شاعريء جي زبان؛ اوهان جي آسري آهيون. (قمر ڪوهستاني)

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏25 فيبروري 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    [​IMG]

    قمر ڪوهستاني
    ڀلي دلبر ڪريو ديريون، اوهان جي آسري آهيون.
    دلاسن تي پيا دل هيريون، اوهان جي آسري آهيون.
    لنگھي راتيون وڃن ڏينهن، اوهان سان نڀايون نينهن،
    نظر ڪيڏانهن نٿا ڦيريون، اوهان جي آسري آهيون.
    اوهان کان مور نه مٽباسين، تڪي تارا نه ٿڪباسين،
    اکيون ڀل ٿي وڃن کيريون، اوهان جي آسري آهيون.
    اوهين اهڃاڻ الفت جا، مٺا وڻ پڻ محبت جا،
    اسين آهيون ٻٻر ٻيريون، اوهان جي آسري آهيون.
    هلي ايندا سڄڻ سائين، ڀري پيرا اڱڻ سائين،
    “ قمر” نچندو ٻڌي ڇيريون، اوهان جي آسري آهيون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو