منهنجي سنڌ سلامت تي اپلوڊ ٿيل ڪتاب س"سمنڊ ڪنارو" ڪتاب جو سرجڻهامنڊ ڪنارو تي اظهر امر جرووار جو تبصرو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏13 جون 2019۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    "سمنڊ ڪنارو" ڪتاب جو سرجڻهار خادم گهراڻو!!!

    اظهر امر

    مان شروعاتي ڏينھن کان ڪوشش ۾ هوس ته ادبي جهان ۾ جيڪي به سرجڻهار آھن جن پنهنجي قلم سان ادبي حلقن جي بي باھه خدمت ڪئي آھي انهن شخصيتن کي ياد ضرور ڪيان سندن ادبي خدمتن توڙي ادبي دنيا ۾ ڪيل قلمي پورهئي تي ٿورو گهڻو ضرور لکان.

    اڄ مان جنهن شخصيت جي ڪتاب تي لکي رهيو آھيان اُھو نه رڳو منهنجو محسن آھي پر خبر نه آهي ڇو مان کيس پنهنجي پاڻ کان تمام ويجهو محسوس ڪندو رهيو آھيان.

    سندس ادبي دنيا ۾ کوڙ خدمتون ڏنل آھن پاڻ استادي پيشي سان منسلڪ پڻ آھن استاد پيشي سان منسلڪ هجڻ ڪري مان کيس پنهنجو استاد پڻ ڪوٺيندو آھيان. سندس ملڻ کلڻ ڳالھائڻ جو انداز من کي موهي وجهندو آھي. نه وڏائي نه ڪو غرور نه وري انا پرستي صفا سادو سودو سندس ڳالھائڻ جو انداز به صفا پاڻ جيان نفيس جو پاڻ ڪا ڳالھه ڪري تي ٻيو ڀر وارو به مس ٻُڌي سندس آواز ٻين جي ڪنن تائين به مس پهچي ۽ سندس آواز ۾ اهڙو مٺاس جو ڳالهائي ته سندس ڳالھائڻ من کي وڻي.
    انهي شخص سان منهنجون ڪافي روبرو ملاقاتون به آھن اڻ کُٽ رابطا پڻ آھن جيڪي اڃان تائين بحال آھن رب ڪندو بحال رهندا

    ٻيو اوهان سان ضروي ذڪر به ڪندو هلان تي مون جڏهن ادبي کيتر ۾ پنهنجا پير رکيا انهن ڏينھن ۾ منهنجي جن دوستن رهنمائي ڪئي انهن مان سائين خادم گهراڻو پڻ هو.

    سائين جو تعلق نصرپور شهر سان آھي نصرپور شهر ٽنڊي الهيار جو اهم حصو آھي مون کي ياد آھي تي نصرپور کي جڏهن مٽياري ضلع ۾ شامل ڪيو ويو هو ته نصرپور شهر جي ماڻهن انهي فيصلي جي سخت مخالفت ڪئي هئي انهي ۾ سائين خادم سڀ کان اڳڀرو هو.

    سائين خادم مان معذرت ڪندي چوان ٿو سائين مون کي اوهان جي ڪتاب ته گهڻو اڳ لکڻ کپي ها پر هڪ وقت جي اجازت ٻيو سُستي سبب رهجي ويل ڪم اڄ انهي آس تي مڪمل ڪيان پيو تي شال قبول پوي

    سائين خادم نه رڳو شاعر بلڪ سٺو نثر نويس ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار پڻ آھي سندس ادبي دنيا ۾ خدمتن جي ڳڻپ ڪبي تي اڻ کُٽ آھي.
    بحرحال اڄ تي مان سندس شاعري جي ڪتاب سمنڊ ڪناري بابت ئي پنهنجا ويچار ونڊيندس جيڪي ڪجھه هن طرح هوندا.

    سائين خادم سنڌي شاعري جي تقريبن سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آھي جنهن ۾ سائين غزل کي تمام گهڻو فوڪس ڪيو آھي جيڪو هن ڪتاب ۾ ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ لکيل غزلن مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
    مان به پنهنجي دل جي ڳالھه ڪندو هلان مون کي به شاعري جي صنفن ۾ غزل تمام گهڻو پسند آھي.

    سائين خادم سمنڊ ڪناري ڪتاب ۾ جيڪي صنفون شامل ڪيون آھن انهن ۾ غزل,وائيون, نظم, نثري نظم, آزاد نظم, هائيڪا, ۽ بيت شامل آھن.
    جنھن صنفن مان غزل ڪتاب جي سونهن کي سھڻو بڻايو بيٺو آھي. جنهن کان پوء سائين جا بيت به من کي موهيندڙ آھن. وائيون به دل کي وڻندڙ آھن نظم کي هونئن به سنڌ ۾ وڏي پذيرائي ملي آھي باقي صنفون به پنهنجي جاء تي سٺيون آھن.
    سائين خادم جي شاعري اوهان اڳيان پيش ڪيان ٿو

    انبن جھليو آ ٻور ،
    تون رهين پيو ڏور

    ياد رهي هي سٽون منهنجي علائقي سميت ٽنڊي الھيار کان نصرپور روڊ تي موجود انبن جي باغن ۾ بيٺل حسين ٻور جي تشبيھون ڏئي سائين پنهنجي غزل جي سونهن کي نروار ڪيو آھي. هونئن به جڏهن انب ٻور جهليندا آھن تڏهن پنهنجي محبوبا طرف ڪو خط ڪا تار موڪلي چورائي موڪلبو آھي ته اي پرين انبن به ٻور جهليو پوء تون مون کان ڏور ڇو پيو رهين اچ تي ٻور جي خوشبو کي محسوس ڪيون هڪ ٻئي کان ٿيل ويڇا ختم ڪيون. ٻور کانپوء ٿيندڙ انبن مان انبڙيون ٿينديون اُھي به گڏجي کائون. انهي موسم ۾ جڏھن پرين جي اسان کان دوري هجي اُھو ڏکيو وقت هوندو.

    جت جهالت جا رسم رواج هن قائم
    علم جوت سان تن کي بدلائي ٿو استاد

    ٻئي غزل جي سٽ ۾ سائين ڪمال ڪيو آھي انهي ڳالھه ۾ ڪو به شڪ ناهي استاد علم جي جوت سان جهالت کي ختم ڪري ٿو اسان جي معاشري ۾ جيڪي رسم رواج قائم ٿيل آھن انهن کان ٻاهر ڪڍڻ لاء استاد جو معاشري کي بچائڻ لاء وڏو ڪردار آھي. اڃان به اسان جهالت جي جنگ ۾ ڦاٿل آھيون پر اڳ کان هن وقت شعور آھي اڳ تي ماڻهو لاشعور هوندا هئا انهي لاشعوري سبب هتي جيڪي رسمون رواج قائم ٿيا انهن جا اسان مٿان اثر اڃان تائين موجود آھن.

    سائين خادم هڪ بيت ۾ ڪجھه هيئن لکي ٿو ته

    بهار آئي منهنجي دل جي اڱڻ تي
    وقت وڃڻ تي اچڻ جا وعده ڪري ويئي

    بهار جي اچڻ سان من مهڪي پوندو آھي پن ڇڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو آھي ڪي وڻ پنهنجي ساک وڃائي وهندا آھن ڪي وري پنهنجي جسم مٿان نوان ويس اوڍي وهندا آھن انهي وقت دل جي اڱڻ تي اچي ڪو واعد ڪري وڃڻ جي ڪري تڏهن لڙڪ اکين مان لڙي پوندا آھن جيڪي رخسارن مٿان پنهنجي بيوفا محبوبا جي ڪيل واعدن مٿان بي اعتمادي ظاهر ڪندا آھن.

    ڪتاب ۾ شامل گيت به من کي موهندڙ آھن جيڪي ثقافت ۽ سنڌ جي سونهون تي آڌاريل آھن جن منهنجي من کي موهي وڌو آھي. تنھن کانسواء نظم هائيڪا, نثري نظم ,آزاد نظم ڀي ڪتاب جي سونهون بڻيو بيٺا آھن.
    س
     
  2. اظهر امر

    اظهر امر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جنوري 2019
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    مهربانيون قرب لک ٿورا سائين
     
    ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو