وڏائيءَ جي سزا

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏12 نومبر 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد

    [​IMG]سمير حفيظ جوڻو

    ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي جو هڪ بادشاهه ڏاڍو مغرور هو. سمجهندو هو ته انسان جي عزت ۽ ذلت به منهنجي هٿ ۾ آهي. هو چوندو هو ته آءُ جيئن چاهيان تيئن ڪري سگهان ٿو. هو اهڙو ته ظالم هو، جو ماڻهن کي بنا ڪنهن ڏوهه جي ڦاسيءَ چاڙهائي ڇڏيندو هو. يا انهن جون کلون لهرائي ڇڏيندو هو. هن جي هڪ اهم هئي ته هو هر روز قرآن شريف جو دور ڪندو هو.

    روزانو وانگر هي صبح جو قرآن شريف جو دور ڪندي انهيءَ آيت تي اچي پهتو، جنهن جو مطلب آهي ته ”عزت ۽ ذلت رب پاڪ جي طرفان آهي“ اها آيت پڙهي، مرڪيو ۽ دل ۾ وهم پيدا ٿيس ته ”آءُ به زمين جو بادشاهه آهيان ۽ منهنجي هٿ ۾ به ته انسانن جي عزت ۽ ذلت آهي.

    هڪ ڏينهن پنهنجن وزيرن، مشيرن سان گڏجي شڪار تي نڪتو، بادشاهه کي هڪ هرڻ نظر آيو. بادشاهه هرڻ جي لالچ ۾ هن جو پيڇو نه ڇڏيو ۽ اتي پنهنجي وزيرن، مشيرن کان وڇڙي ويو. سج به صفا لڪي ويو هو ۽ چوطرف اوندهه پکڙجي وئي هئي، بادشاهه جي نظرن کان هرڻ به غائب ٿي ويو ۽ پنهنجو رستو به ڀلجي ويس. پري کان ڪو شهر نظر آيس، جو ان طرف کان روشني اچي رهي هئي. بادشاهه ان طرف گهوڙو ڊوڙايو، پر اتي پهچڻ کانپوءِ معلوم ٿيس ته شهر جي ڪوٽ جو دروازو بند ٿي ويو هو. نيٺ نااميد ٿي هڪ وڻ هيٺان، گهوڙو ٻڌي پاڻ به اتي ترسي پيو. ايترو ته ٿڪل هو جو جلد ئي ننڊ اچي ويس.

    صبح جو کڻي ننڊ مان اٿي ڏسي ته سندس مٿان ٻه سپاهي بيٺا آهن. هر هر ڏانهنس پيا نهارين ۽ هن کي جاڳندو ڏسي، لت ڏئي کڻي ٻڌائونس ۽ چيائونس ته تون اسان جي بادشاهه جي پٽ جو قاتل آهين، توکي اسان ڏاڍو ڳوليو آهي، ويچارو اچي منجهيو ۽ انهن کي ڏاڍا ايلاز ۽ منٿون ڪيائين پر انهن هڪ به نه ٻڌس ۽ گهلي بادشاهه جي درٻار ۾ وٺي آيس. سپاهين جي بادشاهه هن کي ڏسي هڪدم حڪم ڏنو ته هن جون ڄنگهون ۽ ٻانهون ڪپيون وڃن ۽ هن حڪم تي هڪدم عمل ڪيو وڃي. بادشاهه جي حڪم تي هن جون ڄنگهون ۽ ٻانهون ڌار ڪيون ويون ۽ باقي جسم کڻي اچي بادشاهه جي محلات جي در تي رکيائون ته جيئن ماڻهو انهيءَ مان عبرت حاصل ڪن.

    اتي بادشاهه دل ۾ سمجهي ويو ته هيءَ قدرت جي طرفان مصيبت آهي، جيڪا مون تي وڏائيءَ سبب نازل ٿي آهي ۽ ان جو سبب اهو آهي جو مون قرآن شريف جي آيت تي گمان ڪيو هو. اها حقيقت آهي ته ”عزت ۽ ذلت رب پاڪ جي طرفان آهي.“

    بادشاهه جي ڌيءَ جڏهن تلاوت جو آواز ٻڌو. هڪ ڏينهن شهزاديءَ پنهنجي پيءُ بادشاهه کي عرض ڪيو ته ”مون کي قرآن شريف پڙهڻ جو شوق آهي. سو مون کي اجازت ڏيو ته انهيءَ ٽنگون ۽ ٻانهون ڪٽيل بادشاهه وٽ قرآن شريف پڙهان. بادشاهه انهيءَ بادشاهه کي حڪم ڪيو ته شهزاديءَ کي قرآن شريف پڙهائيندو رهي. اهڙي طرح اهو بادشاهه شهزاديءَ کي قرآن شريف پڙهائي رهيو هو ته اوچتو اها ساڳي آيت آئي، جنهن تي هن گمان ڪيو هو؟ انهيءَ آيت پڙهڻ شرط بادشاهه جي اکين مان پاڻيءَ جا نار جاري ٿي ويا. شهزاديءَ اهو ڏسي، روئڻ جو سبب معلوم ڪرڻ چاهيو. بادشاهه شهزاديءَ کي سڄي حقيقت ٻڌائي. شهزاديءَ هڪدم وڃي پنهنجي پيءُ سان ڳالهه ڪيائين. پڻس بادشاهه کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ حقيقت معلوم ڪيائين. ۽ پوءِ ان بادشاهه جي بادشاهيءَ ۾ ماڻهو موڪليائين جتان هن جا وزير ۽ مشير آيا ۽ پنهنجي بادشاهه کي ڏسي بادشاهه وٽ تصديق ڪيائون پوءِ بادشاهه جي ڪيل خطا، گناهه ۽ ظلم جي عيوض کيس پنهنجي شهزاديءَ سان شادي ڪرائي. شاديءَ واري رات ان بادشاهه ۽ شهزاديءَ ڏاڍو رب جي در ٻاڏايو ۽ ظالم بادشاهه پنهنجي گناهه کان توبهه ڪئي. خدا جي قدرت جو صبح جو اهو بادشاهه ننڊ مان اٿي ڏسي ته کيس ٻانهون به آهن ته ڄنگهون به! نيٺ اهو بادشاهه پنهنجي راڻيءَ کي ساڻ ڪري پنهنجي ملڪ ويو ۽ اتي حڪومت ڪرڻ لڳو.
     
    Noor Hassan، سليمان وساڻ ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو