شهيد اسلام جي هڪ يادگار، تاريخي ۽ علمي تقريظ مولانا چوهاڻ سليم الله سنڌي، ڊائريڪٽر مولانا عبيدالله س

'مذهب' فورم ۾ salimchohan71 طرفان آندل موضوعَ ‏25 اپريل 2018۔

  1. salimchohan71

    salimchohan71
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2013
    تحريرون:
    82
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    سکر
    شهيد اسلام جي هڪ يادگار، تاريخي ۽ علمي تقريظ

    مولانا چوهاڻ سليم الله سنڌي، ڊائريڪٽر مولانا عبيدالله سنڌي اڪيڊمي راڄوڳوٺ

    شهيد اسلام حضرت علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو رحمة الله عليه رحمة واسعة گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. پاڻ هڪ ئي وقت ۾ خطيب، مقرر، ليڊر، ليکڪ، ڪالم نگار، تجزيه نگار هو. سندس خطابت جو هوڪو ته تمام گھڻو مشهور آهي. پر سندس لکڻين جو به سٺو ڌاڪو ويٺل آهي. پاڻ بهترين ليکڪ هئا، سندس ليک اردو توڙي سنڌي جي مشهور اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻبا هئا. سندن شايع ٿيل ليک گڏ ڪجن ته هڪ سٺو ۽ بهترين علمي ۽ تاريخي ڪتابت تيار ٿي سگھي ٿو. آئون سندن مضمونن، مقالن ۽ مختلف ڪتابن تي تقريظن تي ڪم ڪري رهيو آهيان. پاڻ جيئن ته سٺا ليکڪ هئا، ان ڪري سنڌ جي مختلف عالمن پنهنجن ڪتابن تي حضرت شهيد اسلام جن کان تقريظون پڻ لکائيندا هئا. جن جو شمار به ڳڻپ کان مٿي آهي، انهن ئي لکيل تقريظن مان شهيد اسلام احقر جي ڪتاب ”خلاصة القرآن“ تي هڪ شاندار، جاندار، تاريخي ۽ علمي تقريظ لکي هئي، جيڪا هتي پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ گھران ٿو:

    ”هيءَ حقيقت آهي ته سڄي جھان ۾ جنهن ڪتاب کي سڀ کان وڌيڪ پڙهيو وڃي ٿو اهو الله تعاليٰ جو آخري ڪتاب“قرآن پاڪ” آهي. ۽ هيءَ به حقيقت آهي ته سڄي ڪائنات ۾ توريت، زبور ۽ انجيل جو اوهان کي هڪ به مڪمل حافظ نه ملندو، اهڙي نموني هندن جي گيتيا ۽ سکن جي گرنٿ جو به ڪوئي مڪمل حافظ اوهان کي نه نظر نه ايندو، هي صرف ۽ صرف قرآن پاڪ جو اعجاز آهي، جو اوهان کي قرآن پاڪ جا لکين حافظ ملندا، ننڍا به، وڏا به، جوان به، پوڙها به، پڙهيل ڪڙهيل به، اڻ پڙهيل، مرد به، عورتون به، اکين وارا به، ته ٻنهي اکين کان معذور نابينا به، اهي سڀ إِنَّا نَحْنُ نَزَّلْنَا الذِّكْرَ وَإِنَّا لَهُ لَحَافِظُونَ {الحجر/9} جا جلوا آهن.

    قرآن پاڪ رحمت آهي، هدايت آهي، ضابطئه حيات آهي.(complete code life)هي اهو ڪتاب آهي، جيڪو ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين، بچپن کان وٺي جواني تائين ۽ ولادت کان وٺي وفات تائين زندگيءَ جي هر موڙ تي انسان ذات جي ڪامل ۽ مڪمل رهنمائي ڪري ٿو.

    اوهان جيڪڏهن ڪائي مشين وٺندؤ ته ان سان گڏ اوهان کي هڪڙو گائيڊ بوڪ((instrctions جو ڪتابڙو به ملندو، جنهن ۾ لکيل هوندو آهي ته ان مشين کي ڪينءَ هلائجي، اوهان جيڪڏهن ان مشين کي ان گائيڊ بوڪ جي هدايتن مطابق هلائيندؤ ته اها مشين ٺيڪ هلندي، نه ته خراب ٿي ويندي، بالڪل اهڙي نموني قرآن پاڪ الله تعاليٰ جي طرفان عطا ڪيل گائيڊ بوڪ آهي، جيڪڏهن انسان قرآن پاڪ جي هدايتن مطابق زندگي گذاريندا ته ڪامياب ۽ ڪامران ٿيندا ۽ جيڪڏهن قرآن پاڪ جي هدايتن جي ابتڙ هلندا ته ناڪام ۽ نامراد ٿيندا.

    مختلف عالمن ۽ بزرگن مختلف موقعن تي قرآن پاڪ جي ترجمي ۽ تفسير جي حوالي سان پئي خدمتون ڪيون آهن، مقصد اهو آهي ته جيئن الله جا ٻانها الله پاڪ جي پيغام کي سمجھي سگھن، هن وقت اسان مسلمانن ۾ جيڪا افراتفري ڦهليل آهي، جيڪي باهمي اختلاف آهن ۽ جيڪو وَٺُ سَٺُ جو ماحول آهي، ان جو بنيادي سبب به اهو آهي جو اسان مسلمانن جي اڪثريت قرآن پاڪ پڙهن ئي ڪو نه ٿا، وري جيڪڏهن ڪي پڙهن ٿا سمجھن ڪو نه ٿا، ته وري جيڪي سمجھن ٿا اهي عمل ڪو نه ٿا ڪن.

    ڪاش! جيڪڏهن اڄ اسان مسلمان قرآن پاڪ کي پڙهڻ ۽ سمجھڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڏيون ته جيڪر هڪ دفعو ٻيهر اسان مسلمان پنهنجي“عظمت رفته” کي حاصل ڪري سگھون ٿا.

    اسان جي دور جو ناميارو عالم دين، مفسر قرآن، استادالعلماء حضرت مولانا محمد اسلم شيخوپوري رحه جنهن کي تازو ڪجھ وقت اڳ ڪجھ ظالمن، جابرن، سفاڪن، درندن دين جي دشمنن گولين جو بَک بڻائي شهيد ڪري ڇڏيو. (وَإِنَّا إِلَيْهِ رَاجِعونَ {البقرة/156} شال الله پاڪ پنهنجي ٻانهي کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ درجات نصيب فرمائي ۽ شهيد جي قاتلن کي تباھ و برباد فرمائي. آمين

    حضرت مولانا محمد اسلم شيخوپوري صاحب رحه هڪ جيد عالم هيو، مڃيل استاد هيو، جڳ مشهور مبلغ ۽ قرآن جو عاشق هيو، مُتَّبع قرآن و سنت هيو. سندس جي قلم ۾ رواني هئي ته سندس جي زبان ۾ ڪمال جو تاثير ۽ ميٺاج هيو، ڪراچيءَ ۾ سندس جي درس قرآن جو حلقو انتهائي وسيع هيو. شهيد شيخوپوريءَ جي درس ۾ هزارين عورتون ۽ مرد شريڪ ٿيندا هيا.

    شهيد شيخوپوري رحه سان منهنجو به ڪافي پراڻو تعلق رهيو آهي، افسوس جو ظالمن اسان کان هڪ انمول هيرو کسي ورتو.

    ڪجھ وقت اڳ حضرت مولانا محمد اسلم شيخوپوري صاحب رحه جن خلاصة القرآن جي نالي سان اردو ٻوليءَ ۾ هڪ ڪتاب مرتب ڪيو هيو، جنهن ڪتاب ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي، خاص طور تي رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ تراويحن جي موقعي تي سوين مسجدين ۾ خلاصة القرآن مان روزانو هڪ پاري جو جو خلاصو نمازين کي ٻڌائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو، ان عمل جي ڪري ماڻهن ۾ قرآن فهميءَ جي حوالي سان ڪافي شوق پيدا ٿيو.

    منهنجي محترم ساٿي ۽ سنڌ جي نوجوان ليکڪ مولانا سليم الله چوهاڻ صاحب کي الله پاڪ جزاءِ خير عطا فرمائي، جنهن شهيد شيخوپوري رحه جي ترتيب ڏنل ڪتاب خلاصة القرآن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌ واسين تي احسان ڪيو آهي. ضرورت آهي ته سنڌ واسي پنهنجين مسجدين ۾ روزانو ان ڪتاب مان هڪ پاري جو خلاصو نمازين کي ٻڌائڻ جو اهتمام ڪن، ان عمل سان ان شاء الله ماڻهن جو قرآن پاڪ سان تعلق قائم ٿيندو، انهن جي عقيدن جي اصلاح ٿيندي ۽ انهن ۾ نيڪ عملن جو جذبو پيدا ٿيندو.

    مان دعا ڪريان ٿو شال رب ڪريم مولانا سليم الله چوهاڻ صاحب جي محنت کي شرف قبوليت سان نوازي ۽ ان ڪتاب کي شال الله تعاليٰ مصنف، مترجم ۽ معاونين لاءِ ذخيرهءِ آخرت بڻائي آمين.

    وصلي الله تعاليٰ عليٰ خير خلقه سيدنا محمد و عليٰ آله و اصحابه اجمعين.

    راقم الحروف احقر العباد

    ڊاڪٽر خالد محمود سومرو

    مهتمم جامعه اسلاميه اشاعت القرآن والحديث دوادائي روڊ لاڙڪاڻو، سڪيرٽري جنرل جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ ۽ سابق ميمبر سنيٽ آف پاڪستان

    29. 8. 2012ء

    مطابق 10 شوال 1433 هجري“

    آخر ۾ ڊاڪٽر صاحب جا هٿ اکر به پيش ڪجن ٿا.
     
    آخري ترميم: ‏25 اپريل 2018

هن صفحي کي مشهور ڪريو