شاعره عصمت ڏاھري

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ مومن ڏاهري طرفان آندل موضوعَ ‏1 فيبروري 2019۔

  1. مومن ڏاهري

    مومن ڏاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نوابشاھ،سنڌ
    شاعرہ عصمت ڏاھري : ناليواري سماج سڌارڪ ۽ شاعره عصمت ڏاھري 1949ع ڌاري لکنؤ ۾ محمد ايوب يوسف زئيءَ جي گھر ۾ جنم ورتو. سندس والدين 1954ع ڌاري لکنؤ مان لڏي نوابشاهه سنڌ ۾ اچي رهيا. هن پنهنجي تعليم نواب شاهه مان حاصل ڪئي. شاگرديءَ واري دور کان ئي تعليمي توڙي سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندي رهي، کيس ادبي ۽ سماجي ڪمن ۾ گهري دلچسپي رهي آهي. تعليم پوري ڪرڻ بعد نوابشاهه جي ڊاڪٽر محمد عمر ڏاهريءَ سان شادي ڪيائين، جنهن بعد پنهنجي نالي ۾ يوسف زئي بدران ڏاھري لکڻ شروع ڪيائين. هن سماج ۾ عورتن جي اڻ برابريءَ، وارين حالتن کي ڏسي انهن جي حقن لاءِ جاکوڙڻ شروع ڪيو. 1972ع ڌاري عورتن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم ’پاڪستان وومين ائسوسيئيشن'>آل پاڪستان وومين ائسوسيئيشن‘ (اپوا) نوابشاهه جي ميمبر ٿي، ڪجھه عرصي بعد ان تنظيم جي جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ٿي. تنطيم ۾ سچائيءَ سان ڪم ڪرڻ سبب اڳتي هلي سيڪريٽري ۽ بعد ۾ صدر به چونڊي وئي.ان کانسواءِ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ايجوڪيشنل ويلفيئر سوسائٽي، فيملي ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ ٻين ڪيترين ئي تنظيمن سان پڻ لاڳاپيل آهي. عصمت ڏاھري سماجي ڪارڪن هجڻ سان گڏ بهترين شاعره پڻ آهي، سندس شاعري اڪثر اردو ۾ آهي، جڏهن ته سنڌيءَ ۾ پڻ شاعري ڪئي اٿس. اردوءَ جي مشهور رسالن، اخبار جهان، امن، جنگ، انجام، مشرق ۽ ٻين ڪيترن ئي رسالن ۾ سندس شاعري ڇپيل آهي، ان کان علاوه هن وقت تائين سندس شاعريءَ جا ٽي ڪتاب پڻ ڇپجي چڪا آهن، کيس سماجي خدمتن عيوض سنڌ حڪومت طرفان ٻه ڀيرا گولڊ ميڊل پڻ ملي چڪا آهن. عصمت ڏاھري هن وقت نوابشاهه ۾ رهي ٿي.
     
    عبدالحق سڌايو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو