هدايت منگي جي ڪتاب "هاريا ويڄ مياس" جو جائزو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 اپريل 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    هدايت منگي جي ڪتاب "هاريا ويڄ مياس" جو جائزو

    زاهد منگي

    هدايت منگيءَ کي مون پنهنجي ننڍي عمر ۾ ڏٺو هو منهنجي ڏاڏي مرحوم غلام حسين منگي جو ويجهو مائٽ ۽ گهرو دوست هو، اهي ٻئي جڏهن به پاڻ ۾ ملندا هئا تڏهن ڊگهيون ڪچهريون ڪندا هئا مان جڏهن به ڏاڏي کان سندس باري ۾ پڇندو هيس ته چوندو هيو بابا هي تمام پڙهيو لکيو ماڻهو آهي، ان وقت ته اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هئي پر پوءِ جڏهن سنڌي ادب جو شاگرد ٿيڻ جو شرف حاصل ٿيو ۽ ادبي سفر جي شروعات ڪئي ته خبر پئي ته هدايت منگي سنڌي ٻوليءِ جو ناميارو صحافي،اديب ۽ لطيف سائين جو پارکو آهي پر تيسيتائين هو وفات ڪري چڪو هو، ۽ پو بدقسمتي سان ڊگهو عرصو سندس لکڻيون نه پڙهيءِ سگهياسين پر ويجهر ۾ ئي سندس ٻه ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليو ۽ ان ڳالهه تي يقين ٿيو ته واقعي هدايت منگي هڪ گهڻ پڙهيو ماڻهو هو سندس پهريون ڪتاب هاريا ويڄ مياس ڪهاڻين ۽ شاعري جو گڏيل ڪتاب آهي ڪتاب ۾ 18 ڪهاڻين سان گڏ بيت قطعا ترائيل هائيڪا نظم غزل ۽ ترجما شامل آهن سندس ڪهاڻيون سماجي حقيقت نگاري جي عڪاسي ڪندڙ آهن اهي مختصر هجڻ سان گڏ پنهنجي ابلاغ ۾ پراثر آهن جن ۾ سندس ٻولي توڙي اسلوب منفرد حثيت وارو آهي هدايت جي ڪهاڻي "نقشو" منهنجي نظر ۾ سندس شاهڪار ڪهاڻي آهي ان ڪهاڻي ۾ سنڌ ۾ انتهاپسندي وارن روجحان جي نشاندهي ڪندي ملان جي ڪٽر سوچ کي سامهون آندو آهي، وس ته ورن سپرين ڪهاڻي هڪ ڌاڙيل جي زال جي احساسن جو اظهار آهي جيڪو بيروزگاري سبب وڃي ڌاڙيل ٿئي ٿو ان ڪهاڻي ۾ هڪ سهاڳڻ جي دلي تمنائن سان گڏ ان دور ۾ وڏي پيماني تي موجود ڌاڙيل ڪلچر جي سبب کي به ظاهر ڪيو اٿائين، "سوال" ڪهاڻي هڪ پنندڙ عورت جي جواني ۽ ان ڏي حوس ڀريل نظرن ۽ سوالن ۽ انساني نفساني ان پٺيان لڪل حقارت کي اڳيان آڻي ٿي ان کانسواءِ "سارنگ" "ورڪ ۽ ورهڪ جان" "جيئين تان جل" "اڻ پوري ڪهاڻي" ۽ ٻيون ڪهاڻيون به شامل آهن جيتوڻيڪ اهي ڪهاڻيون پنجويهه ٽيهه سال پراڻيون لکيل آهن پر پيشڪش ٻولي ۽ پلاٽ جي چونڊ سبب اڄ به اهميت حاصل اٿن، ڪتاب جو ٻيو حصو نظم جو آهي جنهن ۾ به وطن تان سر گهوڙيندڙ جوڌن جي ذڪر کان ويندي سانوڻيءِ جي موج جهنڊو جهڙا نظم شامل آهن هو ڇوٽڪاري ۽ انقلاب جي اميد ڪندڙ ليکڪ هو جئين هو هن نظم ۾ بيان ڪري ٿو،
    رات پنهنجي ٿڌڙي مٺي،مگر منحوس گهٽ ٻوساٽ ذهن ڪند ڪندڙ پاپ جي پونءِ رت ساڻ ٻڏل ظلم وحشانيت جي ڀوءَ هاڻي پنهنجي ڪارنهن جو ويڪرو ڄار ڄڻ وڇائي وئي آڌرتيءِ تي....... ۽ ....... منهنجي دل جي غفا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ٽهڪندڙ ڏيئڙي زبان ڪڍي دائمي سوجهري ڇوٽڪاري ۽ انقلاب جي هڪڙي دائمي ليڪ ڀي پکيڙي آ..
    هدايت منگي وٽ پيار جي جذبن جي اظهار جو به نرالو انداز آ
    هو لکي ٿو،
    پيار جي پيچري تي منهنجو وجود
    ها ڀلي ڪک جيترو ئي سهي
    جيڪو، سنڌو جي سير تان لڙهندو
    ڇولين جون ٿڦون جهليندو
    لڙهندو وڃي پر
    اها ڳالهه پوءِ به برحق آ
    پيار انهي ۽ عميق گهراين کي
    ڪک ڇهي ويندا هن.....
    يا وري هو وقت جي اهميت ۽ ان جي حساسيت کي هئين ٿو ڏسي
    وقت ۽ واچ جا ڪانٽا
    حال جي اقتدار جي دوران
    جي تون روڪڻ جون ڪوششون
    به ڪندين ڪين روڪبا سدا روان دوان رهندا.
    هدايت منگي هڪ وطن دوست ۽ باشعور تخليقڪار هو هن جي تخليقون ان ڳالهه جون شاهد آهن هن ڪتاب کانسواءِ لطيف سائين جي شاعري جي مختلف پهلوئن تي سندس ڪتاب سڀ پسندا پار پڻ اچي چڪو آهي هدايت منگي جون اڃان به ڪيتريون ئي تخليقون موجود آهن جن کي ڪتابي صورت ۾ ڇاپرائڻ لاءَ ادبي ادارن کي تحرڪ وٺڻ گهرجي.

    ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گھر جي ھن لنڪ تان آنلائين پڙھو يا ڊائونلوڊ ڪيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو