سعودي صحافي جو قتل ۽ آمريڪي جاچ جو ڊرامو. ڪامريڊ منان چانڊيو. 26-10-18

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2018۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    سعودي صحافي جو قتل ۽ آمريڪي جاچ جو ڊرامو.

    ڪامريڊ منان چانڊيو. 26-10-18

    اڄ کان سوين سال اڳ جڏھن صحافت ۽ نشر و اشاعت جا جديد طور طريقا ڪونه هوندا هئا، تڏھن به وقت جي جابر، جلاد حڪمرانن، ڌرين ۽ گروهن جي بربريت ۽ وحشيت ۽ اجتماعي قتل عام خلاف ڪنهن نه ڪنهن ريت کي مرد مجاهد آواز بلند ڪندا هئا ته انهن جون زبانون ڪپيون وينديون هيون، اهڙي طرح ڪي حق ۽ سچ گوئو انسان، تڪبر ۽ غرور ۾ غرق ظالمن ۽ فاسقن سان اکيون اکين ۾ ملائي کين ست سريون ٻڌائيندا هئا ته انهن جون اکيون لوھ جي تپايل سيخن سان گڍيون وينديون هيون، ساڳي طرح وقت جي فرعونن، نمرودن ۽ يزيدن سان مهاڏو اٽڪائيندڙن کي جيئري باھ ۾ اڇلايو ويندو هيو يا وري زنده ماڻھن جون کلون لاٿيون وينديون هيون نه صرف اهو پر مظلوم ماڻهن کي بکايل خونخوار جانورن اڳيان فٽو ڪيو ويندو هيو. خير اهي وحشي دور جي وحشي حڪمرانن جون وحشياڻان حرڪتون هيون، پر اڄ به لڳ ڀڳ اهڙيون ئي ظلمتون ٿي رهيون آھن جنهن جو تازو مثال سعودي عرب جي هڪ صحافي جو ترڪي جي شھر استنبول ۾ سعودي ڪائونسل خاني اندر ڳڀها ڳڀها ٿيل جسم جي درد ڪٿا آھي. سعودي ڄائي ٻن ڏهاڪن کان آمريڪا ۾ رهائش پزير ڀلوڙ صحافي جمال خاشقجي جو ترڪيءَ جي سرزمين تي وحشياني نموني ٿيل انساني قتل تي پوري دنيا جي ڪروڙين باضمير ۽ باشعور ماڻهن ۾ ڏک ۽ غسي جي لهر پيدا ٿي وئي آھي، هوئن به هر انسان اهو امير هجي يا غريب، گورو هجي يا ڪارو، مرد هجي يا عورت، ٻار هجي يا ٻڍو، چوڻ جو مطلب ته هر بيگناھ جو قتل پوري انسانيت جي قتل برابر هوندو آھي جيڪي لفظ مسلمانن جي مقدس ڪتاب ۾ پڻ چٽي طرح لکيل آھن، پر هڪ صحافيءَ جو قتل ڪا معمولي ڳالھ ڪونه آھي ڇو ته اهو پنهنجي سالم دماغ ۽ بيباڪ قلم جي نوڪ سان ملڪ، رياست، پرڳڻي، ڪنهن شھر ۽ ڳوٺ جي اصل سياسي، انتظامي، مالي، سماجي، سقافتي ۽ مختلف نوعيت جي حقيقتن کان عام ۽ خاص کي آگاھ ڪندو آھي. ڏٺو وڃي سڄي دنيا جي سڀني کنڊن جي سمورن ملڪن ۾ پرنٽ، اليڪٽرانڪ جا ادارا ۽ سوشل ميڊيا جو وجود رکن پيا، اها به حقيقت آھي ته مختلف ملڪن ۾ ڪٿي ميڊيا سرڪاري ڪنٽرول کان مڪمل ۽ ڪٿي جزوي آزاد هوندي آھي، اهڙي ريت ميڊيا ڪن خانگي، مالياتي ادارن توڙي ڏوهاري گروهن جي عتاب هيٺ يا وري سرپرستي ۾ ڪم ڪندي آھي ساڳي طرح ميڊيا ۽ صحافتي ادارا توڙي فرد پنهنجا سر ترين تي رکي پنهنجي اصل ۽ نيڪ مقصد يا ذميواري جي ادائگي ڪندا آھن، جهڙي ريت ميڊيا ان سان لاڳاپيل فرد بيداغ ٿيندا آھن اهڙي ريت وري داغدار هوندا آھن، ڪٿي آزاد صحافت، ڪٿي ته وري زرد صحافت ٿيندي آهي، ڪٿي تعصب پرستي ته وري ڪٿي سچ پرستي به ٿيندي آھي، ڪٿي ڪنهن پارٽي ڌر ۽ فرد جي شان ۾ قصيده گوئي ٿيندي آھي، ڪٿي وري ڪنهن جي ڪردار ڪشي پڻ ڪئي ويندي آهي، ڪٿي ٿنب مان تيلي ته وري ڪٿي تيلي مان ٿنب بنائبو آھي، بحرهال صحافت دراصل هڪ بهترين پيشو آھي انڪري ان سان لاڳاپيل فردن کي به پنهنجي پيشي جي اهميت ۽ آفاديت جي پيش نظر اهو ڪرڻ گهرجي جيڪو کين ۽ سندن پيشي کي سماج جي ٻين ڌرين ۽ فردن توڙي انهن جي ڪارستانين کان الڳ بهتر ۽ منفرد رکي، خير ڪير ڪٿي ڇا پيو ڪري پر ڳالھ پئي ڪئي سين سعودي عرب جي شھيد بيگناھ صحافي جي ته هو نه صرف صحافي هيو پر سعودي عرب جي هڪ وڏي شاهوڪار خاندان جو فرد پڻ هيو جنهن واپاري گهراڻي جي لکين، ڪروڙين ريالن جي سيڙپڪاري سعودي ۾ ٿيل آهي، انڪري ان جو موت کي ٻن رخن سان ڏٺو پيو وڃي يا اڃان ايئن کڻي چئجي ته اهڙي افسوسناڪ واقعي تي سعودي بادشاهن ۽ شھزادن تي ٽه طرفي سخت تنقيد ٿي رهي آھي يعني هڪ طرف پوري دنيا جي صحافتي ۽ ميڊيائي ادارن ٻئي پاسي آمريڪي حمڪرانن، ٽي طرف ترڪي سرڪار جي، اسان جي نظر ۾ اها تنقيد جائز ۽ وقتائتي آھي ڇاڪاڻ ته خاشقجي هڪ پيشيور صحافي هيو جتي هو سعودي اخبار الوطن جو مدير رهي چڪو آھي اتي وري آمريڪا جي مشھور اخبار واشنگٽن پوسٽ جو مستقل ڪالم نگار پڻ هيو، ان کان علاوه سعودي سرڪار جي ڪجھ مالي ۽ انتظامي ادارن جو صلاحڪار به رهي چڪو آھي اهڙين خاصيتن واري شخصيت جي بيرحمانا قتل تي ڏک ۽ ڪاوڙ فطري عمل آھي جنهن جو اظھار سڄي دنيا جي ميڊيائي ادارن ۾ ٿي رهيو آھي، جيڪو هڪ سگهارو آواز آھي جنهن جا اثر سعودي حڪمرانن تي ضرور پوندا، آمريڪي سرڪار ان لاءِ سعودي بادشاهن تي مڙئي فارملٽي طور ڏمريل آھي ڇاڪاڻ ته شھيد صحافي ٻاويهن سالن تائين آمريڪا ۾ سڪون پزير هيو اهڙي ريت ترڪي حڪومت جو احتجاج انڪري وزنائتو ۽ ساراھ جوڳو آھي جو خاشقجي جو قتل سندس ملڪ ۾ ٿيو آھي، بين الاقوامي قانون موجب جتي به ڪو ننڍو يا وڏو گناھ ٿيندو آھي ته جوابدارن کي ان ملڪ جي قانون موجب ۽ ان ئي پوليس اسٽيشن جي حد ۾ ايف آءِ آر داخل ڪري ڪيس جو مڪمل چالان تيار ڪري واسطيدار ڪورٽ ۾ پيش ڪري جوابدارن تي ڪيس هلائي کين منتقي انجام تائين پهچايو ويندو آھي، هتي اهو نقطو به اهم آھي ته قاتل ۽ مقتول هڪئي ملڪ سان تعلق رکن ٿا پر وارڌات ٻئي ملڪ ۾ ٿي آھي تنهنڪري جوابدارن تي ڪيس ترڪيءَ ۾ ئي هلڻو آھي، جيئن ته قاتل سفارتڪار آھن جن جي ٻانهن سعودي حڪومت کي ترڪي سرڪار جي حوال ڪرڻ گهرجي. باقي جيستائين آمريڪا جي ڪاوڙ جي ڳالھ آھي ته بس اها هڪ قسم جي فارملٽي چئبي، ظاهري طورتي صدر ٽرمپ ۽ ان جي سرڪار ڀلي کڻي ڪيتريون ئي فڙڪيون هڻي پر اهي ڪڏھن به پنهنجي همراهن سان ڪونه فٽائيندا آھن، اها به حقيقت آھي ته آمريڪي سرڪار پنهنجي ملڪ واسين ۽ دادلن يا ييس مينن جي حڪومتي، مالي ۽ جاني مفادن جي نگھ باني ڪندي آھي باقي ٻين سان جيڪو حشر ڪيو ويندو آھي ان جو مثال عراق، لبيا، افغانستان، شام. ايران، فلسطين، وغيره جي بيگناھ انسان جي قتل عام مان وٺي سگهجي ٿو. اڄ جڏھن جمال خاشقجي جي قتل تي هر طرف کان احتجاج ٿي رهيو آھي ته ڪجھ سال اڳ پاڪستان ۾ آمريڪي صحافي ڊيني ٽيونل پرل جي ڏکويندڙ موت جي ياد به تازي ٿي وڃي ٿي، ان کان علاوه پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ جن صحافين جو وحشياڻيان قتل ٿيا آھن جن ۾ باڊھ جو شان ڏھر، لاڙڪاڻي جو منير سانگي، جيڪب آباد جو شاهد سومرو، شڪارپور جو امير بخش بروهي سميت ٻين لاتعداد شهيد ٿيندڙ صحافين، ڪئمرامينن ۽ ھاڪرن پاران پنهنجي فرض جي ادائگي دوران المناڪ وڇوڙو به دل تي تري اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته اڄ تائين جن به صحافين جو بينگاھ قتل ٿيو آھي ان پويان ڪي به ذاتي تڪرار يا رنجشون نه پر صحافتي ذميواريون نڀاهڻ جي سزا آھي هن وقت جڏھن عالم اقوام پاران خاشقجي کي خراج تحسين پيش ٿي رهيو آھي ته پوءِ آمريڪي سامراج جي اڳوڻي صدر بش کي عراقي بهادر صحافي منتظر الزيدي پاران منهن واري هنيل جوتي جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آھي، پاڻ جڏھن صحافت جي ڳالھ ڪري رهيا آھيون ته پوءِ سانحي بنگال وقت بنگالين جي ٿيل اجتماعي قوس جون خبرون منظرعام آڻيندڙ پرڏيهي خابرو ادارن ۽ انهن جي فردن کي به جس ڄڻي پوندي، صحافين جي بهادري ۽ بهتر ڪارڪردگي جي ڳالھ نڪتي آھي ته پوءِ جنرل ضياءَ جي مار شل لائي راڄ ۾ جڏھن ميڊيا تي سخت بندش پيل هئي ته بي بي سي جي صحافي مارڪ ٽيلي جي حقيقتن تي ٻڌل رپورٽنگ کي به صدين تائين ياد رکي سگهجي ٿو. ٻئي اهم ڳالھ ته پاڪستان جي موجوده وقت جي صحافي ۽ اينڪر حامد مير جي جاکوڙ ۽ خرين خبرن کي به سيني ۾ سانڍي سگهجي ٿو، سندس آزاد صحافت جي عيوض گولين جو تحفو مليو آخر ۾ اسين سنڌ جي انهن صحافين جن ۾ مرحوم طارق اشرم، مرحوم فقير محمد لاشاري، مرحوم انور پيرزادو، ۽ ان کان علاوه يوسف شاهين، امداد اوڍو وغيره اچي وڃن ٿا جن پنهنجي ڌرتي، قوم، عوام ۽ پنهنجي پيشي سان ڪيل وفاداري ۽ نباھ تي به کين سلام پيش ڪرڻ ضرور سمجهون ٿا. اسان هڪ ڀيرو ٻيهر سعودي صحافي جمال خاشقجي جي بيگناھ قتل خلاف حق، سچ، ۽ انصاف جي سربلنديءَ لاءِ اٿاريل ڀرپور آواز سان آواز ملائيندي اها توقع ڪيون ٿا ته عالم انسانيت جو اهو سگهارو ۽ گڏيل آواز شھيد صحافي جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي عبرتناڪ سزا ڏئي دنيا کي اهيو پيغام ڏيندو وڃي ته هاڻ اظھار جي آزاديءَ لاءِ بلند ٿيندڙ سدا کي ڪي جابر، فاشسٽ بادشاھ ۽ حڪمران روڪي نٿا سگهن.
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو