فيسبوڪ جو گهوٽالو

'فيس بوڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 مارچ 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    فيسبوڪ جو گهوٽالو

    محمد سليمان وساڻ

    دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ مقبول سماجي رابطي جي ويبسائيٽ فيسبوڪ کي ڪالھ کان وٺي تاريخ جي سڀ کان وڏي ۽ بدترين گهوٽالي يا پريشاني کي منھن ڏيڻو پئجي ويو آھي. مان پاڻ ان وقت پريشان ٿي ويس جڏھن مون وٽان ڪا بہ تصوير يا لکڻي شيئر ڪا نہ پئي ٿي. مون ان کي پنھنجي نيٽ سروس ڪمپني جو مسئلو سمجهي سڀ ڪوششون ڪيون پر ناڪام ويس. پوءِ مختلف دوستن جا پيغام ايندا رھيا تہ شايد ھنن جو فيسبوڪ اڪائونٽ ھيڪ ڪيو ويو آھي. پر جڏھن مان ھڪ ٻئي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽئٽر جو ڀيرو ڀريو تہ خبر پئي تہ فيسبوڪ کي وڏي مسئلي کي منھن ڏيڻو پيو آھي ۽ ان وقت فيسبوڪ جا لکين اڪائونٽ ۽ اپليڪيشنز معطل ھيون. 2008ع کانپوءِ ھڪ دفعو وي فيسبوڪ کي اھڙي طرح جي مشڪل آئي آھي، پر 2008ع ۾ فيسبوڪ وٽ صرف 15 ڪروڙ اڪائونٽ ھيا پر ھاڻي انھن جو تعداد لڳ ڀڳ اڍائي ارب ٿي ويو آھي.
    وڏي ڳالھ تہ ڪجھ دوستن جا اڪائونٽ مڪمل درست نموني ڪم ڪري رھيا ھيا، ڪجھ سنگت جا اڌوگابرا ۽ ڪجھ اڪائونٽ مڪمل طور بندش ھيٺ ھيا. فيسبوڪ جي ٽائيم لائين، اسٽيٽس، تصويرون چاڙھڻ، پيغام رساني، رايا يا ڪمينٽس ڪرڻ ۽ انسٽاگرام اپليڪيشن معطل رھيا. اڃان تائين اھو گهوٽالو برقرار آھي، ڪي اڪائونٽ ٿورا ٿورا بحال ٿيا آھن ۽ کوڙ ساريون اپليڪيشنز اڃان بہ متاثر آھن. فيسبوڪ جي انتظاميہ اڃا تائين اھو ناھي ٻڌايو تہ ھي ڪو سائبر حملو ھيو، ھيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ھئي يا فيسبوڪ جو پنھنجو مسئلو ھو. پر صرف اھو پيغام پئي مليو تہ اسان جلد پنھنجي سروس بحال ڪري رھيا آھيون.
    مان سوچي رھيو ھيس تہ اربين ڊالر ڪمائيندڙ ۽ پاڪستان ۾ تمام گھڻو مقبول فيسبوڪ جيڪڏھن پنھنجي ڊيٽا وڃائي ويھي تہ اسان جھڙن دوستن جو ڇا ٿيندو جيڪي صبح کان رات تائين فيسبوڪ تي رلھي وڇايو ويٺا آھيون. آخر ان تحقيقي ۽ سھيڙ واري ڪم جو ڇا ٿيندو جيڪا دوستن رات ڏينھن جي محنت ڪري سھيڙي رکي آھي؟ دوستو ان ڪري ئي اسان چوندا رھيا آھيون تہ پنھنجون ذاتي ويبسائيٽس، بلاگز جوڙيو يا سنڌ سلامت تي پنھنجو ڪم رکو جيئن ان قسم جي گهوٽالي جي صورت ۾ اسان پنھنجي ڪم بابت بي فڪر ٿي ڪم ڪيون.
    چون ٿا تہ ٽئٽر تي ھيش ٽئگ #facebookdown ٿوري ئي وقت ۾ ڏيڍ لک کان اڳتي ٽپي ويو ھو جيڪو فيسبوڪ جي مقبوليت جو ثبوت آھي. اھي ڪمپنيون وڌيڪ متاثر ٿيون آھن جن جو بزنس فيسبوڪ ذريعي پئي ھليو. پر ساڳي وقت مون اھا ڳالھ بہ نوٽ ڪئي تہ فيسبوڪ اسان جي ذاتي زندگيءَ ۾ ڪيڏو اھم ٿي ويو آھي جو سڄي رات اھو الُڪو رھيو تہ يار ڪٿي فيسبوڪ بند نہ ٿي وڃي ....
     
    رحيم بخش ۽ WASEEM هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو