واٽس ايپ کي پنهنجي ڊاڪومينٽس ۽ نوٽس لاءِ پرائيوٽ اسٽور طور ڪم ۾ آڻيو

'سمارٽ فون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏15 آگسٽ 2017۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    واٽس ايپ هڪ بهترين پيغامي ايپ آهي جنهن ذريعي توهان دوستن ۽ مٽن مائٽ سان هر وقت ڳنڍيل رهو ٿا. هي نه رڳو رفتار ۾ تيز آهي پر ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽر سميت هر وقت لڳ ڀڳ هر فون تي نيٽورڪ ڪمپنين طرفان سستي خرچ تي موجود آهي. ڀلي ڳالهه اها به آهي ته فيس بوڪ جو في الحال ان ذريعي ڪمائڻ جو ڪو ارادو ناهي :)

    واٽس ايپ بابت اڳ پڻ هڪ جامع موضوع ” ڇا توهان واٽس ايپ بابت سڀ ڪجهه ڄاڻو ٿا؟“ موڪلجي چڪو آهي پر هتي واٽس ايپ جو هڪ منفرد استعمال سمجهائجي ٿو.
    واٽس ايپ استعمال ڪندڙ اڪثر شڪايتون ڪندي نظر ايندا آهن ته کين هرڪو هرو ڀرو ڪنهن نه ڪنهن گروپ ۾ شامل ڪري ٿو ڇڏي جڏهن ته سوڀر دوست هجڻ ڪري سندن گروپ کي Leave ڪرڻ بجاءِ Mute ڪري ڇڏيندا آهيون ته جيئن هرو ڀرو جي بار بار اڀرندڙ اطلاعن مان جان ڇڏائي سگهجي. ياد رهي ته اهڙا دوست اهڙين شڪايتن باوجود ڪڏهن ڪڏهن اهڙن نه وڻندڙ گروپن مان ڪم واري ۽ معلوماتي مواد وصول ٿيڻ جو به ذڪر ڪندا آهن پر کين پريشاني ان وقت ٿيندي آهي جڏهن هو اهڙو مواد ڪمپيوٽر ۾ منتقل چاهيندا هجن يا وري ڳولڻ چاهيندا هجن.
    مون ان جو هڪ اهڙو حل لڌو آهي جنهن کان پوءِ پريشاني بلڪل به ناهي رهي.. اميد ته توهان به عمل ڪري فائدي ۾ رهندا
    مون واٽس ايپ جو هڪ اهڙو گروپ ٺاهيو آهي جنهن ۾ رڳو مان ئي آهيان ۽ پوءِ گروپن مان وصول ٿيندڙ هر ڪم واري ۽ معلوماتي مواد کي ان گروپ ۾ منتقل ڪندو رهندو آهيان. جنهن کانپوءِ اهو ئي گروپ موبائيل توڙي ڪمپيوٽر تان ڳولڻ سولو ۽ پريشاني جو تڪڙو حل ثابت ٿيندو آهي. J
    واٽس جو اهڙو پرائيويٽ اسٽور نما گروپ ٺاهڻ لاءِ واٽس ايپ کوليو ۽ نئون گروپ ٺاهيو
    گروپ ٺاهڻ لاءِ توهان کان رابطو نمبر شامل ڪرڻ لاءِ پهريون پڇيون ويندو .. توهان ڪوبه نمبر شامل ڪريو
    هاڻي نئين ٺاهيل گروپ کي کوليو ۽ ان جي مٿان سبجيڪٽ تي ٽيپ ڪري participants واري لسٽ کوليو
    هاڻي شامل ڪيل رابطي نمبر تي ٽيپ ۽ هولڊ ڪندي ان نمبر کي ريموو ڪريو
    توهان ته ڪري ورتو. جي ها.. هاڻي توهان وٽ اهڙو گروپ موجود آهي جنهن ۾ رڳو توهان ئي شامل آهيو.


    [​IMG]


    اهو گروپ نه رڳو موبائيل تي پر ويب (ڊيسڪٽاپ) تي پڻ کولي سگهجي ٿو. هاڻي جيڪر توهان چاهيو ته مواد کي فون مان ڪمپيوٽر تي يا وري ڪمپيوٽر تان فون تي بغير ڪنهن تار جي منتقل ڪري سگهو ٿا. جنهن لاءِ ڪمپيوٽر برائوزر تان web.whatsapp.com کولي واٽس ايپ کوليو. ان کانسواءِ واٽس ايپ جي بلٽ ان سرچ ذريعي ڪيورڊ ڳوليندي توهان ڪنهن به پيغام تي آسانيءَ سان پهچي سگهندو.
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي

    واھ جو طريقو سمجھايوَ .. :D :D :D :D
    مون سمجهيو ته واٽس ايپ جو نئون فيچر آيو آ.
     
    عبدالغفار سڌايو ۽ ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  4. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    تمام بهترين.....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو