي قائم ٿيڻ کانپوءِ ڪتابن جي ڇاپخانن واري ميدان ۾ پڻ هن شهر جو 80 سيڪڙو حصو رهيو آهي. هتي مختلف مذهبن جا مندر، گرجا گهر، مسجدون ۽ صوفي درويشن جا روضا مبارڪ؛ جيئن ته حضرت داتا گنج بخش وغيره واقع آهن. هن شهر کي پاڪستان جي سياحت ۾ ٽيڪسيلا کانپوءِ ٻئين نمبر جي حيثيت پڻ عطا ٿيل آهي.
    اسين لاهور ۾ ٻئين ڏينهن تي لاهور قلعو، ان جي سامهون بادشاهي مسجد ۽ ان جي ڀر ۾ علامه اقبال جي مزار ۽ حضرت داتا گنج بخش جي درگاھ ڏسندي شِوَنُ سان گڏ پنڌ ئي پنڌ هڪ وڏو چڪر ڏيئي جڏهن ٿڪجي پياسين؛ ته شِوَنُ کي هاڻ واپس هوٽل تي هلڻ لاءِ چيوسين. ڇو ته سڀ جو سڀ ڄڻا اصل ساڻا ٿي چڪا هئاسين. شِوَنُ به الائي ڪاڏي اڃا به اڳيان پئي هلندو هليو. پوءِ ته اصل واپس موٽڻ جي سوچيون ئي پيا؛ جو هڪ هنڌ ساڄي هٿ تي مڙندي ڏٺوسين ته پنهنجي هوٽل جي ڀرسان پهچي چڪا هئاسين. سڀني الله جا لک شڪرانا مڃيا؛ نه ته شِوَنُ ته اڳيئي اڌ مئو ڪري چڪو هئو. دراصل ڏوھ شِوَنُ جو به ڪونه هئو. هو به گذريل سال لائلپور ۾ پڙهندي صرف چند ڪلاڪن لاءِ ڪاليج جي شاگردن سان گڏجي هتان پڪنڪ ڪري ويو هئو؛ ۽ ڪا وڌيڪ ڄاڻ ته هن کي به ڪونه هئي! هيءُ ته اسان کڻي ان کي اڳيان پيا رکون ته بابا تون پنجاب مان پڙهي ويوآهين؛ توکي هتان جي سڀني رستن جي خبر هوندي!
    اسان رات جو ٽرين ذريعي ’راولپنڊي ‘ ريلوي اسٽيشن تي پهتاسين. اسٽيشن ٻاهران 10 منٽ کن پنڌ جي مفاصلي تي ئي هڪ هوٽل هئي، جتي اچي ڪمرو وٺي وهنجي سهنجي تيار ٿياسين. هيل تائين اسين راولپنڊيءَ جو ڏاڍو نالو ٻڌو هئوسين. اڄ پهريون دفعو راولپنڊيءَ کي پنهنجي اکين سامهون ڏسي رهيا هئاسين. سنڌوندي ۽ جهلم نديءَ جي وچ ۾ اڏيل هيءُ شهر اصل ۾ ناگا قبيلي سان وابسته آهي؛ جن کي ”تڪشڪا“ سڏيو ويندو هئو ۽ يونانين ان کي ”ٽيڪسيلا“ ڪري چيو، 331 ق م دوران سڪندر اعظم جي آمد مهل چيو وڃي ٿو ته هي هڪ ترقي پذير شهر هئو. 195 ق.م. ۾ ڊيمٽيريسن جي حملي مهل پنجاب کي گريشو-بيڪٽرين بادشاهت جو حصو بڻايو ويو. جنهن بعد اُتي ساڪا آيا، جن ٽيڪسيلا ۾ ’سترپ‘ جي نالي سان راڄ ڪيو. هيان سيانگ سياح جي اچڻ مهل هيءُ شهر ڪشمير جي ماتحت اچي چڪو هئو.
    راولپنڊي ضلعي جو پايو برطانوي حڪومت دوران وڌو ويو. 1904ع ۾ اٽڪ کي الڳ ضلعي جو درجو ڏنو ويو. ورهاڱي کانپوءِ هتان جا سمورا هندو ۽ سک هندوستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا ۽ هندوستان مان آيل پنجابي ماڻهن کي هتي ورسايو ويو هئو. اسين پهرئين ڏينهن راولپنڊيءَ ۾ جهلم روڊ تي ” ايوب نيشنل پارڪ“ ڏسڻ وياسين. اهو باغ اصل ۾ ”ٽوپي راک پارڪ“ هوندو هئو؛ جتي صدر ايوب وارن ڏينهن ۾ ڪجهه ٿورو گهڻو ڪم ڪرائيندي ان جو نالو ” ايوب نيشنل پارڪ“ ڪري رکيو ويو هو. هيءُ باغ راولپنڊيءَ واري ”ايوان صدر“ جي ڀر ۾ ئي 2300 ايڪڙن جي هڪ وڏي زمين تي واقع آهي. ان باغيچي اندر راندين جا ميدان آهن؛ هڪ ڍنڍ ٺاهيل آهي جتي بوٽنگ پڻ ڪري سگهبي آهي، هڪ مڇين جو اڪئيريم آهي؛ ريسٽارنٽ ۽ اوپن ايئر ٿيئٽر آهي. جيئن ته اهو باغ ڏاڍي وسيع ايراضيءَ تي واقع هئو؛ سو اسين ٿورو ئي گهمي ٻاهر نڪري آياسين ۽ هڪ ٽيڪسي ڪري ”راول ڊيم“ گهمڻ وياسين.
    راول ڊيم کي 1962ع ۾ تعمير ڪرايو ويو هئو؛ جيڪا پاڪستان جي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ واقع آهي. بنيادي طور هيءَ هڪ مصنوعي رزروائر مٿان اڏيل آهي، جنهن جو اهم مقصد راولپنڊي. اسلام آباد کي پاڻيءَ جي فراهمي ڪرڻ آهي. ان سان گڏوگڏ ان ذريعي ڀر وارين ايراضين ۾ پوک وارين زمينن کي آبپاشيءَ لاءِ پڻ پاڻي مهيا ڪرايو ويندو آهي. هن ڊيم جي ٻنهي طرفن کان ٻه مختلف خوبصورت باغ تعمير ڪرايل آهن. ڪوھ مريءَ واري طرف ”ليڪ ويو پارڪ“ آهي، جتي شام جو ڪيترائي سياح ايندا آهن جو هتان سج جي لهڻ وارو نظارو بيحد خوبصورت نموني نظر ايندو آهي. ان باغيچي اندر هندو مذهب جو هڪ پراچين مندر پڻ اڄ سوڌو قائم آهي، ته ان جي ٿوروئي ڀر ۾ هڪ شاهي مينار واري مسجد پڻ اڏيل آهي.

    عوامي آواز سنڊي ميگزين پهرين نومبر 2015
    ___
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 31

    ڪڏهن ڪڏهن شينهن ۽ سفيد هرڻ به گهمندي نظر ايندا آهن!

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي


    راولپنڊيءَ ۾ ”ايوب نيشنل پارڪ“ ۽ ”راول ڊيم“ گهمڻ کانپوءِ ٻئين ڏينهن صبح جو ئي اسين ڪو ھ مريءَ ڏانهن بس ذريعي روانا ٿياسين. ڪو ھ مري هل اسٽيشن، جيتوڻيڪ اسلام آباد کان صرف 58-ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي، پر اسلام آباد کان شروع ٿيندڙ پهاڙي سلسلي وارن ور وڪڙ رستن تي بس مٿي چڙهندي پنهنجي رفتار ايترو ته گهٽائي ڇڏي ٿي جو صرف اٺونجاھ ڪلوميٽر طئه ڪرڻ ۾ ٽي ڪلاڪ لڳيو وڃن.
    سر هينري لارنس، مري شهر واري اها پوائنٽ 1850ع ۾ ڳولي لڌي هئي؛ جيڪو ان مهل پنجاب ايڊمنسٽريٽو بورڊ جو پريزيڊنٽ هئو. هيءُ شهر 1876ع تائين پنجاب لوڪل گورنميٽ جو هيڊ ڪوارٽر ٿي رهيو؛ جنهن بعد اهو هيڊ ڪوارٽر شمله ڏانهن منتقل ڪيو ويو. مري، سمنڊ جي سطح کان 7516 فوٽ اوچائيءَ تي آهي؛ جنهن جي اوڀر ۾ جهلم ندي کيس ڪشمير کان الڳ ٿي ڪري ته اتر ۾ ايبٽ آباد ۽ اتر اولهه ۾ پاڪستان جو موجوده گاديءَ وارو هنڌ اسلام آباد آهي. مريءَ جي لڳو لڳ سرحد صوبي جو اتر-اولهه وارو حصو اچي ٿو؛ جنهن ۾ نٿيا گلي، ايوبيا، خانسپور، ڊنگا گلي، خيرا گلي ۽ چانگلا گلي اچي وڃن ٿا.
    ”مري“ نالي لاءِ ڪيترن جو چوڻ آهي، ته اُهو ”مدر ميري“ جي نالي سان منسوب آهي. ان شهر جي هڪ طرف جيڪا ڪشمير پوائنٽ آهي؛ اُتان هماليه ۽ پير پنجال پهاڙين جو نماءُ ڏسي سگهجي ٿو، ته ٻئين طرف طرف هيٺاهينءَ تي ” پنڊي پوائنٽ“۽ اڃا به اڳيان راولپنڊي ۽ اسلام آباد جا شهر واقع آهن. انهن ٻنهي پوائنٽس جي وچ تي ست ڪلوميٽر ۽ ڪل ملائي 434 اسڪوائر ڪلوميٽر ايراضي اچي ٿي؛ جنهن ۾ ٻه ڪلوميٽر وارو خوبصورت مال روڊ پڻ شامل آهي. هتان جا اوائلي رهاڪو پاڻ ۾ ”پهاڙائي“ ٻوليءَ جو استعمال ڪندا آهن؛ جيڪا هندڪو، پوٽوهاري ۽ هنڪو زبانن جو ميلاپ آهي. هتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ هڪ هڪ الڳ ڪاليج قائم ڪيل آهي. لارنس ڪاليج جو پايو 1860ع واري دور ۾ ئي. خاص طور برطانوي عملدارن جي ٻارن جي پڙهائيءَ لاءِ وڌو ويو هئو. عام طور مئي کان آگسٽ تائين مري ۽ آس پاس جا خوبصورت علائقا گهمڻ جي موسم هوندي آهي. انهن ڏينهن ۾ ڪوھ مريءَ جو وڌ ۾ وڌ ٽيمپريچر 25 ۽ گهٽ ۾ گهٽ 13 کن هوندو آهي؛ جڏهن ته ڊسمبر واري مهيني ۾ اُتي سِنو فال ٿيندي آهي ۽ ٽيمپريچر پڻ ٻڙيءَکان به هيٺ مائنس ۾ هليو ويندو آهي.
    مريءَ جي آس پاس وارن علائقن ۾ ” ڀوربن“ ۽ ’نيو مريءَ‘ کي انتهائي خوبصورت ڪري ٺاهيو ويو آهي. ”ڀوربن“ ۾ ته ”پرل ڪانٽينينٽل“ هڪ فائيو اسٽار هوٽل ۽ هڪ وڏو گولف ميدان پڻ آهي. ڀوربن، مريءَ کان تيرهن ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ۽ پندرهن سئو فوٽ هيٺاهينءَ تي سامونڊي سطح کان ڇهه هزار فوٽ مٿي آهي؛ اُتي ڪجهه ڪجهه سڌي زمين موجود هئڻ سبب سياح پڻ وڌيڪ لطف اندزو ٿيندا آهن.
    اسين ڪوھ مريءَ ۾ داخل ٿياسين ته اُتان جي موسم کان ئي خوش ٿي وياسين. ائين لڳي رهيو هئو ڄڻ پورو شهر ايئرڪنڊيشنڊ لڳو پيو هجي! ڏاڍو سٺو لڳي رهيو هئو. اسين پهرئين ڏينهن ته روم وٺي هيٺ اچي مال روڊ ۽ اوڀر ۽ اولهه واري ٻنهي آخري ڇيڙن تائين پنڌ ئي پنڌ چڪر لڳائي آياسين. پوءِ اچي مال روڊ تي هڪ ريسٽارنٽ جي اوپن ايئر پڌر ۾ اچي ويٺاسين. مال روڊ تي ڏاڍي چهل پهل لڳي پيئي هئي. ٻئين ڏينهن اسين ”ايوبيا“ ڏانهن نڪري وياسين؛ جتي ايوب سرڪار جي ڏينهن ۾ چيئرلفٽ پڻ لڳائي ويئي هئي. ”ايوبيا نيشنل پارڪ“ هڪ ننڍو پارڪ آهي جنهن جي ڪل ايراضي 1684 هيڪٽر ۽ ڪل ملائي 3312 هيڪٽر زمين تي واقع آهي. هيءُ هماليه پهاڙن جي سلسلي اندر ستن ڳوٺن ۽ ٽن ننڍن شهرن نٿيا گلي، ايوبيا ۽ خانسپور کي ملائيندڙ پڪنڪ پوائنٽ آهي. دراصل هيءُ پاڻ هڪ جهنگل آهي جتي ڪڏهن ڪڏهن شينهن ۽ سفيد هرڻ به به گهمندي ۽ مختلف قسم جا پکي پڻ اڏامندي ۽ آکيرن ۾ آرام ڪندي نظر ايندا آهن.
    ادا پريم، شِون، نارائڻ، الاهي بخش ۽ مان هيڏي ساوڪ سبزه زاري ۽ پهاڙي سرزمين ڏسندي خوش لڳا پيا هئاسين. ڀلا اسان لاڙڪاڻي جي بٺ زمين جا رهواسي جتان جي ڌرتي صرف سڌي سنواٽي لڳي پيئي هوندي آهي ۽ اسين ته ڄامشورو جا ٺوڙها پهاڙ ڏسي به خوش ٿي ويندا آهيون. چيئر لفٽ تي هيٺانهينءَ واري هڪ پهاڙ تان سفر شروع ڪندي وچ ۾ هڪ جاءِ تي جيڪڏهن ڪير چاهي ته اسٽاپ به ڪري ٿو سگهي؛ اسين ته سڌو ئي مٿانهينءَ واري پهاڙ تي وڃي لٿاسين. اُتي ئي منجهند جي ماني به کاڌي. هيءُ پهرين ڀيرو هئو جو اسان بادلن کي اصل پنهنجي ليول تي هيڏانهن هوڏانهن روان دوان هوندي ڏسي رهيا هئاسين.
    اسين منجهند جي مانيءَ کانپوءِ هيٺ لهي اچي پنهنجي ٽيڪسيءَ ۾ چڙهي نٿيا گليءَ آياسين. ”نٿيا گلي“ انهن ڏينهن ۾ ڏاڍي مشهور هل اسٽريٽ هوندي هئي ڪوھ مري ۾ جيئن ته اڄ ڪلهه ڄڻ شهر جيان ٿي ويو آهي ته اهڙي صورت ۾ جيڪي تنهائي يا ڪجهه جهنگل نما هل اسٽيشن جو لطف وٺڻ چاهيندا آهن؛ انهن لاءِ نٿيا گلي هڪ بهترين هل اسٽيشن هوندي هئي. پر ” ڪوھ مري“ راولپنڊي ضلعي اندر پنجاب ۾ اچي ٿي ته ايوبيا ۽ نٿيا گلي سرحد صوبي جي دائري ۾ آهن، جنهن جو پوءِ نالو بدلائي ”خيبر پختونخواھ“ رکيو ويو آهي.
    نٿيا گلي خوبصورت نظارن سبب بيحد مشهور آهي، جيڪو گلياٽ پهاڙي سلسلي تي واقع آهي. اُتي ڪجهه اهڙا پيچرا به ٺهيل آهن، جن تي چڙهندي ڪيترائي سياح هائيڪنگ پڻ ڪندا آهن؛ جو پهاڙن تي پنڌ مٿي چڙهندي ئي ان زندگيءَ جو صحيح لطف وٺي سگهبو آهي.
    نٿيا گلي، ڪوھ مريءَ کان 34 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي سرحد صوبي طرف پهرئين ئي ضلعي ايبٽ آباد جوهڪ حصو آهي. جيڪڏهن روڊ تي وڌيڪ ٽريفڪ نه هجي ته انهن ڏينهن ۾ مريءَ کان نٿيا گليءَ پهچندي ڪار ۾ ٻه ڪلاڪ کن لڳي سگهندا هئا. انگريزن واري زماني ۾ هيءُ شهر هزاره ضلعي اندر پشاور ڊويزن جي چيف ڪمشنر جو هيڊڪوارٽر هوندو هئو. نٿيا گلي، سمنڊ جي سطح کان 8200 فوٽن جي اوچائيءَ واري هل اسٽيشن آهي. جيڪڏهن موسم خوشگوار ۽ صاف ڏينهن هوندو آهي ته هتان دوريءَ کان ”ننگا پربت“ جو نظارو پڻ ڏسي سگهبو آهي. اتفاق سان جنهن ڏينهن تي اسان اُتي ويل هئاسين. ان ڏينهن ئي چيو پئي ويو آمريڪا جو وزير خارجه هينري ڪسنجر پڻ نٿيا گليءَ ۾ آرام ڪرڻ آيو هئو؛ پر بعد ۾ وري ائين به چيو ويو ته دراصل انهن ڏينهن ۾ صدر نڪسن، ذوالفقار علي ڀٽو جي مدد سان چين سان ٺهڻ پئي چاهيو؛ ان لاءِ ڪسنجر لاءِ نٿيا گليءَ جو ٻڌائي کيس پيڪنگ موڪليو ويو هئو، جتي هو صدر نڪسن جي چائنا وزٽ پڪ ڪري آيو هئو!
    اسان ايندڙ ڏينهن تي صبح سوير واري بس ۾ منگوره(سوات) وڃڻ لاءِ اڳواٽ ئي رزرويشن ڪرائي ڇڏي هئي. ان لاءِ سوير ئي اُٿي تيار ٿي هوٽل ڇڏي اچي پنهنجي بس ۾ چڙهياسين. گورنمينٽ ٽرانسپورٽ جي اها بس ڪا تمام اوچي درجي واري لگزري بس ڪو نه هئي؛ پر اُهي پنهنجي مقرر ٽائيم تي نڪرن پيا ۽ اها سروس بلڪل هڪ نظام سان پئي هلي. هينئر ڪوھ مريءَ کان سوات پهچڻ لاءِ شارٽ روٽ پڻ اهو ئي هئو؛ جنهن تان اسان واري بس هلي رهي هئي. اسين ايوبيا، نٿيا گلي ۽ ايبٽ آباد کان ٿيندا جڏهن هزاره ۾ پهتاسين؛ ته اُتي بس اسٽينڊ تي ئي ٻڌايائون پئي ته سابق صدر ايوب جو ڳوٺ ’ريحانه‘ پڻ اُتان تمام ويجهو هئو. ڏک جي ڳالهه اها هئي ته جنهن ڏينهن اسين هزاره کان ٿيندا منگوره (سوات) وڃي رهيا هئاسين؛ ايوب صاحب به ان ڏينهن ئي رحلت فرمائي هئي.
    دراصل فوجي راهنمائن ۾ ايوب صاحب لاءِ اسان کي بيحد تعظيم هوندي هئي. هيءُ ته رب ڪارسازي اهڙي ٺاهي، جو جنهن ذوالفقار علي ڀٽوکي ايوب کهڙو ختم ڪرڻ لاءِ پهرين کيس انرجي منسٽر ۽ پوءِ وزير خارجه پڻ بڻائيندي ترقي ڏني هئي ۽ جيڪو ذوالفقار پهرين ان کي ”ڊيڊي“ چوندي مخاطب ڪندو هئو؛ پوءِ ان ئي تاشقند ۾ هند و پاڪ سمجهوتي خلاف ايوب سان نفاق رکندي وطن موٽي ڪابينه ڇڏي ۽ هڪ اهڙو طوفان کڙو ڪيو جو ايوب ۽ يحييٰ کانپوءِ ملڪ جون واڳون ئي ذوالفقار ڀٽو کي سونپيون ويون! ان سڀ جي باوجود پاڪستان ۾ قانون جي بول بالا جي لحاظ کان ايوبي دور گهڻي قدر سٺو رهيو ۽ اقليتن کي پڻ هر طرح جو تحفظ ڏنو ويندو هئو.
    اسان واري بس، هزاره ٽپي اڳيان وڌندي ڪنهن هنڌ تي ڪلڪته-پشاور ”جي.ٽي.روڊ“ تان هلڻ لڳي ۽ مردان شهر وٽان پنهنجي روٽ بدلائي بجاءِ پشاور وڃڻ جي منگوره (سوات) وارو رستو ورتائين. آخر صبح سوير کان ڪوھ مريءَ مان نڪرندڙ بس سنجها ڌاري مس اچي منگوره ۾ پهتي!
    جيتوڻيڪ سوات جي گاديءَ جو هنڌ ”سيدو شريف“ آهي؛ جتي اتان جي راجا جو محل واقع آهي ۽ اهو به اتفاق آهي ته انهن ڏينهن ۾ جيڪو شهزادو سيدو شريف واري محل ۾ رهندڙ هئو؛ اهو سابق صدر ايوب صاحب جو نياڻو ئي هئو؛ پر سيدو شريف ايڏو وڏو شهر ناهي، ان لاءِ منگوره جي بازار جو چڪر لڳايوسين. انهن ڏينهن ۾ پوري پاڪستان ۾ امپورٽيڊ شيون صرف سرحدي شهرن ڪوئيٽا، لنڊي ڪوتل، پشاور ۽ منگوره وغيره ۾ ئي ملندڙ هيون. اُهي سڀ پٺاڻ توڙي سمورا ڏيهي ماڻهو بيحد سٻاجها هوندا هئا ۽ ڪنهن به قسم جي تشدد ۽ غنڊه گرديءَ جو سوال ئي ڪو نه هوندو هئو.
    وادي سوات جي مٿئين حصي ۾ ڏاڍي ساوڪ ۽ سبزه زاري آهي؛ جيڪا هندوڪش پهاڙن واري سلسلي تائين هلي ويئي. 1969ع کان اڳ سوات، پاڪستان جي هڪ راجائي رياست هئي. پوءِ جڏهن تمام رياستن جا حقَ ختم ڪندي پاڪستاني سرڪار انهن کي مختلف صوبن سان ضم ڪري ڇڏيو؛ ته سوات کي صوبه سرحد (خيبرپختونخواھ) سان جوڙيو ويو. هتي پشتون، گُجر ۽ ڪوهستاني جاتيون آباد آهن، جن وٽ انهن جون ئي ٻوليون پشتو، گوجري، ٽوروالي ۽ ڪوهستاني هلندڙ آهن. پر منگوره جيئن ته سوات جو وڏو شهر آهي ۽ اتي ڪيترائي سياح ايندا رهندا آهن؛ ان لاءِ اُتي اردو پڻ هلندي آهي؛ جڏهن اتان جا ڏيهي رهاڪو وري گهرن ۾ ڀل پنهنجي جاتيائي ٻولي ڳالهائيندا آهن، پر اُهي سڀ باقي ٻين پٺاڻن سان پاڻ ۾ پشتو ئي ڳالهائيندا آهن. ان لحاظ کان اهي سڀ رهاڪو پنهنجي گهرو ٻولي ۽ پشتو ڄاڻڻ سان گڏوگڏ باقي دنيا سان واسطو رکڻ لاءِ اردو پڻ ڪم آڻيندا آهن.
    ڪڏهن برطانيا جي مهاراڻي ايلزبيٿ II ”سوات يوسف زئي“ رياست جو دورو ڪندي چيو هئو ته ” هيءُ مشرق جو سئٽزرلينڊ آهي!“ سوات جي اولهه ۾ چترال، اپردير ۽ لوئر دير، اتر ۾ گلگت، بلتستان ته اوڀر م ڪوهستان، نير ۽ شانگلا اچيو وڃن ٿا. منگوره، سيدو شريف کان صرف ٻه ڪلوميٽر دوريءَ تي واقع آهي ۽ اهو سمنڊ جي سطح کان 3228 فوٽ اوچائيءَ تي آهي.
    وادي سوات ۾ ٻڌ ڌرم جا پڻ ڪيترائي يادگار قائم ٿيل آهن. اتي پانر ۾ ٻڌڌرم جو 1 صدي ق.م ٺاهيل اسٽوپا اڄ به موجود آهي؛ جڏهن ته سوات نديءَ جي ٻينءَ ڀر سيدو شريف جي ڀر ۾ ايليراما وٽ ڪجهه هندوستاني آثار قديمه جي ماهرن کي 10000 ق.م. واري دور جي گنڌارا ثقافت جون پڻ ڪيتريون سماڌيون مليون هيون.
    ٻين صدي ق.م.دوران هتي ٻوڌي سماج جو غلبو نظر اچي ٿو؛ جن مٿان اٺين صديءَ ڌاري گجري سواتي پشتون قبيلي؛ لاگهمنت، ننگرهار ۽ دير وٽ چڙهائي ڪندي انهن ڏيهي ٻوڌين ۽ هندن کي شڪست ڏني هئي.
    گهڻو پوءِ 20-1519ع ڌاري انهن جي پوئين نسل کي وري يوسف زئي خاندان ظهير الدين بابر مغل بادشاھ جي مدد سان هڪالي ڇڏيو. يوسف زئي، اصل ۾ پاڻ افغانستان مان هڪالجي نڪتا هئا ۽ انهن دير علائقي ۾ اچي باجوڙ واري ”گبرڪوٽ“ قلعي کي نيست و نابود ڪندي سوات کي پنهنجي هٿ هيٺ ڪيو هئائون. آخرين گبري بادشاھ، سلطان اويس گبريءَ ڀڄي ويڃي دير جي مٿئين حصي ۾ پناھ ورتي؛ جتي هنن چترال، واکڻ، بداکشن ۽ ڪجهه ٻيا شهر پڻ الڳ الڳ وقتن تي تعمير ڪرايا.
    برطانوي حڪومت دوران چترال کي ڪشمير جي دائري ۾ آندو ويو. چترال جو حاڪم، ڪشمير جي راجا کي هر سال ٻه گهوڙا نذراني طور ڏيندو هئو؛ جنهنجي بدلي ۾ کيس ڪشمير جي راجا کان اناج ۽ کنڊ وغيره ڏني ويندي هئي. ان طرح سوات تي پڻ برطانوي حڪمرانن جو قبضو رهيو. 1947ع ۾ ميان عبدالودود گجر جي شهزادي عبدالحق جهان زيب گجر، ميان گل محمد جي دور حڪومت ۾ سوات رياست جو پاڪستان سان الحاق ڪيو. ان ئي جهان زيب گجر جي فرزند ميان اورنگريزيب خان گجر؛ فيلڊ فارشل محمد ايوب خان جي نياڻيءَ سان 1955ع ۾ شادي ڪئي هئي.
    ميان جهان زيب جي ئي ڪوشش سان سيدو شريف ۾ هڪ ڪاليج سان گڏ منگوره، چڪيسر، مٽا ۽ ڊگر وارن جدا جدا هنڌن تي چار هاءِ اسڪول پڻ برپا ڪيا ويا هئا. ان کانسواءِ ڪيترن پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن سان گڏوگڏ سيدو شريف ۾ هڪ گرلس هاءِ اسڪول به برپا ڪيو ويو هئو. اورنگزيب گجر ڪڏهن بلوچستان جو گورنر پڻ رهي چڪو هو.
    چيو ويندو آهي ته اٺين صديءَ دوران ڪابل ماٿريءَ ۾ اڙيانا جي بادشاھ اندر ڀوتيءَ سڀ کان پهرين، وادي سوات کي اوج تي رسايو هئو. ان جي ئي فرزند پدمسمڀو، هڪ صوفي درويش اتي پهريون ٻوڌي مندر پڻ جوڙايو هئو. سوات ميوزيم ۾ گوتم ٻڌ جي پيرن جا نشان پڻ محفوظ رکيل آهن، جيئن ته سندس اَستي جا ست حصا ڪندي اها پاڪ رک ست بادشاھن ۾ ورهائي ويئي هئي؛ جن پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ ان لاءِ اسٽوپا جوڙايا هئا. ٽيڪسيلا وارو بتڪڙه اسٽوپا ۽ سوات وارو جمال ڳڙھ اسٽوپا انهن ۾ اچيو وڃن ٿا. ان لاءِ ئي ڪڏهن سوات پوري دنيا جي ٻوڌي تيرٿ ياترين لاءِ هت اهم مرڪز هوندو هئو.
    موجوده سوات ۾ ڪل 9 تعلقا آهن: منگوره، مٽ، خوازه کيل، باري ڪوٽ، تابوزئي، ڪابَل، چار باغ، بحرين ۽ ڪالام. اسان پهرين ڏينهن ئي منگوره ۾ ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ جي آفيس ۾ وڃي ايندڙ ڏينهن تي بحرين ۽ ڪالام گهمڻ لاءِ هڪ ڪار جي بوڪنگ ڪرائي ڇڏي. ان لاءِ ايندڙ ڏينهن تي صبح جو تيار ٿي ڪنهن ريسٽارنٽ تان ناشتو ڪري ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ جي آفيس مان وڃي ڪار ۾ چڙهياسين. ڪار ۾ اسان پنج ڄڻن ادا پريم، نارائڻ، شون، الاهي بخش ۽ مون کانسواءِ هڪ ٻيو به بزرگ شخص ڏنو ويو. جهونو سياح پئي لڳو، جو کيس هڪ انتهائي بهترين درجي واري دوربين پڻ هئي، جنهن سان هو هڪ هڪ شيءِ کي ويجهو کان ڏسندي لطف پئي ماڻي سگهيو. ڳالهين ڪندي اهو بزرگ شخص اسان ايترو ته هري مري ويو جو ان جي دوربيني پوري سفر دوران جنسي اسان کي ۽ خاص ڪري مونکي ئي هئي هوءَ پاڻ اسان کي هڪ هڪ ڳالهه سمجهائيندو پئي هليو؛ جو هو اڳ به وادي سوات گهمي چڪو هئو!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 8 نومبر 2015
    __
    ___
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 32

    تون به فيل هئين ته آءُ خوش ٿي ويس!

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

    سوات ۾ اسين سڀ کان پهرين منگوره کان اتر طرف 60-ڪلوميٽر جي دوريءَ تي اتان جي مشهور هل اسٽيشن ”بحرين“ وياسين، جيڪا سمنڊ جي سطح کان 4600 فوٽن جي اوچائيءَ تي آهي. هيءُ شهر سياحن جي ڪشش جو مرڪز آهي، جو هتي دارل نديءَ مان پهاڙن جي اوچائيءَ تان هيٺ ڪرندڙ خوبصورت چشما نظر اچن ٿا. هتان جا ماڻهو ڪاٺ تي جنڊيءَ جو ڪم ڪندا آهن؛ جنهن لاءِ پڻ سندن فنائتي نموني ٺاهيل ڪيتريون ئي شيون سياح خريد ڪري سگهندا آهن.
    اسان ته بحرين ۾ ڪار مان لهي صرف هڪ پل وٽ جتان هڪ طرف اوچائيءَ تان پاڻي تيزيءَ سان وهي رهيو هئو؛ اتي ڪجهه فوٽو ڪڍياسين ۽ پوءِ ”ڪالام“ جي طرف اڳيان هلياسين؛ جو اسان طوفاني دورا ڪندي صرف انهن خوبصورت نظارن جو ديدار ڪري اڳيان هلندا رهندا هئاسين. اسان جو هيءُ به سمورو وزٽ ائين ئي رهيو هئو.
    سوات، هندوڪش کان شروع ٿيندڙ اوچن اوچن پهاڙن سان ڍڪيل آهي؛ جتي سياري واري موسم ۾ برفباري پڻ ٿيندي آهي. اسين بحرين کان اڃا به اتر طرف 39 ڪلوميٽر ٻيا به اڳيان وڌي منگوره کان 99 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ”ڪالام“ ڏسڻ وياسين؛ جو اُها به سوات جي هڪ بهترين سبزه زار پوائنٽ آهي، جيڪا سُواستو نديءَ جي ڪناري تي واقع آهي؛جتي جنگل جيان چهچ ساوڪ ۽ سبزه زاري آهي. اُتان ئي سوات ندي شروع ٿئي ٿي؛ جيڪا ”گبرال“ ۽ ”اُشو نديءَ“ کي ملائيندي جنم وٺي ٿي. ڪالام، سمنڊ جي سطح کان 6600 فوٽن جي اوچائيءَ تي آهي. ڪالام تائين پهچندي پهچندي ٽرانسپورٽ لاءِ ٺاهيل سمورا روڊ وڃي دنگ ڪن ٿا ۽ پوءِ مٽيءَ جا پيچرا ۽ ڪجهه پهاڙي ڪچا روڊ شروع ٿين ٿا؛ جن ذريعي ”اُشو“ ۽ ” اُتروٽ“ ماٿرين ڏانهن وڃي سگهجي ٿو. اُتي ئي ڀر ۾ ”ماتلتان“ هڪ پوائنٽ آهي، جتان دور کان برف سان ڍڪيل ” فلڪسر“ جابلو سلسلي جو ديدار ماڻي سگهجي ٿو، جيڪو 19416ع فوٽ سامونڊي سطح کان اوچائيءَ تي آهي. جڏهن ته ان جي ڀرسان هڪ ٻي به اهڙي چوٽي آهي؛ جيڪا سامونڊي سطح کان پورا ويهه هزار فوٽ اوچائيءَ تي آهي!
    ڪالام ۾ ڪيترائي هوٽل وغيره به ملي سگهندا آهن؛ پر اسان کي جو ساڳئي ڏينهن ئي موٽڻو هئو؛ سو اسين صرف ڪنهن هوٽل ۾ ماني کائي برفاني پهاڙن ۽ سرسبز و شاداب وادين جو ديدار ڪري جلد ئي پنهنجي ڪار ۾ منگوره ڏانهن واپس هلي آياسين، شام جو منگوره اچي گورنمينٽ ٽرانسپورٽ کان ايندڙ ڏينهن لاءِ سوير صبح واري بس ۾ منگوره کان حسن ابدال شهر لاءِ بوڪنگ ڪرائي ڇڏيسين؛ جو ان ڏينهن تي منجهند جو ئي 12:00 بجي واري ٽرين ۾ اسان جي روهڙي لاءِ وايا راولپنڊي-لاهور اڳواٽ ئي رزرويشن ڪرايل هئي.
    اسين منگوره ۾ آخرين رات تي بازار جو چڪر هنيوسين. انهن ڏينهن اُتي ٻاهران سياح ڪجهه گهٽ پئي نظر آيا. اسان جيئن ته منگوره ۾ مين مارڪيٽ جي ڀرسان ئي ڪنهن هوٽل ۾ رهيل هئاسين ۽ صبح جو سوير 5:00 بجي واري بس ۾ راولپنڊي طرف ” حسن ابدال“ لاءِ نڪرڻو هئو؛ ان لاءِ اسين اُتي هڪ ٽانگي واري کي به چئي ڇڏيوسين، جنهن ايندڙ صبح جو 4:00 بجي ئي ٽانگو کڻي اچي هوٽل ٻاهران رڙ ڪندي اسان کي ننڊ مان اٿاريو. اسين به جلد ئي تيار ٿي اُن ئي ٽانگي تي منگوره جي بس اسٽينڊ وياسين؛ جتان 5:00 بجي اسين حسن ابدال لاءِ اُسهياسين. جيتوڻيڪ گورنمينٽ جي بس ڪا گهڻي سٺي ڪو نه هئي؛ پر سٺي آبهوا هئڻ سبب صبح جو سوير سفر ڪندي ڏاڍو سٺو لڳي رهيو هئو.
    اسين منگوره مان 192 ڪلوميٽر جو سفر تقريبن پنج ڪلاڪن ۾ طئه ڪندي 10:00 بجي اچي حسن ابدال پهتاسين. ان وچ ۾ اسان وٽ صرف ٻه ڪلاڪ هئا؛ جو منجهند جو 12:00 بجي اُتان ئي اسان کي ريل رستي اڳيان وڃڻو هئو. اسين بس مان لهي تڪڙ ۾ ”گردواره پنجا صاحب“ ڳولهي لڌوسين. اُتي پهتاسين ته بلڪل سناٽو لڳو پيو هئو، ويندي دروازا به بند پيا هئا. وقف کاتي جو ڪو ئي چوڪيدار اُتي ويٺو هئو؛ جنهن ٻڌايو ته گردواري ۾ اندر وڃڻ لاءِ منع ڪيل آهي. پوءِ اسان جڏهن پنهنجي هندو هئڻ لاءِ چيو ته هن اسن کي فٽافٽ دروازو کولي ڏنو.
    ”پنجا صاحب“ گردواري جي هڪ تاريخي اهميت ان لاءِ به آهي ته بابا گرو نانڪ جنهنجي ولادت 15 اپريل 1469ع ۾ ئي ‘نانڪاڻه صاحب’ ۾ ٿي هئي، ان تقريبن پنج صديون اڳ پنجاب ۽ سنڌ گهمندي تصوف واري حق ۽ هيڪڙائيءَ جو پيغام ڏنو هئو ۽ جنهن لاءِ ئي اسان سنڌي هندن کي بيحد تعظيم آهي. ان لاءِ چيو ويندو آهي ته بابا گرونانڪ پنهنجي ٻن چيلن ٻالو ۽ مردانو سان گڏ ويساک واري مهيني ۾1521ع واري حسن ابدال آيو ته اُتي اچي هڪ وڻ جي ڇانوَ ۾ ڌڻي جي عبادت ۾ شبد ڪيرتن شروع ڪيو. پوءِ ماڻهو مڙندا ويا ۽ اُن ڌنيءَ جي آواز مٿي ڀر واري پهاڙيءَ تي دوريش ولي قنڌاريءَ جي عبادت ۾ رخنو پوڻ لڳو. اوچتو مرداني کي اچي اُڃ لڳي؛ پر پاڻيءَ جو ذخيرو صرف مٿي پهاڙيءَ تي ئي هئو؛ سو اُن مٿي وڃي ولي قنڌاريءَ کان پاڻيءَ ڍڪ گهريو؛ پر ولي قنڌاري مرداني جي عرض ڪندڙ آواز تي به برهم ٿي رهيو هئو ۽ هن ڪهڙي به صورت ۾ کيس پاڻي ڏيڻ کان انڪار ڪندي کيس چيو ته “جيڪڏهن توهان جي مرشد ۾ ايڏي سگهه آهي ته تون ان کان وڃي ڇو نه ٿو پاڻي گهرين!“ مرداني هيٺ اچي بابا گرونانڪ کي سموري ويدنا ٻڌائيندي چيو ته مٿي ايڏو ته ڪو اهنڪاري پير ويٺو آهي جو هاڻ ته هو کانئس پاڻي گهرڻ کان مرڻ به وڌيڪ پسندو ڪندو!
    بابا گرونانڪ انتهائي صبر منجهان مرداني کي چيو ته ڌڻيءَ جو نالو اُڪار، پاڻي توکي پنهنجو پاڻيهي ملي ويندو. پوءِ ته بابا گرونانڪ اڃا هڪ ڇِپَ کي ٿورو پريان هٽايو ئي مس ته مٿان اوچائيءَ تان صاف ۽ شفاف پاڻيءَ جو چشمو وهڻ شروع ٿي ويو. مرداني ويچاري اهو پاڻي پيئندي پنهنجي اڃ مٽائي ۽ گرونانڪ جا شڪرانا بجا آندا. هوڏانهن مٿي پهاڙيءَ تي وري ولي قنڌاريءَ وٽ سمورو پاڻي ئي سڪي ويو. ان تي ولي قنڌاريءَ غصي ۾ اچي هڪ وڏي ڇپ هيٺ بابا گرو نانڪ مٿان ڪيرائي. بابا نانڪ جو هيڏي ساري ڇپ ڪرندي ڏٺي ته ان کي ساڄي هٿ سان روڪڻ جي ڪوشش ڪيئي ڌڻيءَ جي به ڪا اهڙي ڪارسازي ٿي ويئي جو جيئن ئي بابا نانڪ جو هٿ مبارڪ ان ڇپ کي لڳو ته اُها به اُتي جو اُتي ئي بيهجي ويئي! پر ڇپ جي ڪرڻ ۾ ڪا ايڏي ته تيزيءَ هئي جو ان پٿر تي به بابا گرو نانڪ جي هٿ جو نشان ٺهي پيو. ولي قنڌاريءَ جو گرونانڪ جو هيءُ ڪرشمو ڏٺو ته پاڻ هيٺ لهي اچي ان جو مريد بڻيو. ان ڏينهن کان پوءِ ان هٿ جي نشان واري پٿر وٽ هڪ سک جنرل هريسنگه نلوا جي بادشاهت وارن ڏينهن ۾ گردوارو ٺاهيو ويو، جنهن جي ڀر ۾ اڄ تائين اهو وهندڙ چشمو جاري ئي آهي. انگريزن جي حڪومت دوران ان گردواري کي سنڀالڻ جو ذمو هندن جي هٿ هيٺ رهيو؛ پر پوءِ 1920ع ۾ ڪرتار سنگهه هڪ جٿو وٺي ڪري وڃي”گردواره پنجا صاحب“ تي قبضو ڪيو.
    ائين به چيو ويندو ته پوءِ بابا گرونانڪ، ولي قنڌاريءَ جي نوڙت کان ايڏو ته خوش ٿيو جو پنهنجي پوئلڳن کي چيائين ته اتان جيڪو به لانگهائو ٿئي ته مٿي وڃي ان درويش وٽ پڻ ضرور حاضري ڀري! پر اسان وٽ جيئن ته ٽائيم جي ڏاڍي تنگي هئي. ان لاءِ اسين گردواري ۾ اندر وڃي چشمي جي پاڻيءَ ۾ وهنجندي ان پٿر تي بابا گرونانڪ جي هٿ واري نشان تي پنهنجو هٿ رکندي هڪ ازغيبي خوشي به محسوس ڪيئي؛ پر ٽائيم جي قلت سبب پوءِ اسين سڌو ئي ”حسن ابدال“ ريلوي اسٽيشن تي آياسين؛ جو اُتان اسان کي 12:00 بجي منجهند جو ٽرين ملڻي هئي!
    اسان پنجن ئي ڄڻن ادا پريم، شون، نارائڻ، الاهي بخش ۽ مون منجهان ادا پريم ئي ڪجهه وڌيڪ ذميدار شخص هئو؛ سو هن سڀني کي تڙ تڪڙ ۾ تيار ڪرائيندي اسٽيشن تي ٽرين پهچڻ کان اڳ ئي پهچايو هئو. پشاور کان ڪراچي ويندڙ مين لائين تي راولپنڊيءَ کان 66 ڪلوميٽر اڳ ئي حسن ابدال ريلوي اسٽيشن هئي. اسين جنهن ٽرين ۾ چڙهڻ وارا هئاسين؛ اها سڌو ئي راولپنڊي، لاهور ۽ روهڙيءَ کان ٿيندي ڪراچيءَ وڃڻي هئي ۽ اسان جي پڻ ان ئي ٽرين ۾ راولپنڊيءَ کان روهڙيءَ تائين اڳواٽ ئي بوڪنگ ڪرايل هئي. ان لاءِ اسين ٻه ڪلاڪن جو سفر جهڙو تهڙو ڪندي پوءِ جڏهن راولپنڊي آئي ته پنهنجي رزروڊ سيٽن تي وڃي ويٺاسين ۽ لاهور کان ٿيندا ٻئين ڏينهن اَسُر جو روهڙي پهتاسين؛ جتان پڻ اسين ڪراچيءَ طرف ويندڙ وايا لاڙڪاڻه ٽرين ۾ چڙهي صبح جو سوير ئي لاڙڪاڻي ۾ پهچي وياسين.
    ٽوئر تان موٽياسين ته آءُ به پنهنجي پڙهائيءَ کي لڳي ويس. رتوديرو ۾ اسان جا سڪ جا ناناڻا هئا؛ انهن مان ماما شام سيڊاڻيءَ پرائيويٽ بي. اي. لاءِ فارم ڀريو هئو ۽ ان پڻ ايڪانامڪس (اختياري) سبجيڪٽ کنيو هئو. اهو پڙهائي ڪرڻ لاءِ رائل سنيما ڀرسان شوالي ۾ پاڻ لاءِ الاٽ ڪرايل جهوني روم ۾ اچي رهيو هئو. تازو ان جي ننڍي ڀاءُ سريءَ پڻ گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻه مان يارهون ۽ ٻارهون سائنس ڪيو هئو؛ ته ان سان گهاٽي دوستي هئڻ سبب مان پڻ روز شوالي وڃي ساڻس ڪچهري ڪندو هوس.
    شام تي اهو ويٺل هئو ته آءٌ هوشيار آهيان؛ اهڙي صورت ۾ ايڪانامڪس وري هو مون کان سکندو هئو. ائين گڏجي پڙهندي مونکي پڻ پنهنجي ڪورس جو ٻٽو دور ٿي ويندو هئو.
    شوالي ۾ ٻيا به ڪيترائي لاڙڪاڻي جي آس پاس جا شاگرد رهندا هئا؛ جي مختلف ڪورسن ۾ پڙهندڙ هئا. پوءِ جڏهن اسان جا امتحان ويجهو آيا ته شوالي ۾ رهندڙ سمورن شاگرد هڪ ” فيئر ويل پارٽي“ رکي؛ جنهن لاءِ مون کان پڻ چندو ورتائون جو مان به اُتي ئي ويٺو پڙهندو هوس. پوءِ جنهن ڏينهن شام جو اُها پارٽي رکي ويئي هئي؛ ان ڏينهن مان به گهران تيار ٿي شام وٽ شوالي پهتس؛ ته سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو جو سڀني جا منهن ڀيلا لڳا پياهئا! پڇڻ تي خبر پيئي ته انهن گڏ ڪيل چندي مان بيئر جون باٽلس آنديون هيون؛ جنهن بعد اُتي ئي مانيءَ جو به پروگرام هئو، پر خبر ناهي ڪهڙي ڳالهه تي ڳڙهي خيرو جو هڪ همراھ جمڙو ڪارڙا ساڻن اٽڪي پيو ۽ سموريون آندل بيئر جون باٽلس فرش تي اڇلائيندي پڃي ناس ڪري ڇڏيون هئائين. بيئر ته وڃايائين، پر سڀني کي ڪو گهٽ وڌ به ڳالهايو هئائين ۽ ڪنهن ۾ به همت نه پئي ٿي، جو کيس ڪيرُ به چئي سگهي ته ” بابا! تون هڪ ماڻهوءَ جي چندي ۾ سڀني جو نقصان ٿورو ئي ڪري سگهندين!“ پوءِ ته اهو ڏينهن سڀني جو ٻوٿ سُڄيل هئو ۽ اسين چڱي طرح پڙهي به نه سگهياسين!
    پوءِ ته پنهنجي مقرر وقت تي امتحان به ٿيا. منهنجو ايڪانامڪس جو پيپر ڪجهه ٺيڪ نه ٿيو هئو؛ جيتوڻيڪ ان ئي سبجيڪٽ ۾ آءُ ٿورو گهڻو هوشيار هوندو هوس. امتحان ڏيئي شوالي وارا سمورا شاگرد پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن هلايا ويا. اُتي رزلٽ ڏاڍو دير سان ايندو هئو. مان سمجهان ٿو ته ٻه مهينا کن پوءِ رزلٽ آيو. مون ڏڪندي ڏڪندي اخبار ۾پنهنجو سيٽ نمبر اُتي ڳولڻ چاهيو، پر نمبر هجي ته ملي! سمجهه ۾ نه پئي آيو ته آءُ هيل تائين گهر ۾، پنهنجي لاءِ ٻڌندو آيو هوس ته پڙهائيءَ ۾ صفا ڪمزور آهيان ۽ هڪ ڀيري ته 1962ع واري زماني ۾ پي وي پرائمري اسڪول مان پنجون پاس ڪرڻ کانپوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ ڇهين درجي جي داخلا لاءِ ”انٽرنس امتحان“ ڏيئي گهر آيس ته ادا پريم، جيڪو ان سال نائين درجي ۾ وڃڻو هئو؛ تنهن مون کان سوالنامي وارو پيپر وٺي هڪ هڪ سوال جو جواب پئي پڇيو. مان ته انهن ڏينهن ۾ اهڙو ڪمزور هوس؛ جو لکي الائي ڇا آيو هوس؛ ادا کي جواب الائي ڪهڙا پئي ٻڌايم. ادا به هڪ هڪ جواب ٻڌي غصي ۾ هڪ هڪ سوال تي زور سان چماٽ پئي هڻندو ويو. پوءِ ته جيترا سوال هئا؛ اوتريون چماٽون کاڌيون؛ ماني به ان کانپوءِ ئي ملي هئي.
    ٻئين ڏينهن ادا پريم مون سان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ ان انٽرنس اگزيمنيشن ۾ رزلٽ ڏسڻ هليو. تڏهن اسڪول وارن پاس ٿيل شاگردن جي لسٽ هڪڙي بليڪ بورڊ تي لڳائي هئي، ته فيل ٿيل شاگردن جي به وري هڪ جدا لسٽ ٺاهي ٻئي بليڪ بورڊ تي لڳائي هئائون. ادا پريم اُها فيل واري لسٽ ڏسڻ لڳو. ظلم ته اهو هئو، جو ان لسٽ کي ڏسڻ لاءِ به چڱي ڀيڙ لڳي پيئي هئي. پوءِ ادا پريم کي جڏهن ان لسٽ ۾ به منهنجو نمبر نه مليو، ته ادا کي ڳالهه ئي سمجهه ۾ نه پئي آئي. هن مونکي چيو ته ” تون اهڙو ردي پيپر ڪيو آهي؛ جو اسڪول وارن تنهنجو نمبر فيل لسٽ ۾ به ڪو نه وڌو آهي!“
    آءٌ ادا پريم کي ڏڪندي ڏڪندي چيو، ”ادا! ٿورو هوءَ پاس واري لسٽ به ڏسو!“ پر ادا هئو جو چيائين پئي ته ”تون پاس ئي ڪو نه هوندين ته اتي ڏسون ڇا!“ آخر ان بورڊ مٿان پيل ڀيڙ ۾ ادا پريم به وڃي جو منهنجو رزلٽ ڏٺو ته منهنجو نمبر اُتي لکيو پيو هئو! ڏاڍي خوشي ٿي!
    ان طرح آءٌ هيل تائين ڪيڏو به ڪمزور هوندي ڪڏهن به فيل ڪو نه ٿيو هوس؛ پر هينئر جڏهن آءٌ ٿورو گهڻو پاڻ ڀرو ٿيو هوس ته مونکي فيل وارن جي قطار ۾ بيهاريو ويو هئو! خير! فيل ٿيندي به منهنجي همت ڪو نه ٽٽي هئي؛ جو خبر پيئي ته صرف ايڪانامڪس جي پيپر ۾ ئي رهجي ويو هوس. خبر ناهي ڇو! ايڪانامڪس ته منهنجو پسنديده سبجيڪٽ هئو، اُهو ئي پيپر مون صحيح ڪو نه ڏنو هئو. اڃا رزلٽ ڏسي گهر آيس ته رتوديرو مان شام سيڊاڻيءَ جي فون آئي. پڇيائين ” ڇا ٿيو!“ مون پنهنجي رزلٽ بابت ٻڌايو ته هن موٽ ۾ چيو، ته ”مان جڏهن پاڻ کي فيل ٿيندي ڏٺو ته سخت صدمو پهتو هئو. پوءِ وري جڏهن تنهنجو نمبر ڏٺو ۽ تون به فيل هئين ته آءٌ خوش ٿي ويس؛ ته جيڪڏهن ٻلو به فيل آهي ته مون ڏي ڪهڙي ميار آهي!“ شام مونکي اهو سڀ ڪجهه ٻڌائيندي هينئر به بي تحاشه خوش ٿي رهيو هئو. مون دل ئي دل ۾ جيتوڻيڪ هن جي سچائيءَ کي ته پسند پئي ڪيو، پر زندگيءَ جي تلخيءَ تي حيرت زده هوس ته مونکي فيل ڏسي شام کان پنهنجو ڏک وسري ويو هئو!
    پوءِ وري مون جڏهن بي. اي. (پارٽII) لاءِ ڪمپارٽمينٽل فارم ڀريو ته ڏاڍي محنت ڪرڻ لڳس. هڪ ته سبجيڪٽ صرف ”ايڪانامڪس“ ئي هئو ۽ ٻيو ته مون وٽ هڪ عزم هئو ته مونکي اعليٰ تعليم يافته ٿيڻو آهي ۽ الله چاهيو ته انهيءَ ايڪانامڪس واري سبجيڪٽ ۾ پوسٽ گريجوئيشن به ضرور ڪبي! آخر مالڪ جي مهر ٿي ويئي ۽ امتحان ۾ مان ۽ شام سيڊاڻي ٻيئي پاس ٿي وياسين!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 15 نومبر 2015
    __
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 33

    تون به فيل هئين ته آءُ خوش ٿي ويس!

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

    آءٌ بي اي پاس ڪرڻ کانپوءِ ايم اي (سنڌي) لاءِ گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي مان سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايڪسٽرنل اميدوار طور امتحان فارم ڀريو هئو، جو انهن ڏينهن ۾ لارڪاڻي ۾ ايم اي، ايم ايس سي، ايم ڪام پوسٽ گريجوئيشن ريگيولر ٿيندي ئي ڪو نه هئي. ادا پريم ۽ منهنجي مٿان گهر سنڀالڻ جي ذميواري هئي ادا پريم انجنيئرنگ ۾ داخلا نه ملڻ جي صورت ۾ بي ايس سي به لاڙڪاڻي ۾ ڪئي هئي ته ايم ايس سي ڪرڻ ئي نه ويو. اهڙي صورت ۾ مان وري ايم اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ريگيولر ڪرڻ وڃان؛ ڳالهه ته سوچڻ کان به ٻاهر هئي پر مون وٽ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو عزم هئو. مون پاڙي ۾ رهندڙ هڪ شخص بشير احمد شيخ کان ايم اي (سنڌي) جا لکيل نوٽس ورتا؛ جنهن کي وري ڪنهن نموني سائين ميمڻ عبدالمجيد ”سنڌي“ صاحب کان مليا هئا. مون اهي نوٽس پاڻ وٽ ڪاپي ڪري بشير احمد کي سندس امانت موٽائي ڇڏي ۽ باقاعده هڪ ريگيولر شاگرد جيان گهر ۾ رهي نوٽس پڙهڻ شروع ڪيا. ڪڏهن ڪڏهن جناح باغ ۾ به اهي نوٽس کڻي وڃي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ويهي پڙهندو هوس.
    1971ع دوران ملڪ جو ن سياسي حالتون غير متوازن هيون، 1970ع واري جنرل اليڪشن ۾ ايسٽ پاڪستان جي عوامي ليگ جي سربراھ شيخ مجيب الرحمان کي جنرل يحييٰ خان طرفان حڪومت جون واڳون سونپڻ بجاءِ انکي گرفتار ڪيو ويو هئو. اُتي فوجي ڪارروائي ٿيڻ سبب روز اوڀر پاڪستان جا ڪيترائي رفيوجي پنهنجو ملڪ ڇڏي هندوستان وڃي پناھ وٺڻ لڳا هئا. هندو پاڪ جا سفارتي ناتا ختم ٿيڻ جي صورت ۾ اسان جيڪي 1967ع واري دور ۾ سستي اگهه ۾ پنهنجون زمينون کپائي 1969ع تائين انڊين هاءِ ڪميشن، ڪراچي مان پنهنجي لاءِ هندوستان ڏانهن هميشه وڃڻ جا ڪاغذ به تيار ڪرائي چڪا هئاسين؛ پر تيارين ۾ دير ٿي ويئي ته انڊين هاءِ ڪميشن کان اها مليل پرمٽ ڪنهن به ڪم جي نه رهي هئي. هاڻ ته خبر به ڪو نه هئي ته وري ڪڏهن اُهي ناتا سڌرندا جو اسين هندوستان وڃي سگهون. اهڙي صورت ۾ ادا پريم، پيٽ گذر لاءِ دادا نرملداس آهوجا جي پٽ رميش سان ڀائيواريءَ ۾ اسانجي گهر جي اوطاق ۾ ئي فرنيچر ٺهرائي ليڊيز ڪلاٿ اسٽور کوليو.
    اسان جي دوڪان جو نالو هئو”سنڌ ڪلاٿ اسٽور“؛ جيڪو ڀل ريشم گليءَ ۾ ڪو نه هئو؛ جتي اڳواٽ ئي ليڊيز ڪلاٿ اسٽور هئا؛ پر پنهنجي پر ۾ اسان هڪ نئين ڪوشش ڪئي. ريشم گليءَ ۾ هڪ هندو ڀاءُ هو نند؛ جنهن کي اڳ ۾ ئي ليڊيز ڪلاٿ اسٽور هئو. سو ادا پريم سان گڏ ڪراچيءَ ويو ۽ بولٽن مارڪيٽ جي ڀرسان واري هول سيل بازار مان گورڌنداس مارڪيٽ مان اهو سمورو مال وٺي آيا. اُتي دوڪان ۾ ڀائيواري صرف ادا پريم ۽ رميش آهوجا جي هئي؛ پر مان به پنهنجو سمورو فري وقت ان ڪلاٿ اسٽور کي ئي ڏيڻ شروع ڪيو. اسان جي پاڙي ۾ ادا پريم جا دوست هئا الاهي بخش عباسي؛ جيڪو اڳتي هلي سنڌ جي اسٽيٽسٽڪس ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ٿيو هئو؛ محمد علي قاضي جيڪو اڳتي هلي پهرين ادا پريم سان گڏ ايڊووڪيٽ ٿيو. پوءِ لائين بدلائي سنڌ گورنمينٽ ۾ انگلش جو ليڪچرر بڻيو ۽ اختر جانوري جيڪو گهڻو پوءِ سنڌ گورنمينٽ جي پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ڊي آءِ جي بڻيو، اُهي ٽيئي ڄڻا پڻ اُن ڪپڙي واري دوڪان تي اچي اسان سان ڪچهري ڪندا هئا. ڪڏهن ان ڪپڙي جي دوڪان لاءِ آءٌ حيدرآباد وڃي ڪپڙو خريد ڪري ايندو هوس. انهن ڏينهن ۾ اسان جي ڀائيوار رميش جو والد صاحب نرمل داس آهوجا سکر ۾ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر هئو.
    هو اُتي گهنٽا گهر ۽ حفيظ سنيما جي ڀرسان ئي ڪراچي واري مڪان ۾ رهندو هئو. هيڪر آءٌ سکر جي هول سيل بازار مان به ڪپڙو وٺي آيو هوس، تڏهن مان هڪ رات دادا نرملداس آهوجا وٽ ئي رهي پيو هوس.
    انهن ڏينهن ۾ منهنجو فوٽو گرافي سيکارڻ وارو استاد عزيز به ڪنهن ڳالهه سبب ٽانگا اسٽينڊ تي واقع رونق صاحب واري ”فوٽو سينٽر“ کان نوڪري ڇڏي چڪو هئو ۽ پريشان هئو. هو ڪڏهن ڪڏهن اسان واري ڪپڙي جي دوڪان تي اچي اسان کي چوندو هئو ته اسين فوٽو اسٽوڊيو کوليون، جتي هوءَ پاڻ ڪم ڪندو؛ پر اسان جي دماغ ۾ جو ڀؤنري هئي ته جيئن ئي هندوستان سان سفارتي ناتا بحال ٿيندا ته اسين هندوستان هليا وينداسين، ته اهڙي صورت ۾ ڪهڙو به فل ٽائيم بزنيس اسين شروع ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪو نه هئاسين جنهن کي پوءِ بند ڪرڻ ۾ تڪليف پيش اچي. جيتوڻيڪ اسان کي استاد عزيز لاءِ بيحد تعظيم هوندي هئي، ۽ جيڪڏهن اسان جو پنهنجو اسٽوڊيو کلي ها ته اسان جي جهوني خواهش جو پورائو به ٿي سگهي ها؛ پر اسين ان مهل اهڙو ڪوبه فيصلو ڪو نه پئي وٺي سگهياسين. پوءِ استاد عزيز کي رائل سنيما ٻاهران ”ڪيفي رحمان“ جو ڇوڪرو سراج گڏجي ويو، جنهن پنهنجي هوٽل سامهون هڪ ننڍي دوڪان ۾ ”فائين فوٽو اسٽوڊيو“ کوليو ۽ مٿي فرسٽ فلور تي ڊارڪ روم هوندو هئو. استاد عزيز اُتي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ان دوڪان جي وري لوڪيشن اهڙي هوندي هئي، جو اُهو دڪان ته پڻ اميد کان به گهڻو وڌيڪ هليو ۽ مالڪ سراج توڙي استاد عزيز خوش لڳا پيا هوندا هئا.
    اوڀر پاڪستان جون حالتون خراب ٿيندي ٿيندي اهڙي حد تائين پهچي ويون؛ جو 3 ڊسمبر 1971 تي هندو پاڪ وچ ۾ جنگ ٿي پئي. ان کان اڳ صدر يحييٰ خان اوڀر پاڪستان جي چونڊيل صرف هڪ ئي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر کي نامزد وزيراعظم ۽ اولهه پاڪستان ۾ گهڻائيءَ ۾ آيل پيپلز پارٽيءَ جي سربراھ ذوالفقار علي ڀٽو کي نائب وزيراعظم نامزد ڪيو هئو. دراصل اسان جا هيءُ ٻئي ملڪ سياستدانن جي گهٽ سوجهه ٻوجهه هئڻ سبب اول ئي اهڙا ته جؤکا لڳا پيا آهن؛ جو 1947ع ۾ آزاديءَ وقت جڏهن انگريز حڪمران هنن ٻنهي ملڪن کي حڪومتن جون واڳون ڏيئي ويا ته ان مهل آمريڪا جو هڪ ڊالر هندوستان توڙي پاڪستان جي پڻ ساڳئي ئي هڪ روپئي جي برابر هئو. پوءِ ته هنن جا افعال اهڙا ثابت ٿيا، جو ڳالهيون وڏيون ڪندا، پر معاشي ڪسوٽيءَ تي جڏهن هنن جي ڪٿ ڪبي ته هينئر آمريڪا جو هڪ ڊالر هندوستان 64 روپيه ته پاڪستان ۾ ماڳهين ئي 102 روپيا وڃي پهتو آهي. اهڙي طرح ٻئي ملڪ جڏهن جنگ جو خرچ برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هئا ته پوءِ ڀڳا اقوام متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل ڏانهن، اوڏانهن ذوالفقار علي ڀٽو کي موڪليو ويو.
    آمريڪا جي صدر نڪسن، پاڪستان کي ڀروسو ڏنو هئو ته هندوستان طرفان ڪهڙي به قسم جي جارحانه ڪوشش جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي نيويءَ جو ”ستون بحري ٻيڙو“ موڪليندو. پوءِ ته ائين به چيو ويو ته اها فليٽ پاڪستان لاءِ نڪري چڪي آهي؛ پر اڄ سوڌو پنج ڏهاڪا گذرڻ کانپوءِ ان جا ڇا ٿيو ڪجهه ٻڌايو ئي نه ويو! اهڙا جيڪڏهن دوست هجن ته خدا انهن کان پناھ ڏئي ته بهتر! اوڀر پاڪستان ۾ عوام جو عدم تعاون؛ خانه جنگي ۽ ٻاهرئين بارڊر تي هندوستان سان مقابلو پاڪ فوج کي سوڙهو پئي ڪندو ويو. جڏهن اقوام متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ به جنگ بندي ٿيڻ جي سوال تي روس طرفان هندستان جي حق ۾ ويٽو پئي ڪيو ويو ته اُتي ذواالفقار علي ڀٽي خطاب ڪندي. پنهنجي غصي جو اظهار ڪرڻ لاءِ ايجنڊا وارا پنا به ڦاڙي ڦٽو ڪيا ۽ واڪ آئوٽ ڪندي وطن واپس موٽڻ لڳو. هيڏانهن 16 ڊسمبر 1970ع تي اوڀر پاڪستان واري سيڪٽر تي جنرل نيازيءَ هندوستاني فوج جي اڳواڻ جنرل ”جڳجيت سنگهه اروڙا“ اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا؛ پر اولهه پاڪستان طرف اڃا به جنگ جاري هئي، جيڪا هڪ ڏينهن پوءِ 17 ڊسمبر تي ختم ڪئي ويئي.
    جيسين ذوالفقار علي ڀٽو واپس وطن پهچي تيسين پاڪ فوج ۾ هڪ ٿرٿلو متل هئو. تڏهن پاڪ ايئرفورس ذوالفقار علي ڀٽو جي طرفداري ڪندي کيس صلاح ڏنو ته هو راولپنڊيءَ جي چڪلالا ايئرپورٽ تي نه اچي ڪابل ايئرپورٽ پهچي، جتان پنهنجي پيپلز پارٽي جي رهنماءَ غلام مصطفيٰ کر ۽ ڪجهه ٻيا گڏجي کيس روڊ رستي راولپنڊي وٺي آيا. جنرل يحييٰ خان، ذوالفقار علي ڀٽو کي مڪمل طور پاور هٿ ۾ کڻڻ جي آڇ ڪئي ۽ ڀٽي اُن کي قبول ڪندي 20 ڊسمبر 1971تي هڪ ئي مهل مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ پاڪستان جي صدر جي حيثيت ۾ ملڪ جون واڳون ورتيون.
    جنگ هلندي فطرتن ملڪ ۾ بيحد هراس هئو، ڏينهن ته نڪري ويندو هئو، پر رات جو بليڪ آئوٽ ٿيندي هئي ته سڀ شهر واسي پنهنجا در دروازا بند ڪري صرف لالٽين سان ڪم ڪڍندا هئا. هڪ ڀيري اُن لالٽين جي به ڪجهه روشني جي اسانجي بيڊ روم واري دريءَ مان ٻاهر نظر پئي آئي ته اسانجي گهر جي سامهون رهندڙ گورنيمنٽ ڪانٽريڪٽر منظور آرائينءَ اسان جو دروازو کڙڪائي انتهائي شفقت وچان ان روشني کي ڌيمو ڪرڻ لاءِ چيو! هوڏانهن 1965ع واري جنگ جيان هن ڀيري به تقريبن هر هندوءَ جي گهر مان ڪهڙو به اداريءَ جو الزام لڳائيندي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀاتي کي سکر جي سينٽرل جيل پئي موڪليو ويو. اسان بچي وياسين؛ جو اسان جو پوري پاڙي ۾ صرف هڪ ئي هندو گهر هئو ۽ اسانجي ٻار هئڻ سبب شايد ڪنهن کي خبر به ڪو نه هوندي ته اُتي به ڪو هندو گهر رهندڙ آهي.پوءِ جڏهن حالتن ۾ ٺاپر آئي ته اهي سڀ آزاد ڪيا ويا.
    اسان جو ڪپڙي جو دوڪان به ايترو ڪو نه هلي رهيو هئو جو اُنجي ڪمائيءَ جي اڌ مان صحيح نموني اسان جو گهر هلي سگهي؛ سو ادا پريم پنهنجي ڀائيوار رميش جي والد صاحب دادا نرملداس آهوجا کان اصولي طور دوڪان بند ڪرن جي اجازت ته ورتي پر اسان ريشم گليءَ واري جهوني دوڪاندار نندن کي جيڪو سمورو ڪپڙو ڏيئي دوڪان بند ڪيوسين ته اها ڳالهه دادا نرملداس کي ڪو نه وڻي، هن شهدادڪوٽ جي ڪنهن دوڪاندار کي اهو ڪپڙو پئي ڏيڻ چاهيو. اهڙي صورت ۾ ادا پريم جڏهن نندن سان ڳالهايو ته هن اشراف هڪدم اسان وارو سمورو ڪپڙو موٽائي ڏنو؛ جيڪو بعد ۾ اهو شهدادڪوٽ وارو واپاري کڻي ويو.
    هينئر ادا پريم پنهنجي دوست نارائڻ گرباڻي ۽ پنهنجي شريڪ حيات دروپديءَ جي سئوٽ لڇمڻ سان ڀائيواريءَ ۾ اناج منڊيءَ ۾ سيٺ ساجنداس کان ڪرائي تي دوڪان وٺي اُتي اناج جو بزنس شروع ڪيو. تڏهن منهنجي ايم اي (سنڌي) جا امتحان اڃا پري هئا ته اهڙي صورت ۾ مونکي پڻ اڪائونٽس سيکارڻ لاءِ اسان جي سئوٽ سيٺ ساجنداس جي ڀلاوڻي واري ڪوٺيءَ تي لاڳائي ڇڏيو. اُتي اسان جو ئي هڪ ٻيو سئوٽ ڀڳوانداس هنن وٽ سروس ڪندڙ هئو جيڪو بلڪل شفيق نموني مونکي سمورو اڪائونٽس وارو ڪم سيکاريندو رهيو. اُتي سيٺ ساجنداس جا به ٻيا ٻه ڀائيوار هوندا هئا.
    جيڪي پڻ مون سان انتهائي شفقت سان هلندا هئا. تڏهن سيٺ ساجنداس جو هڪ جهونو استاد هوندو هئو علي حسن منگي صاحب؛ جيڪو سکر مان قومي اسيمبليءَ لاءِ چونڊيل ميمبر پڻ هئو؛ ان جو پنهنجي جهوني شاگرد سيٺ ساجنداس سان ڏاڍو پيار هوندو هئو. پوءِ مرڪزي سرڪار طرفان چانورن جي آمدني روانگيءَ مٿان پابندي هٽائي ويئي ته سيٺ ساجنداس پنهنجي لاڙڪاڻي جي دوست الله وسايو شيخ جي پٽ ارباب ۽ ادا پريم کي ڀائيوار ڪندي ڪراچيءَ ۾ نيو چاليءَ واري پنهنجي ڪوٺي تي ڀلاوڻي جو ڪم شروع ڪيو. ادا پريم اُتي اسان جي طرفان پنهنجي سالي لڇمڻ کي موڪليو؛ ڇو ته ادا پريم اتان ملندڙ ڪمائي پڻ نارائڻ گرباڻيءَ ۽ لڇڻ کي به ڏيڻ پئي چاهي. پر پوءِ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون ٿيون جو ادا پريم لڇمڻ کي واپس لاڙڪاڻي گهرائي پاڻ ڪراچيءَ ويهڻ شروع ڪيو. اها ڳالهه لڇمڻ جي دل ۾ اسان جي طرفان سندس نقصان جو سوچيندي ويهجي ويئي هئي.
    1972ع جي سياري جا ڏينهن هئا مون به سيٺ ساجنداس وٽان اڪائونٽس جو ڪم سکڻ بند ڪري ننڍي پئماني تي اناج جو سول سيل بزنس شروع ڪيو هئو. آءٌ اناج خريد ڪري سيٺ ساجنداس جي رائيس مل تي رکندو هو؛ جنهن لاءِ هو مونکان ڪجهه به مسواڙ ڪو نه وٺندو هئو ۽ پوءِ ٽرڪ ڀرائي ڪري حيدرآباد موڪليندو هوس! ڪڏهن ڪڏهن آءٌ پاڻ به لاڙڪاڻي جي ڪجهه واپارين سان حيدرباد ويندو هوس ۽ اتي وڃي پنهنجي ڀلاوڻي سان حساب ڪتاب ڪري ايندو هوس.
    انهن ڏينهن ۾ آءٌ روز شام جو پنهنجي روزاني ڊائري لکندو هوس ته منهنجو ڏينهن ڪيئن گذريو. هڪ ڏينهن گهر اچي پنهنجي ٽيبل تان اها ڊرائي کڻي لکڻ چاهي ته لڀي ئي ڪو نه! سڄو گهر اُٿلائي ڇڏيو پر مجال جو ڊائريءَ جو اَتو پتو به ملي! مونکي لڇمڻ ۾ ڪجهه ڪجهه شڪ پئجي رهيو هئو. پوءِ هو جو ڪجهه دير سان گهر موٽيو؛ جيڪو رهندو به اسانجي گهر ۾ هئو ته ماني به اسان وٽ ئي کائيندو هئو. ان منهنجي پڇڻ تي قبول ڪيو ته ڊائري وٽس آهي؛ پر هن مونکي ڏيڻ کان انڪار ڪيو. آءٌ سخت پريشان هوس. مون ادا پريم کي ڪراچيءَ فون ڪري اهڙي ڳالهه کان واقف ڪيو. جنهن بعد لڇمڻ جيڪب آباد پنهنجي گهر موٽي ويو ته وري ڪو نه آيو. ائين ادا پريم نارائڻ ۽ لڇمڻ واري اها ڀائيواري ته ٽٽي ويئي پر لڇمڻ ٿورو ٿورو ڪري ايتري کڻت کڻي چڪو هئو جو هن جو اسان ڏانهن هينئر ڪجهه به حساب ڪو نه نڪري ها! سکر موٽي ويو ته به مونکي پنهنجي ڊائري ڪو نه ڏيئي ويو؛ جيڪا ڳالهه مونکي زبردست پريشان ڪري رهي هئي. ڊائريءَ ۾ مون ٻيو ته ڪجهه به نه لکيو هئو پر انٽرنيشنل واقعات ۾ صدر نڪسن ۽ واٽر گيٽ اسڪينڊل وغيره بابت جو ڪجهه لکيو هئو ته پنهنجي اندر ۾ ڄڻ هڪ خوف پئي ٿيو ته الائي اسان کي اها آزادي آهي يا نه، جو اسين بين الااقوامي حالات بابت ڪجهه لکي سگهون!
    1972۾ مون ايم اي (سنڌي) جو پهريون سال ڏنو ته بلڪل واندو هوس. ادا پريم مونکي نارائڻ گرباڻي، گوپي ۽ قمبر جو به هڪ ڀائيواري گوپي ساڻ ڪندي 1973ع دوران قمبر ۾ هڪ رائيس مل ٺيڪي تي کڻندي اوڏانهن ڪم ڪرايو، قمبر وارو گوپي به نيڪ دل انسان هئو؛ پر ورڪنگ پارٽنر هوندي کڻت ايتري ته کڻندو آيو ۽ ان سال اوتري اپت ئي ڪو نه ٿي ته پوءِ اپريل 1974ع ڌاري اهو ڪم بند ئي ڪرڻو پيو. اهو قمبر وارو بزنس هلندي ئي مون 1973ع ايم اي(سنڌي) فائنل امتحان به ڏيئي ڇڏيو هئو.
    ان وچ ۾ لڇمڻ وٽان منهنجي ڊائري جو نه ملڻ مونکي پريشان ئي ڪري رهيو هئو. هڪ ڏينهن لڇمڻ جو وڏو ڀاءُ رام اسان وٽ لاڙڪاڻي ۾ ادا پريم وٽ لڇمڻ جو حساب ڪرڻ آيو، ته سڀاويڪ طور حساب ڪرڻ کان اڳ ئي کيس منهنجي ڊائري مونکي واپس ڪرڻي پيئي. بعد ۾ رام پاڻ به جيڪو اڪائونٽس ۾ ماهر هئو. ان ادا پريم سان لڇمڻ وارو سمورو حساب ڪتاب ڪيو ته اڃا به اسان جا پئسا لڇمڻ ڏانهن نڪري رهيا هئا. اُهي رهيل پئسا ته ڪو نه مليا؛ پر ان حساب ڪتاب جي بهاني مونکي منهنجي ڊائري واپس ملي ويئي. پوءِ ته ان صدمي باعث مون وري اها ڊائري لکڻ شروع ئي ڪو نه ڪيئي!
    1973ع جي گرمين ۾ ان سال سنڌ ۾ هڪ وڏي ٻوڏ اچي منهن ڪڍيو؛ جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ان مهل جو سنڌ جو وزيراعليٰ ممتاز ڀٽو ۽ خود پاڪستان جو وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو به اچي لاڙڪاڻي پهتا هيا. ممتاز ڀٽو صاحب ته پاڻ گهارن ۾ وڃي اتي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته فطرتن گورنمينٽ مشينري به وڌيڪ چاڪ و چوبند ٿيندي ڪم ڪري رهي هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن آءٌ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي وزيراعظم هوندي به بلڪل اڪيلو بنا ڪنهن سڪيورٽيءَ جي پنهنجي اسپورٽس وهيڪل ۾ پنهنجي گهر مان ٻاهر نڪري ڪيڏانهن ويندي ڏٺو. هن کي ڪهڙي به نموني سنڌ کي ٻوڏ کان بچائڻو هئو؛ خاص ڪري شهرن کي ته وڌيڪ ئي محفوظ رکڻو هئو ته جيئن جان و مال جو وڌيڪ نقصان نه ٿئي!


    [​IMG]

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 22 نومبر 2015
    __
     
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 34

    سنيل دت ۽ ساڌنا به اُتي ئي پڙهي چڪا هئا!

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

    1974ع شروع ۾ ئي ادا پريم وارو ڪراچيءَ ۾ هلندڙ اناج وارو ڪم بند ٿي ويو؛ ته ادا پريم به لاڙڪاڻي موٽي آيو. ان سال ادا پريم، نارائڻ گرباڻي ۽ اسان جي سئوٽ جواهر مٽلاڻيءَ سان ڪوھ مري ۽ ڪاغان گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو هئو. هن سال ادا پريم مون کي به وٺي هليو. اسان سڀ کان پهرين حسن ابدال ۾ بابا گرو نانڪ جي ”گردواره پنجا صاحب“ ۾ ويساکيءَ جو ميلو ڏسڻ ۾ جو پروگرام ٺاهيو هئو.
    اسين 12 اپريل 1974ع تي لاڙڪاڻي مان نڪري روهڙيءَ کان ٽرين پڪڙي وايا لاهور-راولپنڊي کان ٿيندا سڌو ئي 13 اپريل تي رات جو 9:00 وڳي کن اچي ” حسن ابدال“ اسٽيشن پهتاسين. ٻاهر شهر ۾ نڪتاسين ته ويساکيءَ جي ميلي سبب سڀ هوٽلون اڳواٽ ئي ڀريل هيون. هڪ هوٽل واري ايتري مهرباني ڪيئي جو ورانڊي ۾ بسترا لڳائي ڏنائي، جتي اسان رات گذاري. صبح جو 14 اپريل تي گردواره پنجا صاحب، ۾ وڃڻ کان اڳ ان گردواري سامهون پهاڙيءَ تي صوفي درويش بابا ولي قنڌاريءَ جي درگاھ به ڏسي آياسين.
    هيٺ اچي ”گردواره پنجا صاحب“ ۾ ڏٺوسين، ته اتي تقريبن سڀ جو سڀ رضاڪار سنڌي ئي پئي نظر آيا؛ ويندي سڀني جي لاءِ مانيءَ جو بندوبست پڻ رتي ديري جو مکي پرمانند سنڀالي رهيو هئو. اسان به ”پنجا صاحب“ واري چشمي مان وهنجي گرو گرنٿ صاحب جي هلندڙ اکنڊ ڀوڳ صاحب ۾ پڻ شرڪت ڪيئي. اُتي ئي اسان کي جواهر جا پاڙيسري سترام، اناج جو واپاري درشن آهوجا جنهن جو مامون نانڪرام موٽواڻي هتي هندوستان ۾ ڪسٽم ۾ آفيسر هئو ۽ ڪجهه ٻيا همراھ به نظر اچي ويا. جواهر جي انهن سان ويجهڙائپ هئي ته پوءِ اسين به انهن سان ئي گڏجي راولپنڊيءَ اچي ساڳئي ئي هوٽل ۾ رهياسين.
    دراصل جواهر مٽلاڻي مالي لحاظ کان جيئن ته اسان کان ڪجهه وڌيڪ خوش ماڻهو هئو ته اهو ته انهن دوستن واري اسٽينڊرڊ سان مهانگي هوٽل ۾ اسان کي به آڻي رهايو هئو. پر سچ اهو هئو ادا پريم وارا هر سال ڀل گهمڻ نڪرندا هئا پر هنن جي وزٽ خرچ جي لحاظ کان ايڪاناميڪل هوندي. هاڻ جو جواهر آڻي اسان کي ان اوچي هوٽل ۾ رهايو هئو ته فطرتاً هر هڪ ئي شيئر به وڏو ئي اچڻو هئو. ان لاءِ ادا پريم، نارائڻ ۽ مان پاڻ ۾ اهو ڪجهه محسوس ته ڪيوسين پئي پر جواهر کي چئي نه پئي سگهياسين؛ جو هيڪر لاڙڪاڻي مان گڏجي نڪتا هئاسين ته پوءِ ٿوري گهڻي ايڊجسٽمينٽ ته سڀ کي کپندي ئي هئي.
    راولپنڊيءَ ۾ هڪ رات رهي اسين ايندڙ صبح جو سوير ئي ڪوھ مريءَ لاءِ نڪري وياسين. جواهر جو پاڙيسري درشن آهوجا به اسان جي گروپ ۾ جڙي ويو. هينئر اسين پنج ڄڻا هئاسين؛ ادا پريم، نارائڻ گرباڻي، جواهر، د رشن ۽ مان. ڪوھ مريءَ پهچي اسين هوٽل ۾ روم وٺي جلدئي ايوبيا ۽ نٿيا گليءَ مان ٿي آياسين. ايندڙ ڏينهن 16 اپريل تي اسين ڪار تي ڀوربن گهمڻ نڪتاسين ته رستي تي هڪ هنڌ شوٽنگ پئي هلي. لهي ڏٺوسين ته وحيد مراد ۽ ديبا تي هڪ گاني جي پڪچرائزيشن پئي ڪئي ويئي. اسان ٿوري دير پري کان بيٺي پئي اها شوٽنگ ڏٺي. پوءِ هنن جيئن ئي ڪجهه وقت لاءِ شوٽنگ بند ڪئي ته ادا پريم، وحيد مراد کي فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ عرض ڪيو؛ وحيد مراد بيحد شفقت وچان هاڪار ڪندي اسان سان گڏ فوٽو ڪڍائڻ لاءِ تيار ٿي بيٺو. پوءِ مون ٻڌايومانس ته اسين لاڙڪاڻي مان آيا آهيون، ته هن فٽافٽ چيو: ” آپ تو دارالخلافه سي آئي هين!“ اسان ۾ پاڻ ۾ ته همت ڪو نه هئي؛ سو مون وحيدمراد کي ئي عرض ڪيو هو ديبا کي به فوٽو ۾ بيهڻ لاءِ چوي. هن ته دير ئي نه ڪئي ۽ ديبا کي به سڏ ڪري اُن فوٽو ۾ اسان سان گڏ بيهاريو ۽ اسان جي ڪيمره پنهنجي ئي اسٽل فوٽو گرافر کي ڏنائين؛ جنهن اسان جو اهو گروپ فوٽو ڪڍيو.
    پوءِ اسين سندن ٿورا مڃيندي پنهنجي منزل ڀوربن ڏانهن اڳيان وڌياسين. ڀوربن،ڪوھ مريءَ کان ڪشمير روڊ تي 9 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي؛ جنهن تي اهو نالو ڀروارن ڀوربن ٻيلن تان پيل آهي. ڀوربن، سمنڊ جي سطح کان 6000 فوٽ اوچائيءَ تي آهي؛ جيڪو دراصل مريءَ کان ته هڪ هزار فوٽو هيٺاهينءَ تي آهي؛ پر پنهنجي ساوڪ سبزه زاري ۽ اُتان واري گولف ڪورس ميدان سبب بيحد مشهور آهي. هاڻ ته ڀوربن کي اسلام آباد-مري ايڪسپريس وي سان جوڙيو ويو آهي؛ جنهن سبب اسلام آباد کان صرف منو ڪلاڪ جي مسافريءَ تي ڀوربن پهچي سگهجي ٿو. ڀوربن ۾ هڪ فائيو اسٽار هوٽل ”پرل ڪانٽينيٽل“ پڻ ٺاهيو ويو آهي، جنهن کانسواءِ ڪيترا ٻيا به هوٽل پڻ اُتي سياحن جي سهوليت لاءِ موجود آهي، سياحن جي رهڻ لاءِ ڀوربن کان صرف ٻه ڪلوميٽر مفاصلي تي ”ڀوربن هل اپارٽمينٽ“ پڻ ٺاهيل آهي؛ جتي وري پهاڙن جي اوچائيءَ تان ڪيترن ئي تيز وهندڙ چشمن جو خوبصورت نظارو ڏسي سگهبو آهي.
    اسين ڀوربن مان ڪوھ مريءَ ڏانهن جڏهن موٽي رهيا هئاسين، ته رستي ٻيهر به وحيد مراد ۽ ديبا، وارا پڻ ڪار ۾ ڀوربن ڏانهن ويندي نظر آيا؛ جو باقي کين شوٽنگ اوڏانهن ڪرڻي هوندي. اسين ڪوھ مريءَ مان ساڳئي ئي ڏينهن 16- اپريل تي شام جو ايوبيا ۽ نٿيا گليءَ واري طرف کان 9 ڪلوميٽر مفاصلي تي ايبٽ آباد نڪري وياسين. اُتي هڪ رات اسين هوٽل ۾ رهياسين ۽ ٻئي ڏينهن 17-اپريل تي بالاڪوٽ (ڪاغان) لاءِ نڪتاسين. 63 ڪلوميٽر جي پنڌ تي مانسهره هئو.
    مانسهره پڻ هڪ بهترين هل اسٽيشن هئي؛ جتان ڪاغان، ناران، شوگران، سيف الملوڪ ڍنڍ ۽ بابو سر چوٽيءَ طرف وڃي سگهبو آهي. ”مانسهره“ لاءِ ڪن جو چوڻ آهي ته اهو هندي لفظ ” مهان صحرا“ جو بگڙيل روپ آهي.
    پر ڪي وري چون ٿا ته اوڻويهين صديءَ دوران راجا رنجيت سنگهه واري دور ۾ اتان جي گورنر مان سنگهه ئي ان شهر جي اڏاوت ڪرائي هئي؛ جنهن سبب ان جي نالي پٺيان ئي شهر جو نالو پڻ پيل آهي.
    اسان کي مانسهره کان به 48- ڪلوميٽر اڃا به اڳيان وڃڻو هئو؛ جو اڄوڪي ڏينهن لاءِ اسان جي منزل بالاڪوٽ هئي. اسين شام ڌاري بالاڪوٽ پهتاسين ۽ جلدي جلدي فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جي ريسٽ هائوس ۾ روم وٺي ٻاهر پهاڙيءَ جي هنج ۾ اهو شهر ڏسڻ نڪتاسين. ڪاغان ماٿريءَ واري تارُڻ جي پل پڻ هن ئي شهر ۾ واقع آهي؛ جتي اچي اسان ڪجهه فوٽو ڪڍياسين.
    بالاڪوٽ، خير پختونخواھ صوبي ۾ مانسهره ضلعي اندر ئي اچي ٿو؛ جيڪو ڪاغان ماٿريءَ جي هيٺاهينءَ تي اهم ۽ خوبصورت شهر آهي؛ جيڪو سمنڊ جي سطح کان 3188-فوٽن جي اوچائيءَ ڪاغان ماٿريءَ جو منڍ هئڻ سبب انتهائي اهم شهر آهي. 2005ع ۾ آيل زلزلي سبب هيءُ شهر قدرتي آفت جو زبردست شڪار ٿيو هئو؛ جنهن جو پاڪستان جي مرڪزي سرڪار ۽ سعودي عرب گڏجي اتان جي متاثرن جي مدد ڪئي ته ”نئون بالا ڪوٽ“ شهر اڏڻ ۾ پڻ گڏ رهيا.
    اسين ايندڙ ڏينهن 18-اپريل تي سيف الملوڪ ڍنڍ ڏسڻ لاءِ هڪ جيپ جي بُڪنگ ڪرائي ڇڏيسين. ٻئين ڏينهن سوير ئي صبح جو تيار ٿي ناشتو ڪري ادا پريم، جواهر، نارائڻ، درشن ۽ مان ”سيف الملوڪ ڍنڍ“ لاءِ نڪتاسين؛ پر اڃا اڌ پنڌ تي ئي هئاسين ته طوفاني هوائن سبب پهاڙن تان پٿر ڪرڻ سبب ”سيف الملوڪ ڍنڍ“ وارو رستو ئي بند لڳو پيو هئو. اهڙي صورت ۾ اسان ته کڻي رستو بدلائي ڪنهن به ٻي پوائنٽ تي وڃي پئي سگهياسين؛ پر سامهون واري طرف جيڪي به همراھ ويل هوندا آهن؛ اهي ته موٽي ئي ڪو نه سگهندا آهن ۽ کين ٽي ٽي ڏينهن انتظار ڪرڻو پوندو آهي؛ جيسين رستي تان اُهي ڇپون هٽائيندي ٻيهر وري رستو کوليو وڃي!
    اهڙي صورت ۾ اسين پنهنجي ڊرائيور کي شوگران هلڻ لاءِ چيوسين؛ جتي مٿي وڃڻ لاءِ ته ماڳهين ئي خطرناڪ بلڪل ڪچو، ۽ اصل هڪ وهيڪل وارو ئي رستو هئو. جيڪڏهن ڪٿي ڪا سامهون وهيڪل اچي ته ٻنهي ڪنڊ پاسيرو بيهي هڪ ٻئي کي ايڊجسٽ پئي ڪيو. بالاڪوٽ کان شوگران تائين 39-ڪلوميٽر وارو اهو رستو تڏهن بيحد ئي خطرناڪ هئو. بس! الله الله ڪندي اسين شوگران پهتاسين. رستي تي به هيٺاهينءَ تي نهار ته ڀوءُ پئي ٿيو! اسان کي اُتي پهچندي پهچندي شام ٿي ويئي. انهن ڏينهن ۾ شوگران واري چوٽيءَ تي صرف فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جي ريسٽ هائوس کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪو نه هئو. سائينءَ جي مهر سان اهو ريسٽ هائوس به بلڪل ئي خالي لڳو پيو هئو، ته واچ مين اسان کي اتي رهڻ به ڏنو ۽ بهترين ماني به پئي ڪري کارايائين. پر جيئن جيئن رات گذرندي پئي ويئي ته سيءُ وڌنڌو پئي ويو.
    هماليه جبلن جي پهاڙيءَ تي سمنڊ جي سطح کان 7749 فوٽ اوچائيءَ تي اها هل اسٽيشن زبردست خوبصورت ۽ ساوڪ سبزه زاريءَ جي چادر ۾ ڍڪي پيئي هئي. چيو ائين ويندو آهي ته اُتان هڪ پاسي پري کان سرينگر ته ٻئين طرف چين جون لائيٽس نظر اينديون آهن. اسان به اهي لائيٽس ته ڏٺيون؛ پر اُهي ڪو گهڻي دوريءَ تي ڪو نه هيون تنهن ڪري والله عالم ته اهي لائٽس ڪٿان جو هيون! بالاڪوٽ جيان شوگران کي به 2005ع واري زلزلي ۾ نقصان پهتو هئو؛ جنهن کانپوءِ اتي ٻيهر ريسٽ هائوس وغيره ٺاهيا ويا هئا.
    شوگران ۾ سيءُ ايڏو هئو؛ جو ايندڙ ڏينهن تي صبح جو اٿياسين ته آبهوا به سٺي هئڻ سبب ٻاهر اُس به هئي ۽ اسين وهنجي سهنجي ڪمبل سوڌو ٻاهر اُس ۾ اچي ويٺاسين تڏهن به سيءُ گهٽجڻ جو نالو ئي ڪو نه وٺي رهيو هئو. درشن آهوجا کي به مون وانگر وڌيڪ سيءُ پئي ٿيو ۽ سڀ کان پهرين ته اهو پاڻ کي ڪمبل سان ڍڪيندي اچي اُس تي ويٺو هئو. پوءِ ته اسين به سڀ اچي اتي اس تي ويٺاسين ۽ ڪجهه دير پئي ڪچهري ڪئيسين!
    بعد ۾ اسين ڪالهه کان آندل پنهنجي جيپ ۾ واپس بالا ڪوٽ آياسين ۽ رات جو ٻيهر اُتي ريسٽ هائوس ۾ اچي آرام ڪيوسين! جيتوڻيڪ ”شوگران هل اسٽيشن“ ۾ اسان کي ڏاڍو مزو آيو هئو؛ پوءِبه ادا پريم جيئن ته ٻه سال اڳ ”سيف الملوڪ ڍنڍ“ ڏسي آيو هئو ۽ ان جي ڏاڍي ساراھ پئي ڪئي ته منهنجي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اها سيف الملوڪ ڍنڍ نه ڏسڻ جي ڪسڪ ضرور باقي رهجي ويئي.
    اسين ايندڙ ڏينهن تي صبح جو ئي بالاڪوٽ مان سڌو ئي راولپنڊيءَ لاءِ بس ۾ نڪتاسين ۽ شام جو دير سان اچي اُتي پهتاسين. اُتان جيئن ته رات جو هڪ ٽرين ڪراچي وايا روهڙي نڪرڻي هئي؛ ته اهڙي صورت ۾ اسان ريلوي اسٽيشن تي بُڪنگ ونڊو تي رزرويشن پئي ڪرائڻ چاهي. اسان جي طرفان ادا پريم ئي ان بُڪنگ ڪلارڪ سان ڳالهائي رهيو هئو. بُڪنگ ڪلارڪ به هڪ نوجوان شخص هئو؛ جنهن ادا پريم کي اندر آفيس ۾ اچڻ لاءِ چيو. هن جي چوڻ تي ادا پريم جيئن ئي پاسي واري دروازي کان سندس آفيس ۾ ويو ته ادا جي پٺيان هڪ ايئرفورس جو آفيسر به پنهنجي ڊريس ۾ سڌو ئي ان آفيس ۾ اندر گهڙي ويو. بُڪنگ ڪلارڪ پهرين ان ايئرفورس واري همراھ کان پڇي کيس رزرويشن نه هئڻ جو چئي هلندو ڪيو، بعد ۾ ادا پريم جڏهن کيس چيو ته ” جناب/هماري مدد ڪيجي!“ ته ان ته فٽافٽ هن همراھ به ادا کي چيو ته ”آپ هماري مدد ڪرين تو هم آپ ڪي مدد ڪرين!“
    ادا پريم ته بعد ۾ کيس هاڪار ڪئي؛ جو ٻين صورت ۾ ته اسان سڀني کي هوٽل ۾ وڃي رات گذارڻي پوي ها، پوءِ ته ان بُڪنگ ڪلارڪ تنهن زماني م صرف پنج پنج روپين جي حساب سان پنجويهه رپيا خرچ وٺي اسان کي رزرويشن ٺاهي ڏني ۽ اسين به خوشيءَ خوشيءَ ۾ سندس ٿورا مڃيندي اچي پنهنجي ٽرين ۾ چڙهياسين!
    اپريل 1974ع ۾ اتان ٽوئر تان لاڙڪاڻي موٽياسين ته ادا پريم پنهنجي وڪالت کي لڳي ويو ۽ آءٌ پهرين سمبارا ۽ پوءِ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، لاڙڪاڻي ۾ ”اين ڊي وي پي“ ماتحت اڌ پگهار تي ليڪچرر شپ شروع ڪئي هئي؛ پر هاڻ جون، 1981ع ۾ جو مون کي جئه هند ڪاليج، بمبئيءَ ڊگري ڪاليج لاءِ فل ٽائيم ليڪچررشپ جو آرڊر مليو ته آءُ دل ئي دل ۾ رب پاڪ جي بارگاھ ۾ سجده ريز ٿيندي ان جا لک شڪرانا بجا آندا، جنهن مون جهڙي مسڪين کي به بمبئيءَ جي ان ڪاليج ۾ ليڪچرر طور شرڪت ڏني هئي؛ ڪڏهن فلم اسٽار سنيل دت ۽ ساڌنا به اُتي ئي پڙهي چڪا هئا!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 29 نومبر 2015
    __
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 34

    تنهنجي مٿان هڪ وڏي پڳ رکي رهيا آهيون!

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

    مون کي جئه هند ڪاليج مان ڊگري سيڪشن لاءِ ليڪچررشپ جو آرڊر مليو، ته مان آر.ڪي.تلريجا ڪاليج الهاس نگر جي پرنسپال هريسنگهاڻيءَ معرفت مئنيجمينٽ جي سيڪريٽري، ٻلديوداس سدارنگاڻيءَ کي به ”Lien“ لاءِ درخواست ڏني جيڪا هرسينگهاڻي صاحب نه صرف پنهنجي صحيح لڳائي مٿي موڪلي؛ پر مئنيجمينٽ جي ميٽنگ مان منظور ڪرائي ورتي. مون 20-جون 1981ع تي چرچگيٽ تي واقع جئه هند ڪاليج، بمبئي وڃي جوائن ڪيو. جڏهن پرنسپال ٽي. جي. خوبچنداڻي صاحب کي جوائننگ رپورٽ ڏيئي رهيو هوس؛ ته هن مونکي وڌيڪ باخبرٿيڻ لاءِ چيو، ته
    ”پٽ! اڄ اسين تنهنجي مٿان هڪ وڏي پڳ رکي رهيا آهيون! اسان توکي هڪ اهڙي پوزيشن سونپي رهيا آهيون؛ جتي هن کان اڳ رام پنجواڻي ۽ ارجن ”شاد“ رهي چڪا آهن!“ مون به کانئن آشيرواد وٺندي نهٺائيءَ مان چيو
    ” شال! رب پاڪ اها توفيق ڏيندو ته سنڌي شعبي جي عزت وڌندي ئي رهندي!“
    چرچ گيٽ، بمبئي ”اي“-روڊ تي واقع جئه هند ڪاليج ۾ هيٺ گرائونڊ فلور تي پرنسپال آفيس ۾ جوائننگ رپورٽ ڏيئي مٿي ٽئين ماڙي تي ”پروفيسرس ڪامن روم“ ۾ ويس؛ جتي پهرئين ڏينهن الهاس نگر جو ئي هڪ ٻيو شخص، گوپ روپچنداڻي پڻ هندي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ هئو. روپچنداڻي صاحب عمر ۾ ته مون کان تقريبن ويهارو سال کن وڏو هئو؛ پر پهرئين ڏينهن کان اسين هڪٻئي جي ايترو ويجهو اچي وياسين؛ ڄڻ سالن يار هجون!
    جئه هند ڪاليج، بمبئيءَ جي سوين ڪاليجن مان هڪ اهم ڪاليج هئو؛ جتي صرف ايڊميشن لاءِ ئي شاگرد تڙپندا هئا. ان لاءِ انهن ڏينهن ۾ ته اُتي پنجاسي، پنجهتر ۽ پنجهٺ سيڪڙو تي يارهون سائنس، ڪامرس ۽ آرٽس لاءِ ايڊميشن بند ٿي ويندي هئي؛ جيڪا اڄ ته 90 سيڪڙو تي به وڃي پهتي آهي ۽ ٽنهي فيڪلٽيز ۾ ايڊميشن لاءِ جيڪڏهن ڪنهن کي نوي سيڪڙو کان وڌيڪ مارڪون آهن ته لياقت آهر سائنس، ڪامرس ۽ آرٽس ۾ جئه هند ڪاليج ۾ ايڊميشن ٿيندي، نه ته ٻين صورت ۾، شاگردن کي ٻين ڪاليجن ۾ وڃڻو پوندو آهي.
    ڪڏهن فلم اسٽار راجيش کنا ۽ مشهور صنعتڪار انيل امباڻي به جئه هند ڪاليج ۾ ايڊميشن جي تمنا ڌاريندي جڏهن اُتي داخلا ڪو نه وٺي سگهيا هئا؛ ته پوءِ ئي چرچگيٽ تي ڀر واري ايراضيءَ ۾ واقع سنڌي مئنيجمينٽ جي ئي هڪ ٻي تعليمي درسگاھ ”ڪي.سي.ڪاليج“ ۾ وڃي ايڊميشن ورتي هئائون. فلم اسٽار سنيل دت ته پنجاھ واري ڏهاڪي ۾ به جڏهن اُتي ايڊميشن ڪو نه پئي وٺي سگهيو؛ ته پوءِ هو ان مهل جي پرنسپال ٽي. ايم.آڏواڻيءَ سان گڏيو هئو. دراصل ٽي. ايم.آڏواڻي ئي جئه هند ڪاليج جو پايو وجهندڙ ۽ پهريون پرنسپال هئو؛ ان کي به سنيل دت تي الائي ڪيئن مهر اچي ويئي ۽ اٿي وڃي اُن جي ايڊميشن ڪرائي هئائين؛ تڏهن سنيل دت ” بلراج دت“ واري اصلي نالي سان سڃاتو ويندو هئو. بعد ۾ پرنسپال ٽي.ايم.آڏواڻي، پهرين بامبي يونيورسٽي ۽ پوءِ ڪشمير يونيورسٽي جو وائيس چانسلر به بڻيو هئو. موجوده پرنسپال ٽي. جي.خوبچنداڻي صاحب به ٽي.ايم.آڏواڻيءَ سان ان ڪاليج جي اسٿاپنا ۾ شانه بشانه گڏ رهيو هئو ۽ ويڏين تڪليفن سان اهو ڪاليج 1948ع واري وقت کان پهرين ”ايلفنسٽن ڪاليج“ کان ڪجهه حصو ڪرايي تي وٺندي ” جئه هند ڪاليج“ جي نالي سان شروع ٿيو هئو. پوءِ وري پيڊر روڊ تي ڪجهه ٺڪاڻو مليو ته ڪجهه وقت پوري جو پورو ڪاليج اُتي شفٽ ٿيو؛ پر ٽي.ايم.آڏواڻي صاحب طرفان ڪاليج لاءِ پنهنجي بلڊنگ ٺاهڻ جي ڳولا جاري ئي رهي. آخر هن بامبي پريزيڊنسيءَ جي چيف منسٽر مرارجي ڊيسائي کان چرچگيٽ تي سمنڊ ڀر نئين اڏايل ” اي-روڊ“ واري زمين الاٽ ڪرائي مرين ڊرائيو تي ان ڪاليج لاءِ پنهنجي نويڪلي عمارت تعمير ڪرائي هئي.
    جئه هند ڪاليج جو ڪلچر به انتهائي اعليٰ هئو؛ اُتي هر سال پهرئين ڏينهن تي ڪاليج ايڊمنسٽريشن طرفان ميٽنگ رکندي پوري ٽيچنگ اسٽاف جو نئين سال لاءِ استقبال به ڪيو ويندو آهي ته هڪ شاندار لنچ پارٽي پڻ ڏني ويندي آهي. هتان جي ٽيچنگ فيڪلٽي به پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ زبردست مهارت رکندڙ هوندي هئي؛ رام پنجواڻي، سنڌي؛ ڪلياڻ آڏواڻي: انگش؛ چيتن ماڙيوالا: هسٽري؛ ٽي. جي. خوبچنداڻي: لائيف سائنس؛ سڀ جو سڀ پنهنجي مخصوص علم ۾ زبردست ماهر هوندا هئا. منهنجي لاءِ ته اهو ڄڻ هڪ سپنو پئي لڳو! اڃا چار سال اڳ الهاس نگر ۾ جتيون گسائندي ڪڏهن اتان جي ڪنهن ننڍي وڏي اسڪول ۾ ئي ماستر ٿيڻ جي تمنا ڌاريندڙ ٻلديو اڄ جئه هند ڪاليج جي پوش فيڪلٽي ميمبران مان هڪ هئو. مون بار بار خيالن ئي خيالن ۾ رب پاڪ جي بارگاھ ۾ سجده ريز ٿيندي ان جا لک شڪرانا بجا آندا، جنهن مون جهڙي معصوم ٻار تي ايڏي وڏي مهر ڪيئي هئي!
    جئه هند ڪاليج ۽ آر.ڪي. تلريجا ڪاليج جي ڪلچر ۾ ڏاڍو فرق هئو؛ جتي تلريجا ڪاليج ۾ شاگردن سان رڙيون به ڪرڻيون پونديون هيون؛ انهن کان ڪڏهن ڪڏهن ته سندن شناختي ڪارڊ وٺندي مائٽن کي وٺي اچڻ لاءِ چوندا هئاسين؛ به هنن کي چنتا ئي ڪو نه هوندي هئي. پڇاڙيءَ اسان ئي انهن کي ٿوري ڇڙٻ ڏيئي اُهي ڪارڊ موٽائي ڏيندا هئاسين. ” پروفيسرس ڪامن روم“ ۾ تلريجا ڪاليج جا ٽيچر به بحث ڪندي هڪٻئي سان اٽڪي پوندا هئا؛ پر هتي ته ڪڏهن به ڪنهن کي وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ جي ضرورت ئي ڪانه پوندي هئي. هتان جو ماحول ئي ڪجهه ڪجهه سيمي-يورپين لڳو پيو هوندو هئو. هتان جون ليڊي ٽيچرس ۽ گرل اسٽوڊنٽس جنهن قسم جا ڪپڙا پائي اينديون هيون؛ الهاس نگر ۾ ته اتان جون ڇوڪريون اهو سوچي به نٿيون سگهن! انتهائي مهذب ماحول هوندو هئو. مان جون هريل هوس تلريجا ڪاليج جي ڪلچر تي؛ ته خبر ناهي ڪهڙي ڳالهه تي هڪ پارسي شاگرد کان سندس ”آئڊينٽٽي ڪارڊ“ کسيندي مائٽن کي وٺي اچڻ لاءِ چيو. ٻئين ڏينهن تي ان جي الٽرا – مارڊن ماءُ روئندي آئي ۽ مون کان معافي گهري رهي هئي! پوءِ ته مان به شرمسار پئي ٿيس ۽ ان ڀيڻ کي آٿت ڏيندي کيس گهر واپس موڪليو. ليڪچر هلندي تلريجا ڪاليج ۾ رڙيون ڪرڻ سان به شاگرد سمجهڻ وارا ڪو نه هوندا هئا؛ پر هتي صرف ناراضگيءَ جو مظاهرو ڪرڻ ۽ اهڙو اشارو ڪرڻ سان ئي شاگرد گهٻرائجي ويندا هئا! پوءِ ته اک ڏيکارڻ جي به ضرورت ڪانه رهندي هئي.
    اڃا مونکي جئه هند ڪاليج ۾ آئي ٻه چار ڏينهن ئي ٿيا هوندا ۽ آءٌ به جيسين ان ماحول کي ڏسان ۽ سمجهان؛ ته بي اي پارٽ II جو هڪ شاگرد وڪرم نانڪاڻي اچي مون سان گڏيو ۽ ٻڌايائين ته هو گذريل سال کان ڊاڪٽر ارجن شاد کي چوندو رهيو هئو ته بند ٿيل ”سنڌي سرڪل“ کي ٻيهر کوليو وڃي ۽ ”انٽر-ڪاليجئٽ سنڌي ڊراما ڪامپٽيشن منعقد ڪئي وڃي؛ پر کانئس موٽ ڪو نه ملي سگهي هئي. آءٌ ته هن جي ڳالهه ٻڌي ئي خوش ٿي ويس. خبر پيئي ته جيڪڏهن ” سنڌي سرڪل“ ٻيهر جيئاري ويندي ته ڪهڙي به فنڪشن لاءِ ڪاليج طرفان ڪجهه به مالي بجيٽ ڪو نه ڏنو ويندو ۽ جيڪو ڪجهه به ڪرڻو هئو ته شاگردن ۽ ٽيچرن کي ان لاءِ ٻاهران فنڊ ڪٺو ڪرڻو هئو!
    981ع واري زماني ۾ پيسي جو قدر هوندو هئو. وڪرم ۽ مون ويٺي پروگرام جا تفصيل ٺاهيا ته وڪرم پاڻ ئي چيو ته هن جي ” بُش ريڊيو ڪمپني“ جي مالڪن سان ٿوري گهڻي سڃاڻپ آهي ۽ هو کانئن ٻه هزار کن اسپانسرشپ وٺي سگهندو. پوءِ ته هن سان گڏ هڪ گرل اسٽوڊنٽ هوندي هئي ”رشمي“؛ اها به ويئي ته هڪ شاگرد جڳديش به ويو ۽ ٽيئي ڄڻا سچ پچ ” بش ريڊيو“ جي مالڪن مولچنداڻيءَ وارن کان ٻه هزار رپين جي اسپانسرشپ وٺي آيا. اسين ويهي ڪري تمام سنڌي ڪاليجن لاءِ ”پهرين انٽر-ڪاليجئيٽ سنڌي ڊراما ڪامپٽيشن“ ۾ شاگردن طرفان بهرو وٺڻ لاءِ رولس ريگيوليشنس ٺاهياسين. ڪاليج طرفان انٽري-فارم موڪلڻ جي آخري تاريخ طئه ڪئيسين. وڌيڪ داخلائون ملڻ جي صورت ۾ هڪ ڏينهن اڳ سڀني ڪاليجن جا ڊراما ڏسي Elinimation (ڇانٽڻي) ڪرڻي هئي؛ جيئن فائنل رائونڊ ۾ چار آخرين ڊراما ڏيکاري سگهجن.
    اسان جئه هند ڪاليج ۾ ”سنڌي سرڪل“ جي ميمبرشپ ڊرائيو شروع ڪئيسين. شاگرد بمبئيءَ جي سنڌي ڪاليجن کي وڃي اسان جا آفر ليٽر ڏيئي آيا. مون هڪ ڳالهه ڄاڻي واڻي ڪيئي ته جيتوڻيڪ سنڌي شعبي جي سربراھ هئڻ جي حيثيت ۾ ”سنڌي سرڪل“ جو چيئرمن به مان پاڻ هوس، پر مون سمورن ڪاليجن کان انٽري وٺڻ لاءِ ڪورنگ ليٽر پنهنجي ڪاليج جي پرنسپال ٽي.جي. خوبچنداڻي صاحب کان صحيح ڪرايو ته جيئن وڌ ۾ وڌ تعاون ملي سگهي. الهاس نگر ڪاليجن جا ٻيئي ليٽر آندا ۽ پاڻ وڃي ديال آشا سان گڏجي چاندي ٻائي ڪاليج جي پرنسپال ڪنعيا لال تلريجا ۽ هيروشيوڪاڻيءَ سان گڏجي آر.ڪي.تلريجا ڪاليج جي پرنسپال هرسينگهاڻيءَ کي ڏيئي آيس. ٻنهي صاحبان کي اسان جي طرفان ان نئين چٽا ڀيٽيءَ جي آئيڊيا ڏاڍي وڻي. آءٌ جنهن ڏينهن الهاس نگر ۾ کين اُهي ليٽر ڏيڻ ويو هوس؛ تڏهن ايڏو ته زور سان مينهن پئي پيو جو الله سائين به ڄڻ منهنجو امتحان وٺي رهيو هئو ته مون ۾ پنهنجي پروگرام کي حقيقي روپ ڏيڻ لاءِ ڪيترو صدق ۽ صداقت آهي!
    اسان کي پهرئين سال ٻاهريون ڪل پنج داخلائون مليون: ڪي.سي.ڪاليج، نيشنل ڪاليج ۽ وويڪانند ڪاليج بمبئي ۽ الهاس نگر جا ٻيئي ڪاليج چاندي ٻائي همٿ مل منسکاڻي ڪاليج ۽ آر.ڪي.تلريجا ڪاليج؛ جنهن لاءِ وڪرم نانڪاڻيءَ جي صلاح هئي ته جئه هند ڪاليج سوڌو اهي ڇهه ئي يڪه فصله ناٽڪ چٽاڀيٽيءَ کان هڪ ڏينهن اڳ ”ايليمينشن ڪاميٽيءَ“ آڏو پرفارم ڪيا وڃن ۽ آخرين ڏينهن تي صرف چار ڊراما اچڻ گهرجن، پر مون کين سمجهايو ته سنڌي ڪلچرل فيلڊ ۾ ٻين ٻولين جيان ايترا نخرا ڪنداسين ته اڳيان هلي اسان جو ئي سمورو مانڊاڻ ڊهي اچي پٽ پوندو. ان لاءِ منهنجي صلاح اها هئي ته ڀل ڇهه ئي ايڪانڪي ناٽڪ فائينل ڏينهن تي پرفارم ٿين!
    پر ان لاءِ ڇهن ڊرامن لاءِ اسٽيج تي ٿوري گهڻي الڳ الڳ ضرورت آهر سيٽنگ ٺاهڻي هئي؛ ميڪ اپ مين کي ڇهه ڪاليج جي گروپس کي تيار ڪرڻ جي ادائگي ڪرڻي هئي؛ اهڙي صورت ۾ اسان جي خرچ جو تخمينو وڌندو پئي ويو. آخر اسان ”سنڌي سرڪل جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي“ جي ميٽنگ ۾ اهو طئه ڪيوسين ته ڀل ڇهه ئي ڊراما فائنل پروگرام ۾ ڏيکاريا وڃن. جيڪڏهن ” بُش ڪمپني” کان مليل ٻه هزار روپيه گهٽ ٿين ته اسين آڊيٽوريم ۾ ايندڙ تمام تماشبين لاءِ صرف هڪ رپيو ۽ پنج رپيا ٽڪيٽ پڻ رکون!
    مون 20-جون 1981ع تي جئه هند ڪاليج جوائن ڪيو هئو ۽ صرف ٽن مهينن جي اندر اسين سيپٽمبر 1981ع تي ” پهرين انٽر-ڪاليجئيٽ سنڌي ڊراما ڪامپٽيشن“ منعقد ڪرائي هئي. پرنسپال ٽي.جي.خوبچنداڻي صاحب اسان کي پنهنجي آفيس مان هڪ پراڻي وڏي سلور ٽرافي ڪڍي ڏني؛ جيڪا اسين اُتي وڃي ’جهوري برادرس‘ مالڪ سان ملياسين؛ جو انهن کي اُها چاندي رجائي ڪري ڊراما جا ٻه اهم ڪردار ”مزاحيه ۽ المناڪ“ روپ ڏيکاريندي ڊراما چٽا ڀيٽيءَ لاءِ اها ٽرافي ٺاهڻي هئي ۽ ان سان گڏوگڏ ان روٽيٽنگ شيلڊ تي پاسن کان پندرهن کن ننڍيون سلور پليٽنگ به لڳائڻيون هيون ته جيئن انهن تي هر سال اسين کٽندڙ ڪاليج جو نالو لکارائي سگهون! جهويري برادرس وٽ هڪ سنڌي ماڻهو مسٽر ڀاٽيه ڪم ڪندو هئو؛ ان پڻ اسان جي چڱي همت افزائي ڪئي! نه ته شايد وقت سر اُها ٽرافي اسان کي ملي به ڪو نه سگهي ها!
    اسين جئه هند ڪاليج طرفان ”ٽائمس آف انڊيا“ ۾ آيل روزانه ڪارٽونن کي گڏ ڪندي هڪ اڳواٽ لکيل ڪهاڻي ”شري يوت“ جو سنڌي ترجمو ڪيوسين؛ جنهن ۾ بمبئيءَ جي عام انسانن جي زندگي ۽ سندن مختلف مسئلن سان هم ڪنار ٿيڻ جي پيڙا ڏيکاريل هئي. ٻاراڻي ڪي.جي. اسڪول ۾ پرنسپال طرفان مائٽن کي اهو چوڻ ته اوهان هيترا سال اڳواٽ داخلا لاءِ بوڪنگ ڇو نه ڪرائي! يعني ته اڃا ڪابه ڀيڻ پيٽ سان ئي مس ٿئي ته اسپتال وڃڻ کان اڳ پهرين اسڪول ۾ ايندڙ ٻار جي داخلا لاءِ بوڪنگ ڪرائڻي آهي؛ گهر ۾ پاڻيءَ جي نلڪن ۾ چوويهه ڪلاڪ پاڻي اچي ان لاءِ پاڙي جي ماڻهن کي گڏ ڪري ايجيٽيشن ڪرڻي آهي؛ لوڪل ٽرين ۾ اندر جيڪڏهن ڪو بدمعاش شخص گهٽ وڌ به ڳالهائي ته چپ ڪرڻي آهي؛ اهڙي نموني سماج جا ڪيترائي مسئلا ان هڪ ئي ايڪانڪي ناٽڪ ۾ آر.ڪي.لڪشمڻ جي ڪارٽونن کي آواز بڻائي ڏيکاريل هئا. ناٽڪ انتهائي شاندار لکيل هئو؛ پر مختلف مسئلن کي ڏيکارڻ لاءِ ڪردارن جي ڏاڍي گهڻ هئي؛ جنهن لاءِ ايترن گهڻن اداڪارن جي ڪاسٽيوم، اسٽيج لائيٽس ۽ تياريءَ واري مرحلي تي ڏاڍي محنت ڪرڻي هئي.
    پهرئين ئي سال کان وڪرم نانڪاڻي ۽ سندس ڀيڻ ديوي نانڪاڻيءَ کانسواءِ اسان کي هڪ شاگرد پرڪاش واسواڻي به ملي ويو؛ جيڪي سڀ جو سڀ پنهنجي فن ۾ انتهائي حد جا ماهر هئا. اسان پنهنجي ڪاليج جي ٽيم کي ڪردار ڏيئي ريهرسل به ڪرائيندا رهياسين ته پروگرام کي عملي روپ ڏيڻ لاءِ ٻين تيارين کي به لڳي وياسين. ميڪ اپ مين لاءِ آر.ڪي.فلمن جي ميڪ اپ مين کي اڳواٽ ئي پنهنجي تاريخ لکارائي ڇڏيسين؛ جو اهو ميڪ اپ ڪرڻ ۾ ايڏو ته ماهر هوندو هئو؛ جو اداڪار گم ٿي وڃي ۽ ڪردار اُڀري اچي! اسان جي سنڌي سرڪل ۾ وڪرم نانڪاڻي ۽ رشميءَ کانسواءِ هڪ ٻيو به شاگرد ڪجهه ڪجهه سرگرم هوندو هئو؛ جيڪو مون وٽ بي. اي. پارٽ II ۾ سنڌي ۾ پڙهندڙ هئو پر ڪلاس گهٽ اٽينڊ ڪرڻ باوجود به اسان جي ”انٽر- ڪاليجئيٽ سنڌي ڊراما ڪامپٽيشن“ لاءِ تيارين ۾ سٺي مدد ڪئي هئاسين: رميش ٽوراڻي! رميش ٽوراڻي: جيڪو ڪجهه سال پوءِ ”ٽپس فلم پراڊڪشن“ بينر سيٺ پروڊيوسر جي روپ ۾ بيحد مشهور ٿيو ۽ اڄ سوڌو ”ٽپس فلمس“ هندوستاني فلم انڊسٽريءَ ۾ هڪ بيحد عزت وارو مقام رکي ٿي.!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 6 ڊسمبر 2015
    __
     
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 35

    رام پنجواڻيءَ جج وارو فائيل ئي مدن جماڻيءَ کي ڏيئي ڇڏيو!

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

    سيپٽمبر 1981ع تي جڏهن اسان وٽ پهرين ’انٽر-ڪاليجيٽ سنڌي ڊراما ڪامپٽيشن‘ منعقد ٿيڻي هئي؛ ان ڏينهن اتفاق سان چوماسي جو مينهن جاري هئو. مينهن پوڻ سبب هال اڌ کان ٿورو گهٽ ئي ڀريل رهيو؛ ان جا ٻه سبب ٿي پئي سگهيا ؛ هڪ ته اسان ڏسندڙن لاءِ ٽڪيٽ رکي هئي ۽ ٻيو ته مينهن پئجي رهيو هئو. بهرحال اسان جا ٽيئي جج صاحبان رام پنجواڻي، ايس. پي. مينگهاڻي ۽ رميش ڄاڃاڻي مقرر وقت تي پهچي ويا. ميزبان هئڻ ناتي اسان پنهنجو ڊرامو آخر ۾ رکيو هئو باقي پنجن ئي ٽيمس لاءِ پُکا وجهي آرڊر نمبر ڪڍيوسين ته ڪهڙي سلسلي سان اهي ٽيمس پنهنجو پنهنجو ڊرامو پيش ڪنديون. ميڪ اپ مين، گرين روم ۾ سلسليوار ٽيمس جو ميڪ اپ شروع ڪري چڪو هئو. ورانڊي ۾ هڪ سنڌي سڄڻ ڪجهه ڪئسيٽن جو نماءُ لڳايو هئو؛ جيڪي ڏسڻ لاءِ رام پنجواڻي پڻ بيهجي ويو. پوءِ الائي ڇا ٿيو؛ جو رام پنجواڻيءَ اسان کان مليل جج وارو فائيل ئي ڀرسان بيٺل هڪ شخص کي ڏيندي چيو ته مون کان وڌيڪ جج جا فرائض هيءُ صحيح نموني انجام ڏيئي سگهندو. آءٌ ته ان مهل ايترن ماڻهن کي سڃاڻيندو به ڪو نه هوس؛ پوءِ جڏهن وڪرم نانڪاڻيءَ ٻڌايو ته اهو پڻ مشهور ڊراما ۽ فلم ڊائريڪٽر مدن جماڻي هئو، تڏهن مس وڃي منهنجي ساه ۾ ساه پيو.
    مين گيٽ تي مون سان گڏ پرنسپال ٽي.جي.خوبچنداڻي صاحب به مهمانن جو سواڳت ڪري رهيو هئو. آءٌ هڪ ڏينهن اڳ ميٽنگ ڪري ڪجهه شاگرد والنٽيئر ۽ ڪجهه پروفيسرس جي ڊيوٽي لڳائي هئي؛ جنهن موجب ڪيمسٽريءَ جو ليڪچرر نانڪ شوداساڻي، ڊريس سرڪل واري گيٽ تي مهمانن جو سواڳت ڪندي کين اندر موڪلي رهيو هئو. والنٽيئرس جي ڊيوٽي ورهائڻ لاءِ مونکي هنديءَ جي ليڪچرر ڀاءُ گوپ روپچنداڻيءَ پڻ سٺي مدد ڪئي هئي.
    رام پنجواڻي پنهنجو جج وارو فائيل مدن جماڻيءَ کي ڏيئي پنهنجي جوابداري گهٽائي ڇڏي هئي؛ جو ڪڏهن ڪڏهن بهرو وٺندڙ ٽيمس ججن جي مشترڪه فيصلي سان يڪراءِ نه ٿيندي ڪجهه به ڳالهائي ڇڏيندا آهن ۽ پنجواڻي صاحب پنهنجي فطرت موجب ڪنهن به قسم جي نقطچيني ٻڌڻ کان ڪوءُ کائيندو هئو. جيتوڻيڪ مون سندن گهر وڃي جج لاءِ آفر ليٽر ڏيندي کانئس لکت ۾ منظوري پڻ ورتي هئي، پر ڌڻي جيڪي به ڪجهه ڪندو آهي ان ۾ ڀلائي هوندي آهي. دراصل هيل تائين منهنجي ڪم علمي ئي رهي هئي ۽ سچ به اهو هئو ته ايس.پي. مينگهاڻي، رميش ڄاڃاڻي ۽ مدن جماڻي ٽيئي انتهائي بلند پايه ڊرامه ڊائريڪٽر هئا ۽ اسان جي چٽاڀيٽيءَ جي شروعات پڻ صحيح هٿن کان ٿي رهي هئي!
    ان فنڪشن ۾ اسان وٽ نيشنل ڪاليج جو پرنسپال هڱوراڻي؛ جيڪو حيدرآباد (سنڌ) نيشنل ڪاليجيئيٽ بورڊ جو سيڪريٽري به هئو، اُهوبه آيل هئو ته آر.ڪي.تلريجا ڪاليج جي مئنجمينٽ ۾ سيڪريٽري ٻلديو داس سدارنگاني ۽ انهن جو ميمبر جهامنداس پڻ آيل هئا. جئه هند ڪاليج جو ايئرڪنڊيشنڊ آڊيٽوريم جيتوڻيڪ اڌ کان به گهٽ ڀريل هئو، پر فنڪشن لاءِ هڪ هڪ شخص بيحد چاه وٺي رهيو هئو ۽ ڏاڍي گهماگهمي لڳي پيئي هئي.
    پهرين انٽر-ڪاليجئيٽ سنڌي ڊراما ڪامپٽيشن هلندي جڏهن ڇهه ئي يڪه فصله ناٽڪ پرفارم ڪيا ويا ته اسين ٽنهي جج صاحبان کي هڪ جدا روم ۾ويهاريو، جيئن اُهي گڏيل ويچار ڪري اسان کي پنهنجو يڪراءِ فيصلو ڏيئي سگهن. جيسين جج پنهنجو فيصلو مرتب ڪن؛ تيسين اسين اسٽيج تي پنهنجون تقرريرون شروع ڪري ڇڏيونسين. سڀ کان پهرين مون سنڌي سرڪل، جئه هند ڪاليج طرفان تمام مهمانن، جج صاحبان ۽ خاص طور پنهنجي انتظاميه؛ پرنسپال ٽي.جي.خوبچنداڻي ۽ رام پنجواڻي صاحب کان مليل راهنمائيءَ جو ذڪر ڪيو. منهنجي زندگيءَ جو اهو پڻ حسين اتفاق ئي هئو ته منهنجي اها مختصر تقرير حاضرين توڙي منچ تي ويٺل تمام مهمانن کي ڏاڍي وڻي. مون جيئن ئي پنهنجو استقباليائي خطبو ڏيئي پورو ڪيو، ته رام پنجواڻي صاحب منهنجي همت افزائي ڪرڻ لاءِ اُٿي اچي مون سان ڀاڪر پاتو ۽ تمام حاضرين سان ڳالهائيندي کين چيو ته ” هاڻ اوهين سمجهي سگهندا ته اسين جئه هند ڪاليج جي اپوانئنٽمينٽ لاءِ هڪ صحيح شخص ئي چونڊيو آهي! “ پوءِ جڏهن مهمانن جون تقريرون پوريون ٿيون ته ٽيئي جج صاحبا،ن ايس.پي.مينگهاڻي، رميش ڄاڃاڻي ۽ مدن جماڻي به پنهنجو گڏيل فيصلو کڻي اچي اسٽيج تي پهچي ويا؛ ته اسان جي درخواست تي ايس.پي.مينگهاڻي صاحب مائڪرو فون تان پنهنجو فيصلو ٻڌائڻ شروع ڪيو. هن هڪڙي ڳالهه ڏاڍي سٺي ڪيئي جو انعامن جي انائونسمينٽ ڪندي هيٺان کان مٿي وڌڻ شروع ڪيو ته جيئن حاضرين ۾ تجسس برقرار رهندو اچي! آخر ۾ جڏهن ”بيسٽ پلي“ جو ايوارڊ جئه هند ڪاليج لاءِ انائونس ڪيو ويو ۽ سلو روٽيٽنگ ٽرافي، جئه هند ڪاليج ٽيم کي ڏني ويئي ۽ اتسو پنهنجي اختتام کي پهتو ته نيشنل ڪاليج جي پرنسپال هڱوراڻي صاحب ڪجهه ڀڻ ڀڻ ۾ ججن جي خلاف پئي ڳالهايو؛ جيڪو رميش ڄاڃاڻيءَ ٻڌي ورتو. پوءِ ته اسٽيج تي ئي اُهي ٻيئي صاحبان پاڻ ۾ زباني بحث مباحثي ۾ پئجي ويا. وري به شڪر آهي؛ جو جلد ئي ٻنهي کي سمجهايو ويو ۽ هيڏي وڏي فنڪشن جي پڇاڙي پڻ سٺي ئي ٿي. تڏهن مدن کي يڪسر خيال آيو ته رام پنجواڻيءَ جج جا فرائض نه سنڀاليندي پنهنجو بارُ مدن جماڻيءَ جي ڪلهن تي رکندي هڪ وڏي دورانديشي ڏيکاري هئي!
    ان ئي سال جئه هند ڪاليج ۾ مون سان گڏ اپوائنٽ ٿيل ۽ گهانا مان واپس هندستان آيل هڪ ڇوڪري آشا امرناڻي پڻ انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ اپوائنٽ ٿي هئي. اسين ڪڏهن ڪڏهن ڪامن روم ۾ هڪٻئي سان ڳالهائيندا هئاسين. هڪ ڏينهن ان پاڻ مونکي چيو ته هوءَ منهنجو ليڪچر اٽينڊ ٿي ڪرڻ چاهي؛ اهو ڏسڻ لاءِ ته وڌيڪ پرُ اثر نموني ڪيئن پڙهايو ويندو آهي. منهنجي لاءِ ته اها هڪ شاباسي هئي؛ جو ڪنهن کان ته هن منهنجي ليڪچر جي ساراه ٻڌي ئي هوندي!
    آشا، هونئن به علم ۽ عقل سان گڏوگڏ سونهن ۽ قد ڪاٺ ۾ به ايتري ته خوبصورت هئي جو ڪيرُ به کيس ناڪار ڪري ئي نه سگهي! آءٌ ته خوشيءَ سان کيس ٻارهون ڪامرس جي ليڪچر ۾ پاڻ سان گڏ وٺي ويس؛ جو ان ۾ شاگردن جي جهجهائي هوندي هئي. ان ليڪچر ۾ مون حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ وارو ٽيڪسٽ بوڪ ۾ رکيل بيت پڙهايو ۽ فطرتن شاھ صاحب جي پنهنجي حياتي ۽ مواد سان وابستگي رکندي تصوف تي پڻ روشني وڌي. جڏهن ليڪچر پورو ٿيو ته آشا منهنجي ليڪچر کان بيحد خوش ٿي هئي. هن مونکي چيو، ته ڪاش! هوءَ منهنجو هر ليڪچر اٽينڊ ڪري سگهي! پر پوءِ وري هوءَ پنهنجي انگلش سبجيڪٽ جي مواد کان ڀٽڪجي سنڌيءَ واري ڪورس جي دائري اندر ئي چڪر لڳائيندي رهندي!
    اهو پڻ اتفاق هئو. جو 1981ع ۾ منهنجي جئه هند ڪاليج ۾ ڊگري ڪاليج ۾ اپوائنٽمينٽ ٿيڻ سان ئي انسپيڪٽر آف اسڪولس طرفان جئه هند ڪاليج جي جونير ونگ (يارهون ۽ ٻارهون درجو) جا ڪلاس وزٽ ڪيا ويا. آءٌ جيتوڻيڪ ڊگري ڪاليج جو ليڪچرر هوس ۽ انسپيڪٽر آف اسڪولس مون کي ٽيسٽ ڪونه پئي ڪري سگهيو؛ پر مان ٻارهين درجي جو ڪلاس وٺي رهيو هوس؛ جو ڪي.سي.ڪاليج جي هڪ جونير ليڪچرر منجوُ نچاڻي؛ جيڪا پڻ شايد ان وزيٽنگ ٽيم جو حصو هئي؛ اها سنڌي هئڻ ناتي اوچتو ئي منهنجي هلندڙ ڪلاس ۾ هلي آئي. آءٌ اڳواٽ ئي پوئٽري پڙهائيندي صوفيانه شاعري سمجهائي رهيو هوس. منجوُ نچاڻي اچي شاگردن جي وچ ۾ ويٺي منهنجو ليڪچر آبزرو ڪندي رهي. مان ته تصوف سمجهائيندي الائي ڪهڙي روحاني دنيا ۾ پهچي ويو هوس؛ جو اوچتو ئي منجوءَ منهنجو ليڪچر اڌ ۾ روڪيندي پڇيو ته ان شعر جو ”ليکڪ“ ڪيرُ آهي؛ جنهن تي مون کيس انتهائي تاديب مان کيس سمجهائيندي چيو ته ڪهڙي به قسم جي شعر جي تخليق ڪار کي ”ليکڪ“ نه پر ”شاعر“ چئبو آهي. پوءِ مون ئي کيس ان مذڪوره شاعر جو نالو ٻڌايو. منهنجو جواب ٻڌي هن کي الائي ڪهڙي گهُٽن ٿيڻ لڳي جو ٿوري ئي دير ۾ ڪلاس مان ٻاهر نڪري ويئي. اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن؛ آءٌ 1994ع ۾ جئه هند ڪاليج ڇڏي، بامبي يونيورسٽي جوائن ڪيئي؛ وري ڪڏهن به جئه هند ڪاليج ۾ ليڪچرس آبزرو ڪو نه ٿيا؛ يا جيڪڏهن ٿيا به هوندا ته منهنجي ڪلاس ۾ ڪير به ڪو نه آيو هئو.
    اسانجي سنڌي سرڪل جي سيڪريٽري، وڪرم نانڪاڻيءَ جي پاڙي ڪولابا واري پاڙي ۾ ئي ڊراما ڊائريڪٽر ايس.پي.مينگهاڻي رهندو هئو؛ جنهن سان ان جي چڱي ئي دعا سلام هئي. وڪرم جي صلاح هئي ته اسين سنڌي سرڪل، جئه هند ڪاليج طرفان هڪ سنڌي ڊراما جو چيرٽي شو ڪيون؛ جنهن مان بچيل رقم اسين گونگن ۽ ٻوڙن جي اسڪول کي چيرٽيءَ ۾ ڏيون. ان لاءِ هن ايس.پي.مينگهاڻيءَ جو ڊرامو ”ڇورا اڳيان پوڙها پٺيان“ پئي اسٽيج ڪرڻ چاهيو. مونکي ته ڳالهه ڏاڍي وڻي. ان لاءِ اسين ڊسمبر جو مهينو طئه ڪيوسين؛ جڏهن ڪاليج جون ٻيون سموريون ايسوسيئيشنس پڻ پنهنجا پنهنجا ساليانا اُتسو ملهائينديون هيون.
    ان وچ ۾ رام پنجواڻي رٽائرمينٽ باوجود به ڪڏهن ڪڏهن جئه هند ڪاليج ايندو رهندو هو؛ جو هينئر به هو جئه هند ڪاليج واري ٽرسٽ ” سنڌ ايجوڪيشنسٽس ايسوسيئيشن“ جو بورڊ ميمبر هئو. هو مٿي ٽئين ماڙي تي اسان وٽ پروفيسرس ڪامن روم ۾ به ايندو هئو. هو مونکي ۽ گوپ روپچنداڻيءَ کي بيحد پسند ڪندو هئو. هن کي ڪنهن سان ملڻو هوندو هئو؛ به کيس جئه هند ڪاليج ۾ اسان وٽ ڪامن روم ۾ ئي گهرائيندو هو. هڪ ڏينهن اسان کي ٻڌايائين ته دبئيءَ جا سنڌي سڄڻ کيس سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمات عيوض چانديءَ ۾ تورڻ چاهين ٿا ۽ ان موقعي تي هن بابت اهي هڪ ڪتاب پڻ شايع ڪري رهيا آهن، جنهن لاءِ هن مونکي ۽ گوپ روپچنداڻيءَ کي جنهن جي شريڪ حيات مينا روپچنداڻي، چاندي ٻائي همت مل منسکاڻي ڪاليج ۾ سنڌي شعبي ۾ ليڪچرر هئي؛ ان کي پڻ وابسته مضمون لکڻ لاءِ آڇ ڪئي.
    رام پنجواڻي صاحب جيڪا ايندڙ تاريخ ٻڌائي هئي، ۽ هو اسان وٽ اچڻو هئو؛ مون ان کان اڳ ئي هن جي زندگيءَ ۽ ادب بابت هڪ مضمون لکي ورتو. پوءِ جڏهن هو اسان وٽ ڪامن روم ۾ آيو ته ان ڏينهن ساڻس هري موٽواڻي به گڏ هئو. مان جيئن جيئن پاڻ وارو مضمون پڙهڻ لڳس ته لڳو پئي ته اُهي سڀ جو سڀ منهنجي ٻوليءَ کان بيحد لطف اندوز ٿي رهيا هئا. جڏهن پڙهي پورو ڪيو ته هري موٽواڻيءَ ته رام پنجواڻيءَ کي اها به صلاح ڏني ته اهو ليک سنڌي ۽ انگريزي ٻنهي ٻولين ۾ اچڻ گهرجي؛ پر رام پنجواڻي ڪجهه وڌيڪ ئي سمجهدار هئو؛ هن چيو ته ” ان مضمون جي سونهن ئي ان جي ٻولي آهي“ باقي مواد واقعي ئي مون وٽ تڏهن ايڏو گهڻو ڪو نه هئو! بهرحال پنجواڻي صاحب کي منهنجو اهو مضمون ايترو ته وڻيو؛ جو هن مونکي ”اڀينندن گرنٿ“ جي ايڊيٽوريل بورڊ تي کڻندي ان ڪتاب جا سمورا پروف ڏسڻ لاءِ چيو. منهنجي لاءِ ان مهل اُهو ڄڻ هڪ وڏو اعزاز هئو جو صرف چند مهينن ۾ ئي دادا جي عملي قربت نصيب ٿي رهي هئي.
    پوءِ سچ پچ مون جڏهن پروف چيڪ ڪرڻ شروع ڪيا ته ڪيترا وڏا وڏا نالا به سنڌي ٻوليءَ لاءِ صحيح صورتخطيءَ جو استعمال ڪو نه ڪري رهيا هئا. مون نه صرف پروف پئي چيڪ ڪيا پر اُن سان گڏوگڏ هنن جي ٻوليءَ ۾ پڻ ضروري سڌارا پئي ڪيا؛ جيڪا ڳالهه رام پنجواڻيءَ ڏاڍي پسند ڪئي. پوءِ ته ٿيو ائين، جو پوري ڪتاب جا سمورا ئي سنڌي پروف مون کي ڏنا ويا ۽ جڏهن رام پنجواڻيءَ جي ستر ساله سالگرهه 19- نومبر 1981ع واري ڏينهن ان اتسو ۾ اهو ڪتاب رليز ٿيڻو هئو ته آءٌ الهاس نگر ۾ ”جئه شو شڪتي پرنٽنگ پريس“ تي اشوڪ گهنشام داس ڀاڳچنداڻيءَ جي پريس تي هڪ رات وڃي سمهيو به هوس؛ جو اُهي ڪمپوز ڪري مونکي ڏيندا پيا وڃن ۽ جيئن ئي آءٌ پروف او.ڪي.پئي ڪيو ته ان جي ڇپائي پڻ ان مهل ئي ڪئي پئي ويئي.
    آخر نومبر 1981ع تي دبئيءَ جي سنڌي سڄڻن مورج مل منگهناڻي ۽ رام بخشاڻيءَ وارن جئه هند ڪاليج آڊيٽوريم ۾ رام پنجواڻيءَ جي مان ۾ اهو اُتسو ڪيو؛ پر خبر ناهي ڇو پوءِ هنن رام پنجواڻيءَ کي چانديءَ بجاءِ هڪ هڪ رپئي جي سڪن ۾ توريو هئو. ان لاءِ هڪ ٻه ڳوڻ انهن سڪن جي آندي ويئي هئي ۽ پوءِ ائين چيائون ته جيترن سڪن ۾ رام پنجواڻيءَ جي تور ٿيندي اوترن رپين جي چاندي رام پنجواڻيءَ کي سنڌيت جي فروغ لاءِ ڏني ويندي. هڪ شاندار اُتسو هئو. جنهن ۾ بمبئيءَ جي سموري ڪريم اچي ڪٺي ٿي هئي. تڏهن آل انڊيا ريڊيو، بمبئيءَ جو سنڌي سيڪشن لاءِ عارضي انائونسر موهن ڇاٻڙيا منچ تان لائيو ڪمپيئرنگ ڪري رهيو هيو. ان ئي اتسو ۾ رام پنجواڻيءَ جي حياتي ۽ ادب تي آڌارت ڪتاب ”اڀينندن گرنٿ“ جي نقاب ڪشائي ڪئي ويئي. ڪجهه ڏينهن پوءِ جڏهن گوپ روپچنداڻي ۽ مان پنجواڻي صاحب جي گهر ”قريشي محل“ ماهيم ۾ وياسين؛ تڏهن هن اسان کي ڪتاب جي هڪ هڪ ڪاپي گفٽ ڪيئي. منهنجي ڪاپيءَ تي هن منهنجي صلاحيتن جو اعتراف ڪندي مستقبل ۾ ترقي ماڻڻ لاءِ دعا جا ٻه لفظ پڻ لکيا هئا!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 13 ڊسمبر 2015
    __
     
  18. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 37

    مان هن لاءِ ايترو ته ڳالهايو آهي جو ايندو ئي ڪونه!

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

    اسين جئه هند ڪاليج ۾ ايس.پي.مينگهاڻيءَ جو ڊرامو ’ڇورا اڳيان پوڙها پٺيان‘ چيرٽي شو اسٽيج ڪرائڻ لاءِ تيارين ۾ لڳا پيا هئاسين. مکيه مهمان لاءِ پرنسپال ٽي.جي.خوبچنداڻيءَ کان فلم پروڊيوسر جي.پي.سپيءَ کي فون ڪرائي کانئس قبوليت ورتي. فنڪشن کان ڪجهه ئي ڏينهن اڳ وڪرم، رشمي ۽ مان انويٽيشن ڪارڊس کڻي ناز سئنيما چيمبرس ۾ جي.پي.سپيءَ جي آفيس ۾ وياسين. پر اُن ڏينهن تي جي.پي.سپي پاڻ ڪو نه هئو ته سندس غير حاضري ۾ اسين هن لاءِ ٺاهيل ليٽر ۽ ڪجهه انويٽيشن ڪارڊس سندس پٽ، ”شعلي“ فلم جي ڊئريڪٽر رميش سپيءَ کي ڏيئي آياسين.
    ڊسمبر 1981ع ۾ جڏهن اهو فنڪشن ڪرڻو هئو، ته ’چيرٽي شو‘ سبب هڪ ننڍڙو سووينر ڪڍيو هئوسين. ان مان جيڪي ڪجهه مليو؛ ان مان سترهن سئو روپيه سيٽنگ سوڌو اسين مينگهاڻي صاحب کي سندس چوڻ موجب آيل خرچ لاءِ ڏنوسين؛ باقي جيڪي ڪجهه بچي رهيو هئو اُهو ٿورو هئڻ سبب فنڪشن پورو ٿيڻ مهل ايس.پي.مينگهاڻي جيڪو ڊراما لاءِ هيرو به هئو ته ڊئريڪٽر به؛ اهو پاڻ ۽ سندس ٻيا ڪلارڪار ساٿي آڊيٽوريم جي دروازن تي اسان جي چوڻ کانسواءِ ئي جهول جهلي بيٺا ته جيئن اسين هڪ عزتدار رقم چيرٽيءَ ۾ ڏيئي سگهون!
    اسان وٽ مکيه مهمان جي روپ ۾ جي.پي.سپي ۽ مهمان خصوصي طور رام پنجواڻي آيل هئو ۽ صدارت لاءِ اسين پنهنجي پرنسپال ٽي.جي.خوبچنداڻي صاحب کي ئي عرض ڪيو هئوسين، ڊرامه ۾ ايس.پي.مينگهاڻيءَ جو ڪردار هڪ غير حاضر دماغ پروفيسر وارو ڏيکاريل هئو ته اسٽيج تي مزاح پيدا ڪرڻ لاءِ مينگهاڻي صاحب جا ڊائلاگ به ٻٽيءَ معنيٰ وارا ڳالهايا ويا؛ جنهن تي رام پنجواڻي صاحب ناراض ٿي ويو. ڊرامو پورو ٿيڻ کانپوءِ اسٽيج تان ٿيندڙ تقريرن ۾ پنجواڻي صاحب پاڻ کي روڪي نه سگهيو ۽ مينگهاڻي صاحب جي خلقيل پروفيسر واري ڪردار کي غير فطري ۽ ڊبل معنيٰ وارن ڊائلاگن سبب مٿس ڏاڍي تنقيد ڪئي. خدا جو شڪر هئو؛ جو اڃا ڪجهه ڏينهن اڳ ئي آءٌ پنجواڻي صاحب جي ڪتاب ” اڀينندن گرنٿ“ لاءِ ڪم ڪيو هئو؛ نه ته مينگهاڻيءَ واري ناراضگي منهنجي مٿان نڪري ها ۽ خبر ناهي منهنجو ته ڪهڙو حشر ٿئي ها؛ جو جئه هند ڪاليج ۾ اهو منهنجو اصل پهريون ئي سال هئو! دراصل الله جڏهن بچائڻ تي ايندو آهي ته پاڻ ئي اهڙي ڪارسازي گهڙيندو آهي، جو مون کان پنجواڻي صاحب لاءِ ڪم ڪرايو ويو ته جيئن بعد ۾ هو مونکي ڪجهه چئي به نه سگهي!
    اسٽيج تي اسين جڏهن تمام مهمانن جو استقبال ڪندي کين گلدستا پئي ڏنا؛ ته وڪرم نانڪاڻيءَ سنڌي سرڪل جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ايس.پي.مينگهاڻيءَ کي بلڪل لاڳت واري قيمت تي چيرٽي شو طور ڊرامه ڏيڻ لاءِ سڏ ڪرايو ته جيئن کيس گلدستو ڏيئي سگهجي. مينگهاڻي صاحب به ڪو ميڪ اپ لاهڻ ۾ وقت لڳايو ۽ انائونسمينٽ باوجود به اچڻ ۾ دير ڪري رهيو هئو. تيسين آءٌ جيئن ته منچ تي رام پنجواڻيءَ جي بلڪل ڀر ۾ ويٺو هوس؛ ته پنجواڻي پاڻ روڪي نه سگهيو ۽ اندر جو حال اوريندي مونکي چيائين ته ”ڪو نه ايندو! مان هن لاءِ ايترو ته ڳالهايو آهي جو ايندو ئي ڪو نه!“
    پر ايس. پي. مينگهاڻي ته هڪ فقير تن انسان هئو. هو انائونسمينٽ ٻڌي ميڪ اپ ۾ ئي اسٽيج تي هليو آيو. رام پنجواڻيءَ جو کيس منچ تي ايندو ڏٺو ته اٿي وڃي کيس ڀاڪر پائي مبارڪون ڏنيون ۽ حاضرين طرف منهن ڪري چيو ته ”مينگهاڻي صاحب لاءِ تاڙيون وڄايون وڃن!“ بهرحال رام پنجواڻي جيڪو پوري هندوستان جي مشهور ڊراما ڊئريڪٽر ايس.پي.مينگهاڻي کي به ڪونه بخشي رهيو هئو؛ سو منهنجو ته الائي ڪهڙو حال ڪري ها؛ جيڪڏهن آءٌ ڪجهه ئي ڏينهن اڳ سندس ڪم ڪو نه آيو هجان ها! پوءِ به اها منهنجي غلطي هئي جو مون پاڻ اڳ ئي نه ته اهو ڊرامو ڏٺو هئو ۽ نه وڪرم کان ان جو اسڪرپٽ ئي پڇيو هئو. مون کي صرف هڪ اعتماد هئو ته ان ٽه فصله ناٽڪ ”ڇورا اڳيان پوڙها پٺيان“ جا هڪ سئو کان به وڌيڪ شوز ٿي چڪا هئا ته اهڙي صورت ۾ مون وٽ ان ناٽڪ جي اعتراض لاءِ ته ڪجهه به ڪو نه هئو!
    آءٌ روز جئه هند ڪاليج مان موٽندي لوڪل ٽرين تي پهرين ڪلياڻ ايندو هوس؛ جتي ادا پريم سان، ’ٻلديو ميڊيڪل اسٽورس‘ تي اچي گڏ ويهندو هوس. دوڪان ايترو هلي ڪو نه رهيو هئو ته اسين ڪجهه ڪجهه پريشان هوندا هئاسين ته اهڙي صورت ۾ گهر جي ترقي ڪيئن ٿي سگهندي. هڪ ڏينهن اسان جو سئوٽ چنديرام مٽلاڻي اچي اسان جي دوڪان تي ٻه ٽي ڪلاڪ ويٺو ۽ دل سان ڪچهريون ڪيونسين. هن کي جو خبر پيئي ته دوڪان ايترو ڪو نه ٿو هلي ته هن الهاس نگر کان ڪجهه پرڀرو ”شاه پور“ ڳوٺ ۾ رائيس مل ٺيڪي تي وٺي، ادا پريم کي ڀائيواريءَ ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪيئي. اسان ته خوش ٿي وياسين. الله پاڪ ترقيءَ جا نوان دروازا کولي رهيو هئو. ان مهل تائين صرف چنديرام وارا ڀائر ئي پاڻ ۾ گڏ ڪو نه هئا پر ساڻن سئوٽ به گڏ هئا؛ پوءِ خبرناهي ڇو هنن جي اسان سان ڀائيواريءَ واري گڏيل صلاح نه بيٺي ته چنديرام پاڻ اسان جي دوڪان تي اچي ان لاءِ انتظار نه ڪرڻ لاءِ پڻ چئي ويو. اسان به هر ڳالهه ۾ رب جي رضا سمجهي چپ ٿي وياسين!
    انهن ئي ڏينهن ۾ ادا پريم جي لاڙڪاڻي واري سينيئر ايڊووڪيٽ ڪيولرام مولچنداڻيءَ جو نياڻو گورڌن ڏاندواڻي تائيوان مان آيل هئو. هو ٿاڻا واري پنهنجي گهر ۾ صرف سامان رکي اسان جي سي-بلاڪ واري گهر ۾ اچي رهيو. مون جئه هند ڪاليج وڃڻ کان اڳ آر.ڪي.تلرريجا واري دؤر ۾ پنهنجي بئرڪ 5/825 واري روم ۾ اڳواٽ ئي هڪ دوڪان ٺهرائي ڇڏيو هئو. هاڻ گورڌن ڏاندواڻيءَ کي جو خبر پيئي ته اسين ان دوڪان ۾ فوٽو اسٽوڊيو کولڻ وارا آهيون؛ ته هن اسان کي اهو اسٽوڊيو کولڻ کان منع ڪندي هڪ نئين بزنس ۾ ڀائيوار ٿيڻ جي آڇ ڪيئي. هو يوروپ جي ڪنهن فوٽو ايگزيبيشن ۾ جديد ڪلر فوٽو پروسيسنگ مشين ڏسي آيو هئو ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ اُهي مشينون لڳي به چڪيون هيون.
    پوءِ ته گورڌن ۽ مان بمبئيءَ ۾ انڊسٽريز منسٽري؛ امپورٽ ايڪسپورٽ آفيس، امپورٽ ايڪسپورٽ ڪنسلٽنٽس؛ گهڻي ئي آفيسون گهميونسين؛ جو انهن ڏينهن ۾ هندوستان سرڪار طرفان امپورٽ تي زبردست پابنديون هيون. اهڙي صورت ۾ جنهن به آفيس ۾ وڃون ته هر هڪ مختلف ڳالهيون پئي ڪيون. گورڌن کي رب پاڪ هڪ صلاحيت ڏني هئي ته هن ۾ همت ڏاڍي هئي جو ڪهڙي به گهڙيءَ هن کان ۽ هُن کان پڇندي هڻي وڃي هنڌ ڪندو هئو؛ ٻيو ته هن کي مراٺي به سٺي ايندي هئي ته انگريزي ڳالهائيندي به ڪم ڪڍي سگهندو هئو. دراصل اهڙا ئي ماڻهو ترقي ڪري سگهندا آهن جن ۾ همت هوندي آهي؛ پر همت سان گڏ جيڪڏهن نيت به صاف هجي ته سون تي سهاڳ ٿي پوندو آهي.
    جيئن ئي جئه هند ڪاليج ۾ منهنجا ليڪچرا پورا ٿيندا هئا، ته اسين ان ڳولا ۾ نڪرندا هئاسين ته هندوستان ۾ اها فوٽو پروسيسينگ مشين ڪيئن امپورٽ ڪري سگهجي. انهن ئي ڏينهن ۾ اسين اولڊ ڪسٽم هائوس ۾ وڃي اُتي پبلڪ رليشن آفيسر، نانڪ موٽواڻيءَ وٽ وڃي پڻ ويهندا هئاسين؛ ته جيئن ان مان ڪجهه خبر پئجي سگهي. نانڪ موٽواڻي به ايڏو ته نيڪ انسان هوندو هئو جو پبلڪ سان ڳالهائيندو به رهندو هئو ۽ اسان سان ڪچهريون به ڪندو هئو. ڪيترا ڀيرا ته اسان کي ساڻ ڪري ڀرسان هڪ ريسٽارنٽ ۾ هلي چانهن ناشتو به ڪرائيندو هئو. هن وٽ آفيس ۾ ڪڏهن ڪڏهن هڪ سنڌي ڪسٽم ايڊووڪيٽ، مسٽر ماڻڪاڻي ايندو هئو؛ جنهن ٻڌايو ته ٻين کي مليل امپورٽ لائسنس خريد ڪري ان تي اها مشين گهرائي سگهجي ٿي؛ پوءِ اسين نانڪرام موٽواڻيءَ جي ئي صلاح سان چرچگيٽ (ايسٽ) ۾ نيو مرين لائينس روڊ تي مسٽر ماڻڪاڻيءَ جي آفيس ۾ وڃڻ شروع ڪيوسين.
    مسٽر ماڻڪاڻي ۽ ان جو والد صاحب بيحد يار ويس ماڻهو هئا. اسين هنن کان هڪ اهڙو لائسنس خريد به ڪيوسين؛ جنهن تي گورڌن جاپان جي ”QSS“ مشين جي مينيوفيڪچرر ” نورٽسو“ کي ”501“ ماڊل لاءِ آرڊر ڪري ڇڏيو. ان وچ ۾ هتي بمبئيءَ ۾ اهڙيون ٻه مشينون لڳي به چڪيون؛ هڪ ڪنهن سردار ” QSS“ جي نالي تي ڪمپني کولي ۽ ٻيو هڪ پارسي هئو جنهن ’ 1-Hour‘ نالي اهو ڪم شروع ڪيو. الله الله ڪري نيٺ اسان جي مشين به بمبئيءَ پهچي ويئي. بامبي ڊاڪ تي هڪ نوجوان ڪسٽم آفيسر هلي ڪارٽون کولي مٿاڇرو اها مشين چيڪ به ڪيئي. پوءِ جڏهن ڪسٽم آفيس مان ڪاغذ پئي ٺاهراياسين؛ ته اعتراض لڳي ويو ته اها مشين پابندي وارين شين جي لسٽ ۾ هئي ۽ اسان واري خريد ڪيل امپورٽ لائسنس تي هندوستان آڻڻ جي اجازت ئي ناهي!
    اسين ته ڏاڍو منجهي پياسين! مسٽر ماڻڪاڻيءَ کي وٺي آياسين؛ جنهن کان اهو لائسنس خريد ڪيو هئوسين. ان پاڻ اچي آفيسرن سان ڳالهايو پر ڪو به حل ڪو نه نڪري رهيو هئو. آخر جڏهن تنگ اچي چڪاسين ته هڪ ڏينهن اسين نانڪرام موٽواڻيءَ کي ماڻڪاڻيءَ جي باندارا واري گهر وٺي وياسين ته اهڙي صورت ۾ اسان کي گهٽ ۾ گهٽ لائسنس جا پيسا ته موٽي ملن؛ پر ڪجهه به نه ٿي سگهيو جو هن جو چوڻ هئو ته لائسنس استعمال ٿي چڪو هئو؛ صرف ان تي آندل ائٽم غلط هئو جنهن سب سمورو مسئلو پيدا ٿيل هئو. آخر ڪسٽمس جي فيصلي خلاف اپيل ڪرڻ جي صلاح ملي؛ جنهن موجب گورڌن ڏاندواڻيءَ ”ڪليڪٽر آف ڪسٽمس“ کي اپيل ڪئي ته هو هڪ ٽيڪنوڪريٽ انڊين آهي ۽ مارڪيٽ مان لائسنس خريد ڪري فوٽو گرافڪ مشين انڊيا ڏانهن آندائين ته جيئن پاڻ به پيٽ گذر ڪري ته ڀارت جي شهر واسين کي پڻ جديد سهوليات ميسر ٿي سگهن؛ پر هاڻ ڪسٽمس اٿارٽيءَ طرفان فارمليٽز جي بنياد جي اها مشين دڪي تي ئي روڪي رکي ويئي آهي. جڏهن کان مشين دڪي تي آيل هئي، هاڻ ان کي به سال کن ٿي چڪو هئو. آءٌ گورڌنداس جي هڪ فطرت کي سلام ڪندس جو اسان جو ننڍو سامان به جيڪڏهن ڪٿي اٽڪيل هجي ته جيڪر ماني به نه وڻي؛ پر هيءُ جنهن به آفيس ۾ هلي ته مشين ڇڏارائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري پر جيڪڏهن خدانخواسته ڪم نه ٿي سگهي ته ٻاهر نڪري پهرين چوندو هئو ته ” هل ته ڪٿي ماني کائون!“ پنهنجو پاڻ تي، پنهنجي دماغ تي ۽ پنهنجي فطرت تي ايترو ڪنٽرول شايد چڱو ڀلو شخص به ڪونه ڪري سگهندو!
    جنهن ڏينهن ڪليڪٽر آف ڪسٽمس وٽ اسان جي پيشي هئي؛ ان ڏينهن گورڌن پاڻ سان گڏ ڪو به وڪيل ڪو نه وٺي ويو بلڪه پاڻ اڪيلو ئي ان وٽ حاضر ٿي کيس پنهنجي ويدنا ٻڌايائين ته ڪيئن هو وڪيلن جي چڪر ۾ اڳ ئي لٽجي چڪو آهي. ڪسٽمس ڪليڪٽر کي به مٿس رحم اچي ويو ۽ کيس ٿورو ڏنڊ وجهي سئو فيصد ڪسٽم ڊيوٽيءَ سان مشين ريلز ڪري ڇڏيائين!
    گورڌن ان وچ ۾ تائيوان هليو ويندو هئو. هن کي ڪنهن ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو به انڊسٽريل يونٽ ” سمال اسڪيل انڊسٽريز“ هيٺ رجسٽر هوندو. ته گهٽ وياج تي بئنڪ مان قرض کڻي سگهبو آهي. پهريائين ته هن اها ڪوشش ڪيئي ته بمبئيءَ مان ڪو به پئسي وارو ڀائيوار هٿ ڪري ۽ اُتي ئي دوڪان وٺي ڪم شروع ڪجي. اسين ڪيترا ڏينهن ته دوڪان جي ڳولها ۾ لڳايا هئاسين. مونکي اها ڳالهه اڄ تائين سمجهه ۾ نه اچي سگهي ته جيڪڏهن هن وٽ مالي فنڊس ئي ڪو نه هئا ته دوڪان ڪهڙي بنياد تي ڏسي رهيو هئو!
    آخر جڏهن کيس ڪيرُ به پئسي وارو ڀائيوار نه ملي سگهيو ته هُن منهنجي الهاس نگر واري دوڪان ۾ اها مشين لڳائڻ لاءِ چيو. مون کان ته ڇرڪ نڪري ويو! ايڏي مهانگي مشين جيڪڏهن الهاس نگر جهڙي ننڍي شهر ۾ لڳائبي ته ڇا ايترو اُپراسو ٿي سگهندو جو اسان جون هيڏيون ساريون ڪيل تڪليفون ثاب پون! بهرحال ادا پريم ۽ مان هن جي صلاح مڃي ڪري اُتي اسان واري دوڪان لاءِ ئي حامي ڀري؛ تڏهن گورڌن مون کان هڪ فرضي پنجاھ روپيه ماهوار مسواڙ نامو ٺهرايو ته جيئن هنجي نالي تي ٿاڻا ضلعي جي سمال اسڪيل انڊسٽريز آفيس مان اسان واري انڊسٽريل يونٽ جي رجسٽريشن ڪرائي سگهجي!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 20 ڊسمبر 2015
    __
     
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 38 جلد پوسٽ ڪبي
     
  20. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 39
    ڪم تنهنجو صاحب کي رولس مان ڏيان
    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

    آڪٽوبر 1983ع واري ”ورلڊ سنڌي سميلن“ لاءِ اسان الهاس نگر جي ڊيليگيٽس کي دهليءَ ۾ جنهن ڌرمشالا ۾ آڻي رهايو هئائون، اُتي پڻ اسان جي ڏاڍي خدمت ٿي رهي هئي. اسين سڀ وهنجي سهنجي تيار ٿياسين. چانهن، بسڪيٽ، ناشتا؛ اصل اهڙي خدمت ٿي رهي هئي ڄڻ سيڻ لٿا هجن! اسين سڀ نيرن ڪري پنهنجي مخصوص بس ۾ ” اندر پرسٿ اسٽيڊيم“ طرف وياسين؛ جتي ئي اهو ٽن ڏينهن وارو ”ورلڊ سنڌي سميلن“ منعقد ٿيڻو هئو. ان جو افتتاح هندوستان جي ان مهل جي وزيراعظم اندرا گانڌيءَ کي ڪرڻو هو.
    ”اندرپرسٿ ان ڊور اسٽيڊيم“ اڃا هڪ سال ڳ ئي 1982ع دوران ايشين گيمز مهل تعمير ڪيو ويو هئو؛ جتي پهچڻ سان ئي هڪ فرحت جو احساس پئي ٿيڻ لڳو. هيءُ پوري ڀارت جو وڏي ۾ وڏو ان ڊور اسٽيڊيم هئو، جنهن کي انتهائي جديد طرز تعمير سان ٺاهيو ويو هئو. چيو ته ائين به ويندو آهي ته اُهو پوري هندوستان جو ٻيون ۽ پوري ايشيا جو ٽيون نمبر وڏي ۾ وڏو ان ڊور اسٽيڊيم آهي؛ پر اسان جي ننڍي کنڊ ۾ ڀر واري ملڪ پاڪستان ۾ به الائي گهڻيون شيون ايشيا جون نمبر ون چيون وينديون آهن؛ پر ٻاهر نڪري خبر پوندي آهي ته جاپان، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ چائنا جي ڀيٽ ۾ اڃا اسان کي الائي ڪيتري منزل طئه ڪرڻي پوندي! ٽوٽل 102 ايڪڙ زمين تي مشتمل هيءُ اسٽيڊيم اندرئين ايئر ڪنڊيشنڊ ماحول ۾ 14,348 ماڻهن کي آرامده ڪرسين تي ويهاري سگهندو آهي؛ جنهن کانسواءِ ان گول دائري ۾ وچ وارين ڏاڪڻين تي به ڪڏهن ضرورت واري وقت حاضرين ويهي سگهندا آهن. هتي ڪيتريون ئي بين الاقوامي ان ڊور گيمس، جئين ته ٽينس ۽ ڪٻڊي وغيره کيڏيون وينديون آهن. 2010ع وارين ڪامن ويلٿ گيمس مهل ان اپوري ڪامپيليڪس مٿان ٻيهر 240 ڪروڙ روپيه ٻيا به خرچ ڪندي ان کي اڃا به وڌيڪ جديد طرز سان تعمير هيٺ آندو ويو.
    اسٽيڊيم ۾ اندر داخل ٿياسين؛ ته ڪافي ڀيڙ پئي نظر آئي. جيسين مکيه مهمان شريمتي اندرا گانڌي اچي، تيسين ان جو استقبال ڪرڻ لاءِ آچاريه ڀڳوان ديو؛ سنڌين جي چڱن مڙسن کي هڪ لائين ۾بيهاري اندرا گانڌيءَ سان ملڻ لاءِ چيو. اسين جيتوڻيڪ چڱو ئي مٿي هئاسين؛ پوءِ به هيٺ ڇا ٿي رهيو هئو؛ اهو سڀ ڪجهه نظر اچي رهيو هئو. شايد ڀڳوان ديو ۾ ايتري همت نه هئي جو کين نمبر ڏيئي بيهاري يا ڇا ٿيو؛ هو انهن چڱن مڙسن کي گيٽ وٽ بيهاري اڃا ڪيڏانهن ويو ئي مس ته هيءُ سڀ جو سڀ همراھ جيڪي جاتيءَ کي ليڊ ڪري رهيا هئا؛ ناري گرسهاڻي، نرسنگهه گولاڻي، رام پنجواڻي ۽ ڪجهه دهليءَ جا چڱا مڙس؛ سڀ جو سڀ هڪ هڪ ٿي ڪري لائين ٽوڙيندي سڀ جي اڳيان وڃي پئي بيهي رهيا ته جيئن اندرا گانڌي ڏسي ته هيءَ ئي اولين شخص آهي جيڪو پوري هندوستان جي سنڌين جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. پورو هال ڏسي رهيو هئو ته هيءُ ڇا ڪري رهيا آهن! ايتري ۾ سچ پچ جڏهن آچاريه ڀڳوان ديو، اندرا گانڌيءَ کي وٺي ڪري گيٽ اندر داخل ٿي رهيو هئو ته سندس استقبال ڪندڙن جي لائين رهي ئي ڪانه! ماڻهو جهڳٽا ٺاهي ساڻس ملڻ لڳا. پوءِ ته خبر ناهي؛ وزيراعظم سان ڀڳوان ديو ڪنهن جو تعارف ڪرايو يا نه؛ جو اندرا گانڌيءَ جي عادت هوندي هئي ته تمام تڪڙو تڪڙو گهمندي هئي. هتي به هوءَ فٽافٽ منچ تي پهچي ئي ويئي.
    اندرپرسٿ اسٽيڊيم ۾ جتي اسٽيج ٺاهيل هئي؛ اها ائين هئي جو يونائيٽيڊ نيشنس جيان هڪ لائين ۾ اندرا گانڌي جي هڪ طرف ڀڳوان ديو، رام پنجواڻي ۽ ٻئين پاسي هيمون ڪالاڻيءَ جي والده ۽ سنڌي سماج دهليءَ جا ڪجهه چڱا مڙس ۽ بمبئيءَ مان ناري گرسهاڻي وغيره؛ اهي سڀ مٿي منچ تي تشريف فرما هئا؛ ته ڳالهائڻ لاءِ پوڊيم وري اُن منچ جي هيٺين سطح تي ٺاهيو هئائون؛ جو ڪنهن به ڳالهائيندڙ مقرر کي اسٽيج تي ويٺل مهمانن جي ردعمل جي خبر ئي ڪونه پوي.
    آچاريه ڀڳوان ديو اڃا هيٺ پوڊيم تي اچي وزير اعظم ۽ تمام حاضرين جي مان ۾ استباليه تقرير ڏيڻ شروع ڪيئي ته ڀڳوان ديو جي ڀر ۾ ويٺل رام پنجواڻي پنهنجي ڪرسي تان اُٿي هڪ ڪرسي اڳيان وڃي بلڪل اندرا گانڌيءَ جي ڀر واري آچاريه ڀڳوان ديو جي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. پوءِ ته ڀڳوان ديو، اندرا گانڌيءَ جي استقبال ۾ توڙي سميلن جي اهم مقاصد بابت کيس ڇا پئي ٻڌائڻ چاهيو؛ هن ٻڌو ئي ڪونه! رام پنجواڻي پنهنجي کيسي مان هڪ پنو ڪڍي کيس ڏيکاري رهيو هئو ۽ ان بابت ساڻس ڳالهائي به رهيو هئو. مونکي خبر ناهي ته ٻين حاضرين جو ري ايڪشن ڇا هوندو، پر گهٽ ۾ گهٽ مان ته ڄڻ گهٽن محسوس ڪري رهيو هوس! آچاريه ڀڳوان ديو طرفان هندوستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌين جو هيڏو وڏو ڀڀڪيدار سميلن پنهنجي ڪلائميڪس تي هجي ۽ وزيراعظم، ميزبان طرفان ڳالهايل لفطن جو مطلب به ڪو نه سمجهي سگهي! پوءِ ته جيسين ڀڳوان ديو جي تقرير پئي هلي تيسين رام پنجواڻي، اندرا گانڌيءَ جي ڀر ۾ ويٺو رهيو! آخر جڏهن ڀڳوان ديو ڳالهائي پورو ڪيو تڏهن حاضرين جي تاڙين جي ڦهڪن ۾ رام پنجواڻيءَ اندرا گانڌيءَ جي ڀر واري ڪرسي ڇڏي ۽ اُٿي ان جي ڀر واري پنهنجي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو. ان ئي افتتاحي اجلاس ۾ وزيراعظم طرفان ڀارت سرڪار جي جاري ڪيل هيمون ڪالاڻيءَ جي تصوير واري پوسٽل اسٽيمپ به رليز ڪئي ويئي. معزز سنڌي صاحبان جون تقريرون جاري رهيون. هوڏانهن والنٽيئرس منجهند جو لنچ ڪوپن تمام گهٽ اگهه تي ورهائي رهيا هئا. اسان الهاس نگر وارن کي ٻڌايو ويو ته اسين اهي ڪوپن نه وٺون جو اسان جو ڪنهن ٻئي هنڌ پروگرام رکيل هئو پوءِ لنچ ٽائيم ۾ دنيچند ڪالاڻي ۽ لڇمڻ داس بجاج اسان جي سمورن الهاس نگر وارن ڊيليگيٽس کي پنهنجي بس ۾ چاڙهي ڪنهن ريسٽارنٽ ۾ ويٺي هليا؛ جتي ئي اسان سڀني کي بهترين لنچ کارائي ويئي.
    لنچ کانپوءِ جو اسين ” اندرپرسٿ هال“ ۾ موٽياسين ته هاڻ اڌ کان به گهٽ ڊيليگيٽس مس موجود هئا. انهن مان خبر پيئي ته شايد ايڏي وڏي انبوه جي مانيءَ جي بندوبست ۾ ڪجهه تڪليف ٿي هئي ۽ ماڻهو ڏاڍو دکي لڳا پيا هئا. گهڻي ئي ماڻهو ته ڀلا هزارها ميلن جو سفر طئه ڪري آيا ئي رونشو ڏسڻ هئا؛ انهن کي جو ماني به پوري نه ملي ته کين ضرب ته ضرور پهچندي!
    سميلن جي ٻئين ڏينهن تي اندر پرسٿ اسٽيڊيم ۾ صرف صبح وارو سيشن اٽينڊ ڪيوسين يا اُن ڏينهن هئو ئي اهو سيشن؛ والله عالم! اسين پنهنجي بس ۾ چڙهي پهرين اچي هڪ سٺي ريسٽارنٽ ۾ لنچ ڪيئي؛ پوءِ تمام ڊيليگيٽس کي اها ئي بس دهليءَ جي سير و سفر تي وٺي هلي. مهاتما گانڌيءَ جي سماڌي ”راج گهاٽ“، ڪناٽ پليس جي ڀر ۾ ”جنتر منتر“، پارليامينٽ هائوس طرف ” انڊيا گيٽ“، هڪ سال اڳ ايشين گيمس لاءِ خصوصي طور ٺاهيل”جواهر لال نهرو اسٽيڊيم“، قطب مينار؛ سڀ دل سان گمهايائون. سير سفر پورو ڪري جڏهن پنهنجي ڌرمشالا تي موٽي آياسين ته اُتي پڻ شاديءَ جيان رانڌا ديڳيون چاڙهي اسان جي ماني تياري ڪري رهيا هئا. جتي آچاريه ڀڳوان ديو هيڏو وڏو اجلاس ڪوٺائيندي به ڊيليگيٽس جي ماني آرگنائيز ڪرڻ ۾ پورو ڪامياب ڪو نه ويو هئو؛ اتي دنيچند ڪالاڻيءَ جي آرگنائيزنگ صلاحيت؛ هن جو اسٽينڊرڊ توڙي سندس نيت؛ سڀ گڏجي اسان تمام ڊيليگيٽس کي ڏاڍو خوش رکي رهيا هئا.
    اسان جي الهاس نگر واري جٿي ۾ منهنجي نانا جو سئوٽ، دادا نانڪرام وشنداس به هئو جيڪو پاڻ به انهن ڏينهن ۾ الهاس نگر ڪانگريس پارٽيءَ جو سيڪريٽري پڻ هئو. مون اڳواٽ ئي دادا نانڪرام کي پنهنجي لاءِ عرض ڪري ڇڏيو هئو ته جيڪڏن سندس دهليءَ ۾ پهچ هلي سگهي ته قرب ڪري منهنجي نيشنلٽي جلدي وٺرائي ڏي؛ سميلن جي ٽئين ڏينهن، جيئن ته آچر هئو ۽ اسان جو سميلن وارو سيشن به دير سان شروع ٿيڻو هئو؛ ان لاءِ دادا نانڪرام سوير صبح جو ئي مونکي پنهنجي هڪ دوست، موهن نارواڻيءَ جي گهر وٺي هلڻ لاءِ پڪ ڪري ڇڏي هئي؛ جيڪو اُتي سينٽرل پلاننگ سيڪريٽريٽ ۾ ڪنهن وڏي عهدي تي فائز هئو.
    ٽئين ڏينهن تي اسان کي حال ۾ ڪجهه دير سان پهچڻو هئو. ان لاءِ آءٌ دادا نانڪرام کي ساڻ ڪري آرتوار جي ڏينهن جو فائدو وٺي سندس دوست موهن لال نارواڻيءَ جي گهران ٿي آيس، ته جيئن هو مونکي نيشنلٽيءَ لاءِ ڪجهه مدد ڪري سگهي. هن دادا نانڪرام جي ڏاڍي عزت ڪيئي ۽ ايندڙ ڏينهن تي آءٌ سندس آل انڊيا ريڊيو جي سامهون واري ” پلاننگ هائوس“ آفيس مان به ٿي آيس. نارواڻي صاحب بلڪل پنهنجائپ ڏيکاري رهيو هئو پر منهنجي ڪم ڪو نه اچي سگهيو.
    آخرين ڏينهن تي جيڪو ”وداعي سيشن“ ٿيو؛ آچاريه ڀڳوان ديو ان جو اهتمام پڻ شاندار ڪيو هئو. مکيه مهمان طور هندوستان جو صدر، گياني زيل سنگهه آيل هئو. ڀڳوان ديو کي هيءَ سميلن آرگنائيز ڪرڻ ۾ جنهن جنهن مدد ڪئي هئي؛ انهن مان چونڊ ماڻهن کي زيل سنگهه جي هٿن کان ميمينٽو پڻ ڏنو ويو. پوءِ جڏهن سميلن پورو ٿيو ته ايندڙ ڏينهن تي دادا چنديرام مٽلاڻي ۽ ڀاءُ لالچند ڇاٻڙيا ڪجهه ٻيا شهر گهمڻ هليا ويا ۽ مان وڃي اولڊ دهلي اسٽيشن سامهون ’فيروز پوري سنڌي ڌرمشالا ‘۾ رهيس. مان اُتي به ٽي ڏينهن رهي ”ٽائمس آف انڊيا“ بلڊنگ ۾ اتان جي سب ايڊيٽر لڇمڻ ڀاٽيه سان ملي آيس؛ جنهن هوم ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندڙ پنهنجي شريڪ حيات گوپيءَ سان ڳالهايو. پوءِ آءٌ پاڻ به وڃي هوم سيڪريٽريٽ ۾ ان سان مليس. هن مونکي پنهنجي آفيس ۾ اندر ڪونه گهرايو؛ پر پاڻ اچي اچي ٻاهر ڪوريڊور ۾ مون کان ڀوپال جو آئوٽ ورڊ نمبر وٺي اندران وڃي ڏسي آئي. هن مونکي اهڙي خوشخبري ٻڌائي؛ جو آءٌ ته خوش ٿي ويس. هن مونکي چيو ته منهنجو ڪيس قبول ڪندي ’مڌيه پرديش گورنمينٽ‘ ڏانهن ڀوپال موڪليو ويو آهي؛ جنهن لاءِ هن پنهنجو آئوٽ ورڊ نمبر پڻ ڏنو.
    آءٌ ايندڙ ڏينهن تي سوير ئي صبح جو تيار ٿي ڌرمشالا مان چيڪ آئوٽ ڪري ڀوپال وڃڻ لاءِ پراڻي دهلي اسٽيشن تي پهتس ته اتفاق سان دادا چنديرام ۽ لالچند ڇاٻڙيا به مونکي اتي پليٽ فارم تي ئي گڏجي ويا. هنن کي ته ڪلياڻ واپس موٽڻ لاءِ ان ئي ٽرين ”پنجاب ميل“ لاءِ باقائده رزرويشن پڻ هئي. پوءِ ته مان به انهن سان گڏجي ويس ۽ سندن رزروڊ دٻي ۾ ئي هنن سان سفر ڪيو. ڀوپال، تقريبن ڏھ ڪلاڪ جي سفر کانپوءِ شام جو اچڻو هئو؛ تيسين آءُ به هنن سان ڪچهريون ڪندو آيس. انهن ڏينهن ۾ سليپر ڪلاس ۽ عام ڪلاس جي ٽڪيٽ ساڳي هوندي هئي؛ جو مان انهن جي دٻي ۾ چڙهي ڏوھ ڪو نه ڪيو هئو. دراصل هتان جون سرڪارون عوام جون سهوليتون گهٽائڻ لاءِ کين ڪيئن وڌ ۾ وڌ ڦريو وڃي؛ اهي طريقا به الائي ڪٿان ڳولهي ڪري کڻي اينديون آهن. پوءِ هنن ائين ڪيو، جو سليپر ڪلاس جو ڀاڙو به الڳ ته رزرويشن جا پئسا به الڳ! هتان جو اٻوجهه عوام صرف غصي ۾ هڪ گورنمينٽ لاهي ٻين آڻيندو ته من سندن ڪجهه ڀلو ٿئي؛ پر هر هڪ نئين ايندڙ گورنمينٽ کين وري نئين سر ڦرڻ شروع ڪندي آهي؛ جو هاڻ انهن کي به ته اڳين ليڊرن جي برابر حيثيت حاصل ڪرڻي هوندي آهي.
    آءٌ ڀوپال اسٽيشن تي دادا چنديرام ۽ ڀاءُ لالچند ڇاٻڙيا کان موڪلائي ڀرسان ئي سنڌي ڪالونيءَ ۾ پنهنجي لاڙڪاڻه وارن دوستن منوهر ۽ پهلاج گرباڻيءَ جو گهر وڃي ڳولهي لڌو؛ جو هنن جو ماروٽ اميش ڪمار ڪنهن گورنمينٽ سروس ۾ هئو ۽ سندس سيڪريٽريٽ ۾ پڻ ڪجهه واقفيت هئي. منوهر ۽ پهلاج؛ ادا پريم جي دوست نارائڻ جا ئي ننڍا ڀائر آهن ۽ منجهن ميزبانيءَ جو ٻچ اهڙو ڇٽيل آهي جو وٽن ڪهڙو به مهمان وڃي ته اصل خوش ٿي وڃي! مون به وهنجي سهنجي پنهنجو ٿڪ مٽايو ۽ منوهر – پهلاج سان گڏ ماني به کاڌي ته ڪچهري به ڪيئي. پوءِ ايندڙ ڏينهن تي ڀاءُ اميش کي ساڻ ڪري سندس اسڪوٽر تي ئي مڌيه پرديش سيڪريٽريٽ جي هوم ڊپارٽمينٽ ڏانهن وياسين ته خدا جي فضل سان اُتان به ڪم ٿي چڪو هئو ۽ انهن وري انڊور جي ضلع ڪليڪٽوريٽ لاءِ پنهنجو آئوٽ ورڊ نمبر ڪڍي ڏنو ۽ ٻڌايائون ته منهنجي ڪيس جو قبوليت نامو اوڏانهن موڪليو ويو آهي.
    مان ته ان ڏينهن ئي شام جو بس تي انڊور هليو ويس؛ جو صرف پنج ڪلاڪن جو سفر هئو. انڊور ۾ سڌو ئي وڃي ماما سڳنو مل جي گهر لٿس. آءٌ ٻئين ڏينهن پنهنجي امڙ جي ننڍي مامي ساڌو رام جي پٽ سچانند کي ساڻ ڪري انڊور جي ڪليڪٽوريٽ آفيس ڏانهن ويس؛ جو هڪ ته هو ڳالهائڻ ۾ هوشيار هئو ۽ ٻيو ته ان آفيس مان هو اڳي ئي ڦٽاڪن وڪڻڻ جو لائسنس وٺندو رهندو هو. سچانند اُتي هلي وابسته ڪلرڪ کي منهنجو ڀوپال وارو آئوٽ ورڊ نمبر ڏيکاريو ته هن به اهو ڪيس ڪڍي ورتو ۽ ٻڌايائين ته برابر منهنجي منظوري اچي چڪي آهي ۽ هاڻ صرف سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻو آهي. اهڙي ڪم ۾ دير نه پوي؛ ان لاءِ سچانند وابسته ڪلرڪ کي ٻاهر وٺي هلي ناشتو پاڻي ڪرايو ۽ عرض ڪيو ته جيئن اهو سرٽيفڪيٽ جلد ڏنو وڃي!
    مون ان ڪلرڪ جي گهرج موجب هڪ فوٽو اسٽوڊيو تان وڃي ارجنٽ پاسپورٽ سائيز فوٽو ڪڍايا؛ جو ان جون ٻه ڪاپيون اُتي گهربل هيون؛ تڏهن به هنن ٻه ڏينهن پوءِ اهو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي پڪ ڏني. پوءِ مقرر ڏينهن تي جڏهن آءٌ ان ڪلرڪ وٽ ويس ته ان مون واري ٽائيپ ڪيل رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ تي منهنجا فوٽو لڳائيندي مون کان پاڪستان جو پاسپورٽ پاڻ وٽ سرينڊر ڪرايو. پر جڏهن اهو ڪلرڪ ڪليڪٽر صاحب جي چيمبر ۾ اندر وڃي سندس صحيح وٺڻ چاهي ته ان صاحب وري کانئس گورنمينٽ جي منظوريءَ جا ڪاغذ گهريا. پوءِ ته هن منهنجو سمورو فائيل وڃي کيس ڏيکاريو جنهن هيٺ سٽيزن شپ ايڪٽ 5(1)A موجب مونکي نيشنلٽي ملي رهي هئي ته ڪليڪٽر صاحب وري پنهنجي ڪلرڪ کي اهو ايڪٽ ۽ رول ڏيکارڻ لاءِ چيو.
    پوءِ ته اهو ڪلرڪ اندران جو ڪليڪٽر صاحب وٽان ٻاهر نڪتو ته منهنجي مٿان ناراض ٿي رهيو هئو ته ڪم تنهنجو ۽ صاحب کي رولس مان ڏيکاريان!“ وري به خدا جو شڪر جو وٽس ”سٽيزن شپ ايڪٽ“ وارو ڪتاب پيو هئو؛ جنهن مان هن اهو گهربل رول ڪڍي وڃي کيس ڏيکاريو! تڏهن مس وڃي ڪليڪٽر صاحب منهنجي انڊين رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ تي صحيح ڪيئي. ان طرح 31آءٌ آڪٽوبر 1983ع تي باقاعده هندوستان جو قانوني طور شهري ڪري منظور ڪيو ويس.
    بعد ۾ مون هڪ ڪورنگ ليٽر ٺاهيندي انڊور جي ” فارينرس رجسٽريشن آفيس“ کي ائڊريس ڪيو ۽ ان سان پنهنجي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ جي ڪاپي لڳائي؛ جيڪا آءٌ وڃي وابسته آفيس کي ڏيئي آيس ته بابا! الله الله ڪري هاڻ انڊين رجسٽريشن ملي ويئي آهي. اهاڪاپي پنهنجي فائيل ۾ رکندي مون کي فارينرس جي لسٽ مان ڪاٽيو وڃي. جڏهن اهو سمورو پروسيس پورو ٿيو؛ ته مون جيڪو سک جو ساه کنيو هوندو ان جو اندازو ئي نٿو لڳائي سگهجي! ڌڻي شال سڀ کي ڪنهن به قسم جي ٽينشن ۽ عذاب کان بچائي رکي.!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 3 جنوري 2016
    __
     
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو