قيامت جي ڏينهن ميزان ۾ ڳرا عمل

'مذهب' فورم ۾ ابوعمير طرفان آندل موضوعَ ‏10 مئي 2018۔

  1. ابوعمير

    ابوعمير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جنوري 2011
    تحريرون:
    104
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    قيامت جي ڏينهن ميزان ۾ ڳرا عمل

    تحرير: ابو عمير حزب الله بلوچ


    قيامت جي ڏينهن ساهمي (تارازي) جو قائم ٿيڻ بلڪل حق ۽ قرآن ۽ حديث مان ثابت آهي.
    (1)(وَنَضَعُ الْمَوَازِينَ الْقِسْطَ لِيَوْمِ الْقِيَامَةِ فَلَا تُظْلَمُ نَفْسٌ شَيْئًا ۖ وَإِنْ كَانَ مِثْقَالَ حَبَّةٍ مِنْ خَرْدَلٍ أَتَيْنَا بِهَا ۗ وَكَفَىٰ بِنَا حَاسِبِينَ) (الانبياء: 47)
    ۽ اسان قيامت جي انصاف واري ساهمي (تارازي) قائم ڪنداسين ته پوءِ ڪنهن تي به ذري برابر ظلم نه ڪيو ويندو، جيڪڏهن ڪنهن جو عمل سرنهن جي داڻي جيترو به هوندو ته اسان ان کي به آڻينداسين ۽ حساب ڪتاب وٺڻ لاءِ ته اسان ڪافي آهيون.
    (2) (وَالْوَزْنُ يَوْمَئِذٍ الْحَقُّ ۚ فَمَنْ ثَقُلَتْ مَوَازِينُهُ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الْمُفْلِحُونَ) (وَمَنْ خَفَّتْ مَوَازِينُهُ فَأُولَٰئِكَ الَّذِينَ خَسِرُوا أَنْفُسَهُمْ بِمَا كَانُوا بِآيَاتِنَا يَظْلِمُونَ) (الاعراف: 8، 9)
    ۽ قيامت جي ڏينهن (تارازي ۾) تور ٿيڻ بلڪل برحق آهي، پوءِ جنهن ماڻهو جي تارازي جا نيڪ عملن وارا پڙ هلڪا ٿي پيا حقيقت ۾ انهن پاڻ کي ئي نقصان رسايو جو اهي اسان جي آيتن سان انڪار ڪندي ظلم ڪندا هئا.
    (3) (فَأَمَّا مَنْ ثَقُلَتْ مَوَازِينُهُ)(فَهُوَ فِي عِيشَةٍ رَاضِيَةٍ)(وَأَمَّا مَنْ خَفَّتْ مَوَازِينُهُ)(فَأُمُّهُ هَاوِيَةٌ)(وَمَا أَدْرَاكَ مَا هِيَهْ) (نَارٌ حَامِيَةٌ)۔ ( القارعة: 6، 7، 8، 9، 10، 11)
    پوءِ جنهن جا پڙ (نيڪ عمل جي ڪري) ڳرا ٿيا اهو ئي دل گهرئي عيش واري زندگي ۾ هوندو ۽ جنهن جا پڙ هلڪا ٿي پيا ان جو ٺڪاڻو هاويہ آهي ۽ توهان کي ڪهڙي خبر ته اها هاويہ ڇا آهي؟ اها دوزخ جي ڀڙڪندڙ باهه آهي.
    (4 ( (فَمَنْ ثَقُلَتْ مَوَازِينُهُ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الْمُفْلِحُونَ .
    (وَمَنْ خَفَّتْ مَوَازِينُهُ فَأُولَٰئِكَ الَّذِينَ خَسِرُوا أَنْفُسَهُمْ فِي جَهَنَّمَ خَالِدُونَ . ( سورة المؤمنون آيت 102، 103 )
    پوء جنهن جو (نيڪي وارو ) پڙ ڳرو ٿيو اهي ئي ڪاميابي ماڻيندڙ آهن ، ۽ جنهن جو (نيڪي وارو) پُڙ هلڪو ٿي پيو تن حقيقت ۾ پاڻ کي ئي نقصان رسايو ۽ اهي دوزخ ۾ سدائين رهندا .
    ۽ اهو موضوع سورت الڪهف آيت 105 ۾ پڻ موجود آهي مطلب ته قيامت جي ڏينهن ساهمي ضرور قائم ڪئي ويندي ۽ وزن جو ٿيڻ برحق آهي.
    سوال ٿو پيدا ٿئي ته اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا تارازي ۾ توري ويندي ان سلسلي ۾ مختلف دليل آهن جيڪي هيٺ لکجن ٿا.

    ✳(1) عمل ڪندڙ ماڻهو کي توريو ويندو

    عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُ، عَنْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : إِنَّهُ لَيَأْتِي الرَّجُلُ الْعَظِيمُ السَّمِينُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ لَا يَزِنُ عِنْدَ اللَّهِ جَنَاحَ بَعُوضَةٍ ". وَقَالَ : اقْرَءُوا : { فَلَا نُقِيمُ لَهُمْ يَوْمَ الْقِيَامَةِ وَزْنًا }
    (1) سيدنا ابو هريره رضي الله عنہ کان روايت آهي ته قيامت جي ڏينهن هڪ ٿلهي متاري ماڻهو کي آندو ويندو، پر جڏهن الله تعاليٰ وٽ سندس وزن ڪيو ويندو ته ان جو وزن هڪ مڇر جي پر برابر به نه ٿيندو. (صحيح بخاري: 4729، صحيح مسلم: 2585)
    عَنِ ابْنِ مَسْعُودٍ ، أَنَّهُ كَانَ يَجْتَنِي سِوَاكًا مِنَ الْأَرَاكِ، وَكَانَ دَقِيقَ السَّاقَيْنِ، فَجَعَلَتِ الرِّيحُ تَكْفَؤُهُ، فَضَحِكَ الْقَوْمُ مِنْهُ، فَقَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : مِمَّ تَضْحَكُونَ ؟ " قَالُوا : يَا نَبِيَّ اللَّهِ، مِنْ دِقَّةِ سَاقَيْهِ. فَقَالَ : وَالَّذِي نَفْسِي بِيَدِهِ، لَهُمَا أَثْقَلُ فِي الْمِيزَانِ مِنْ أُحُدٍ
    (2) نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جا جليل القدر صحابي سيدنا عبدالله بن مسعود رضي الله عنہ هڪ دفعو پاڻ صلي الله عليه وسلم لاءِ ڏندڻ لاهڻ لاءِ وڻ تي چڙهيا ته سندن سنهڙيون سنهڙيون ٽنگون ڏسي ماڻهو کلڻ لڳا، نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن سوال ڪيو ته توهان ڇا تي کلي رهيا آهيو؟ خبر پئي ته سڀئي عبدالله بن مسعود رضي الله عنہ جي سنهڙين ٽنگن تان کلي رهيا آهن جنهن تي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو توهان سندس سنهڙين ٽنگن تي کلي رهيا آهيو! ان ذات جو قسم جنهن جي هٿ ۾ منهنجي جان آهي. عبدالله جون اهي ٽنگون سڀاڻ قيامت جي ڏينهن ترازي ۾ احد جبل کان به وڌيڪ ڳريون هونديون. (مسند احمد: 3991، صحيح ابن حبان: 7069، ابو يعليٰ ، طبراني ڪبير، السلسلة الصحيحة: 2750، 3192)
    مٿين حديثن مان معلوم ٿيو ته قيامت جي ڏينهن (نيڪ يا برا) عمل ڪندڙ ماڻهو کي توريو ويندو.

    ✳(2) عملن جا رجسٽر ۽ صحيفا توريا ويندا.

    الله تعاليٰ هر انسان تي ٻه ملائڪ مقرر ڪري ڇڏيا جيڪي ان جي هر ڳالهه ۽ هر ڪم لکي رهيا آهن. الله تعاليٰ جو ارشاد آهي.
    اِذْ يَتَلَقَّى الْمُتَلَقِّيٰنِ عَنِ الْيَمِيْنِ وَعَنِ الشِّمَالِ قَعِيْدٌ .
    مَا يَلْفِظُ مِنْ قَوْلٍ اِلَّا لَـدَيْهِ رَقِيْبٌ عَتِيْدٌ (سورة ق: 17- 18)
    ۽ جڏهن ٻه ملائڪ انسان جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ويهي هر شيءِ لکي رهيا آهن جڏهن هو پنهنجي زبان مان ڪا به ڳالهه ڪري ٿو ته (ان کي لکڻ لاءِ) هڪ (ملائڪ) نگهبان تيار هجي ٿو.
    وَاِنَّ عَلَيْكُمْ لَحٰفِظِيْنَ *
    كِرَامًا كَاتِبِيْنَ *
    يَعْلَمُوْنَ مَا تَفْعَلُوْنَ * (الانفطار: 10، 11، 12)
    يقين ڄاڻو ته اوهان تي نگهبان ملائڪ مقرر ٿيل آهن اهي لکڻ وارا سڳورا (ملائڪ) آهن.
    ۽ قيامت جي ڏينهن اهي لکيل ڪتاب، صحيفا يا اعمالناما ورهايا ويندا ۽ انهن جو وزن ڪيو ويندو.
    وَكُلَّ اِنْسَانٍ اَلْزَمْنٰهُ طٰۗىِٕرَهٗ فِيْ عُنُقِهٖ ۭ وَنُخْرِجُ لَهٗ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ كِتٰبًا يَّلْقٰىهُ مَنْشُوْرًا
    اِقْرَاْ كِتٰبَكَ ۭ كَفٰى بِنَفْسِكَ الْيَوْمَ عَلَيْكَ حَسِيْبًا (بني اسرائيل: 13-14)
    ۽ اسان هر ڪنهن ماڻهو جي ڳچي ۾ سندس عمل نامو (رجسٽر) ٻڌي ڇڏيو آهي ۽ قيامت جي ڏينهن ان ڪتاب کي سندس لاءِ ڪڍنداسون. جيڪو ان کي واضح کليل صورت ۾ ڏسندو ۽ چيو ويندو ته پنهنجو ڪتاب پڙهه اڄ تون پاڻ پنهنجو حساب ڪرڻ لاءِ ڪافي آهين.
    قيامت جي ڏينهن اهي ئي عملن جا صحيفا ۽ رجسٽر توريا ويندا جيئن حديث البطاقة (پرچي واري حديث) مان ثابت آهي ته قيامت جي ڏينهن ميزان (ترازي) ۾ اشهد ان لا الٰہ الا الله وان محمد عبده ورسوله ، جي پرچي گناهن جي نوانوي (99) رجسٽرن کان وڌيڪ ڳري ٿي پوندي. (سنن ابن ماجه: 4300م جامع ترمذي: 2639) السلسلة الصحيحة للالباني رحمه الله 135)
    نوٽ: حديث البطاقة اڳتي تفصيل سان اچي رهي آهي، ان شاءَ الله

    ✳ (3) عملن کي توريو ويندو

    ڪيترن دليلن مان اهو ثابت ٿئي ٿو قيامت جي ڏينهن نيڪ ۽ برن عملن کي توريو ويندو، اهو به ممڪن آهي. الله تعاليٰ عملن کي جسم عطا ڪري ۽ انهن کي توريو وڃي ٿو ته:
    ( إِنَّ اللَّهَ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ)(البقره- 20)
    (وَمَا ذَٰلِكَ عَلَى اللَّهِ بِعَزِيزٍ) [سورة إبراهيم 20]
    الله تعاليٰ هر شيءِ تي قادر آهي. ڪو به ڪم الله تعاليٰ لاءِ مشڪل نه آهي.
    ( وَإِذَا قَضَىٰ أَمْرًا فَإِنَّمَا يَقُولُ لَهُ كُنْ فَيَكُونُ) (البقره: 117)
    ۽ جڏهن هو ڪنهن ڪم جو فيصلو ڪندو آهي ته رڳو ان کي حڪم ڏيندو آهي ته: ٿي پؤ ته سو ٿي ويندو آهي.
    جڏهن الله تعاليٰ جو پيدا ڪيل ڪمزور انسان اهڙين شين جو وزن ڪري سگهي ٿو جن جو ظاهري جسم نه آهي جيئن بجلي، گيس، هوا وغيره ته پوءِ رب العالمين لاءِ ائين ڪرڻ مشڪل نه آهي.

    ✴قيامت جي ڏينهن ميزان ۾ ڳرا عمل

    ✳ (1) توحيد ۽ رسالت جي گواهي

    نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن سيدنا نوح عليه السلام جون پنهنجين پٽن کي نصيحتون ذڪر ڪندي فرمايو:
    إِنَّ نُوحًا عَلَيْهِ السَّلَامُ لَمَّا حَضَرَتْهُ الْوَفَاةُ دَعَا ابْنَيْهِ، فَقَالَ : إِنِّي قَاصِرٌ عَلَيْكُمَا الْوَصِيَّةَ، آمُرُكُمَا بِاثْنَتَيْنِ، وَأَنْهَاكُمَا عَنِ اثْنَتَيْنِ : أَنْهَاكُمَا عَنِ الشِّرْكِ وَالْكِبْرِ، وَآمُرُكُمَا بِلَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ ؛ فَإِنَّ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ وَمَا فِيهِمَا لَوْ وُضِعَتْ فِي كِفَّةِ الْمِيزَانِ، وَوُضِعَتْ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ فِي الْكِفَّةِ الْأُخْرَى كَانَتْ أَرْجَحَ، وَلَوْ أَنَّ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ كَانَتَا حَلْقَةً، فَوُضِعَتْ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ عَلَيْهَا لَفَصَمَتْهَا - أَوْ لَقَصَمَتْهَا - وَآمُرُكُمَا بِسُبْحَانَ اللَّهِ وَبِحَمْدِهِ ؛ فَإِنَّهَا صَلَاةُ كُلِّ شَيْءٍ، وَبِهَا يُرْزَقُ كُلُّ شَيْءٍ .
    (مستدرڪ حاڪم: 154، صححه ووافقہ الذهبي، مسند احمد: 7101، صححه الارناؤط والشاکر والالباني رحمهم الله: صحيح الترغيب والترهيب: 1532)
    اي منهنجا پٽڙؤ آئون اوهان کي ڪلمي توحيد لا الہ الا الله کي اختيار ڪرڻ جي وصيت ڪيان ٿو ڇو ته جيڪڏهن ترازي جي هڪ پڙ ۾ آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪو انهن ۾ آهي کي رکيو وڃي ۽ ٻئي پڙ ۾ لا الہ الا الله کي رکيو وڃي ته اهو ڪلمو لا الہ الا الله ڳرو ٿي پوندو.
    (2) عَنۡ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ عَمْرٍو يَقُولُ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : " إِنَّ اللَّهَ سَيُخَلِّصُ رَجُلًا مِنْ أُمَّتِي عَلَى رُءُوسِ الْخَلَائِقِ يَوْمَ الْقِيَامَةِ، فَيَنْشُرُ عَلَيْهِ تِسْعَةً وَتِسْعِينَ سِجِلًّا، كُلُّ سِجِلٍّ مِثْلُ مَدِّ الْبَصَرِ، ثُمَّ يَقُولُ : أَتُنْكِرُ مِنْ هَذَا شَيْئًا ؟ أَظَلَمَكَ كَتَبَتِي الْحَافِظُونَ ؟ فَيَقُولُ : لَا يَا رَبِّ. فَيَقُولُ : أَفَلَكَ عُذْرٌ ؟ فَيَقُولُ : لَا يَا رَبِّ. فَيَقُولُ : بَلَى، إِنَّ لَكَ عِنْدَنَا حَسَنَةً، فَإِنَّهُ لَا ظُلْمَ عَلَيْكَ الْيَوْمَ. فَتَخْرُجُ بِطَاقَةٌ فِيهَا : أَشْهَدُ أَنْ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ، وَأَشْهَدُ أَنَّ مُحَمَّدًا عَبْدُهُ وَرَسُولُهُ. فَيَقُولُ : احْضُرْ وَزْنَكَ. فَيَقُولُ : يَا رَبِّ، مَا هَذِهِ الْبِطَاقَةُ مَعَ هَذِهِ السِّجِلَّاتِ ؟ فَقَالَ : إِنَّكَ لَا تُظْلَمُ. قَالَ : فَتُوضَعُ السِّجِلَّاتُ فِي كَفَّةٍ، وَالْبِطَاقَةُ فِي كَفَّةٍ، فَطَاشَتِ السِّجِلَّاتُ، وَثَقُلَتِ الْبِطَاقَةُ، فَلَا يَثْقُلُ مَعَ اسْمِ اللَّهِ شَيْءٌ .
    سيدنا عبدالله بن عمرو بن العاص رضي الله عنہ کان روايت آهي ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته قيامت جي ڏينهن هڪ ماڻهو کي مخلوق جي سامهون الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ آندو ويندو سندس گناهن جا نوانوي (99) رجسٽر ڀريل هوندا هر هڪ رجسٽر نظرن جيترو ڊگهو هوندو الله تعاليٰ ان کان پڇندو ته ڇا تون پنهنجي هنن گناهن جو انڪار ڪرين ٿو؟ يا وري منهنجي لکڻ وارن محافظ ملائڪن لکڻ ۾ تو تي ڪو ظلم يا زيادتي ته ناهي ڪئي؟
    اهو عرض ڪندو منهنجا رب نه آئون پنهنجي گناهن جو انڪار ڪيان ۽ نه ئي ڪو لکڻ وارن مون تي ظلم ڪيو آهي، الله تعاليٰ فرمائيندو ته پوءِ تو وٽ انهن گناهن لاءِ ڪو عذر يا بهانو آهي ڇا؟ اهو عرض ڪندو ته نه منهنجا رب مون وٽ ڪو به عذر نه آهي. الله تعاليٰ فرمائيندو ته ڇا تو وٽ ڪا نيڪي آهي؟ ٻانهو ڊڄندي عرض ڪندو يا الله ڪا نيڪي به نه آهي الله تعاليٰ فرمائيندو پر اسان وٽ تنهنجي هڪ نيڪي موجود آهي، هاڻي تون ترازي وٽ حاضر ٿي جيئن وزن ڪيو وڃي، پوءِ هڪ پرچي ڪڍي ويندي جنهن ۾ لکيل هوندو: اشهد ان لا الٰہ الا الله واشهد ان محمدا عبده ورسولہ يعني آئون شاهدي ڏيان ٿو ته الله تعاليٰ کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي ۽ محمد صلي الله عليه وسلم ان جو ٻانهو ۽ رسول آهي، هو گناهگار انسان حيران ٿيندي عرض ڪندو يا الله گناهن جي نواني (99) رجسٽرن جي سامهون هن ننڍڙي پرچي جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ الله تعاليٰ فرمائيندو اڄ تو سان ظلم نه ٿيندو. (بلڪه عدل ۽ انصاف سان وزن ڪيو ويندو) جڏهن ساهمي جي هڪ پڙ ۾ (99) گناهن جا رجسٽر رکيا ويندا ۽ ٻئي پڙ ۾ اها پرچي رکي ويندي ته اها پرچي ڳري ٿي پوندي ۽ رجسٽر هلڪا ٿي ويندا (۽ اهڙي طرح اهو گناهگار نجات حاصل ڪندو) بيشڪ الله تعاليٰ جي نالي کان ڪا به شيءِ ڳري نٿي ٿي سگهي.
    (جامع ترمذي: 2639، ابن ماجہ 4300 السلسلة الصحيحة 135)
    معلوم ٿيو ته: توحيد ۽ رسالت جي گواهي ۽ ان کي پنهنجي زندگي ۾ اپنائڻ الله تعاليٰ جي ايتري وڏي نعمت آهي جو ايڏي وڏي گناهگار جي نجات به ممڪن ٿي پئي.

    ✳ (2) ترازي ۾ ڳرا الله تعاليٰ جا محبوب ڪلما.

    عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُ قَالَ : قَالَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : " كَلِمَتَانِ حَبِيبَتَانِ إِلَى الرَّحْمَنِ، خَفِيفَتَانِ عَلَى اللِّسَانِ، ثَقِيلَتَانِ فِي الْمِيزَانِ، سُبْحَانَ اللَّهِ وَبِحَمْدِهِ، سُبْحَانَ اللَّهِ الْعَظِيمِ .

    سيدنا ابوهريره رضي الله عنہ بيان ڪن ٿا ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو:
    ٻه ڪلما اهڙا آهن جيڪي رحمان کي گهڻو پسند آهن پر زبان تي پڙهڻ ۾ هلڪا آهن ۽ ميزان (ترازي) ۾ گهڻا ڳرا هوندا: سُبحَانَ اللهِ وَبِحَمدِهِ سُبحَانَ اللهِ العظِيم. (صحيح بخاري: 7563، صحيح مسلم: 2694)

    ✳ (3) اَلحَمدُ للهِ ۽ سُبحَانَ اللهِ

    عَنْ أَبِي مَالِكٍ الْأَشْعَرِيِّ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ " الطُّهُورُ شَطْرُ الْإِيمَانِ، وَالْحَمْدُ لِلَّهِ تَمْلَأُ الْمِيزَانَ، وَسُبْحَانَ اللَّهِ وَالْحَمْدُ لِلَّهِ تَمْلَآنِ، أَوْ تَمْلَأُ مَا بَيْنَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ.
    سيدنا ابو مالڪ الاشعري رضي الله عنہ کان مروي آهي رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: صفائي سٿرائي اڌ ايمان آهي ۽: والحمد لله تملا الميزان يعني الحمد لله ميزان کي ڀري ڇڏي ٿو. ...(صحيح مسلم: 223)
    ٻئي حديث ۾ آهي ته: التَّسْبِيحُ نِصْفُ الْمِيزَانِ، وَالْحَمْدُ يَمْلَؤُهُ. سبحان الله اڌ ترازي کي ڀري ٿو ۽ الحمد الله سڄي ترازي کي ڀري ڇڏي ٿو.
    (جامع ترمذي: 3519، مسند احمد: 18287، الدارمي: 680)
    سبحان الله ۽ الحمد لله ۾ ڪيتري قدر توحيد جو اثبات ۽ شرڪ جو رد سمايل آهي اهو ته هڪ پڪو ايمان وارو موحد ئي سمجهي سگهي ٿو.

    ✳ (4) نماز کانپوءِ جا ذڪر
    ✳ (5) سمهڻ وقت جا ذڪر

    عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ عَمْرٍو ، عَنِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : خَصْلَتَانِ - أَوْ خَلَّتَانِ - لَا يُحَافِظُ عَلَيْهِمَا عَبْدٌ مُسْلِمٌ إِلَّا دَخَلَ الْجَنَّةَ، هُمَا يَسِيرٌ، وَمَنْ يَعْمَلُ بِهِمَا قَلِيلٌ ؛ يُسَبِّحُ فِي دُبُرِ كُلِّ صَلَاةٍ عَشْرًا، وَيَحْمَدُ عَشْرًا، وَيُكَبِّرُ عَشْرًا، فَذَلِكَ خَمْسُونَ وَمِائَةٌ بِاللِّسَانِ، وَأَلْفٌ وَخَمْسُمِائَةٍ فِي الْمِيزَانِ. وَيُكَبِّرُ أَرْبَعًا وَثَلَاثِينَ إِذَا أَخَذَ مَضْجَعَهُ، وَيَحْمَدُ ثَلَاثًا وَثَلَاثِينَ، وَيُسَبِّحُ ثَلَاثًا وَثَلَاثِينَ، فَذَلِكَ مِائَةٌ بِاللِّسَانِ وَأَلْفٌ فِي الْمِيزَانِ . فَلَقَدْ رَأَيْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَعْقِدُهَا بِيَدِهِ، قَالُوا : يَا رَسُولَ اللَّهِ، كَيْفَ هُمَا يَسِيرٌ وَمَنْ يَعْمَلُ بِهِمَا قَلِيلٌ ؟ قَالَ : " يَأْتِي أَحَدَكُمْ - يَعْنِي الشَّيْطَانَ - فِي مَنَامِهِ فَيُنَوِّمُهُ قَبْلَ أَنْ يَقُولَهُ، وَيَأْتِيهِ فِي صَلَاتِهِ فَيُذَكِّرُهُ حَاجَةً قَبْلَ أَنْ يَقُولَهَا .
    سيدنا عبدالله بن عمرو رضي الله عنہ کان روايت آهي ته نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم فرمايو: ٻه عادتون اهڙيون آهن جيڪڏهن ڪو مسلمان انهن جي پابندي ڪندو رهي ته ضرور جنت ۾ داخل ٿيندو ۽ آهن به بلڪل آسان پر انهن تي عمل ڪرڻ وارا ٿورا آهن: (1) هر نماز کانپوءِ ڏهه دفعا: سُبحَان اللهِ، ڏهه دفعا: اَلحَمدلِلهِ ۽ ڏهه دفعا: اللهُ اَڪبَرُ چوڻ (پنجن نمازن ۾) انهن جو تعداد هڪ سئو پنجاهه (150) ٿئي ٿو پر قيامت جي ڏينهن ساهمي ۾ انهن جو تعداد پنڌرهن سئو (1500) هوندو.
    (2) ۽ رات جو سمهڻ کان پهرين چوٽيهه (34) دفعا: الله اڪبر، ٽيٽيهه (33) دفعا الحمد الله ۽ ٽيٽيهه (3) دفعا سبحان الله پڙهڻ ظاهري طور زبان سان ته انهن جو تعداد هڪ سئو (100) ٿئي ٿو پر قيامت جي ڏينهن ترازي ۾ انهن جو تعداد هڪ هزار (1000) هوندو، راوي چوي ٿو ته مون رسول الله صلي الله عليه وسلم کي پنهنجي هٿ مبارڪ (جي آڱرين) تي ڳڻيندي ڏٺو(ته پاڻ اهو ذڪر پڙهي رهيا هئا) ماڻهن پاڻ ڪريمن کان سوال ڪيو ته اي الله جا رسول صلي الله عليه وسلم هي ٻئي ڪم ته صفا آسان آهن ته پوءِ پڙهڻ وارن جو تعداد گهٽ ڇو هوندو؟ پاڻ صلي الله عليه وسلم فرمايو (اهو اهڙي طرح جو) سمهڻ وقت شيطان اوهان وٽ اچي ٿو ۽ ڪيتريون ڳالهيون ياد ڏياري( ۽ وسوسا وجهي) اهو ذڪر پڙهڻ کان پهرين سمهاري ڇڏي ٿو ۽ اهڙي طرح نماز جي حالت ۾ به شيطان ٻانهي وٽ اچي ٿو ان کي پنهنجا ڪيترائي (ضروري) ڪم ياد ڏياري ٿو ۽ اهڙي طرح هو نماز پڙهندي ئي اٿي وڃي ٿو (۽ انهي ذڪر کان محروم رهجي وڃي ٿو) (ابو دائود: 5065، ترمذي: 3410، ابن ماجہ: 926، نسائي: 1348، صححه الالباني رحمه الله)
    * ياد رهي ته سمهڻ وقت جا اهي ذڪر ايترا ته عظمت وارا آهن جو نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن پنهنجي نياڻي سيده فاطمه رضي الله عنها کي ان وقت سيکاريا جڏهن اها پاڻ صلي الله عليه وسلم وٽ خادم ڏيڻ جو مطالبو کڻي آئي ته بابا مون تي وڌيڪ ڪم جي تڪليف ۽ مشقت آهي ۽ جنڊ (چڪي) تي اٽو پيهڻ جي تڪليف پڻ آهي ته پاڻ انهن کي سمهڻ وقت اهي ذڪر سيکاريندي فرمايائون ته اهي توهان لاءِ خادم (نوڪر) کان بهتر آهن. (صحيح بخاري: 3705)
    * سيدنا علي رضي الله عنہ فرمايو ته جڏهن کان مون نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم کان ان ذڪر جي فضيلت ٻڌي آهي ڪڏهن به اهي پڙهڻ وساريا نه آهن، صفين واري جنگ ۾ به مون انهن کي ناهي ڇڏيو. (صحيح بخاري : 5362، صحيح مسلم: 80)

    ✳ (6) لا الہ الا الله، الله اڪبر، سبحان الله، الحمد الله
    ✳ (7) اولاد جي وفات تي صبر ڪرڻ ۽ ثواب جي اميد رکڻ

    عَنْ مَوْلًى لِرَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ، أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : " بَخٍ بَخٍ لِخَمْسٍ مَا أَثْقَلَهُنَّ فِي الْمِيزَانِ : لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ، وَاللَّهُ أَكْبَرُ، وَسُبْحَانَ اللَّهِ، وَالْحَمْدُ لِلَّهِ، وَالْوَلَدُ الصَّالِحُ يُتَوَفَّى فَيَحْتَسِبُهُ وَالِدُهُ.
    سيدنا ابو سلام رضي الله عنہ کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو: واهه واهه پنج شيون ته قيامت جي ڏينهن ترازي ۾ ڏاڍيون ڳريون هونديون.
    (1) لا الہ الا الله (2) الله اڪبر (3) سبحان الله (4) الحمد الله (5) ڪنهن ماڻهو جي نيڪ اولاد وفات ڪري وڃي ۽ ان جا ماءُ پيءُ ان صدمي تي صبر ڪندي الله تعاليٰ کان ثواب جي اميد رکن.
    (مسند احمد: 15662، طبراني ڪبير: 873، طبراني اوسط: 5152، السلسلة الصحيحة: 1204)

    ✳ (8) سهڻو اخلاق

    عَنْ أَبِي الدَّرْدَاءِ ، أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : مَا شَيْءٌ أَثْقَلُ فِي مِيزَانِ الْمُؤْمِنِ يَوْمَ الْقِيَامَةِ مِنْ خُلُقٍ حَسَنٍ، وَإِنَّ اللَّهَ لَيُبْغِضُ الْفَاحِشَ الْبَذِيءَ - إِنَّ الْمُؤْمِنَ لَيُدْرِكُ بِحُسْنِ خُلُقِهِ دَرَجَةَ الصَّائِمِ الْقَائِمِ -
    سيدنا ابو درداء رضي الله عنہ فرمائي ٿو ته رسول الله صلي الله عليه وسلم ارشاد فرمايو: قيامت جي ڏينهن مومن ماڻهو جي ترازي ۾ توريا ويندڙ سڀني عملن مان ڳرو ۽ وزني سندس سٺو اخلاق هوندو ۽ سهڻي اخلاق وارو پنهنجي ان عمل جي ڪري ڏينهن جو روزو رکندڙ ۽ رات جو تهجد پڙهندڙ جي درجي کي پهچي وڃي ٿو ۽ بيشڪ الله تعاليٰ بي حياء بد زبان يعني بري اخلاق واري کان نفرت ڪري ٿو. (جامع ترمذي: 3-2002، ابو دائود: 4798، 4799، السلسلة الصحيحة: 795، 876)

    ✳ (9) ڊگهي خاموشي يعني زبان جي حفاظت ۽ فضول گفتگو کان بچڻ.

    رسول الله صلي الله عليه وسلم جن سيدنا ابو ذر رضي الله عنہ کي نصيحتون ڪندي فرمايو:
    عَلَيْكَ بِحُسْنِ الْخُلُقِ وَطُولِ الصَّمْتِ ، يعني توهان سٺي اخلاق ۽ ڊگهي خاموشي کي لازمي اختيار ڪيو ڇو ته اهي ٻئي عمل ڪرڻ ۾ بلڪل آسان آهن پر قيامت جي ڏينهن ترازي ۾ سڀ کان وڌيڪ وزني، الله تعاليٰ کي گهڻا پسند ۽ انسان جي ڪردار جي خوبصورتي جو سبب آهن. (مسند ابويعليٰ: 3298، طبراني اوسط: 7103، البزار البحر الزخار: 7001، السلسلة الصحيحة 1938)

    ✳(10) مسلمان جي جنازي ۽ تدفين ۾ شرڪت.

    عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : مَنِ اتَّبَعَ جَنَازَةَ مُسْلِمٍ - إِيمَانًا وَاحْتِسَابًا - وَكَانَ مَعَهُ حَتَّى يُصَلَّى عَلَيْهَا، وَيَفْرُغَ مِنْ دَفْنِهَا، فَإِنَّهُ يَرْجِعُ مِنَ الْأَجْرِ بِقِيرَاطَيْنِ ؛ كُلُّ قِيرَاطٍ مِثْلُ أُحُدٍ، وَمَنْ صَلَّى عَلَيْهَا ثُمَّ رَجَعَ قَبْلَ أَنْ تُدْفَنَ فَإِنَّهُ يَرْجِعُ بِقِيرَاطٍ .
    سيدنا ابوهريرة رضي الله عنہ کان مروي آهي ته نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: جيڪو ماڻهو ايمان جي حالت ۾ ثواب جي اميد رکندي جنازي سان گڏ هلي (جنازي نماز پڙهي) ۽ تدفين تائين گڏ رهي ته ان کي ثواب جا ٻه قيراط ملن ٿا ۽ جيڪو صرف جنازي نماز ۾ شريڪ ٿئي ۽ تدفين کان پهرين واپس موٽي ته ان کي ثواب جو هڪ قيراط ملي ٿو ۽ هڪ قيراط احد جبل جي برابر آهي( صحيح بخاري ح 47، 1325)
    (احد جبل چار ڪلو ميٽر جيترو وڏو آهي)
    هڪ حديث ۾ هي لفظ وڌيڪ آهن ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم فرمايو:
    وَالَّذِي نَفْسُ مُحَمَّدٍ بِيَدِهِ لَهُوَ أَثْقَلُ فِي مِيزَانِهِ مِنْ أُحُدٍ .
    ان ذات جو قسم جنهن جي هٿ ۾ مون محمد صلي الله عليه وسلم جي جان آهي هڪ قيراط جو وزن قيامت جي ڏينهن (جنازي پڙهندڙ جي) ترازي ۾ احد جبل کان به وڌيڪ ڳرو هوندو.(مسند احمد: 2120)
    سيدنا عبدالله بن عمر رضي الله عنهما کي جڏهن ڪافي عرصي کانپوءِ جنازي نماز ۽ تدفين ۾ شرڪت جو ايترو وڏو ثواب معلوم ٿيو ته وڏو افسوس ڪندي فرمائڻ لڳو ته: لَقَدْ فَرَّطْنَا فِي قَرَارِيطَ كَثِيرَةٍ .
    اسان ته وڏي ڪوتاهي ڪئي ۽ ثواب جا ڪئين قيراط ضايع ڪري ڇڏيا! (صحيح مسلم: 945)

    ✳ (11) الله جي راهه ۾ گهوڙو پالڻ يا وقف ڪرڻ.

    عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُ، أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ مَنِ احْتَبَسَ فَرَسًا فِي سَبِيلِ اللَّهِ إِيمَانًا بِاللَّهِ، وَتَصْدِيقًا بِوَعْدِهِ، فَإِنَّ شِبَعَهُ وَرِيَّهُ وَرَوْثَهُ وَبَوْلَهُ فِي مِيزَانِهِ يَوْمَ الْقِيَامَةِ .
    سيدنا ابوهريرة رضي الله عنہ روايت ڪن ٿا ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: جنهن ماڻهو ايمان جي حالت ۾ ۽ الله تعاليٰ طرفان ڪيل ثواب جي واعدي کي برحق ڄاڻندي الله جي راهه ۾ (جهاد لاءِ) گهوڙو ٻڌو ( پاليو يا وقف ڪيو) ته ان گهوڙي جو کاڌو پيتو، سيراب ٿيڻ، پيشاب ۽ لڏ کي به قيامت جي ڏينهن ان جي ساهمي ۾ توري کيس ثواب ڏنو ويندو. (صحيح بخاري: 2853)

    ✴ ميزان جي سنگيني ۽ ملائڪن جو خوف
    عَنْ سَلْمَانَ عَنِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ، قَالَ : يُوضَعُ الْمِيزَانُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ فَلَوْ وُزِنَ فِيهِ السَّمَاوَاتُ وَالْأَرْضُ لَوَسِعَتْ ، فَتَقُولُ الْمَلَائِكَةُ : يَا رَبِّ لِمَنْ يَزِنُ هَذَا ؟ فَيَقُولُ اللَّهُ تَعَالَى : لِمَنْ شِئْتُ مِنْ خَلْقِي ، فَتَقُولُ الْمَلَائِكَةُ : سُبْحَانَكَ مَا عَبَدْنَاكَ حَقَّ عِبَادَتِكَ .
    سيدنا سلمان رضي الله عنہ کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو: قيامت جي ڏينهن جڏهن ميزان (ساهمي، ترازي) قائم ڪئي ويندي (اها ايتري ته وڏي هوندي جو) جيڪڏهن ان ۾ آسمانن، زمين ۽ جيڪو انهن ٻنهي ۾ آهي توريو وڃي ته اها ڪافي ٿي وڃي. (اهو منظر ڏسي) ملائڪ عرض ڪندا اي اسان جا پالڻهار هن ميزان ۾ ڪهڙي شيءِ تورئي ويندي (۽ ڪنهن کي بدلو ڏنو ويندو) الله تعاليٰ فرمائيندو مخلوق مان جنهن کي آئون چاهيان (ان کي توريان ۽ بدلو ڏيان) ان تي ملائڪ (گهٻرائي) چوندا ته اي الله پوءِ ته اسان به تنهنجي عبادت جو حق ادا نه ڪري سگهياسين.
    (مستدرڪ حاڪم: 8739 صححہ عليٰ شرط مسلم ووافقہ الذهبي، سلسلة الاحاديث الصحيحة للالباني: 914، رحمهم الله)
    ✴ ميزان کي وزني بنائڻ لاءِ دعا
    نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن قيامت جي ڏينهن ميزان جي نيڪي واري پڙ کي ڳرو بنائڻ لاءِ الله تعاليٰ کان هيءَ دعا گهرندا هئا.
    " اللَّهُمَّ اغْفِرْ لِي ذَنْبِي ، وَاخْسَأِ شَيْطَانِي ، وَفُكَّ رِهَانِي وَثَقِّلْ مِيزَانِي ، وَاجْعَلْنِي فِي الْمَلأِ الأَعْلَى .
    (مستدرڪ حاڪم: 1982، 2012، طبراني ڪبير: 758، 759، صحيح الجامع الصغير للالباني: 4649، رحمهم الله)
    يعني اي الله منهنجا گناهه معاف ڪري ڇڏ (اها امت لاءِ هڪ تعليم آھي ورنه نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم ته معصوم عن الخطاء بخشيل ،بخشايل آھن ) ۽ مون سان گڏ متعين شيطان کي ذليل( رسوا ،ناڪام ۽ نامراد) بڻاءِ، ۽ منهنجي گردن کي (دوزخ جي باهه کان) آزاد ڪري ڇڏ ،۽ منهنجي تارازيءَ کي وزني بڻاءِ ۽ مون کي ملائڪن جي اعليٰ محفل ۾ شامل فرماء .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو