نئين ٽهي جو نوجوان سماجي ورڪر "ڪي بي وڪيجو " خدابخش پالاري جميل خانزاده لوهاراڻي /ٿاڻو بولاخان ڪوهس

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ جميل لوھاراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏20 مارچ 2018۔

  1. جميل لوھاراڻي

    جميل لوھاراڻي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2018
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڪوهستان جي سونهاري مانائتي مٽيءَ جوڌا، ارڏا، بيباڪ، بهادر، سماج جي لا پتوڙيندڙ ، سُکن سچارا، مَئي مارڻ وارا، خود کي خاڪ ڪندڙ ۽ ڪيئي املهه ماڻڪ موتي پيدا ڪيا آهن ، سنڌ جي تاريخي ختي ڪوهستان ۾ هميشه اهڙا جاکوڙي ، هڏڏوکيءَ، همدرد شخص، سماجي ورڪر، ٻين لاءِ جيئندڙ، سماجي ڪمن ۾ زندگي گذاريندڙ شخص پيدا ٿيا آهن جن هميشه ٻين لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪئي آهي انهن ۾ ڪنهن پارٽي سان واسطو رکندڙ ڪارڪنن، ورڪر اڳواڻ هجن يا سماجي ورڪر، سوشل سياسي علمي ادبي اڳواڻ هجن استاد ڊاڪٽر پروفيسر وڪيل هجن انهن هميشه خدمت کي پنهجو فرض سمجهيو آهي انهن شخصيتن مان هن نئين ٽهي جو نوجوان سماجي ورڪر " ڪي بي وڪيجو " خدابخش پالاري پڻ آهي، هن نوجوان مُهم جُو ۽ ٿر جهڙي رُڃ ۾ زندگيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ انسان جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي خدمتن تي ڪجهه قدر روشني وجهڻ کان اڳ، سندس حالاتِ زندگيءَ تي، هڪ مختصر طائرانه نظر وجهجي ، خدابخش پالاري جو جنم 1990ع ۾ نوري آباد جي هڪ ننڍڙ ڳوٺ فضل پالاري ۾ ٿيو ، پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان مڪمل ڪري وڌيڪ پڙهڻ لاء ڪراچي جي دنبه ڳوٺ ويو جتان ميٽرڪ مڪمل ڪري انٽر جهمپير مان ڪيو ، جڏهن ته بي اي جي ڊگري ڪوٽڙي ڪاليج مان حاصل ڪئي ، خدابخش پالاري هن وقت هڪ پرائيوٽ اين جي اوز ۾ استاد هجڻ سان گڏوگڏ هڪ بهترين شاعر ۽ سماجي ورڪر پڻ آهي ، شاعري ۾ . هن تقريبن سڀني صنفن تي لکيو آهي جهڙوڪ بيت،چوسٽا،هائيڪا،گيت،نظم ،وائي ۽ گهڻو غزل لکيو اٿس. سندس جي لکيل مواد جو مجموعو لڳ ڀڳ هڪ سو هوندو جن مان ڪجه مواد ريڊيو حيدرآباد فيبا ۽ ٻين ڪيترن ئي ريڊيو اسٽيشن اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چُڪو آهي ،خدابخش پالاري جو لکيل هڪ غزل سنڌ جي مشهور گلوڪار الله ڏني خاصخيلي جي موبي پٽ پڻ ڳايو ، خدابخش پالاري هن وقت ڪوهستان ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترن ئي سماجي تنظيمن سان سلهاڙيل آهي پاڻ اڄ به دنيا جي ٻين ڪيترن ئي جنجهٽن کان آجو ٿي ڪري انهيءَ سرگرمين رُڌل آهي خدابخش پالاري کان پڇيل هڪ سوال جي جواب پاڻ ۾ ٻڌايو ته منهنجي زندگي جو مقصد صرف مسڪين ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي ۽ سماجي خدمت سان منهنجي روح جو رشتو آهي، ننڍپڻ کان وٺي منهنجي جيون ۾ سماجي خدمت وارو عنصر توڙي جذبو رهندو اچي پيو ، پيري مريديءَ بابت ٻڌايائون ته غريبن، بيواهن ۽ مسڪينن جي مدد ڪندڙ منهنجي لاءِ مرشد وانگر آهن. هڪ چواڻي آهي ته ”علم ريءَ فقيري جي واريءَ منجهه پروڻ“ ان ڪري علم کان بغير نه ته پاڻ کي سڃاڻي سگهجي ٿو، نه ئي حق حاصل ڪري سگهجي ٿو سڀني انسانن کي علم جو ذوق ۽ شوق ضرور رکڻ گهرجي. دعا، دوکي ۽ ڪنهن جي مجبوري مان فائدو حاصل ڪرڻ کان پاڻ کي پري رکجي ته جيئن انسانيت جو معراج ماڻي سگهجي ۽ ان لاءِ صوفي درس و تدريس سان لڳاءُ رکڻ ضروري آهي ته جيئن سنڌ مان ڏک ڏولاپا ۽ بيحسيون هميشه لاءِ ختم ٿي وڃن ۽ بيحسين کي جنم ڏيندڙ نظام خلاف شاهه عنايت شهيد واري جستجو ۽ واٽ وٺڻ هر نيڪ دل انسان تي لازم آهي
     
    خدابخش جويو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو