”سيوهڻ جون ادبي شخصيتون “ : سيوهڻ بابت انسائيڪلوپيڊيا جي حيثيت رکندڙ ڪتاب

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 مئي 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    مير حاجن مير جي ڪتاب تي تبصرو


    ”سيوهڻ جون ادبي شخصيتون “ : سيوهڻ بابت انسائيڪلوپيڊيا جي حيثيت رکندڙ ڪتاب

    محمد سليمان وساڻ

    شاعر طور پنهنجي سڃاڻ ڪرائيندڙ مير حاجن مير جو سيوهڻ جي ادبي شخصيتن بابت تحقيق تي مبني ڪتاب ”سيوهڻ جون ادبي شخصيتون “ منهنجي هٿن ۾ آهي. سيوهڻ يا سيوستان سنڌ جي سڃاڻ ۽ هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو. سيوهڻ جي اهم سڃاڻ ته قلندر لعل شهباز جي ڪري گهڻي آهي پر سيوهڻ جي سياسي، ادبي، سماجي ۽ تاريخي حوالي سان هڪ الڳ سڃاڻ به آهي. مير حاجن مير ستن سالن جي ادبي پورهيي، مسلسل جاکوڙ ۽ کوجنا کانپوءَ هي ڪتاب لکيو آهي جنهن ۾ سيوهڻ ۽ آسپاس جي 169 ادبي شخصيتن بابت ڄاڻ، سندن پروفائل، ادبي ۽ علمي ڪم، تصويرون، هٿ اکر ۽ شاعري شامل ڪيل آهي. ليکڪ پاڻ ئي لکيو آهي ته ڪوششن باوجود به ڪي شخصيتون رهجي ويون هونديون جيڪي ڄاڻي واڻي ناهن ڇڏيون پر يا ته انهن بابت ڪا معلومات ڪانه ملي سگهي يا وري هنن جي پنهنجن به ڪا دلچسپي ڪانه ڏيکاري يا وري ڪتاب ۾ ڪي غلطيون هونديون جن کي دوستن جي رهنمائي سان اڳتي سلجهايو ويندو. هن ڪتاب ۾ شامل شخصيتن جي چونڊ هنن بنيادن تي ڪيل آهي:

    1. ادبي شخصيت جو جنم سيوهڻ يا ڀرپاسي جو هجي.
    2. جي جنم سيوهڻ ۾ نه ٿيو هجي ته سيوهڻ ۽ ڀرپاسي ۾ مدفون هجي.
    3. يا سندس خاندان جو تعلق سيوهڻ سان هجي.
    4. ادبي تخليق وارن شخصيتن کي شامل ڪيو ويندو.

    ڇو ته سيوهڻ سنڌ جي تاريخي شهرن مان آهي انڪري اتي مذهبي ۽ ادبي شخصيتون اوائلي دور کان مشهور رهيون آهن. هن ڪتاب پڙهڻ کانپوءَ لڳو ته ڄڻ هن ڪتاب ۾ سيوهڻ جي ڪيترين ئي صدين ۽ دورن کي شامل ڪيو ويو آهي جن ۾ مغل دور جي اهم محققن ۽ اديبن جو ذڪر به آهي. ڪتاب مان هڪ اها خبر به ملي جيڪا مون لاء نئي هئي ته سنڌي ٻولي جي پهرين انسائيڪلوپيڊيا لکڻ ۽ پنهنجي خرچ تي ڇپرائڻ وارو شخص پروفيسر فتح الله صديقي هو. ساڳي وقت مون لاءِ اها ڳالهه به انوکي ۽ نئين هئي ته سنڌي جو پهريون درسي ڪتاب 1853ع ۾ لکندڙ ديوان ننديرام جو تعلق به سيوهڻ سان ئي هو. سچ اهو به آهي ته ڪيترين ناميارن شخصيتن بابت خبر ته هئي پر انهن مان ڪجهه اهڙيون ڳالهيون به پڙهڻ لاء مليون جيڪي مون لاءِ نيون هيون. ڪتاب ۾ نه صرف پروفائل شامل ڪيا ويا آهن پر ان سان گڏ شخصيتن جي شاعري، سندن لکڻين مان چونڊ ٽڪرا، هٿ اکري ۽ پراڻن ڪتابن جا عڪس پڻ شامل ڪيل آهن، جيڪو ڪم مير حاجن مير سهڻي نموني ڪيو آهي.
    ڪتاب کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، پهرين حصي ۾ اوائلي ۽ گذاري ويل شخصيتن جو ذڪر آهي ٻيو حصو موجوده ادبي شخصيتن بابت آهي. پهرين حصي ۾ قلندر لعل شهباز کان شروعات ٿئي ٿي ۽ شهيد مخدوم بلاول، سنڌ جي پهرين شاعر قاضي قادن، مشهور مرثيه نگار سيد ثابت علي شاهه، لالا موهن داس سيوستاني، آخوند ابو الحسن، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي، نارائڻ شيام، قاضي عبد المجيد عابد، محترمه زينت چنا، علي احمد قريشي، پروفيسر محبوب چنا، آپا شمس عباسي، رحيم بخش قمر، گورڌن محبوباڻي، فقير حسين بخش خادم ۽ ڊاڪٽر خان محمد پنهور جهڙن شخصيتن جو ذڪر اچي ٿو. ٻئي حصي ۾ اهڙن شخصيتن جو به ذڪر آهي جن سان نيازمندي به آهي ته انهن سان قربن ڀريون ڪچهريون به ٿينديون آهن جيئن مدد علي سنڌي، پروفيسر اعجاز قريشي، ڊاڪٽر عابد مظهر، ڊاڪٽر محمود مغل ۽ غلام مصطفى سولنگي شامل آهن. اتي ئي همراز ڀٽي، پروفيسر فتح الله صديقي، امداد سومري، ساجده جبين سميت 48 شخصيتن جو ذڪر آهي.
    سچائي اشاعت گهر پاران ڇپايل 239 صفحن واري هن ڪتاب جي قيمت 400 روپيا آهي. ڪتاب جو مهاڳ مدد علي سنڌي صاحب لکيو آهي. مير حاجن مير کي شاعريءَ جي سفر کان تحقيق جي سفر کي سهڻي نموني سان سلجهاءَ تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون. اميد ته سيوهڻ بابت هي ڪتاب ايندڙ دور جي ليکڪن، محققن ۽ تاريخ نويثن لاءِ رهنمائي جو دروازو ثابت ٿيندو ۽ نوجوان پڻ هن ڪتاب مان گهڻي ڄاڻ حاصل ڪندا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو