شاهده کوکر جي ڪتاب تي هڪ نظر

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ اظهر امر طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2019۔

  1. اظهر امر

    اظهر امر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جنوري 2019
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    “هانءُ هاريو متان” جي سرجڻهار“ شاهده کوکر”
    اظھر امر

    سنڌ جي ڌرتي هر شيء سان مالا مال آهي انهي سان گڏ سنڌي ٻولي کي زنده رکڻ لاء جيجل ماءُ پنهنجي ڪئي ارڏي پُٽن ۽ نياڻين کي جنم ڏنو آهي. انهن مان شاهده کوکر به هڪ آهي، شاهده کوکر پنهنجي جيجل ماءُ سنڌ امڙ جي ڪُک مان جنم وٺي، سنڌ امڙ سنڌو ديش تي کوڙ سارا گيت لکي جيجل ماءُ جي ٿڃ پاڻ ملهائي آهي
    سنڌ جهڙا سٻاجهڙا احساس رکندڙ شاهده کوکر پنهنجي تخليقي سفر کي جاري و ساري رکندي سنڌي ادب جي بي بها خدمت ڪئي آهي، سندس شاعري جو سفر منهنجي عمر کان به اڳ جو آهي مون جڏهن هن ڌرتي تي جنم ورتو سمجه ڀريو ٿيس تڏهن سنڌ جي ارڏي پُٽ سرمد سنڌي جي مڌر آواز ۾ سندس گيت ٻُڌڻ لاء مليا،
    هن وقت مان سندس تخليقي ڪتاب “هانءُ هاريو متان” تي چند لفظ لکي رهيو آهيان، هوئين مان ڪئي ڪتاب لکان ته به پورو نه پون پر سندس پيار جو پورهيو منهنجي هٿن ۾ آهي هن تي اگر چند لفظ نه لکان اُها شاهده سان سراسر نا انصافي هوندي.
    هوئين تي هن وقت کوڙ شاعرائون شاعري جي ميدان ۾ ظلم خلاف پنهنجو پاڻ قلمي جنگ وڙهي رهيون آهن پر انهن مان شاهده کوکر تمام نمايان آهي، هو هن وقت جهوني ٿي چُڪي آهي پر هن جا احساس هن جا جذبا هن جا حوصلا اڃان جهونا ناهن ٿيا هو اڃان به پنهنجو تخليقي سفر جاري رکيو اچي، سندس ٽيون شاعري مجموعو به هاڻ جلد پڌرو ٿيڻ وارو آهي.
    هانءُ هاريو متان ٻن حصن ۾ آهي هڪ ۾ غزل ٻئي حصي ۾ وري وايون شامل آهن، شاهده جي شاعري موهن جي آثارن جيان تمام پراڻي ۽ انقلابي آهي، شاهده جي شاعري مان ائين محسوس ٿئي ٿو. هن کي سنڌ ڌرتي سان سچو عشق آهي.

    سندس شاعري مان ڪجه چونڊ:
    سنڌ جهڙي مٽي ٻي نه ٿيندي مٺا!
    سنڌ جي آ مٽي قـــرب ڏيندي مٺا!
    سنڌ خاطر جيئن ڀي سکي ڏس سچي،
    سنڌ توکي نه تنهـــــا ڇڏيندي مٺا!
    شاهده پنهنجي تخليق ۾ پنهنجي سنڌ امڙ جي مٽي جو شان به ڪيڏو نه مٿائون رکيو آهي. هو هن سنڌ امڙ لاء ڪجھ به ڪري سگهي ٿي. هو پنهنجي تخليق ۾ پنهنجي سرتي پنهنجي سَهيلي سان مخاطب ٿيندي چوي پئي تو سنڌ ساڻ سچي ٿي تي سنڌ جيجل توکي هر گز تنها ڪون ڇڏيندي.

    سندس ٻئي غزل جون سٽون به ڪمال جون آهن،
    ڪو خاصي آ ڪو عامي آ،
    پنھنجي سوچ عوامـــــــي آ،
    ڌرتيءَ لئه ٿو جو نه ڪري
    تنهن جي سوچ حرامي آ،
    پنهنجا جــــذبا آجــــا هن،
    نا منــــظور غلامــــي آ.
    شاهده کوکر پنهنجي سنڌ جي هر خاص ۽ عام ماڻهو جي ڳاله ڪئي آهي شاهده جي شاعري ۾ اُهو واضع اکرن ۾ آهي هو سنڌ سان سچي آهي. باقي جيڪو سنڌ ۾ رهي ٿو ۽ سنڌ لاء نٿو وڙهي ان ماڻهو جي سوچ حرامي آهي، هن واضع ڪري لکيو آهي مان هر گز غلامي قبول نه ڪندس نه ئي غلامي قبولي آهي،

    شاهده وايون به ڪمال جون سرجهايون آهن؛
    پسيو ڪيس ڪلور
    ڇا ٿي سوچين شاهده!؟
    جهڙي جيون سان پيو،
    هو جو ماڻهو جهور
    ڇا ٿي سوچين شاهده!؟

    شاهده شاعري جي پيچرن تي هلندي ڪيترائي ڪيس ڪلور برداشت ڪيا آهن، هاڻ هن کي ڪنهن جي پرواه ناهي هن پنهنجي شاعري کي بٺي ۾ پچائي راس ڪري ورتي آهي.
    شاهده کوکر پنهنجي قلم سان ظالمن جي خلاف وڏي وات آواز اُٿاريو آهي، جيڪو گونگن جي ڪنن تائين پھچي ٿو.
    هانءُ هاريو متان جي ارپنا شاهده پنهنجي مڙس سهڻل شاھ جي نانءَ ڪئي آهي،جيڪو هر ڏُکي وقت شاهده سان گڏ رهيو جيڪو سندس مٿان ڪڪر بڻجي ڇائون ڏيندو رهيو.
    شاهده جي هن ڪتاب جو مھاڳ سندس دوست ادبي لڏي سان واسطو رکندڙ منهنجي سنڌ جي نالي واري شاعره شبانه عالماڻي لکيو آهي، بلڪ شبانه پاڻ به سُٺي شاعره آهي. شاهده جي ڪتاب تي تاثرات زبير سومرو،نالي واري شاعر آسي زميني، ڊاڪٽر خادم منگي،واين واري حصي ۾ تاثرات نند لال، جواد جعفري، بيڪ ٽائيٽل رضوان گل، فرزانه شاهين، لکيو آهي. هي ڪتاب مرڪ پبليڪيشن طرفان ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آهي.

    14 نومبر2018 تي هلال پاڪستان ۾ شايع ٿيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو