جعلي کاتن وارو ڪيس نيٺ نيب حوالي.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ سومر ڏينهن سپريم ڪورٽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاه ۽ پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريء جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته اهو ڪيس نيب کي موڪليو وڃي جيڪا ٻن مهينن اندرنئين نموني سان جاچ ڪري مڪمل ڪري. نيب کي اهو اختيار به ڏنو ويو آهي ته اها آصف زرداري،بلاول ۽ مراد علي شاهه کان پنهنجي طور تي آزاداڻي جاچ به ڪري سگھي ٿي ۽ کين گھرائي به سگھي ٿي.جاچ بعد جيڪر ريفرنس جڙي ٿو ته اهو داخل ڪيو وڃي.چيف جسٽس جي ريمارڪس مطابق بلاول ڀٽو جو ڪردار اڃا بي داغ آهي.سندس والد يا پڦيء جو ته هن معاملي ۾ ڪو ڪردار ٿي سگھي ٿو پربلاول جو ڪهڙو ڪردار آهي؟چيف جسٽس جي ريمارڪس مطابق مراد علي شاه جي عزت نفس مجروح ڪئي پيئي وڃي.اهو ته ڏٺو وڃي ها ته هو هڪڙي صوبي جو وزير اعليٰ آهي.هن چيو ته اومني گروپ خلاف ايترو ته مواد اچي چڪو آهي جو ڪوئي اکيون بند ڪري نٿو سگھي مٿان ويتر کنڊ جون ٻوريون به گم ڪري ڇڏيون وييون.هاڻي اهو ٻڌايو ته معاملو ڪهڙي ڪورٽ ۾ موڪليون؟ياد رهي ته ان معاملي تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو.انور مجيد جي وڪيل چيو ته جيئن ته ڪيس جي جاچ پوري ٿي چڪي آهي ان ڪري ان کي هاڻي اتي ئي ختم ڪري ڇڏيو. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڇا اسان ايترا سادا آهيون؟اهو ڪيس اتي ختم نه ٿيندو پر اڳتي هلندو.سومر تي چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهيء ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس فيصل عرب تي ٻڌل ٽي رڪني بينچ مني لانڊرنگ ۽ جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻيء جي شروع ۾ اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا اي سي ايل ۾ شامل 72 ماڻهن جي نالن جو معاملو نظرثاني ڪميٽيء کي موڪلي ڇڏيو آهي ۽ ڏهين جنوريء تي ان معاملي ۾ اڳڀرائيء جي اميد آهي. ان موقعي تي اومني گروپ جي وڪيل چيو ته اهو معاملو ڪميٽيء کي موڪلي وڏيڪ مونجھارو پيدا ڪيو ويو آهي.خبر ناهي ته ڪميٽي ڪيستائين فيصلو ڪري؟جنهن تي چيف جسٽس اومني گروپ جي وڪيل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان کي ڪو مسئلو آهي ته ڪابينا کي ڇڏيو،آئون ئي اوهان جو نالو اي سي ايل ۾ وجھي ٿو ڇڏيان.چيف جسٽس اومني گروپ جي وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان اصل ڪيس جي طرف بلڪل ئي نٿا اچو.چيف جسٽس چيو ته اومني گروپ جي خلاف ايترو ته مواد اچي چڪو آهي جو ان کان اکيون بند ڪري نٿيون سگھجن.بڌڻيء دوران چيف جسٽس جي آئي ٽي جي وڪيل کان پڇيو ته پهرين اهو ٻڌايو ته بلاول زرداريء کي هن معاملي ۾ ڇو ملوث ڪيو ويو؟هو ته معصوم ٻار آهي جيڪو رڳو پنهنجي ماء جو مشن اڳتي وڌائي رهيو آهي.اوهان سندس نالو به اي سي ايل ۾ وجھي ڇڏيو.چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڇا جي آئي ٽي بلاول زرداريء کي بدنام ڪرڻ لاء کيس ڪيس ۾ شامل ڪيو آهي يا وري ڪنهن ٻئي جي چوڻ تي؟چيف جسٽس چيو ته بلاول زرداريء جو ڪردار ته اڃا بي داغ آهي.سندس والد يا پڦيء جو ته ان معاملي سان تعلق ٿي سگھي ٿوپر بلاول جو ان ۾ ڪهڙو ڪردار آهي؟جي آئي ٽي بلاول ڀٽو جي باري ۾ عدالت کي مطئمن ڪري.جنهن تي جي آئي تي جي وڪيل فيصل صديقيء چيو ته جي آئي ٽي رپورٽ جي صفحي 57 تي پارڪ لين جي هڪ پراپرٽيء جو ذڪر اهي جيڪا جعلي اڪائونٽس ذريعي خريد ڪئي ويئي ۽ ان ملڪيت ۾ بلاول ڀٽو جا پنجويهه سيڪڙو شيئر آهن.جنهن تي چيف جسٽس سوال ڪيو ته جيڪر شيئر آهن ته اهو ڪيئن ثابت ٿيو ته بلاول ڀٽو ڪو ڏوهه ڪيو آهي؟ ملڪيت کي مجنمد ڪري ٿا ڇڏيون پر رڳو ان بنياد تي بلاول ڀٽو جو نالو اي سي ايل ۾ وجھي نٿو سگھجي.بڌڻي دوران ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ عدالت سامهون چيو ته سنڌ جي وڏي وزير کي ڪنهن به جاچ ۾ شامل ڪرڻ سواء ئي سندس نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو آهي.جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ان سان مراد علي شاه جي عزت نفس مجروح ٿي رهي آهي.اهو ته ڏٺو وڃي ها ته هو هڪڙي صوبي جو وزير اعليٰ آهي.ڪهڙي ملڪ ۾ ايئن ٿئي ٿوجو ملڪ جي ٻئي نمبر وڏي صوبي جي وزير اعليٰ جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو وڃي؟ان سان گڏوگڏ چيف جسٽس بلاول ڀٽو ۽ مراد علي شاه جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته رڳو سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جي لاء بلاول ڀٽو ۽ مراد علي شاه جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا ويا.بڌڻيء دوران چيف جسٽس اومني گروپ جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته جعلي کاتن جو تعلق اومني گروپ ۽ سياستدانن سان آهي پر اهو نه سمجھو ته اوهان کي ئي ڏوهاري قرار ڏينداسين،اڃا معاملو انڪوائريء جي مرحلي ۾ آهي،اوهان وڃي پنهنجو بچاء ڪري سگھو ٿا.چيف جسٽس چيو ته اوهان عدالت کي ڀروسو ڏياريو ته اوهان جو موڪل ڪهڙيء طرح ڪجهه ڏينهن ۾ ارب پتي بڻجي ويو۽ پئسا وڻن تي لڳڻ شروع ٿي ويا؟اسان نٿا چئون ته لانچن ذريعي آيا.ان موقعي تي جسٽس اعجاز الاحسن اومني گروپ جي وڪيل منير ڀٽيء کان سوال ڪيو ته اوهان جي موڪل جون ڪيتريون ملون آهن؟جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته منهنجي موڪل جون اٺ ملون آهن.پر هن سبسڊيء جي معاملي تي ڪو غير قانوني ڪم ناهي ڪيو.جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته ڀٽي صاحب! سنڌ حڪومت هن وقت به کنڊ تي ٻه روپيا وڌيڪ سبسڊي ڏيئي رهي آهي.چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پيسن جي باندر بانٽ تي اومني گروپ شگر ملون ورتيون انهن جو ڇا ڪجي؟جنهن تي وڪيل چيو ته جي آئي ٽي طرفان ڏنل انگ اکر ريڪارڊ تي موجود ناهن.بڌڻيء دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته مطئمن ٿيڻو آهي ته اومني گروپ جو سياستدانن سان ڪو ڳٺجوڙ آهي يا نه.جنهن تي وڪيل منير ڀٽيء چيو ته عدالت کي ڏنل تاثر صحيح ڪونهي.عدالت اجازت ڏئي ته هو اصل صورتحال پيش ڪري سگھي.هن چيو ته شگر ملون اومني گروپ پاران قانون ۽ طريقه ڪار مطابق خريد ڪيون وييون.اهو غلط آهي ته اومني گروپ جو سنڌ حڪومت يا ڪنهن ٻئي سان ڪو ڳٺجوڙ آهي.جنهن تي جسٽس فيصل عرب ريمارڪس ڏنا ته جڏهن ريفرنس دائر ٿيندو ته پنهنجو دفاع ڪري وٺجو.چيف جسٽس چيو ته هيء جاچ رپورٽ آهي ۽ انهيء تي ٻنهي ڌرين جا جواب ڏسڻا آهن.چيف جسٽس چيو ته اومني گروپ ٽي بينڪون کائي ويو آهي،اهي ضمانتن لاء رکيل آهن،اربين روپين جي کنڊ به وڪڻي کائي ويا.رڳو اهو هڪڙو ڏوهه به ته وڏو ڏوهه آهي.ٻڌڻيء جي آخر ۾ چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اعتراض اهو ڪيو پيو وڃي ته جي آئي ٽي پنهنجا اختيار اورانگھيا،سو جيڪر جي آئي ٽي جي سفارشن تي اعتراض آهي ته اسان معاملو نيب کي موڪلي ٿا ڏيون.بعد ۾ عدالت سمورين ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوء جعلي کاتن وارو ڪيس نيب کي موڪلڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو.عدالت نيب کي سموري معاملي جي ٻيهر جاڇ ڪرڻ ۽ جي آئي ٽي رپورٽ نيب کي موڪلڻ جي به هدايت جاري ڪئي.عدالت عظميٰ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته نيب سموري معاملي جي نئين سر جاچ ڪري اها ٻن مهينن ۾ پوري ڪري رپورٽ پِس ڪري ۽ جيڪر ريفرنس جڙي ٿو ته اهو داخل ڪيو وڃي.عدالت نيب کي به هدايت جاري ڪئي ته نيب جنهن کي به گھري سمن ڏيئي گھرائي سگھي ٿي.عدالت جي حڪم مطابق موجوده جي آئي ٽي پنهنجو ڪم جاري رکي ۽ جيڪر کيس ڪا وڌيڪ معلومات هٿ اچي ٿي اها به نيب کي موڪلي ڏئي.ٻئي طرف سپريم ڪورٽ بلاول ڀٽو ۽ سنڌ جي وڏي وزير۽ پي پي اڳوڻ فاروق ايڇ نائيڪ سميت سندن خاندان جي ٻين مآڻهن جا نالا به اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو آهي.جعلي کاتن جي ڪيس جو تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو