رشيده حجاب : سنڌيءَ جي پهرين سائنس فڪشن رائيٽر

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 فيبروري 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    امور اديبه، ڪهاڻيڪاره پروفيسر ڊاڪٽر رشيده حجاب جو اصل نالو رشيده ڌيءَ نور محمد مغل آهي. هن 31 آڪٽوبر 1943ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ مئٽرڪ جي تعليم کانپوءِ 1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. ايس. سي ڪري 1969ع ۾ نباتات (Botany) جي مضمون ۾ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. رشيده حجاب سنڌ يونيورسٽيءَ مان سائنس جي مضمون ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪندڙ پهرين شاگردياڻي هئي.
    ڊاڪٽر رشيده حجاب 1956ع ڌاري لکڻ شروع ڪيو ۽ اپريل 1956ع ۾ سندس پهريون افسانو ’بد صورت‘ ماهوار نئين زندگيءَ ۾ شايع ٿيو، جنهن کانپوءِ هوءَ مسلسل لکندي رهي. هيءَ سنڌيءَ جي پهرين سائنس فڪشن رائيٽر آهي. هن وقت تائين سندسن افسانن جو ڪو ڪتاب شايع نه ٿيو آهي، پوءِ به رشيده حجاب جي ادبي حيثيت کي وساري نه ٿو سگھجي.
    جولاءِ 1992ع ۾ مارئي فورم رشيده حجاب کي سندس ادبي خدمتن جي مڃتا طور گولڊ ميڊل ڏنو ته ان موقعي تي شيخ اياز صدارتي تقرير ڪندي چيو ته: ”حجاب، سراپا حجاب آهي.“
    سندس ڪهاڻين ۾ سنڌي ماحول جي عڪاسي گھٽ آهي، پر انهن ۾ هڪ آفاقيت آهي، جنهن کي پنهنجي ڪشش آهي ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ جي هيل تائين اوسر کي خيال ۾ رکجي ته انهن کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي. (حوالو: هفتيوار شڪارپور، ناري اشاعت 13 جولاءِ 1992)
    ڊاڪٽر رشيده حجاب سنڌي ادب کي 60 کان مٿي افسانا ڏنا، جن ۾ سندس فني ۽ فڪري پختگي موجود آهي. هوءَ خاص طور ڪردارن کي واضح ڪرڻ ۾ مهارت رکي ٿي.
    ڊاڪٽر رشيده حجاب علم نباتاب جي پروفيسر، زبيده گرلس ڪاليج جي پرنسپال ۽ ڊائريڪٽر ڪاليجز جي عهدن تي رهي چڪي آهي، هن انور راڄپر سان شادي ڪئي، تنهنڪري تعليمي دنيا ۾ رشيده مغل ۽ رشيده انور راڄپر سڏي وئي.
    رشيده حجاب 10 فيبروري 2019ع تي ڪئناڊا ۾ وفات ڪري وئي.

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل
     
    TAHIR SINDHI، الھي بخش ۽ آفتاب احمد سرهيو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ماسي حاڪم زاديءَ جي ڌيءَ رشيده حجاب ليکڪ : الطاف شيخ

    انٽر تائين جيڪي سال آئون پاڪستان يعني سنڌ ۾ رهيس ان ۾ پيٽارو کان علاوه موڪل جا ڪجهه ڏينهن ڳوٺ هالا ۾ گذرندا هئا ته ڪجهه ڏينهن حيدرآباد ۾ ناني جي گهر. اسان جي ناني جو گهر اڄ واري حيدر چوڪ کان ڪجهه وکون ڏکڻ طرف هو. ٻه چار گهرن بعد خالد هاشماڻي جو گهر هو جيڪو ٻه سال رکي پيٽارو آيو ۽ انهن جي گهر سامهون مغلن جو گهر هو، جنهن جي ٻاهران نور احمد مغل لکيل هوندو هو. هنن جي گهر ۾ به منهنجي ڀاءُ ۽ مون جيڏا ٻار هئا ۽ ڪڏهن سندن گهر ڪڏهن ٻاهر راند ڪندا هئاسين. اسان جيڏو رشيد ۽ مقبول هئا. سندن هڪ وڏي ڀيڻ رشيده نالي هئي. ڪا خاص وڏي نه هئي. مون کان کڻي ٻه سال کن وڏي هجي، جو اتي جي گاڏي کاتي واري اسڪول ۾ رشيده ۽ اڄ جي V.C ادا مظهر جي ننڍي ڀيڻ سلطانه صديقي جيڪا اڄ ٽي وي چئنل ’هم‘ ۽ ’مصالا‘ جي حوالي سان سڃاتي وڃي ٿي چوٿين ڪلاس ۾ هئي ته اسان ٻئي ڪلاس ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين جن جو پڻ پاڙي ۾ گهر هو اسان کان ٻه ٽي سال کن ننڍي هئي. رشيده جو والد صاحب نور احمد مغل صاحب انهن ڏينهن ۾ مختيارڪار هو ۽ منهنجو پيءُ به روينيو ۾ ئي هو- شايد اسسٽنٽ ڪمشنر. ٻنهي جي پاڻ ۾ سٺي دوستي هئي. سندن ٽيون دوست جمال الدين جماڻي هو جنهن جو گهر ٿورو اڳيان هو. جماڻي صاحب جو پٽ اقبال (جيڪو هاڻ انڪم ٽئڪس ڪمشنر ۽ D.G جي عهدي تان گذريل سال رٽائرڊ ٿيو اهو پڻ اتي ايندو هو ۽ ماسي حاڪمزادي (رشيده جي ماءُ) چوندي هئي. هي منهنجو سڳو ڀاڻيجو آهي. گهڻو گهڻو پوءِ هڪ دفعو ناني جي گهر آياسين ته خبر پيئي ته ادي رشيده جي شادي راڄپرن ۾ ايڏانهن موري پاسي ٿي آهي.
    پيٽارو ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد مئرين انجنيرنگ (جهاز هلائڻ جي انجنيئرنگ) جي تعليم ۽ پوءِ نوڪري ٻاهر ئي ٿيندي رهي. اسڪول، ڪاليج ۽ هاڻ نوڪري جي ڏينهن ۾ آئون هر وقت رسالا ۽ اخبارون پڙهندو رهيس ۽ افسانا لکندڙن ۾ منهنجا جيڪي دلپسند لکندڙ هئا رشيده حجاب انهن مان هڪ هئي. مون کي اها خبر ئي نه ته ناناڻن جي پاڙي ۾ جيڪا ماسي حاڪم زادي جي ڌيءَ رشيده نظر ايندي هئي اها رشيده حجاب ئي آهي جنهن جا افسانا نئين زندگي ۽ مهراڻ جهڙن رسالن ۾ هميشه پڙهندا رهون ٿا. ان ڳالهه جي خبر مون کي اڌ صديءَ بعد گذريل هفتي اقبال جماڻي جي ڌيءَ جي شادي تي پيئي، سو به آخر ۾ اٿڻ وقت. شادي ۾ آيل مهمان هاڻ وڃي رهيا هئا. هڪ ٽيبل تي اڃان ڪجهه مهمان ويٺا هئا. ان وٽان جيئن ئي منهنجو لنگهه ٿيو ته سامهون ويٺل فضل قلباڻي اٿي مليو ۽ مون کي ڀر ۾ ويٺل محترمه ڏي اشارو ڪري چيو ته ادي رشيده حجاب سان نه ملندائو؟ رشيده حجاب!“ حيرت مان مون نالو ورجايو. هيستائين مون ته رشيده حجاب جو رڳو نالو ٻڌو هو. ملڻ جي شوق جي باوجود مونکي ڪڏهن کيس ڏسڻ جو به موقعو نه مليو هو ۽ هاڻ جيئن کڻي ڏسان ته وڏي عرصي جي تبديلي جي باوجود هوءَ ماسي حاڪم زادي جي ڌيءَ لڳي رهي هئي، آئون ويهي رهيس. ”آپا توهين هتي ڪيئن؟“
    ”اقبال جماڻي منهنجو ماسات ته ٿئي ۽ هي قلباڻي به امان جي مائٽيءَ ۾ آهن.“
    جيتوڻيڪ جلدي ۾ هوس پر هن عجيب ملاقات ڪري ڪلاڪ کن ويهي ادي رشيده حجاب کان سندس ۽ سندس فئملي جو احوال وٺندو رهيس ان ڏينهن مون کيس تقريباً 50 سالن جي Gap کانپوءِ ڏٺو هو. آخري دفعو سندن گهر 1961ع ۾ ويو هوس جڏهن مئٽرڪ ۾ هوس.

    altafshaikh2005@gmail.com
    altafshaikh2004@yahoo.co.uk
     
    TAHIR SINDHI ۽ الھي بخش هيء پسند ڪيو آهي
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    انا لله و انا اليه راجعون. الله تعالي کين جنت الفردوس نصيب فرمائي، آمين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو