ڪهاڻي ڪوڙو لڏون ڪهاڻيڪار ساقي ارشاد لورڙ

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ saqi irshad Lorer طرفان آندل موضوعَ ‏2 آگسٽ 2017۔

  1. saqi irshad Lorer

    saqi irshad Lorer
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 مارچ 2017
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    148
    ڌنڌو:
    سماجي ورڪر
    ماڳ:
    قنبر علي خان
    ڪهاڻيڪار :__________ساقي ارشاد لورڙ

    ڪهاڻي :_______” ڪوڙو لڏون “________
    گذريل ڏيڍ سال جي ڀڄِ ڀڄان کان پوءِ اڄُ وڃي نوڪري ملي ، مان ته انٽرويو ڏئي ڏئي ٿڪجي بيزار ٿي پيو هئيس ، اڄُ وڃي سالن جي محنت رنگ لاتو ، هونءَ به چوندا آهن ته دير آيو درست آيو ، اهو به شڪر آ جو نوڪري ملي وئي ، .
    اڄُ منهنجو انٽرويو هو ، انٽرويو روم ۾ پهچڻ کان پوءِ ايئن ڀائيو هيم ته اڄُ به سواءِ مٿي هڻڻ ۽ ٽائم وڃائڻ کانسواءِ ڪجھ نه ورندو ، پر پوءِ منهنجو اهو اندازو غلط صابط ٿيو ، انٽرويو بورڊ جا ميمبر مونکي بلڪل نه وڻيا ها ، انهن ۾ هڪ ٿلهو متارو صفا مينهن جهڙو هو ، ۽ ان جي کاٻي پاسي ويٺل ڀي ان کان گهٽ نه هو ، پر فرق صرف ايترو هو ته هن جي مٿي تي وارَ ڳوليا نپيا لڀن ، .…!
    باقي ساڄي پاسي ويٺل ميمبر پنجيتاليهن سالن جو لڳي رهيو هو ، هو هنن ٻنهي کان مختلف هو ، سنهڙو ، قد ڪاٺَ ۾ ۽ منهن مهانڊي ۾ صفا اميتاب بچن جو ڊبليڪيٽ لڳي رهيو هو ، مان جيئن ئي انٽرويو روم ۾ داخل ٿيو هئيس ته سنهڙي مونکي چيو هو ………!!!!
    ”اچو ، اچو ، ويهو ، ……!!!!“
    مان ڪرسيءَ تي ويٺس ته هنن مونکان نالو پڇو ، مان هنن کي نالو ٻڌايو ، پوءِ سنهڙي اميتابچن جهڙي منهنجي سي . وي . فائل مان کڻي ٿلهي متاري مينهن جھڙي آفيسر ڏانهن وڌائي ڇڏي ، هو ڪجھ ٽيم منهنجي سي . وي . پڙھندو رهيو ۽ پوءِ هن مونکان پڇو ، …!!
    ” اوهقن ايم . اي . ڪئي آ .……!!!؟؟“
    ” جي سر ! هي منهنجا اوريجنل سرٽيفڪيٽ آهن ،“
    مون هن کي جواب ڏئي بيگ مان اوريجنل سرٽيفڪيٽَ ڪڍي هن ڏانهن وڌايا ، هو ٽئين وري منهنجا سرٽيفڪيٽَ ڏسڻ لڳا ………!!!!!“
    ”هو منهنجا سرٽيفڪيٽَ ڏاڍي غور سان ڏسي رهيا ها ،……………!!!!!“
    ”توهان کان ڪجھ سوال پڇئون ……!!؟؟؟“
    ٿلهي مينهن جهڙي ڪنڌ مٿي ڪري چيو ………!!!!
    ” جي سر ! مان بلڪل تيار آهيان ……!!! “ مون جواب ڏيندي چيو .…!
    ”چنڱو ڀلان ٻڌاءِ ، حضور پاڪ ”صلعم“ جن جي ناني ۽ ڏاڏي جو نالو ڇا هو .…!؟؟“
    سنهڙي مونکان پڇو ……!!!
    ” سر ناني جو نالو وهب ۽ ڏاڏي جو نالو عبدالمطلب هو ……!!“
    مون جواب ڏيندي چيو ، وري سنهڙي پڇو ،
    ” وحيءَ جي معنيٰ ڇا آهي …!؟“
    ” سر ! لڪل ، ڳجهو ، باطن ، مخفي ،…!!“ مون چيو ،
    وري ٺوڙھي پڇو ،
    ” فاتح اسپين ڪير آهي …؟؟؟“
    مون چيو ، ” طارق بن زيد ……!! “
    وري ٺوڙھي پڇو ، ” سنڌ تي عربن ڪيترو وقت حڪومت ڪئي ،……!!؟؟“
    مون چيو ” 15 سال ……!!“
    وري سنهڙي سيپڪڙي منهنجي اکين ۾ گهوريندي پڇو، ” هزارداستان ڪهڙي پکيءَ کي چئيو وڃي ٿو ……!!؟؟“
    مون چيو ، ” بلبل کي …!“
    ايئن هو ٻئي ڄڻ ته مڇرجي پيا ۽ سوال مٿان سوال پڇڻ لڳا ، مختلف موضوعن مان ، ……!! مان جواب ڏيندو رهئيس ……۽ ٿلهو متارو پَني تي ڪجھ لکندو رهيو ، ڪافي ٽائم کان پوءِ جڏهن هو سوال پڇي پڇي ٿڪجي پيا ته هنن ٻنهين مينهن جهڙي آفيسر کي ڪنن جي ويجهو ٿي ڪجھ ڀڻڪيا …… ٿلهي ٻنهي کي ڪجھ چئي وري مونسان مخاطب ٿيو ……!!! “
    ” آڪاش صاحب ! اوهانجي تعليمي سرٽيفڪيٽَ ۽ اوهانجي ذهانت ڏسي اسان اوهان کي ڊپٽي مينيجر جي پوسٽِ لاءِ سليڪٽِ ڪري ڇڏيو سي ، اوهان سباڻي ئي ڊيوٽي جوائن ڪري سگهو ٿا ، اوهان ٿورو گيسٽِ روم ۾ ويهو ته اسان اوهان کي اپائنٽِمنٽِ ليٽر ڪڍرائي ڏيئون ٿا ……!!!!!“
    مان ٽنهيءَ جون مهربانيون مڃي اچي گيسٽ روم ۾ ويٺس ، مان ڏاڍو خوش ٿي رهيو هئيس ، اڌ ڪلاڪ کان پوءِ پٽيوالي اچي مونکي اپائنٽمينٽِ ليٽر ڏنو ، مان ليٽر پڙھي ڏاڍو خوش ٿيس ، اڄُ پهريو دفعو اهڙي موٽَ ملي هئي ، نت رٽن ۽ واءِ ، واءِ کان پوءِ به آفيسر چوندا ها ،
    ”اوهان ۾ هيءَ کوٽِ آ ، اوهان ۾ هيءَ کوٽِ آ ، “ مڙئي چئين هٿ جي هڻاءِ ته پکي ٿي وڃين ، واري ڳالھ ڪري فيل ڪري ڇڏيندا ها ، ……!!!“
    مان آڊر ليٽر پڙهي خوشيءَ ۾ جهومندو اچي وين ۾ ويٺس ، وين ڀي هلڻ لڳي ۽ منهنجو دماغ ڀي سوچن جي پٽڙيءَ تي سفر ڪرڻ لڳو ……!!!“
    ” نسيم ! ڪيڏي نه خوش ٿيندي جڏهن ٻڌائيندو سانس ته مونکي نوڪري ملي وئي ، هوءَ مڙئي چوندي هئي ، ” توکي نوڪري ملندي ته ڏسنداسي “ ايئن چئي هوءَ مونکي سدائين چيڙائيندي رهندي هئي ، اڄُ کيس مان ٻڌائيندس ته ” ڏِسُ نسيم ! هاڻي مونکي نوڪري ملي وئي ، نسيم منهنجي ماساتِ آ ، هوءَ مونسان پيار ڪندي آ ، مان جڏهن به ڪنهن انٽرويو تان موٽندو آهيان ، ته پڇندي آ ، ” ڏي حوال ڪو چاڙهو به ٿيندو يا ايئن ئي سدائين انٽرويو ڏيندو رهندين ، . . . !!؟“ يان چوندي آ ، ” ڪو آسرو مليو يا اڪو جواب …!؟ “ هوءَ مونکي چوندي رهندي آ ، ته ” ماسيءَ کي چوءُ ته امان ۽ بابا جن کان منهنجو سنڱ گهري ……!؟“ ۽ مان هر ڀيري هن کي چوندو رهندو هئيس ته ، ” چري دعا ڪر ته مونکي نوڪري ملي پوءِ شادي به ڪتي وٺنداسي ، هاڻي ته تون ڄاڻين ٿي ته اسانجي گهر جا ڪهڙا حالات آهن ،……!؟“
    پو وري هوءَ خاموش ٿي ويندي آهي ، نسيم منهنجي خوابن جي شهزادي آهي ۽ مان نسيم جي خوابن جو شهزادو ، هن مونسان گڏ جيئڻ جا ڪيئي خواب ڏٺا آهن ،……!!!!؟؟“ نسيم هڪ ڏينهن مونکي چيو هو ،
    ” آڪاش ! جڏهن توکي نوڪري ملندي ته پهريان اسان شادي ڪنداسي ۽ پوءِ هر مهيني ٿورا ٿورا پئسا بچائي هڪ وڏو گهر وٺنداسي جنهن ۾ هڪ وڏو.باغيچو هجي ، ۽ تنهن باغيچي ۾ کوڙ رنگين گل هجن ، ۽ جڏهن تنهنجي ڪار ، گهر جي آڳر تي اچي بيهندي ، ۽ تون لهندين ،……!!؟“
    تنهن وقت مان نسيم ! جي وات تي هٿ رکي ڇڏيو هيو ، هوءَ منهنجي سيني تي ڪنڌ رکي روئڻ لڳي هئي ، ۽ سڏڪندي چئيو هئائين .،
    ” آڪاش ! اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو ، ………!!؟؟؟“
    هن جي ان سوال مونکي چيري وڌو هو ، پر مان ڪري ڀي ڇا پيو سگهان سواءِ انٽرويو جي تياري ڪرڻ ۽ انٽرويو ڏيڻ جي ، پر اڄُ هوءَ ڪيڏي نه خوش ٿيندي ،………… !!!!“
    مان امان کي اڄُ ئي چوان ٿو ته وڃي ماسڙ جن کان منهنجي لئي نسيم جو سنڱ گهري …! “
    ”ڀائو اوهان ڪٿي لهندؤَ ……!!؟“
    منشي منهنجي ڪلهي تي هٿ هڻي پڇو ،
    ” اڳين اسٽاپ تي …!“ مون دريءَ مان ٻاهر ڏسندي چيو ، ! ٿوري دير ۾ اسٽاپ ڀي اچي ويو ، مان وين مان لهي پنهنجي گهر ڏانهن هلڻ لڳس ، تڪڙا تڪڙا قدم کڻي ته جيئن جلدي وڃي هيءَ خوشيءَ جي خبر امان ۽ نسيم کي ٻڌايان ،……! هو اهڙي خوشخبري ٻڌنديون ته خوشيءَ ۾ جهومي جمالو ڳائينديون ،……!!؟“
    مان جڏهن به ڪو انٽرويو ڏئي ناڪام ٿي منهن سڄائي گهر موٽندو هئيس ته امان اڳُ ئي سڃاڻي ويندي هئي ته مان ناڪام ٿي واپس وريو آهيان ، امان ماني ۽ پاڻي جي لوٽي منهنجي اڳيان رکندي چوندي هئي .
    ” پٽَ معيوص نه ٿي ان ۾ به اللّٰه پاڪ ڪو راض رکيو هوندو ، متان سباڻي توکي ان کان به ڀلي نوڪري ملي وڃي ،……!!!“
    ايئن امان مونکي نئين سر اتساهيندي هئي ، امان جون اهڙيون ڳالهيون منهنجي پستِ حوصلن کي چستِ بڻائي ڇڏينديون هيون ، . . . !!
    ايئن سوچيندي سوچيندي دروازي تي پهچي وئيس ، دروازو کڙڪايم ٿوري دير کان پوءِ امان دروازو کوليو ، ته مان امان جي پيرين پئي اندر داخل ٿيم ،
    ” پٽَ ڇا ٿيو آ جو خوشيءَ ۾ جهومي رهيو آن ،……!!!“
    امان حيرت ۽ پريشانيءَ جي گڏيل تاثرن مان پڇو ،
    ”امان مونکي نوڪري ملي وئي مان اندر ٽپي دروازو بند ڪري امان کي ڀاڪي پائيندي چيو ، امان مونکي ڳل تي ڳراٽڙي پائي ڪمري ۾ هلي وئي اندران موٽي ته هٿ ۾ لڏن جي دٻي هيس ، امان هڪ لڏون ڪڍي منهنجي وات ۾ وجهندي چيو ، ” وات مٺو ڪر ……!! “
    ” امان هيءَ مٺائي ڪٿان آئي ، !! “ مون لڏون چٻاڙيندي امان کان پڇو ،
    ” پٽَ اڄو ڪو ڏينهن ڏاڍو سٺو آ ، هڪ طرف توکي نوڪري ملي وئي ۽ ٻئي طرف تنهنجي ماثاتِ نسيم ! جي سندس سوٽَ سان منڱڻي ٿي وئي آ ، ۽ هي مٺائي اوڏانهن آئي آهي ، ………!!!!؟؟؟“
    مونکي امان جي ڳالھ ٻڌي ايئن لڳو ڄڻ مان لڏون نه پر ڪوڙو ٽوھُ چٻاڙيندو هجان جو منهنجو واتُ ڪوڙو زهر ٿي ويو .…………!!!!“
    saqi.irshad@gmail.com
    Cell no : 03002586897
     
  2. نديم محمد سوهو

    نديم محمد سوهو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2017
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    موئن جو دڙو
    ادا بهتر آهي پر پروف جون غلطيون ۽ جملن جي بناوت تي ڪجه ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ثابت يا هيس کي اوهان صابت ۽ هئيس لکيو آهي انهن کي به درست ڪريو. بهتر آهي اوهان جو انداز عام چوڻين مطابق هجي. باقي ٺيڪ آهي.
     
  3. saqi irshad Lorer

    saqi irshad Lorer
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 مارچ 2017
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    148
    ڌنڌو:
    سماجي ورڪر
    ماڳ:
    قنبر علي خان
    لک مهربانيو ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو