قرآن ۽ سائنسي راز؛ ڪائنات ڪيئن ٺهي؟

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏3 جون 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    سائنسدانن جي چوڻ مطابق ڪائنات جي جوڙ چوڏهن ارب ورهيه پهرين ٿي هئي. بگ بينگ(نهايت ئي زوردار ڌماڪي) جو نظريو ان سلسلي ۾ بيان ڪيو وڃي ٿوجنهن مطابق ڪائنات کي عدم وجود مان وجود ۾ آندو ويو جنهن جا جزا هڪڙي نقطي ۾ بند هئا.ان کان اڳ مادو هو نه توانائي هئي ۽ نه ئي وقت.هڪ وڏي ڌماڪي سبب اهي سڀ وجود ۾ آيا ۽ پاڻ ۾ ڳنڍيل مادو ننڍن وڏن جزن ۾ ورهائجي ويو ۽ خلا ۾ پکڙي هڪ ٻئي کان جدا ٿيندو ويو. مادي جا اهي ٽڪرا اڃا به خلا ۾ تري رهيا آهن ۽ انهن جو تيز رفتار سفر جاري آهي.انهيء نظريي هيٺ مادي جا ننڍا وڏا ٽڪرا ڪٿي سيارا بڻجي ويا ته ڪٿي انهن ستارن جي صورت اختيار ڪئي.پڇڙ تارا ۽آسمان ۾ ٽمڪندڙ ٻيا اڻ ڳڻيا تارا انهيء ئي نظريي سان تعلق رکن ٿا.زمين جو گولو،سج،چنڊ،مريخ،مشتري ۽ زهل جهڙا ڪيترائي سيارا انهيء بگ بينگ ٿيوري جو نتيجو ٻڌايا وڃن ٿا.

    بگ بينگ سان ثابت ٿئي ٿو ته ڪائنات هڪ نه هئڻ واري نقطي مان وجود ۾ آئي.پر سائنس ان عدم يعني “نه هئڻ” واري تصور جي واضح سمجھاڻي ڏيڻ کان لاچار آهي۽ ان کي“ مقدار جي ٻڙي نڪتي ” جي اصطلاح ۾ بيان ڪيو وڃي ٿو.ان ڳالهه کي اسان هيئن به بيان ڪري سگھون ٿا ته جيڪر اسان ڪائنات جي پکيڙ جي ابتڙ رخ ۾ سفر ڪيون ته اسان کي اها هڪ نڪتي مان جڙندي نظر ايندي توڙي جو اهڙو سفر عملي طور تي ناممڪن آهي.

    جديد سائندان ان ڳالهه تي متفق آهن ته ڪائنات جي شروعات ۽ ان جي جوڙ جو اڪيلي سمجھه ۾ ايندڙ ۽ قابل ثبوت وضاحت “بگ بينگ” ئي آهي ڇوته ان کان اڳ مادي جو وجود ئي نه هو.حالت عدم (Condition of Non existence)هئي جنهن ۾ نه مادو هونه توانائي هئي ۽ نه ئي وقت موجود هو.ان کي مابعد الطبيعاتي طور تي هيئن بيان ڪري سگھجي ٿو ته مادي،توانائي ۽ وقت کي هڪ ئي وقت گڏ پيدا ڪيو ويو.

    1948ع ۾ هڪ آمريڪي ماهر فلڪيات“ جارج گيمو” بگ بينگ جي متعلق هڪ ٻيو خيال پيش ڪيوجنهن مابق هڪ وڏي ڌماڪي جي نتيجي ۾ هيء ڪائنات وجود ۾ اچي ويئي ۽ ان ڌماڪي بعد شعائن جو هڪ اضافي حصو ڪائنات ۾ باقي رهجي ويوهوندو جن کي برابر نموني پوري ڪائنات ۾ پکڙجي وڃڻ گھربو هو.اهو ثبوت ته “ جنهن کي موجود هئڻ گھربو ” ترت ئي ڳولهي لڌو ويو. 1965ع ۾ ٻن ماهرن “پينزيانس ارنو ۽ رابرٽ ولسن ” اهڙن شعائن جي لهرن کي اتفاق سان ڳولهي لڌو.انهن شعائن کي ” ڪائناتي پس منظر وارا شعاع” چيو ويو جيڪي ڪنهن خاص ذريعي مان نڪرندي نظر نٿي آيا پر پوري خلائي گولي کي گھيرو ڪيل هئا.جنهن مان اهو ثابت ٿيو ته ته خلا ۾ جيڪي گرم لهرون هڪئي وقت هر طرف هڪجهڙي نموني شعائن جي صورت ۾ خارج ٿي رهيون هيون اهي بگ بينگ جي شروعاتي مرحلن جي باقيات ئي آهن.پينزيانس ۽ ولسن کي انهيء ئي کوجنا تي نوبل پرائيز ڏنو ويو.

    1989ع ۾ ناسا هڪ سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪليو جنهنجو نالو “ڪوبي ” هو.ان سيٽلائيٽ موڪلڻ جو مقصد ڪائناتي پس منظر جي شعاعن جي کوجنا ڪرڻ هو.ان سيٽلائيٽ تي اهڙي حساس جائزي جا اوزار لڳل هئا جن رڳو اٺن منٽن ۾ پينزيانز ۽ ولسن ٻنهي ماهرن جي ماپن جي تصديق ڪري ورتي. ڪوبي سيٽلائيٽ ان وڏي ڌماڪي جون باقيات ڳولهي ورتيون هيون جيڪو ڪائنات هڻ جي شروع ۾ ٿيو هو.

    بگ بينگ جو هڪڙو بيو ثبوت هائڊروجن ۽ هيليم گئسن جو اهو مقدار هو جيڪو خلا ۾ لڌو ويو هو. آخري جائزن ۾ اهو معلوم ٿي ويو ته ڪائنات ۾ جنهن هائدروجن ۽ هيليم جو گڏ ٿيڻ آهي اهو سندن انهن نظري جائزن سان هڪجهڙائي رکي ٿو جيڪي بگ بين جي باقيات جو نتيجو هو.جيڪر هن ڪائنات جي ڪا ابتدا ئي نه هجي ها ۽ جيڪر اها ازل کان موجود هجي ها ته پوء اها هائڊروجن هن وقت تائين هيليم ۾ بدلجي ختم ٿي چڪي هجي ها.اهي سڀ اهڙا ثبوت هئا جو سائندانن کي بگ بينگ نظريي کي مڃڻ کان سواء ڪو چاروئي نه رهيو. ڪيليفورنيا يونيورسٽيء جي “ پروفيسر جارج ايبل ” جي چوڻ مطابق ؛ جيڪو ثبوت هن وقت تائين هٿ آيو آهي ان مطابق هيء ڪائنات ڪيترائي ارب سال پهرين هڪ ڌماڪي سان وجود ۾ آئي هئي.هن اعتراف ڪيو ته ڪائنات جي جوڙ بابت هن وٽ بگ بينگ نظريي کي تسليم ڪرڻ سواء ٻيو ڪو رستو ناهي.

    قرآن ڪريم ۾ ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ متعلق هن آيت ۾ اشارو ڪيو ويو آهي؛

    (اَوَ لَمْ یَرَ الَّذِیْنَ کَفَرُوْآ اَنَّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ کَانَتَا رَتْقًا فَفَتَقْنٰھُمَا طوَجَعَلْنَا مِنَ الْمَآءِکُلَّ شَیْئٍ حَیٍّ ط اَفَلَا یُؤْ مِنُوْنَ) يعني انڪار ڪندڙن هن ڳالهه تي سوچ ناهي ڪئي ته آسمان ۽ زمين پاڻ ۾ مليل هئا پوء اسان انهن کي الڳ الڳ ڪيو ۽ هر ساهواري شيء کي پاڻيء سان زندگي بخشي.ڇا پوء به هي ماڻهو (اللہ تعالیٰ جي خالق هئڻ تي) ايمان نٿا آڻين؟

    هن آيت ۾ ڪائنات جي شروعات جو نڪتو بيان ڪيو ويو آهي ته ان جي شروعات ايئن ٿي جو هڪڙي گڏيل ۽ هڪٻئي ۾ چنبڙيل مادي کي کولي جدا ڪيو ويو ۽ جنهن مان رب تعاليٰ زمين ، آسمان ۽ بيا آسماني جسم پيدا فرمايا.اسان جي مشاهدي ۾ آهي ته جڏهن به ڪو ڌماڪو ٿيندو آهي ته ان جي نتيجي ۾ ڦيٽاڙو پوندو آهي،سالن کان ٺهيل عمارتون زمين تي اچي ڪرنديون آهن.ماڻهن جي جسمن جا ٽڪرا اڏامي ويندا آهن ۽ جيڪي ڪجهه به انهن ڌماڪن جي رستي ۾ ايندو آهي اهو تباهه ۽ برباد ٿي ويندو آهي. مثال؛ ايٽم ۽ هائڊروجن بمن جا ڌماڪا،ڦاٽندڙ گئسن جا ڌماڪا،لاوا ڇڏيندڙ جبلن جا ڌماڪا ۽ شمسي ڌماڪا وغيره.انهن سڀني جا نتيجا برباد ڪندڙ هوندا آهن ان جي ابتڙ اسان کي جيڪر ڪو چوي ته فلاڻي هنڌ ڌماڪي ٿيڻ جي نتيجي ۾ تباهي ۽ برباديء جي ابتڙ ڪي وڏيون عمارتون جڙي پييون آهن،فيڪٽريون ۽ باغ پيدا ٿي پيا آهن ته اهڙي شخص کي سواء پاڳل چوڻ جي ٻيو اسان ڇا چونداسين؟ڇو ته هن جي اهڙي دعويٰ اسان جي روزمرهه جي مشاهدن جي ابتڙ آهي.پر جيڪر ايئن ئي هجي ته پوء ٿورو سوچيو ته اهو ڌماڪو ٻين ڌماڪن جي ڀيٽ ۾ ڪو نرالو ۽ منفرد ڌماڪو هوندو۽ ان جي پويان ضرور ڪنهن مافوق الفطرت هستيء جو هٿ هوندو. جيئن ته سائنس اسان کي اهوئي ٻڌايو آهي ته هي ڌماڪو هڪ اهڙو ڌماڪو هو جنهنجي نتيجي ۾ وڏيون ڪهڪشائون،ستارا،سيارا وغيره وجود ۾ آيا ۽ اهي سڀ هڪ زبردست نظم ۽ ترتيب سان خلا ۾ پنهنجن مدارن اندر گھمي رهيا آهن.ان ڪري اهو ڌماڪو ظاهر ڪري ٿو ته ته ان غيرمعمولي ڌماڪي پويان هڪ مافوق الفطرت هستيء جي قدرت جو هٿ آهي.جنهن کي اسان اللہ جي نالي سان ڄاڻون ٿا.

    مشهور ماهر فزڪس “پروفيسر اسٽيفن هاڪنز” پنهنجي ڪتاب وقت جي مختصر تاريخ ۾ لکي ٿو ته هيء ڪائنات حساب ڪتاب سان طيء ٿيل جائزن ۽ توازنن تي قائم ڪئي ويئي آهي ۽ ان کي اهڙي ته نفاست سان ٺاهي ٺوڪي بنايو ويو آهي جو اسان ان جو تصور به نٿا ڪري سگھون.

    قران جي مٿين آيت ۽ سائنسي بگ بينگ نظريي ۾ زبردست هڪجهڙائي نظر اچي ٿي.انهيء کان سواء سائنسدان ان ڳالهه تي متفق آهن ته ڪهڪشائن جي وجود ۾ اچڻ کان پهرين سموري ڪائنات هڪ قسم جي دونهين جو ڪڪرهئي. قرآن ڪريم ۾ اللہ تعاليٰ ڪائنات جي ان حالت جو ذڪر لفظ “دخان” يعني دونهين سان ڪيو آهي ۽ ان کي اڄ سائنسدانن به تسليم ڪيو آهي.يونيورسٽي آف ايريزونا جي سائنسدان“ ڊينيئل آئزن اسٽين” نئين تحقيق جي روشنيء ۾ بگ بينگ جي نتيجي ۾ جڙيل ڪائنات کي “دونهون ڇڏيندڙ گن ” سان تشبيهه ڏني آهي جنهن مان خارج ٿيندڙ دونهون هڪ خاص انداز ۾ پکڙجي ٿو ۽ ڪائنات به ان نموني سان وڌي رهي آهي.

    اللہ تعاليٰ سورت حم سجده ۾ ان طرف اشارو ڪندي فرمايو آهي ته

    (ثُمَّ اسْتَوٰی اِلَی السَّمَآءِ وَھِیَ دُخَان فَقَالَ لَھَا وَلِلْاَرْضِ ائْتِیَا طَوْعًا اَوْ کَرْھًا ط قَالَتَآ اَتَیْنَا طَآئِعِیْنَ)

    “ پوء هو آسمان طرف متوجه ٿيو ۽ ان وقت اهو دونهون هو ته هن (ان طرح جي) آسمان ۽ زمين کي چيو ته جڙي وڃو توڙي اوهين چاهيو يا نه چاهيو.ٻنهي چيو اسان مڃيندڙن وانگر حاضر ٿي وياسين.”

    “پروفيسر ڊاڪٽر يوشي هائيڊ ڪوزائي” کان جڏهن انهن آيتن تي تبصرو ڪرڻ لاء چيو ويو جن ۾ ڪائنات جي جوڙ بابت ذڪر ڪيو ويو آهي ته هن چيو ته “ قرآن نهايت ئي بلند مقام تان ڪائنات جي وضاحت ڪئي آهي...قرآن جيڪي ڪجھه چيو سو حقيقت ۾ موجود آهي.ڄڻ ته قرآن ڪائنات کي ڪنهن اهڙي جڳهه تان ڌٺو آهي جتان ڪابه شيء لڪيل ناهي رهي.”

    جڏهن هن کان پڇيو ويو ته ڇا ڪو وقت اهڙو به هو جڏهن آسمان دونهون هو ته هن ٻڌايو ته سموريون علامتون ۽ نشانيون ان ڳالهه کي ثابت ڪري رهيون آهن ته هڪ وقت اهڙو به هو جڏهن آسمان دونهين جو ڪڪر هو. ڪجهه سائنسدان چون ٿا ته اهو “دخان” (Smoke) ڌنڌ (Mist) آهي پر پروفيسر ڪوزائي چوي ٿو ته ڌنڌ دونهين سان مشابهت نٿي رکي ڇوته ڌنڌ جي خاصيت ٿڌي هوندي آهي جڏهن ته فلڪياتي دونهون( Cosmic smoke)گرم ٿيندو آهي.حقيقت ۾ “دخان” مائع گئسن(Diffused gases)مان ٺهيو آهي جنهن سان نهري مواد (Solid substance) به شامل آهي ۽ اها دونهين جي بلڪل صحيح وصف آهي جنهن مان هيء ڪائنات جڙي آهي.

    پروفيسر ڪوزائي چوي ٿو ته جيئن ته دونهون گرم هو ان ڪري ان کي ڌنڌ يا ڪهر سان ملائي نٿو سگھجي ۽ “دخان“ انهيء لاء مناسب لفظ آهي.هن جو چوڻ هو ته قرآن مجيد ڪنهن انساني ڪاوش جو نتيجو ٿي نٿو سگھي ۽ اهو هڪ آسماني ڪتاب آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو