هاڻ نه، ته ڪڏهن به نه...

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏8 آڪٽوبر 2016۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    [​IMG]

    اُهو ڏينهن پري ناهي جڏهن توهان جا سَڀَ ڪَم گوگل ئي ڪندي..
    توهان گھر جي ڪمري ۾ داخل ٿيندا توهانجي هٿن ۾ مارڪيٽ مان آندل سامان هوندو ۽ گھر جا سب بلب بند هوندا ته توهان صِرف چوندئو ”ٺيڪ آ گوگل! بتيون کول“ ته سڀ بتيون روشن ٿي وينديون، توهان گوگل کي چوندا ته ”ٺيڪ آ گوگل مونکي صبح جو 7 بجي اٿارجانءِ“ ته پوري 7 بجي توهانکي گوگل اُٿاريندي ۽ پڇندي ”منهنجي لاءِ ڪو حڪم احڪام؟“، جيڪڏهن توهان کيس چوندا ”ٺيڪ آ گوگل! چانهن کڻي اچ“ ته توهان جي سامهون چانهن جي ٽرالِي اچي ويندي، توهان سوچيندا ته اڄ خبر ناهي ڪنهن سان ملڻ وڃڻو آهي ته هڪدم گوگل توهانکي ٻڌائيندي ”8 بجي فلاڻي جاءِ تي ميٽنگ آهي“... ٿوري ئي دير ۾ توهان اڃا چانهن ئي مَس پيتي هوندي ته توهانجي گھر مان آواز ايندو ”جيڪڏهن توهان چانهن پِي ڇڏي هُجي ته وهنجي وٺو آفيس مان ٽي خط آيا آهن“ توهان پڇندا ”ڪهڙا ۽ ڪنهن جا خط آيا آهن“ ته هڪدم بنا ڪنهن دير جي گوگل توهانکي خط (ايميل) پڙهي ٻُڌائيندي.. توهان تيار ٿِي اڃا گھر کان ٻاهر نڪرڻ وارا ئي هوندا ته گوگل توهانکان پڇندي ”توهان جِي گاڏي تيار آهي دروازو کوليان؟“ توهان ها ۾ جواب ڏيندا ته دوازو کلندو توهان اڃا ويٺا ئي مس هوندا ته گاڏِي پاڻمرادو چالُو ٿي ويندي ۽ هلڻ لڳندي، گوگل توهانکان پڇندي ”ڪهڙي رستي کان ۽ ڪيڏانهن هلڻو آهي؟“ توهان کيس رستو ٻُڌائيندئو ته ”گدو چوڪ کان سنڌي لئنگيج اٿارٽيءَ وارو رستو وٺي اٿارٽِي هَل“ بس چوڻ جِي دير هوندي ۽ گاڏِي هلڻ لڳندي، توهان جي هٿن ۾ پام_ٽاپ هوندو (ڇوته ليپٽاپ جو دور ختم ٿيڻ وارو آ) ۽ توهان پنهنجي آفيس جا ڪم اُڪلائي رهيا هوندا، توهانجو ڌيان رستي ۽ ٽريفڪ ڏانهن هرگز نه هوندو، ايتري ۾ گاڏي توهانجي آفيس جي پارڪنگ ۾ اچي بيهي ۽ بند ٿي ويندي، توهانکي پيغام ملندو ”اسان پنهنجي منزل تي پُهتاسين، توهان آفيس وڃي سگھو ٿا ۽ مون لئه ڪو حڪم ؟“ توهان چوندئو ”ٺيڪ آ گوگل! ڪو حڪم ناهي“.. توهان آفيس جي ڪمري ٻاهريان ئي هوندا ته گوگل توهانکي ڀليڪار ڪندي ”ڀليڪار سائين! آفيس ۾ فلاڻي فائل فلاڻي جاءِ (فولڊر) ۾ پيل آهي پهرين اُن مسئلي کي حل ڪريو“ توهان اڃا آفيس جي ڪُرسيءَ تي مس ويهندا ته توهان جي سامهون ٽرانسپئرينٽ اسڪرين تي ڊرائيو کُليل هوندي توهان بنا ڪنهن ڇُهڻ جي صرف چوندا ته ”ٺيڪ آ گوگل! هاڻ فلاڻي نالي جو فولڊر کول“ گوگل بنا دير جي فولڊر کولي توهان کان پڇندي ته ڪهڙي فائل کوليان ۽ توهان فائل جو نالو ٻُڌائيندئو ته اُها فائل کُلي پوندي، بس پوءِ توهان پنهنجي آفيس جو ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو هوندو ته توهانکان پڇيو ويندو ”ڇا توهان ٿڪاوٽ محسوس ٿا ڪريو؟“ توهان جيڪر ها ۾ جواب ڏنو ته توهانکي تفريحي ڪلام ٻُڌاريا ويندا.. آفيس مان فارغ ٿيڻ وارا ئي هوندا ته توهان کي پيغام ملندو ”توهان جي گاڏِي پارڪنگ ايريا نِڪري گيٽ تي بيهي؟“ توهان ها ۾ جواب ڏنو ته حڪم جي تڪميل ٿيندي... ائين ئي توهان بنا ڪنهن تڪليف جي آفيس جي ڪمن مان فارغ ٿِي ڪري گاڏِيءَ ۾ ويهندا ته توهانجي گھران گوگل جو پيغام ايندو ته ”فرج ۾ ڀاڄِي موجود ناهي مارڪيٽ مان اڌ ڪلو ڳاڙهيون گجرون، 5 بيضا ۽ مشروب وٺيو اچجو“ (اهو سڀ توهانجي پسند ۽ ناپسند مطابق ٻُڌايندي). توهان اهو پيغام ٻُڌي چوندا ته ”ٺيڪ آ گوگل هاڻ ڀاڄي مارڪيٽ ۾ سيٺ سليم جي دُڪان تي هل“ بس! پوءِ دير ڇا جِي گاڏِي توهانکي اُتي ڇڏيندي جتي توهان چاهيندئو.. پوءِ توهان سيٺ جي دُڪان تي پُهچندا ته آواز ايندو ”ڀليڪري آيا سائين! ڇا ٿا وٺڻ چاهيو!؟“ پر اُتي ڪوبه سيٺ سليم نه هوندو صرف سيٺ جو اڪائونٽ هوندو.. توهان صرف چوندا ته ”مهرباني توهانجي، مونکي 5 بيضا ۽ اڌ ڪلو ڳاڙهيون گجرون کپن“ بس پوءِ دير هوندي توهانجي اسمارٽ ڪارڊ کي مشين ۾ وجھڻ جِي، جيئن ئي سمارٽ ڪارڊ وجھندا ته روبوٽ توهان آڏو سودو کڻي ايندو ۽ توهانکي چوندو ”توهانجي بِل جِي هڪ ڪاپي توهانکي ايميل ڪئي وئي آهي“....
    ائين ئي توهان گھر پُهچندا ۽ گوگل کي چوندا ته ”ٺيڪ آ گوگل عابده پروين جي موسيقي هلاءِ“ ڪمري ۾ پيل لائوڊ اسپيڪرن مان عابده پروين جو آواز اچڻ شروع ٿيندو، ۽ توهان ماني ڌاني کائي بس ڪندا ته پيغام ايندو ”توهانجي آرام جو وقت ٿي ويو آهي.“ توهان پنهنجي پلنگ تي ويندا ۽ چوندا ”ٺيڪ آ گوگل! بتيون بند ڪر ۽ سُڀاڻ 7 بجي اُٿارجانءِ“ گوگل توهانکي ”شب بخير“ چئي بتيون بند ڪندي...
    منهنجا سائين! اِهو سَڀَ ڪُجھه امريڪا ۾ نه پر سنڌ ۾ هوندو، اها هڪ ڦُوڪ ناهي پر گوگل پاران ان تي عمل به ڪيو ويو آهي ۽ مان (عبيد) ۽ مُنهنجا ڪُجھه سنگتِي ته اِن جي ڪُجھه سهولتن مان فائدو به وٺي رهيا آهيون..  ڇا اِن کان وڌيڪ ڪا آرامده زندگي ٿِي سگھي ٿِي؟
    پر اِهو سڀ ڪُجھ ممڪن تڏهن آهي جڏهن توهان پاڻ چاهيو! توهان پاڻ مذهبي، سياسي ۽ گھرو جھيڙا ڇڏي ٽيڪنالاجيءَ طرف ڌيان ڌريندئو، سنڌ جِي تعليم طرف ڌيان ڏيندئو، فيسبوڪ گھڻو تي وقت ضايع ڪرڻ بجاءِ انٽرنيٽ تي ماڻهن سان لھه وچڙ ۾ ايندئو تڏهن.. پر جيڪر اڄ به نه جاڳيئو ته پوءِ اهو شعر سچو ٿيندو ته ”هُئي سِنڌ ۽ سِنڌ وارن جِي ٻولِي“......
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    اهڙي قسم جي هڪ وڊيو رشيد سمون به لڳائي هئي ان کي لنڪ ڪرايو
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    لڀي ئي نَٿِي :) ڳولا ڪئي اٿم
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بلڪل درست ... اوهان سان سهمت آهيان پيارا ...
    اسان کي ٽيڪنالاجي سان گڏ هلڻو پوندو، ٻي صورت ۾ گهڻو پوئتي رهجي وينداسين.
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عامر خان چاچڙ

    عامر خان چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    220
    ورتل پسنديدگيون:
    540
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ماڳ:
    شهيد بينظير آباد (نوابشاه)
    بلڪل سهي لکيو اٿو جاني الله اوهان کي خوش ڪندو
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    بلڪل اها هڪ حقيقت آهي
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو