البرٽ آئنسٽائن جي جيون ڪٿا

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ عاشق علي چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 آگسٽ 2019۔

  1. عاشق علي چانڊيو

    عاشق علي چانڊيو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2019
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    وارھ
    تبصرو; عاشق چانڊيو

    منھنجي ھٿ ۾ ھڪڙو ڪتاب آھي ۽ ھڪ اھڙي انسان جي ڪھاڻي جو ڪتاب آھي جيڪو دنيا جو عظيم سائنسدان آھي.جنھن اضافيت جو نظريو ڏئي دنيا ۾ مشھوري ماڻي.جنھن سج جي روشني کي ڌرتي تائين پھچڻ جو وقت ٻڌايو ھو.ان عظيم سائنسدان جو نالو آھي البرٽ آئنسٽائين.البرٽ جي نالي کان ڪھڙو ماڻھو واقف ناھي,سندس جي شخصيت اھا شخصيت آھي جنھن کي دنيا جي ترقي يافتـ ملڪن جا ننڍڙا ٻار بـ چڱي طرح سڃاڻن ٿا.اسان شاگردن کي آتم ڪٿائون وڌيڪ پڙھڻ گھرجن ڇاڪاڻ تـ عظيم شخصيتن جي گذاريل زندگي جي تجربن مان گھڻو ڪجھ سکي سگھجي ٿو.جيڪي ماڻھو سڄي زندگي مشاھدا ڪري اسان کي ڪتاب ڏئي ويا انھن ڪتابن کي ضرور پڙھڻ گھرجي.سڀ کان پھريان تـ البرٽ آئنسٽائين 14 مارچ 1879ع ۾ جرمني جي شھر الم ۾ پيدا ٿيو.ھو تمام گھڻو غريب ھو ۽ سندس جو پئ بجلي جي سامان جو دڪان ھلائيندو ھو ۽ ايئن ئي پيٽ گذر ڪندا ھئا.آئنسٽائن جيڪو ذھني طور تـ تمام گھڻو امير ھو پر عملي زندگي تمام غريب ھئي پر پوء بـ ھن ڪڏھن اھو نـ سوچيو ھو تـ ھو غريب آھي تنھن ڪري پڙھڻ يا سوچڻ ڇڏي ڏئي.ھونئن بـ غريب ھئڻ ڪو عيب ڪونـ آھي ۽ وري دنيا جا جيڪي بـ عظيم انسان آھن اھي بنيادي طور تي سڀ غريب آھن.توھان ڪارل مارڪس جو مثال کڻو,ھو بـ تمام گھڻو غريب ھو پر ھن جي ذھني اميري اڄ تائين سڄي دنيا ۾ ڦھليل آھي.ايئن ئي اسان سنڌ جي عظيم ماڻھن ڏانھن غور ڪريون تـ اھي بـ عملي زندگي ۾ غريب ھئا.سائين جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجو اھي اھي شخصيتون آھن جيڪي بنيادي طور غريب ھئا.جي ايم سيد سن ۾ پيدا ٿيا جيڪو پٺتي پيل علائقو آھي.رسول بخش پليجو جنگشاھي ۾ پيدا ٿيا جيڪو پڻ وارياسو علائقو آھي.ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو تـ غربت شخصيت بڻجڻ ۾ رنڊڪ پيدا نـ ٿي ڪري بس ضرورت ان ڳالھ جي آھي تـ اوھان ۾ خود اعتمادي ھجي.ايئن ئي دنيا جو ھي عظيم سائنسدان بـ غريب ھو,پراڻا ڪپڙا پاتل ھوندا ھئا,پيرن ۾ ڇڳل چمپل ھوندي ھئي ۽ جڏھن پئ ھرمن آئنسٽائن جو بجلي وارو دڪان بـ بند ٿي ويو ھو تـ سندس پڙھڻ لاء پئسا ڪونـ ھوندا ھئا ۽ چاچو پئسا ڏيندو ھو پر ڪجھ وقت کانپوء ان بـ خرچ بند ڪري ڇڏيو.آئنسٽائن جون ٻيون تـ ضرورتون ڪونـ ھونديون ھو پر ھن کي پنھنجي پيٽ گذر لاء بـ ضرورت مطابق خرچ نـ ھوندو ھو پر پوء بـ ھن ڪڏھن مايوسي کي ويجھو اچڻ نـ ڏنو۽ جڏھن ھن کي زال ڪنھن گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻ لاء نون ڪپڙن پائڻ جو چوندي ھئي تـ ھو چوندو ھو تـ ماڻھن جو ڪپڙن سان ڇا وڃي انھن کي تـ منھنجي ذھني پورھئي کي ڏسڻ گھرجي ۽ جڏھن ھي عظيم شخصيت ڪنھن گڏجاڻي ۾ ويندو ھو تـ پھريان تـ ھن کي سڃاڻيندا ئي ڪونـ ھئا پر جڏھن سڃاڻيندا ھئا تـ چوندا ھئا ھي ايڏو سائنسدان ھنن حالتن ۾ آھي ۽ ٺٺول ڪندا ھئا پر ھو ڪنھن ٺٺول ڏانھن ڌيان نـ ڏيندو ھو ۽ پنھنجي ليڪچر ۾ محو ٿي ويندو ھو ۽ پوء جڏھن اھي ئي ماڻھو سندس خيال ٻڌندا ھئا تـ سندس عاشق بڻجي ويندا ھئا.ان کان علاوھ ننڍپڻ ۾ دنيا جو ھي وڏو سائنسدان موڳو ھوندو ھو.والدين کي ڳڻتي ھوندي ھئي تـ اڳتي ھلي ھي ڪيئن زندگي گذاريندو??پر ھو موڳو نـ بلڪ سوچيندڙ ڇوڪرو ھو,ھن کي ھميشـ تنھائي پسند ھئي.دنيا جي عظيم سائنسدان کي ڪھڙا لفظ چئي ڪلاس مان ڪڍي ڇڏيندا ھئا? ڪتاب مان انھن جو اقتباس پڙھو.

    "ڄٽ ڪنھن جاء جا" ماستر ڪاوڙ مان ان ٻالڪ ڏانھن اشارو ڪيو,جيڪو پنھنجا ٻئي ھٿ جھولئ ۾ رکيون,ماٺ ڪيون پنھنجي ڪرسي تي ويٺو ھو."ايتري سولي ڳالھ بـ ھن کي سمجھ ۾ نـ آئي,ڏسو تـ سھي"
    سڄي ڪلاس ڪنڌ ورائي البرٽ آئنسٽائن کي ڏٺو.ڪجھ وڏا ڇوڪرا کليا ۽ ماستر ٻالڪ کي وري چيو "البرٽ! توھان کان جيڪو سوال ڪيو ويو آھي,ان جو جلدي جواب ڏيو."

    پر اھو ٻارڙو ايئن ويٺو ھو ڄڻ ڪجھ ٻڌو ئي نـ ھجيس.ڄڻ ماستر ايتري دير کان ڪنھن ٻئي کي ڌڙڪا پئي ڏنا."ھن ڪو جواب ڏنو ڇاڪاڻ تـ ھن کي تڪڙو جواب ڏيڻ جي عادت نـ ھوندي ھئي.ھو ھميشـ ھر شئ بابت سوچي سمجھي جواب ڏيندو ھو,ڇاڪاڻ تـ ھن جو دماغ سوچيندڙ دماغ ھو.ھن کي ايترو موڳو سمجھو ويو جو والد مينٽل ھائوس ڏانھن منتقل بـ ڪيو پر سندس ھڪ ڊاڪٽر ٻڌايو تـ ڇوڪرو ٺيڪ آھي ڇو ٿا اجايو ھن کي تڪليف ڏيو? ان کانپوء پئ واپس وٺي آيو ھو.ڪنھن شئ ۾ دل نـ لڳندي ھئس,نـ راند,نـ دوستي ڪجھ بـ نـ !ھو سدائين اڪيلائي ۾ سوچيندو رھندو ھو ۽ پئ پريشان ٿي ھڪ سئي راند لاء خريد ڪري آيو ھو.ان سئي کي جڏھن لوڏيو پئي ويو تـ اھا ساڳي جاء وچ تي بيھي پئي وئي.ھن ان تي بـ سوچڻ شروع ڪيو تـ ھي سئي وچ تي آخر ڇو ٿي اچي?ھاڻي تـ البرٽ اڃان گھڻو سوچن ۾ محو رھندو ھو.دنيا جي عظيم سائنسدان 18 اپريل( . . ) جي تاريخ تي ھن دنيا کي ڇڏيو.ھن ڪتاب ۾ سندس جي مرڻ جو سال مينشن نـ ڪيو ويو آھي.اھو ھتي ضرور مينشن ڪرڻ گھرجي ھان ۽ ضروري ھو. پر پوء بـ نويد سنديلو 120 صفحن تي ڦھليل ھن ڪتاب جو ترجمو ڪري اسان کي ھڪ عظيم شخصيت جي زندگي کان آگاھ ڪيو آھي جيڪو اسان جي زندگي جي وڏي رھنمائي ڪري ٿو.ھن ڪتاب کي غريب ڇوڪرن کي پڙھڻ گھرجي تـ غربت بھترين زندگي گذارڻ لاء رنڊڪون پيدا نـ ٿي ڪري پر ذھن ضرور امير ڪريو ڇاڪاڻ تـ جيڪر اوھان جو ذھن امير آھي تـ اوھان دنيا جا امير ترين انسان آھيو ۽ جيڪڏھن توھان جو ذھن سوچيندڙ آھي ۽ ماڻھو اوھان کي موڳو ڪوٺين ٿا تـ توھان موڳا نـ بلڪ دنيا جا چست انسان آھيو.
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو