ونڊوز تي مال ويئر جي حملي سان غير فعال ٿيندڙ فيچرز کي فعال بڻايو...

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏16 مئي 2015۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سسٽم تي مال ويئر جي حملي کان پوءِ ان جي ڪارڪردگي پهرين واري نه رهندي آهي.. پوءِ اهو مال ويئر ڊيليٽ ڇو نه ٿي وڃي پر ان جي حملي جا اثر پٺتي رهجي ويندا آهن.. وري ائين به ٿيندو آهي جو دوست هميشه دانهون ڪندي نظر ايندا آهن ته سندن ڪمپيوٽر ۾ وائرس هيو.. ونڊوز ٻيهر به ڪئي پر وائرس نه ويو...
    مال ويئر جي پهرين ڪوشش اها هوندي آهي ته سندس پڪڙجڻ مشڪل هجي.. ونڊوز جا عام ٽولز جهڙوڪ ٽاسڪ مينيجر وغيره جي ذريعي جيئن ته ان تي قابو حاصل ڪري سگهجي ٿو ان ڪري مال ويئر پنهنجي پهرين حملي ۾ ئي اهڙن اهم ٽولز کي غير فعال ڪري ڇڏيندو آهي.. گهڻي قدر مال ويئر رجسٽري ايڊيٽر، ڪمانڊ پرامپٽ، رن، فولڊر آپشن ۽ سرچ وغيره کي غير فعال ڪري ڇڏيندو آهي.. اهڙن اهم فيچرز جي غير فعال هجڻ سان سسٽم وزني وزني ۽ سست سست لڳندو آهي..
    دوستن لاءِ اهڙن مونجهارن کي سلجهائڻ لاءِ ۽ سسٽم کي چست بنائڻ لاءِ حاضر آهي.. Re-Enable نالو ننڍڙو ٽول جيڪو ونڊوز جي هنن سمورن فيچرز کي ٻيهر فعال ڪري وٺندو آهي...
    Re-Enable جو انٽرفيس انتهائي سادو آهي.. جنهن ۾ ان جي سمورين خوبين جي سامهون ئي موجود آهي.. ۽ جيڪو جيڪو فيچر توهان وٽ غير فعال هجي ان کي واپس آڻڻ لاءِ انهن کي چونڊي هيٺ موجود بٽڻ Re-Enable تي ڪلڪ ڪريو..
    هن پروگرام جي مدد سان هيٺيان فيچرز فعال بڻائي سگهجن ٿا..
    • رجسٽري ايڊيٽر
    • سسٽم ري سٽور
    • سي ايم ڊي ڪنسول (ڪمانڊ پرامپٽ)
    • ڪنٽرول پينل
    • ماءِ ڪمپيوٽر
    • رن
    • ٽاسڪ شيڊيولر
    • ايم ايس ڪنفيگ
    • فولڊر آپشن
    • ٽاسڪ مينيجر
    • سرچ
    [​IMG]

    ان فيچرز کان علاوه به ري ان ايبل ۾ ڪجهه وڌيڪ فائيديمند فيچرز موجود آهن جن جي مدد سان مال ويئرز شده ڪمپيوٽر کي ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو.. مثال طور هن جي ٽول مينو ۾ ڏسجي ته Explorer.exe جي مسئلن کي ٺيڪ ڪرڻ جو آپشن موجود آهي.. ان کان علاوه هن جي مدد سان سسٽم ڊرائيوز ۾ موجود autorun.inf فائلز کي پڻ ختم ڪري سگهجي ٿو...
    جيڪڏهن توهان سسٽم ايڊمنسٽريٽر آهيو ته هي ٽول توهان وٽ هجڻ ضروري آهي.. ڇو ته ڪنهن جو ڪمپيوٽر وائرس کان صاف ڪرڻ کان پوءِ هن ٽول جي ضرورت پوندي ئي پوندي آهي.. ان ڪري هن ٽول کي پاڻ وٽ رکڻ جي صلاح مان هر سسٽم ايڊمنسٽريٽر، ڪمپيوٽر کي درست ڪندڙ دڪاندار نما ٽيڪنيشنس ۽ هر عام استعمال ڪندڙ کي ڏيندس..
    ان کان علاوه انهن کي ته ضرور ڊائونلوڊ ڪري رکڻ جو چوندس جيڪي هن ونڊوز 10 واري دور ۾ اڃان به ونڊوز ايڪس پي استعمال ڪري رهيا آهن...
    Re-Enable ٽن پيڪيجز ۾ موجود آهي.. هن جو سڀ کان ننڍو پيڪيج استعمال ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته مائڪروسافٽ ڊاٽ نيٽ 3.5 فريم ورڪ توهان جي سسٽم ۾ انسٽال ٿيل هجي.. ٻيو پيڪيج مڪمل انسٽالر آهي جڏهن ته ٽيون پيڪيج هن جي پورٽ ايبل ورجن جي صورت ۾ موجودآهي..

    ته پوءِ هاڻي ئي پنهنجي ضرورت مطابق پيڪيج ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ سافٽويئر جي آفيشل سائيٽ جو ڦيرو ڀريو...
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ڊائونلوڊ ڪجي ٿو. اهان کي ونڊوز 10 تي اچڻ جون واڌايون.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک قرب ادا ، سدا سلامت هجو
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    پورٽ ايبل ايڊيشن: ناٽ فائونڊ.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    هميشه وانگر هي به بهترين چونڊ
    جاري رکو
    لک قرب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    “ڦيرو ڀري” ٿا ڏسون :D
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو