ڪجهه معلومات گُهرجي

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ ميميجيجي طرفان آندل موضوعَ ‏11 سيپٽمبر 2015۔

  1. ميميجيجي

    ميميجيجي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2015
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مونکي ڪجھ معلومات گھرجي.
    ھونء ت ڪافي بھترين ڪوشش آھي نج سنڌي ويب سائيڊ ٺاھي سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن سان لاڳاپيل مسئلا اجاگر ڪيا وڃن ٿا ڇاڪاڻ ت مان ھتي نئون آھيان ۽ وقت جي گھٽتائي ب آھي پر ڪوشش ڪيان پيو سمجھڻ جيٖ موبائل تان سنڌي لکڻ ۾ ب مشڪلات پيش اچي پئي ۽ شايد لکڻ جو ڏانءُ ب گھٽ آھي پر وري ب ڪوشش آھي ت کجھ لکان. چند گذارشون آھن.
    سنڌي مڪمل اکرن جا سافٽويئر ت اچي ويا آھن پر انگ وري ب انگريزي لکڻا پون ٿاٖٖٖ ڇا سنڌي ۾ انگ لکڻ جو ڪو پروگرام ن ٺھيو آھي؟ڇا ان لاء ڪا ڪوشش ورتي وئي آھي؟
    ڇا اھڙو ڪو ڪمپيوٽر تي پروگرام ن آيو آھي جيڪو اسان جي لکڻين ۾ ٻاھرين لفظن جي جاء تي ھڪدم نج سنڌي لفظ جو آپشن ڏئي جيئن مون خود کوڙ سارا انگريزي لفظ لکيا آھن.
    جي لکڻ ۾ غلتيون ٿيون ھجن ت رھنمائي ڪندا.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ڳالھ سنڌي انگن جي حوالي سان ڪجي ته اهو فالٽ اسان جي ايم.بي سنڌي پروگرام ۾ آهي، جيئن ته اردو وارن انگ پنهنجا اردو جا ڏنا آهن انگريزي جا نه، تيئن ئي اگر ايم.بي سنڌي پروگرام کي ٻيهر اپڊيٽ ڪري ان ۾ سنڌي انگ شامل ڪيا وڃن ته بهتر ٿيندو..
    هڪ حل هي به آهي ته اسان جي فونٽ ڊيولپرز کي گُهرجي ته اُهي فونٽس ۾ ترميم ڪن ۽ سنڌي انگ ڊفالٽ طور تي شامل ڪَن.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ميميجيجي

    ميميجيجي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2015
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مھرباني عبيد صاحب جواب ڏيڻ جي پر اڃان اڻ پورو!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    محترم ذيشان رشيد جن کي عرض ڪجي ٿو ته سائين عبدالماجد ڀرڳڙي ۽ محترم شبير ڪنڀر جن کي ان سلسلي ۾ آگاھ ڪن
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جيئن ته سنڌ انگ استعمال ٿيڻ هاڻي نه جي برابر آهن ان ڪري ان تي اڳڀرائي به نه هئڻ برابر آهي... ها البته ان سلسلي ۾ سنڌي لينگويج اٿارٽي ۽ سنڌي سافٽويئر ڊيولپرس جا بحث هلندڙ آهن.. جيڪڏهن نصابن ۾ سنڌي انگ پڙهائڻ شامل ڪيو ويو ته ايم بي سنڌي پروگرام کي پڻ اپگريڊ ڪيو ويندو... يا وري ممڪن آهي ته ونڊوز 11 ۾ ايم بي سنڌي پروگرام انسٽال ڪرڻ جي ضرورت ئي نه رهي...

    باقي توهان جي ٻين سوالن جي جوابن ۾ عرض ته سنڌي صورتخطي يا اسپيل چيڪر کان سواءِ سنڌي گرامر ۽ سنڌي صلاحيندڙ لفاظي تي ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي.. پر جيڪڏهن ڪم درست طريقي بجائي انفرادي طور ڪيو ويندو ته ممڪن آهي ته گهڻي فائدي وارو نه ٿئي... ان ڪري اسپيل چيڪر ته انفرادي طور آڻي سگهجي ٿو ها البته باقي معاملن کي گوگل ٽرانسليشن ذريعي ئي اڳتي وڌايو وڃجي ته بهتر رهندو...
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو