“سنڌ جي ارم محبوب کي جنم واڌايون ...”

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ”سنڌ جي ارم محبوب کي جنم واڌايون ...“

    ثناءُ الله عتيق


    اڄ 16 مارچ ارم محبوب جو جنم ڏينهن آهي. ارم محبوب جنهن خاندان ۾ جنم ورتو، مٽيءَ جي خشبوءَ جهڙن نزاڪتن ۽ نفاستن جي چونڊ سبب ان گهراڻي کي سنڌ منفرد مان ۽ مرتبو ڏيندي رهي آهي. اهيو ئي تاريخي سبب آهي ته سنڌ جي انهيءَ ڀاڳوند ڪٽنب پنهنجي نصيب جي منفرد تاريخ لکي هئي.
    ڪٽنبن ۽ نُکن مٿان نالي جو اثر پنهنجا ديرپا عڪس ڇڏيندو آهي. جڏهن محبوب شيخ ۽ ماهتاب محبوب ڏسندڙ اکين سان پنهنجن سپنن ۽ محبتن جا معراج ماڻيا ته انهيءَ مٺاس اندر گهرين سچائين جو ازلي تعلق پڻ جڙيل هيو. جنهن زماني ۾ محبوبن جي گهر جون ساڳوان سان ٺهيل کڙڪيون سڄي سنڌ ڏانهن دانش جون نهارون موڪلينديون رهيون. سنڌ جي سياسي تاريخ جي انوکي دور ۾ هن گهراڻي سماجي ڪردار ۾ ڀرپور حصو وٺندي پنهنجن تخليقن ۽ تعميري جذبن سبب سنڌ جي هڪ مثالي گهراڻي وارو ڪردار ادا ڪري ڏيکاريو. ان مثالي ڪٽنب جي اڱڻ تي گلابن ۽ ماڪ جو روح ان ڏينهن ٻهڪي پيو هيو، جنهن ڏينهن مهتاب محبوب پنهنجي نياڻي ارم محبوب کي جنم ڏنو هيو. مهتاب جي گهر ۾ سورنهن مارچ جي ان ڏهاڙي گلابن پاڻ کي ماڪ بجاءِ ارم محبوب جي اکين سان ڀڃائي ڇڏيو هيو. اهيو ئي ڪارڻ آهي ته آرٽ، فڪر ۽ سماج جي ربط سان جُڙيل مثالي گهراڻي جي ارم محبوب پنهنجي نالي جيان يڪتا ۽ يگانين ڪيفيتن جو ادراڪ ماڻيندي هر دور ۾ موناليزا جي مُرڪ سجائيندڙ سورمي ڀاسندي آهي.
    جيئن محبوبن جو هيءَ ڪٽنب سنڌ جي نڪ ۾ ڦُليءَ جيان جرڪندو رهيو آهي. ايئن هن يگاني گهراڻي جي سورمي ارم محبوب پڻ جيجل سنڌ جي پرشوخ لهجن جي وارث تخليقار آهي. قدرت جي لافاني هٿن سان ٺهيل ارم محبوب جي مٽي مارئيءَ جي ملير منجهان کنيل آهي. سندس شخصيت ۾ ڌيرج ۽ سوچن ۾ نديءَ جهڙي رواني کيس ٻوليءَ ۽ لوليءَ جي نفيس شاعره جو اعزاز پڻ بخشيو اٿس. ارم محبوب پنهنجن جذبن جي بهار کي سدائين تازگي بخشيندي رهي آهي. اربن سنڌ جي هڪ وڏ گهراڻي جي نياڻي ارم محبوب سنڌ جي چيچ پڪڙيندي مسرتن جون منزلون ماڻيون آهن. ارم محبوب جو ڀاڳ سنڌ جو حسن بڻيو. روحل، ردم ۽ چيزل جي روپ ۾ ارم محبوب جي سونهن پنهنجن پيرن هيٺان جنت پيدا ڪئي. سندس دل جي ڳاڙهي ديس وري شاعراڻي وجدان کي پرشوخ امرتائون ارپيون آهن. سندس تاريخي شعور جيڏو شاعراڻو تخيل ڪيڏو نه اهم آهي :

    ”تنهنجو چوڻ..
    بيدرد صلاح
    سڀ وساري ڇڏ،
    مونکي ياد نه ڪجان…!“

    شاعري جي وجود سان ارم محبوب جو منطقي مڪالمو اٿاهه جذبن جو يادگيرو بڻجي وڃين ٿو. رنگ ۽ بُو سان همڪنار هستيءَ جي حق کي پنهنجن مُٺن ۾ قابو ڪرڻ وارو اهيو هنر ته " سڀ وساري ڇڏ، مونکي ياد نه ڪجان ..!” فطرت جي دل ۾ لٿل زهريلي تير جي پنهنجن زخمي جذبن سان نشاندهي ڪرڻ، پوءِ سڄي سرشٽيءَ جيان ٽُٽل وکريل پنهنجن زخمي ڪيفيتن اندر زندگيءَ جو گيت للڪارڻ، پنهنجي دل اندر ۽ پنهنجي من اندر جي ڳالهه جو بي باڪ اظهار ڪرڻ، اهيو فن جي دنيا ۽ جيون جي مهانتا جو وڏو اعزاز آهي. روح ۾ گونجندڙ سڏپڙاڏن جي آڌار ارم محبوب گهڻو وقت اڳ لکيو هيو:

    ”…پر ورهين پڄاڻان مونکي
    اڄ هڪ احساس ٿيو آهي
    ته اڻ ڄاڻائي مان،
    يا شايد هاسيڪار
    تنهنجي پوپٽ پيار کي،
    قيد ڪندڙ منهنجي مٺ
    کلي وئي آهي..
    جنهن تي رهجي ويل
    اڌورا نقش..
    مون کي الائي ڇو،
    ننڍپڻ ۾ جھليل..
    ڳاڙهو پوپٽ،
    ان جي پرن جا
    ڇڏيل ڪچا رنگ، ياد ڏيارين پيا!“

    تخليقن ۽ محبتن جي دائرن ۾ جڏهن ”پونم” جهڙيون نفيس علامتون ڪارا ويس ڪري آيون. جڏهن ارم محبوب جي وجود جي مٽيءَ کي لوهي ڪار جا ڌڪ لڳا هئا. اهيو ڌڪ سندس تخليقي ذهن کي هٿن ۾ قيامتون ڏئي هليو ويو. پر وڇوڙي جي تيزاب ۾ سڙندڙ دلين مٿان ارم محبوب جو ڏڍ ڀاري آهي ارم محبوب جون ذهانتون فن ۽ فڪر جي آبياري ڪري رهيون آهن. جهنم جهڙين حالتن ۽ پيڙائن مٿان ارم محبوب جا پير ڀاري آهن. ارم محبوب جي پيرن هيٺيان جنت آهي. ارم محبوب جو اعزاز اهيو اعزاز زماني جي تلخين مٿان ڀاري آهي.

    ”سنڌ جي ارم محبوب کي جنم واڌايون... “
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو