اربعين لبيڪ ياحسين عليه السلام

'مذهب' فورم ۾ عرض سنجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏30 آڪٽوبر 2017۔

  1. عرض سنجراڻي

    عرض سنجراڻي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 آڪٽوبر 2017
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    صحافت،ادب،ذاتي ڪاروبار
    ماڳ:
    مهراڻ جو مرڪز ڪراچي
    *چهلم امام حسين عليه السلام مراجع عظام جي نظر ۾*

    صديون اڳ به، امام حسين عليه السلام جو چهلم علماء جي نظر ۾ هڪ خاص مقام ۽ گهڻي اهميت رکندو هو، اڄ به ‏جيڪڏهن ڏسون ته ڪروڙين ماڻهو پير اگهاڙا ڪري عراق جي مختلف شهرن کان ڪربلا جي طرف ويندا آهن ان سهڻي ‏سنت کي امامن جي دور ۾ اموي ۽ عباسي ظالم حڪومتن جي باوجود به، انجام ڏنو ويندو هو.‏
    چهلم جي باري ۾ مراجع عظام جي نظر هيٺ ملاحظو ڪندا:
    *رهبر معظم آيت الله العظمي سيد علي خامنه اي دامت برڪاته رهبر معظم*

    انقلاب اربعين حسيني جي اهميت کي هن ريت بيان فرمايو آهي: اربعين جو ڏينهن مقناطيسي ڇِڪ جي شروعات جو ڏينهن آهي، جيڪو جابر بن عبدالله انصاري کي مديني کان ڪربلا معلي جي طرف ڇڪي ٿو هي اها ساڳئي مقناطيسي تانگهه آهي جيڪا اڄ به ڪيترن صدين جي گذرڻ کان پوءِ به منهنجي ۽ توهان جي دل ۾ موجود آهي.

    *حضرت آيت الله العظمي سيد علي حسيني سيستاني دامت برڪاته*

    دنيا جي عظيم مرجع حضرت آيت الله سيستاني دنيا جي مسلمانن ۽ عزادارن کي اربعين امام حسين بابت مخاطب ٿيندي فرمايو ته هن عظيم موقعي تي اسلام جي اهم قانونن نماز، حجاب، اصلاح، بخشش، صبر ۽ ادب جي رعايت ڪن. وڌيڪ چيائين ته جن به مومنن کي خداوند متعال زيارت جي توفيق ڏني آهي ته انهن لاءِ اهو سمجهڻ ضروري آهي ته خداوند متعال پيغمبرن ۽ ائمه اطهار ۽ اوصياء الهي کي ان ڪري موڪليو ته جيئن اهي ماڻهن جي لاءِ هڪ آئيڊيل جي طور سامهون اچن ۽ اسان کي گهرجي ته اسان انهن جي ڏنل تعاليم مان هدايت حاصل ڪريون. وڌيڪ چيائين ته اصول ۽ تعاليم ديني جي رعايت جي زيارت اربعين ۾ تاڪيد ٿيل آهي ته جيئن هيءَ زيارت نفس جي تربيت لاءِ بهترين ثابت ٿئي.
    (تبيان ڊاٽ نيٽ)

    *حضرت آيت الله العظمي حافظ بشير نجفي*

    مرجع عاليقدرحضرت آيت الله بشير نجفي عراق جي معزز ۽ با اثر ماڻهن سان ملاقات ۾ چهلم امام حسين عليه السلام کي پرجوش ملهائڻ جي تاڪيد ڪندي فرمايو ته: مومنن کي گهرجي امام حسين (عليه السلام) جي چهلم ۾ مجلسن پروگرامن کي قائم ڪن ۽ مصائب امام حسين (ع) کي بيان ڪيووڃي اسان سڀني کي گهرجي ته انهي سلسلي کي جاري ۽ ساري رکون. امام حسين عليه السلام ظلم جي خلاف ۽ غلامي کان آزادي جو جيڪو درس ڏنو آهي ان جي پيروي ڪجي. ايندڙ نسلن جي تربيت لاءِ ڪربلا جي درس کان فائدو حاصل ڪجي.

    (رجا نيوز)

    *آيت الله العظمي محمد تقي بهجت*

    آيت الله محمد تقي بهجت اربعين حسيني ۾ پنڌ هلڻ جي باري ۾ چون ٿا:
    هڪ روايت آهي ته امام مهدي (عج) جڏهن ‏ظهور ڪندو ته اهل عالم کي پنج صدائون بلند ڪندو

    اَلا یا اَهلَ العالَم اِنَّ جَدِی الحُسَین قَتَلُوهُ عَطشاناً، اَلا یا اَهلَ العالَم اِنَّ جَدِی الحُسَین سحقوه ‏عدوانا،...

    ‏امام زمان (عج) امام حسين عليه السلام جو واسطو ڏئي پنهنجي سڄي دنيا جي اڳيان پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندو . ‏ان بنياد تي ان زماني ۾ دنيا جا سڀ ماڻهو ، امام حسين جي باري ۾ ڄاڻيندا هوندا....
    پر هيئنر دنيا جا سڀ ماڻهو ‏امام حسين (عليه السلام) کي نٿا سڃاڻن، اها اسان جي ڪوتاهي آهي ڇو ته اسان امام لاءِ ائين فرياد ناهي ڪئي جيڪا ‏سڄي دنيا ۾ گونجي هجي. اربعين ۾ هڪ بهترين موقعو آهي جو اسان امام حسين (ع ) جي معرفي سڄي دنيا ‏‏۾ ڪرائي سگهون. ‏جيتوڻيڪ زيارت شهيد شهداء تاريخ ۾ تمام گهڻي سختي سان انجام ڏني ويندي هئي ۽ زوارن جي جان ‏جوکم ۾ هوندي هئي. انهيءَ جي باوجود عاشق پنهنجي زندگي ڏئي انهن خطرن کي خريد ڪندين امام حسين ‏‏عليه السلام جي روضي جي چائنٺ چمڻ لاءِ چهلم جي ڏينهن گڏ ٿيندا هئا.

    *‏آيت الله العظمي ناصر مڪارم شيرازي دامت برڪاته*

    هي مرجع تقليد پڻ اربعين حسيني ۾ زوارن کي تمام گهڻي تاڪيد ڪندين فرمائي ٿو: توهان جي اها (Movement‎‏) بي مثال آهي، سوڳوار سيدالشهداء (ع) نجف کان يا ٻين جڳهن کان پيدل ڪربلا معلي جي طرف ‏وڃي رهيا آهن ۽ جيڪي استغفار ۽ توبه پيدل هلندين ڪئي اٿوَ انهي جي حفاظت ڪجوَ. ان سان گڏوگڏ هن ‏ڳالهه تي به تمام گهڻو زور ڏنو ته اسان هوشيار رهون متان ڪو شخص بدعت سان ۽ پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن ‏سان هن عظيم ۽ پرنور پروگرام کي ناپاڪ ڪري ۽ ماڻهو اسان مٿان آڱريون کڻن. امام حسين (ع) جي سوڳواري جا ‏پروگرام اسان لاءِ هڪ وڏو سرمايو آهن جنهن مان تمام گهڻو فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. اسان هن سرمائي ‏تي فخر ڪريون ٿا ۽ اعتقاد رکون ٿا ته انهي سرمائي کي بچائڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳائي،ان جي حفاظت ‏ڪنداسين.‏
    *آيت الله مڪارم شيرازي جو هڪ يادگار واقعو*

    ‏آيت الله مڪارم شيرازي جڏهن طالب علم هئا ته سال 1369 کان 1370 هجري تائين نجف ۾ رهائيش پذير هئا ‏هن مرجع تقليد ٻه ڀيرا نجف کان ڪربلا جو پيدل سفر ڪيو. هي پير اگهاڙا ڪري شط (نهر) جي رستي جيڪو معمول واري رستي کان ‏‏20 ڪيلوميٽر وڌيڪ فاصلو آهي، زيارت سيد الشهداء جو شرف حاصل ‏ڪيو هئائين.
    آيت الله مڪارم شيرازي پنهنجي پيدل سفر جي باري ۾ ٻڌائي ٿو ته: جڏهن هڪڙي مهمان خاني تي پهتس ته ان جي مالڪ تمام گهڻو زورڏنو ته اوهان اسان جا مهمان ٿيو ۽ هتي ڪجھ دير ساهه کڻو اسان ان کي ‏سمجهايو ته اسان اڃان اڄ سفر شروعڪيو آهي پهريون ڏينهن آهي ۽ اسان جو سفر ڊگھو آهي هئينر فرصت ‏ڪونهي، ان ڪجهه وقت تمام گهڻو اصرار ڪيو اسان کي پنهنجي مهماني لاءِ منٿ ڪيائين ان ‏کانپوءِ هن ڪاوڙ ۾ اچي اسان جي اڳيان چاقو ڏيکاري اسان کي ڊيڄاريو ۽ چيائين ته مون وٽ هن مهل تائين ‏ڪو به مهمان نه آيو آهي توهان کي ضرور هلڻو پوندو ! انهن وٽ زائر امام حسين عليه السلام جي مهماني ايتري ‏قدر مهم ۽ قيمتي هئي.‏...

    البته هن کي اسان تمام گهڻي وضاحت سان پنهنجي ڳالهه ٻڌائي ۽ واعدو ڪيوسين ته اسان تنهنجي طرفان ‏زيارت ڪنداسين پوءِ هن اسان کي وڃڻ جي اجازت ڏني.‏

    *آيت الله العظمي نوري همداني دامت برڪاته*

    آيت الله نوري همداني، 20000000 جي هڪ وڏي اجتماع کي شيعت جو بي مثال اجتماع ڪوٺيندي چيائين: اربعين حسيني جو ميڙاڪو اسلام جي طاقت ۽ انجي ايمان ۽ نظام جو مظاهرو آهي هن هيڏي وڏي اجتماع جو مهم ‏نعرو ”هيهات من الذله“ آهي.‏هن ان ڳالهه جي طرف به اشارو ڪيو ته هي 2 ڪروڙ وارو بيمثال اجتماع ۽ 20 کان 30 لکن وارو حج جو اجتماع ‏ مسلمانن لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا.

    *‏آيت الله العظمي سيد علوي گرگاني دامت برڪاته*

    آيت الله علوي گرگاني فرمائي ٿو ته: دنيا چهلم جي ڏينهن ڪروڙين زائرن جو اجتماع ڏسي حيران رهجي ويئي ‏آهي، ايتري تائين جو غير مسلم ليکڪ به هيڏي وڏي اجتماع تي تعجب ڪن ٿا ۽ اچرج ۾ اچي ڪري چون ٿا ته ‏ايترين سختين ۽ مشڪلاتن جي هوندين به ايترا ماڻهو عراق ۾ جمع ٿيا.‏اسلام جي دشمن جو بغض ۽ ڪينو ختم نه ٿيندو، انهن جي وڏي ڪوشش آهي ته ڪئين به ڪري ‏الاهي نور کي خاموش ڪن، ليڪن اسلام جي دشمن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته الاهي نور خاموش ٿيڻ وارو نه آهي.‏آيت الله العظمي وحيد خراساني دامت برڪاته هن مرجع بزرگوار پنهنجي بيان کي امام صادق عليه السلام جي روايت جي روشني ۾ ٻڌايو ته جيڪو به امام ‏حسين عليه السلام، رسول خدا (ص)، اميرالمومنين ۽ سائڻ فاطمه (س) جي محبت رکندي امام جي زيارت ڪري ، ‏ڪيڏا نه ڀاڳ وارا آهن اهي جيڪي بيابانن ۾ پيرين پنڌ ڪربلا جي طرف وڃن ٿا. هن اهو به چيو ته ‏جيڪي به اربعين تي زيارت امام حسين عليه السلام کان مشرف ٿين اهي حرم امام تي امام مهدي (عج) جي ظهور ‏جي لاءِ دعا ڪن.

    *‏آيت الله العظمي لطف الله صافي گلپايگاني ‏دامت برڪاته*

    آيت الله صافي گلپايگاني فرمائي ٿو ته: ڪروڙين زائرن جو ميڙاڪو، جيڪي مغرب ۽ مشرق، ڪوهين ڏور ڪربلا ‏معلي ۾ جمع ٿيو آهي هي هڪ عظيم جلوس آهي جيڪو دنيا کي ٻڌائي ٿو ته حسين (عليه السلام) جو رستو ۽ هدف هميشه ‏زنده رهندو جيڪو ڪڏهن به وساريو نه ويندو، هن راهه ۾ شهيد ٿيندڙ ڪامياب آهن، خداوند انهن ‏کي اصحاب حسين سان محشور ڪري جن پنهنجي جان امام حسين(ع) تي فدا ڪري ڇڏي خداوند متعال جي ‏رحمت انهن جي مٿان هميشه رهندي.
    *‏حضرت آيت الله العظمي سيد شبيري زنجاني دامت برڪاته‏ ‏*

    حضرت آيت الله شبيري زنجاني آروزو ڪندين فرمائي ٿو ته هڪ ڏينهن امام جي حرم جو زوار ٿيان. هي اربعين ‏جي سفر کي شيعن جي لاءِ عظمت جي لاٽ قرار ڏيندين چوي ٿو ته: منهنجي اهاخواهش هئي ته منهنجي جسم ۾ ايتري طاقت هجي ها ته آئون به اربعين ‏جو پيديل سفر ڪريان هان

    *آيت الله بوشهري*
    مدير حوزه اربعين جي باري ۾ ڪجهه هن طرح سان اظهار ڪيو: اسان جو ئي وظيفو آهي ته هن شعائر جي ‏حفاظت ڪريون تاريخ ۾ ٻيا به ڪيترائي شعائر ملن ٿا جن جي تمام گهڻي برڪت آهي پر عزاداري ‏سيدالشهداء انهن سڀني کان مهمترين شعائر آهي.
    آيت الله بوشهري ٻڌايو ته: بدعتن جو عام ٿيڻ ۽ سنتن جو نابود ‏ٿيڻ قيام امام حسين جي دليل ۽ سبب هو. هن چيو ته عزاي حسيني انهي هدف جي ياد ۽ ارادي جي تقويت جو باعث ‏بڻجي ٿي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو